Tuesday, January 4, 2022

ڪوٽڙي بئراج - ضراب حيدر

ڪوٽڙي بئراج

مختصر ڪھاڻي

ضراب حيدر



سَمياڻي، چاليھارو ورهين کانپوءِ جڏهن پنهنجي ڊرائيور سان اچي المنظر وٽ بيٺي ته ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سنڌوءَ جو  پيٽ کيس يونيورسٽي جي رٽائر پروفيسر جي پيٽ جيان لڳو، جيڪو  رٽائرمينٽ کانپوءِ  سُڪي ٻيلاٽيون ٿي ويندو آهي. هُن ڪار جو دروازو ورائي بند ڪيو ۽ اکين تان ڪارو چشمو لاٿو. ڪلري بگهاڙ جو اسپائرولينا جھڙو سائو پاڻي سينوارجي چُڪو هو، جنھن مان شاڪُر اُڀ ساها ٿي ڀڄي رهيا هئا.


هوءَ پنڌ پنڌ هلندي، ڪلري بگهاڙ جي پُل لنگهي،  بئراج جي مُنڍ وٽ اچي بيٺي، هڪ نگاهه ڏکڻ ڏانھن ڪيائين، جتان فرلانگ کن پنڌ تي ڳوٺ سائين ڏنو ملاح، ويران ۽ پوڙهو نظر اچي رهيو هئو. هِڪ لمحي  لاءِ کيس ڪاڪو علي ڏنو ملاح ياد اچي ويو. ڪراڙو علي ڏنو ملاح جيڪو  ساڻس ۽ درياهه خان سان وڏيون ڪچھريون ڪندو هئو.  درياهه خان سندس ڪلاس ميٽ هئو، وڏين اُداس اکين وارو درياهه خان جنھن جي اکين ۾ سدائين اُداسي هوندي هُئي. اُها اُداسي ڪنھن حُب جو  پرتوَ لڳندي هُئي. اڄ کيس اياز عالم به ڏاڍو ياد آيو هئو، جيڪو درياهه خان جو دوست هئو ۽ سنڌالاجيءَ ۾ مُلازم هئو. اياز عالم تمام وڏو آرٽسٽ هئو، جنھن جي اکين ۾ سنڌوءَ جھڙا وِهڪرا وسندا هُئا،  ڪلاسن کانپوءِ ڪڏهن ڪڏهن واندڪائيءَ ۾ درياهه خان ۽ هوءَ جڏهن، اياز عالم وٽ سنڌالاجي ويندا هُئا ته اياز عالم ٽِھڪن سان سندن آجيان ڪندو هئو. اياز وٽ درياهه خان کان به وڏا خواب هُئا جيڪي ساڀيان ٿي نه سگهيا، جنھنڪري عُمر جي هڪڙي لمحي ۾ سندس اکيون سموريون روشنيون وڃائي ويٺيون.

سِنڌوءَ جي کاٻي ڪُک مان نِڪرندڙ پِڃاري، اوڀر طرف وڌندو ٿي ويو، جيڪو فرلانگ کن پنڌ تي پنهنجي هڪڙي کنڀڙي ڦُليلي ’گوني‘ ۾ اُڇلائي، ڏهه دريءَ وٽ وري ڪُرڙي جي ٻِن اڌن لانئي ۽ ڪانڊي ۾ ورهائجي ٿي ويو . لانئو ساڳيو پڃاري ۽ ڪانڊو وري چينل يا اڪرم واهه . ٽنھي واهن تي وارن واري بَڪل جيان رکيل سنھڙيون پُلون آمدرفت سان، پاڻيءَ کان سگهاريون وهي رهيون هُيون.

سُئي گئس جي شاهي هيڊ ڪوارٽر کان ايندڙ سنھڙي سڙڪ تان هڪڙي چنگچي چِڪار ٿيو، ڪَرن شوري واري شاهي دڳ ڏانھن پئي آئي، جنھن جي آخري منزل ٽاور مارڪيٽ هُئي. چنگچيءَ ۾ گُلو باگڙي ۽ سندس زال رِيتان به سوار هُئي. گُلوءَ کي ڪيٽيءَ جي ڪپڙي جي  سفيد پر ميري ٿيل لُنگي ٻڌل هُئي،  جنھن ۾ هر هر هٿ هڻي پنھنجا چڏا پئي کنھيائين، ريتان سندس اِها حالت سوير کان ويٺي ڏٺي سو ڪاوڙ  ۾ مُنھن ڀيلو ڪندي هڪ ٻه ڀيرا کيس ٺوٺ هڻي اُن ڪِرت کان روڪيائين پر گُلو پنھنجي مستيءِ ۾ مست هئو سو ريتان جي پرواهه ئي ڪونه هُئس. هو ٻَئي زال مُڙس ٻِئي ٽِئين ڏينھن پنھنجي ٻاريءَ مان ڪجهه ڀاڄيون پَٽي چنگچيءَ ۾ کڻي ٽاورمارڪيٽ جي واپارين وٽ ايندا هُئا، يا وري نئين پُل واري سبزي منڊي ويندا هُئا.  گُلو باگڙيءَ پنھنجي پيرن ۾ نِھاريو جتي مُوريون، گجرون، لوڪيون ۽ ٻيون ڀاڄيون رکيل هُيون تِن تي، پاڻي نه هُجڻ ڪري سوڪھَڙي جو تاءُ چغلي کِائي رهيو هو، کيس پڪ هئي ته اڄ سيٺيا ۽ دلال ڀاڄين جو مُلھه سولو ڪونه ڏيندا. اِهو حال ته سمورين سنڌ جي آبادگارن ۽ هارين سان هو،  سوڪھڙي جي ڪري ڀاڄين جو رَسُ ۽ چَس ڄڻ چُوپجي ويو هئو، پر هو درياهه ۽ پاڻيءَ جي دانھن ڪھڙي رِسالي يا شاهه کي ڏين ها!؟

پڃاري ۽ چينل جي درن مان لِيڪ ٿي وهندڙ ٿورڙو پاڻي پير پُسائيندو گِھرائيءَ ڏانهن وهي رهيو هو، جنھن تان کَڳا اُلرون ڪري اڳتي وڌي رهيا هئا پر ڏھه دريءَ جي پيرن ۾ وڇايل وڏن پٿرن تان تِرڪيو تِرڪيو ٿي ويا يا وري اُنهن شِڪارين جي هٿ چڙهيو ٿي ويا، جيڪي شِڪاري گهٽ شوقين ۽ مداري وڌيڪ هئا. اُهي شوقين مَداري، کڳن کي ٽاريءَ جي ٺاهيل چيئنءَ  ۾ اٽڪائي رکي رهيا هئا جنھن ۾ کڳا ٿڙ ٿڙ ٿڙڪي رهيا هئا. کڳن جي ٿر ٿر ٿڙڪڻ وارو منظر جڏهن گُلوءَ باگڙيءَ ڏٺو ته ساڳئي ريت چڏن ۾ کنھندي چيائين؛ “هاءِ هاءِ ... جواني.... “

ريتان ڪنڌ ورائي ڏانھنس ڏٺو ۽ ڀُڻڪي واري انداز ۾ چيائين؛ “ڌوڙ جواني.... “

ريتان باگڙياڻيءَ ڪنڌ ورائي اڳتي نِھاريو ته چنگچيءَ جي اڳيئن سيٽ تي سندس ئي برادريءَ جو نئون پرڻيل جوڙو ويٺل هو، نئين گهوٽ جي ٻانهن، ڪنوار جي ڪنڌ تي ائين ورايل هئي، جيئن سائين ڏنو ملاح کان درياهه ڳوٺ واري بند جي مٿان وارن کيتن ڏانهن وري ايندو آهي يا وري ڪَرن شوري ڏانهن لڙي پوندو آهي. ريتان نئون پرڻيل جوڙو ۽ گُلوءَ جي حالت ڏٺي ته کيس پنھنجو  پرڻيل ڇورو ياد پئجي ويو جنھن کي هيلوڪو ئي چيٽ ۾ پرڻايو هُيائين. ريتان واري ڇوري زندگيءَ جون ڪي پنڌرنھَن بھارون مَس گُذاريون هونديون ته سندس پرڻو ٿيو، پر سندس جوت پنڌرنھين جي موٽيل چنڊ کان ڪو رتي گهٽ هوندي. جنهن ڪري رات جو گهر جي ٿلھي تي ويل لڳو پيو هوندو آهي، مُڙسنھس گُلو روز ٺري سان آفيم  جو روڙو هڻي، ڦان ٿيو کٽ تي پيو هوندو آهي. سو کيس ڪا به آس پاس جي سُڌ نه رهندي آهي، پر نئون پرڻيل ڇورو پنھنجي کٽولي تي پيو ٻِدڪا ڏيندو آهي، ٻِدڪا به ڪھڙا نئين نيٺي ڇيلي وارا ٻِدڪ يا وري جِهرڪيءَ تي جَهرڪ واري ڪار، ائين جيئن ٽانڊاڻو ٽِمڪندو وِسمندو آهي، پل ۾ روشن پل ۾ مڌم. سو سوجهرو جِھڙو  گُلو نه ڪيو تِھڙا ئي افعال ڇوري جا به ويٺي پرکيندي آهي.

ريتان آڌيءَ تائين ڇوري جا لقاءُ ويٺي ڏسندي آهي، بي چيني ۽ بيقراريءَ ۾ ويٺي پاسا ورائيندي آهي. مائي ريتان اڄ به،  اصل کَھي ۽ مال مھَيءَ واري مائي آهي، سو اهڙو منظر ڏسي کيس وريام ياد پوندو آهي، جيڪو گدرن جي واڙيءَ ۾ کيس ڏينھن ڏٺي جو ولوڙيندو هئو. وريام جيڪو ٽوپي نِراڙ تي رکي زوال جي ٽائيم، اڪثر گِدرن جي ٻاريءَ تي گِدرا وٺڻ ايندو هئو، سو ڄاڻي واڻي گُلوءَ کي گدرن جي مُلهه لاءِ ٻَڌو نوٽ ڏيندو هئو، جيڪو مَٽائڻ لاءِ گُلو ڳوٺ جي دُڪان جو رُخ ڪندو هئو، جيستائين گُلو نوٽ کُليو ڪرائي واپس وري  تيستائين وريام، ريتان جا رسيلا گِدرا چَکي، سندس مستي جي مال مَھيءَ کي ولوڙي پنھنجي مقصد ۽ مزي جو مکڻ ڪڍي وٺڻدو هئو، گِدرن جي واڙيءَ ۾ وريام جڏهن ريتان کي پائيندو هئو ته ريتان کي درياهه جا ڌڌڪا ياد اچي ويندا هُئا جيڪي هُوءَ سانوڻيءَ ۾ ڪوٽڙي بئراج کان بيھي ڏسندي هُئي. ريتان جڏهن گِدرن جي واڙي ۾ وريام جي ڌڌڪن ۾ ٻُڏي تري اُٿندي هُئي ته پاڻ کي سرسبز ۽ شاداب ڀائيندي هُئي، ائين جئين ڪچي جي ٻوڏ ۽ ليٽ کانپوءَ زمينون سرسبز ۽ شاداب ٿي پونديون آهن. هوءِ ڪيترن لمحن تائين سرهي ٿي پوندي هُئي.

ريتان کي بئراج جي پُل وٽان لنگهندي پاڻيءَ ۽ درياهه جو پيٽ ڏسندي ويتر وريام ڏاڍو ياد ايندو آهي، هوءَ دِل ئي دِل ۾ چوندي آهي،

“الائي ته ڪيڏانھن ويا اُهي جوان ۽ جوانيون، جوان وريام جِھڙا ۽ جوانيون درياهه جي روانيءَ جِھڙيون.”

سَمياڻي جڏهن يونيورسٽي ۾ پڙهندي هئي، تڏهن زمانو ۽ ماحول سندس شعبي فريش واٽر بايولاجيءَ جيان صاف سُٿرو هو. اُن زماني ۾ جِھڙو پڙهائيءَ جو جَھان هئو تِھڙو ئي ارپنا جو جذبو هئو. شاگرد، آردش کڻي يونيورسِٽين ۾ ايندا هُئا ۽ اُستاد ڀريون ڪري کين ڏاھپ جون ٻَڌائيندا هُئا.

سَمياڻي ٿورو اڳتي اچي، درياهه ۾ لھندڙ ڏاڪڻين وٽ بيٺي،درياهه جو سُڪل پيٽ ڏسندي، کيس درياهه خان جو جملو ياد اچي ويو،

“سَمي، منھنجي موج ۽ تنھنجي اوج، ڏسجان هڪ ڏينھن هِن درياهه جيان ٿي ويندي.”  هُن مُرڪندي  کيس چيو هئو،

“مطلب، سدائين جولان ۾ هوندي هِن واهڙ وانگي....” اُن لمحي درياهه خان اُداس ٿي ويو هئو، سندس اکين ۾ صحرا لَھي آيو هئس ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري چيو هُيائين،

“الائي ڪا خبر ڪونھي.”

اڄ کيس درياهه  خان جا اُهي جملا، بنهه سچ لڳا.

ڪيتري عرصي کانپوءِ هوءَ درياهه خان جي ڳولا ۾ ئي، ڪوٽڙي بئراج تي آئي هُئي، الائي ڇو کيس پڪ هُئي ته، درياهه خان کيس ضرور مِلندو.

سَمياڻي جڏهن به درياهه ڏسندي هُئي ته کيس درياهه خان ڏاڍو ياد ايندو هئو، جيڪو يونيورسٽي پاس ڪرڻ کانپوءَ الائي ته ڪيڏانھن گُم ٿي ويو. يونيورسٽي پاس ڪرڻ کانپوءِ  سُتت ئي سندس به شادي ٿي وئي هُئي ۽ هوءَ پنھنجي ور سان ولايت هلي وئي ۽ اُتي ئي رهي پئي. چاليھن سالن ۾ ڪو هڪ اڌ دفعو پنھنجي ديس آئي هُئي سو به مختصر وقت لاءِ، ها پر اُنھن هڪ اڌ ڀيرن ۾ هوءَ درياهه بادشاهه واري ڪوٽڙي بئراج تان ضرور گُذري هُئي.

درياهه خان کي درياهه بادشاهه سان وڏو اُنس هئو، هو روزانو شام جو المنظر وٽ اچي درياهه سان ڳالهيون ڪندو هئو. درياهه خان اصل ڀاڻوٽ ڀرسان ڪچي جي ڀِڪ ۾ هڪڙي ڳوٺ جو رهاڪو هئو، سندس ابن ڏاڏن جون ڪيئي پيڙهيون اُن ڳوٺ ۾  دفن آهن. درياهه خان سَمياڻيءَ کي ٻُڌايو هئو ته، ’سندس ابن ڏاڏن جي ستن پيڙهين ۾ ڪنھن جو به نالو درياهه خان نه رکيو ويو هئو. سندس قبيلي جو هو ئي واحد درياهه خان آهي. درياهه خان کيس ٻُڌايو هئو ته ڌرتي يا درياهه جي نالي رکڻ لاءِ به وفا ۽ نيت واري رياضت ضروري هوندي آهي، جيڪا نسل در نسل پيڙهيءَ در پيڙهيءَ ھلندي رھي هُجي.‘ درياهه خان سَمياڻيءَ کي ٻُڌايو هئو ته، ’ جنھن رات هُو ڄائو هئو، اُن رات ئي سندس وڏڙا کيس ٻيڙيءَ ۾ درياهه بادشاهه جي پيٽ ۾ کڻي آيا هُئا، سندس ڪن ۾ آذان، وچ درياهه جي سير ۾ ٻيڙي بيھاري، سندس ڏاڏي ڌڻي پرتي ڏني هُئي ۽ هڪڙو گُل مٿس گهوري درياهه بادشاهه جي سير ۾ ڇڏيو هئو، اُن لمحي منھنجي ڏاڏي ڌڻي پرتي درياهه بادشاهه سان مخاطب ٿيندي چيو هئو،

“پُراڻن ۽ ويدن جا ساکي اي درياهه بادشاهه! صدين پُڄاڻان هي ننڍڙو جِيوُ تنھنجي نانءَ سان منسوب ڪريون پيا، هِن گُل جو ساههُ ويساههُ ۽ سُرهاڻ توتان قربان آهي.” اُن ئي ساعت منھنجي بابا الهه رکئي، هڪ ڏيئو روشن ڪري درياهه جي سير ۾ ڇڏيو هئو چيو هيائين،

“اي هماليه جا لاڏلا پُٽ! سنڌو ماٿر جا روح روان ۽ تڳائيندڙ ان داتا، اسانجي نسلن جو تمدن، هِن ڏيئي جيان روشن رکجانءِ.”  اُن ئي ساعت منھنجي بابا هڪڙي ٺِڪر جي دکي سنڌوءَ جي سير مان ڀري هُئي ۽ گهر کڻي آيو هئو. منھنجي امڙ پنھنجون ڇاتيون، سنڌوءَ جي سير واري اُنهي پاڻيءَ سان ڌوتيون هُيون، ساڳئي پاڻيءَ سان وضو ڪيو هُئائين ۽ پوءِ مونکي پنھنجي ٿڃ ڏني هُئائين.”  اُن لمحي درياهه خان مُرڪي پيو هئو سَمياڻي کي چيو هُئائين، ’گُلن جھڙي نئين ڄاول ٻار مٿان گُل گهوري درياهه بادشاهه جي نظر ڪرڻ واري اُها روايت الائي ته ڪھڙي رمز واري هُئي، پر منھنجي ماءُ جي ڇاتين کي درياهه بادشاهه جي پاڻي سان ڌوئي ٿڃ ڏيارڻ واري روايت اِن ڳالهه جي شاهد آهي ته مون امڙ جي پھرين ٿڃ سنڌوءَ جي پاڻي واري ڦيٽ سان ورتي.”  اُن لمحي سَمياڻي جي اکين ۾ لُڙڪ اچي ويا هُئا، درياهه خان کي ڀنل اکين سان مُرڪندي نِھاريندي چيو هئائين،

“درياهه خان تون ڪيڏو نه ڀاڳ وند آهين جو تنھنجي پھرين سُتي، پھرين ٿڃ ۾ سنڌوءَ جو ڦيٽ مليل آهي، تڏهن ته ڪڏهن به ڪَسو يا کوٽو ناهين لڳندو.” درياهه خان هڪڙو ٿڌو ساهه کڻي سمياڻيءَ کي چيو هئو،

“ها، ڪاش سَمياڻي مان سنڌوءَ جي پاڻي جھڙو اُجرو ٿي سگهان...!”

سمياڻيءَ جو ورُ ڪي ورهيه اڳ لاڏاڻو ڪري ويو هُئو، سمياڻيءَ کي هڪڙو ئي پُٽ هُئو، جيڪو پنھنجي ولائتي ونيءَ سان الڳ رهڻ لڳو هُئو، ورَ جي گُذاري وڃڻ کانپوءِ هوءَ اڪيلي اڪيلي ئي هوندي هُئي. ٽي سال اڳ، سَمياڻي کي ڪينسر ٿي پئي هُئي، جيڪا آهستي آهستي گهٽجڻ يا ختم ٿيڻ بدران سندس وجود کي پائي رهي هُئي، ڊاڪٽرن جو چوڻ هُئو ته علاج پنھنجي جاءِ تي هلندو رهندو پر اڳي پوءِ سندس موت جو سبب اِها ڪينسر ئي ٿيڻي آهي. جنھن کان پوءِ سمياڻيءَ اِهو فيصلو ڪيو هُئو ته هوءَ پنھنجي ديس ۾ پنھنجو پساهه ڏيندي ۽ وطن جي مِٽيءَ ۾ لَٽبي، اُن ڪري هوءَ هميشه لاءِ ولاديت ڇڏي آئي هُئي.

گذريل ڪيترن ڏينھن کان هوءَ درياهه خان بابت بار بار سوچي رهي هُئي، هُن ماضيءَ جا سمورا رابطا بحال ڪرڻ ۽ درياهه خان جو پتو لھڻ لاءِ ڪوششون ڪيون هُيون، پر ڪٿان به کيس درياهه خان جو پَتو نه پئجي سگهيو هئو. سموريون ڪوششون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ وٽس هڪ ئي رستو هئو ته هوءَ درياهه خان جي ڳوٺ وڃي ۽ اُتان سندس پارُ پتو پُڇي. هوءَ هفتو اڳ، سندس ڳوٺ به وئي هئي، اُهو ڳوٺ، جيڪو الائي ته ڪيترين پيڙهين کان ڪچي جي ڀِڪ ۾ آباد هئو، سو سمياڻيءَ جي وڃڻ مھل، مُھين جي دڙي جيان ميسارجي چُڪو هئو، کيس اُتي پُھچي معلوم ٿيو ته ڪجهه ورهيه اڳ آيل مھا ٻوڏ کان پوءِ درياهه بادشاهه اُن ڳوٺ کي ٻوڙي نيست نابود ڪري ڇڏيو، ڳوٺ جا سمورا رهواسي ڪَک پن ٿي وکري ويا، ڪي اُتر ته ڪي ڏکڻ ڪي اوڀر ته ڪي اولھه وڃي سر بچائي، نئين سر وسيا.

درياهه خان جو قبيلو به ڏکڻ واري پاسي لڏي هَليو ويو، پر درياهه خان اُن مھا ٻوڏ ۾ الائي ڪيڏانھن گُم ٿي ويو. آس پاس جي ايڪڙ ٻيڪڙ آباديءَ مان ڪنھن ڪيئن چيو ته ڪنھن ڪيئن چيو، ڪنھن چيو ته درياهه خان مھا ٻوڏ ۾ لڙهي ٻُڏي ويو ته ڪنھن وري چيو ته، ڳوٺ ٻڏڻ کان پوءِ درياهه خان، ڳوٺ واسين جو ائين تر ڇڏي وڃڻ برداشت نه ڪري سگهيو. ٻڏل ڳوٺ مجبوريءَ تحت ڇڏڻ ڪري چريو ٿي پيو ۽ الائي ته ڪھڙي پاسي هَليو ويو. هڪ شخص ته اِهو به چيو ته درياهه خان کي هُن ڪوٽڙي بئراج تي ڦاٽل ڪپڙن سان چرين واري  حالت ۾ ڏٺو هُئو.

اِن ڪري سَمياڻي چاليھه ورهين کان پوءِ ڪوٽڙي بئراج تي آئي هُئي، کيس پڪ هُئي ته درياهه خان کيس اُتي ئي ڪٿي نه ڪٿي مِلندو، جو يونيورسٽيءَ واري زماني ۾ به اڪثر درياهه خان ڪوٽڙي بئراج تي اچي ويھندو هُئو، ڳالهين ڳالهين ۾ به کيس اِهو ئي چوندو هُئو ته،

“سمياڻي! مان جيڪڏهن ڪنھن کي ڪٿي به نه ملان ته هِن درياهه جي ڪنھن ڪپ ڪناري يا سُڪل پيٽ ۾ ضرور ملندسُ...”

ڄامشوري جي ڪينسرواري اسپتال ۾ علاج جي سھوليت ۽ ڪوٽڙي بئراج تي اڪيلائي جون گهڙيون گهارڻ ۽ ماضيءَ جون يادون تازيون ڪرڻ لاءِ، سمياڻيءَ ڄامشوري جي سوسائٽي ۾ هڪڙو ننڍڙو گهر ڪرائي تي وٺي ڇڏيو، گهر جي ڪم ڪار لاءِ هڪڙي نوڪرياڻي ۽ گاڏي هلائڻ لاءِ ڊرائيور رکي ڇڏيائين.

درياهه خان ۽ هوءَ جڏهن به سُنڌوءَ  ڪناري اچي ويھندا هُئا، ته ڪاڪي علي ڏني جي به ساڻن ’عليڪ سليڪ‘ ۽ احوال ٿيندا هُئا. ڪاڪو علي ڏنو، سائين ڏني ملاح جو آخري جهونو وڃي بچيو هئو، جنھن ڪوٽڙي بئراج کي پنھنجي اکين سان ٺھندي ڏٺو هئو. هُو جڏهن به ڪوٽڙي بئراج جي ڳالهه ڪندو هئو ته سندس اکين ۾ هڪڙو درد ڇَلڪي پوندو هئو. الائي ڇو ائين لڳندو هئو ته ڪاڪو علي ڏنو ئي واحد ماڻھو هئو جيڪو، ڪوٽڙي بئراج جي ٺھڻ مان خفي هئو. جڏهن اڃان ڪوٽڙي بئراج جا بُنياد پئي پيا ته، علي ڏنو پنھنجي سوٽ ڌڻي بخش سان پئي مڇي ماري رهيو هئو. اُن لمحي ڌڻي بخش کيس چيو هئو،

“علي ڏنا! هي ته صفا قھر پيو ٿئي، درياهه بادشاهه کي خَصي پيا ڪن.”  اُن لمحي علي ڏني پَن جي ٻيڙي دُکائيندي چيو هُئس،

“تون به صفا ڪو چرياڻ آهين، ڪھڙيون پيو اجايون ڳالهيون ڪرين، هي درياهه بادشاهه هماليه جو اڪيلو پُٽ آهي، خَصي وَھٽ ڪبا آهن، جوان ۽ درياهه خَصي ٿي نه سگهندا آهن.”

“پوءِ به علي ڏنا، هيءُ جيڪو ٻَنو پيا ٻڌن سو ته سمورو هيٺيون ڪَنو سُکائي رکندو، ڌرتيءَ جي ڪُک يا وٽ سُڪي وئي ته پوءِ باقي بچيو ڇا؟ پوءِ ته زمين ڀٽاري به جھڙي سُنڍ ٻيوڇا؟ هيڏي ساري سُھڻي موچاري سرسبز سائي ڪُک واري زمين سُنڍ بڻجي پئي ته پوءِ دريا وري ڪھڙو مُڙس ماڻھو سڏبو!؟ خَصي ئي چئبو نه!؟” علي ڏنو، ڌڻي بخش کي ڏسندي کن پل  ويچار ۾ پئجي ويو هئو. ڌڻي بخش وري ڳالھائيندي چيو هئو.

“هي ٻَنو جي ٻڌجي پڪو ٿي ويو ته، ڏسجانءِ علي ڏنا! سالن ۾ پنھنجو ڳوٺ ۽ هِن ٻڌل ٻَني کان سمورو هيٺيون تَرُ مُھين جو دڙو بنجي پوندو.” اُن لمحي علي ڏني هڪڙو ٿڌو ساهه کڻندي چيو هئو،

“الله ڪندو ائين ٿيندو ڪين، جي ٿئڻو هوندو ته، الله پاڻ کي اڳ ئي پنھنجو ڪندو.” ڌڻي بخش ٽھڪ ڏيندي وراڻيو هئو،

“هائو، علي ڏنا هائو! آهين سَچو، پنھنجي قبر کي جڏهن ڪَلر اچي کائيندو ته پوءِ پونديون خبرون، تون ڇا ٿو سمجهين ته هي ڦَٽ ڪو ائين سولو ڇُٽندو، ابل ! نسُل ڀوڳيندا ڏسجائين.”

پوءِ ٿيو به ائين جو ڪوٽڙيءَ واري پُل ٺھڻ کانپوءِ ڪجهه ئي سالن ۾  سنڌوءَ جي وهڪرن کي ڄڻ ونگ پئجي ويا. جنھن جون ڇيڳريون ۽ مست ڇوليون ساڌ ٻيلي کان نچنديون ڪُڏيون، مست قلندر واريون ڌمالون هڻنديون، مُھين جي دڙي جي ڀِڪ کان گُذرندي، آثارن کي پرنام ڪنديون، دادو مورو پُل کي سلام ڪنديون، آمريءَ جي ڪُک کي ڪِتڪِتائينديون، سنڌي سمونڊ جي سيني لڳڻ لاءِ ڊوڙنديون اينديون هُيون، سي ڪوٽڙي بئراج جي رقيب ڳُڙکن ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيون، ڪوٽڙي بئراج ٺھڻ وارو سَنوَن ڪو خراب به ڪين هئو، پر جي ورڇ تي بي واجبي ۽ هماليه جي دادلي پُٽ درياهه بادشاهه تي مٿان کان ئي ڌاڙا هڻي اهڙا ته کيس اھڙا ته  نِيئرھنيا ويا هُئا جو ساڌ ٻيلي تائين رَسندي ئي جھڙوڪر ساڻو ساڻو ٿي پوندو هئو. ويتر وري سکر واري پُل جا وهندڙ ڳُڙکا ڀريندي ڏئي وٺي بيھندو هئو، سو ڪوٽڙي بئراج تائين رسندي پورو ٿي ڄڻ کُٽي پوندو هئو ۽ نتيجي ۾ سنڌي سمونڊ جيڪو سنڌوءَ جي موکيءَ واري مڌ جو ازلي پياڪ رهيو آهي، هميشه جو هيراڪ رهيو آهي، تنھن کي جڏهن کان سنڌوءَ جو مَڌُ ملڻ بند ٿيو آهي، تڏهن کان ڄڻ صفا پاگل ۽ چريو ٿي پيو آهي. پنھنجي ئي ڪنارن کي کائڻ ۽ پائڻ شروع ڪيو اٿائين، سنڌوءَ جي ڇيڳرين ڇولين جي سِڪ ۽ وصال ۾ اندران ئي اندران کائيندو ۽ پائيندو اچي،  جنھن ڪري دريائي ڦاٽ ته ڪڏهوڪو ڦِٽي ويا، پر سموري هيٺئينءَ ڀر واري مِٽيءَ ۾ جيڪي به رنگ هُئا، سي اُڏري ويا ۽ منجهس سنڌي کاري سمونڊ جا ڪلراٺا وصف اُسري پيا، جن ڌرتيءَ جا سرسبز ۽ شاداب سَلا ته ساڙي ڇڏيا پر قبرن جا هڏ به ڳاري ڇڏيا، اُهي هڏ، جن تي سنڌوءَ جو پاڻي چڙهيل هئو.

ريتان ۽ گُلو مارڪيٽ ۾ پنھنجي ڀاڄين سميت اچي لٿا، پر کين اگهه اُهو ئي ماريل مِليو، جيڪو گذريل ڪيتري عرصي کان کين ملي رهيو آهي. ڪو زمانو هئو جڏهن ريتان ڦوهه جوان هُئي، کيس پھرڻ لاءِ ست نه ته به پنج ڀلا پَڙا هُئا، گُلوءَ جون لونگيون  به ڀاڄين ۽ گِدرن جي ٻارين وانگي بي حساب هُيون. ريتان ۽ گُلو جڏهن سجي سنوري، گِدرا ۽ ڀاڄيون کڻي مارڪيٽ ۾ لھندا هُئا ته واپاري مٿن وري ويندا هُئا. سُٺي اگهه سان سندن گِدرا ۽ ڀاڄيون کَپي وينديون هُيون. هاڻي ته واپاري کين کنگهن ئي نه ٿا، ويتر نوان نويلا غير سنڌي واپاري ريتان جي ميري پُراڻي ململ جي سنھڙي چولي ڏانھن ڏسندي، معنى خيز لھجي ۾ الائي ڇا ڇا چوندا هئا.

گلو ڪجهه ڀاڄيون کڻي، مارڪيٽ جي هڪ پاسي تي، ريتان ڪجهه ڀاڄيون کڻي مارڪيٽ جي ٻئي پاسي کپائڻ لاءِ آئي، هڪڙي نوجوان واپاري اڳيان ڀاڄيون رکيائين ته واپاريءَ هڪ نگاهه سندس ململ جي سنھڙي چولي تي وڌي ۽ پوءِ ڀاڄين ڏانھن ڏسندي چيائين،

“کڻ مائي! اِهي سُڪل سڙيل ڀاڄيون ڪير وٺندو، هِتي تازين ڀاڄين جي مارڪيٽ آهي.” هن ڪجهه تازيون ڀاڄيون کڻي ڏيکاريندي ريتان کي وري چيو،

“هي ڏس تازيون ڀاڄيون، هتي تازين ڀاڄين جو ئي واڪ لڳندو آهي ۽ اُهي ئي هٿو هٿ کپنديون آهن.” ريتان حيرت وچان نوجوان واپاريءَ کي ڏٺو ۽ پنھنجي مخصوص لھجي ۾ چيو،

“هئه هئه، هنن ڀاڄين ۾ اهڙو ڇا آهي، جيڪو اسانجي ڀاڄين ۾ ڪونھي.”

“هنن ڀاڄين ۾ محنت ٿيل آهي، ڏس، مکڻ لڳيون پيون آهن، جڏهن کان وي سي آر، ڊش آئي آهي سنڌ جي هاري محنت ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، سڄو ڏينھن ويٺو آهي هوٽلن تي، ٻئي صوبي جو هاري محنت به ڪري ٿو ۽ مُور به ڪمائي ٿو.”

“اي ڇوڪرا سيٺ، تون چوين ڇا پيو؟ ڀاڄيون تازيون ۽ مکڻ، محنت سان نه پر پاڻيءَ سان ٿينديون آهن.”

“پوءِ ڪنھن جهليو آهي توهان کي پاڻي کان، ڏيو نه ڀاڄين کي پاڻي.”

“ڪٿان آڻيون پاڻي، درياهه ئي سُڪو پيو آهي.”

“درياهه سُڪو آهي، زمين ته سُڪي ڪونھي، جَر ته سُڪيا ڪونھن، لڳايو ٽيوب ويل ۽ مچايو پنھنجي فصلن کي، ڪنھن جهليو آهي توهان کي؟” گُلو جيڪو پريان واپاري جيءَ گفتگو ٻُڌندو پئي آيو، تنھن ريتان کي دڙڪو ڏيندي چيو ته،

“اُٿ، ڇا ويٺي، واپاري سيٺ سان بحث ڪرين، هِن رنگروٽ کي ڪھڙي خبر ته درياهه جي ليٽَ واري  پاڻيءَ ۽ ٽيوب ويل جي وائي  پاڻيءَ ۾ ڪھڙو فرق آهي.”

اُن لمحي ڳڀرو سيٺ گُلوءَ کي چيو هئو، “اِهو وائي پاڻي وري ڪھڙو هوندو آهي؟”  گُلوءَ پنھنجي شھپرن تي هٿ ڦيريندي چيو هئو،

“ جيئن وائي بيضو ٿيندو آهي ائين بنا ليٽ وارو، اڇين ڪُڪڙين جھڙو اڇو پاڻي، وائي پاڻي ٿيندو آهي، جنھن ۾ نه هوندي آهي طاقت نه وري جوت.”

ريتان روز روز واپارين جون نيون نيون ڳالهيون ٻُڌندي هُئي، پر ڪڏهن به دِل تي نه ورتو هيائين، اڄ ڄڻ سندس دِل ڀرجي آئي هُئي، اکين ۾ لڙڪ ايندي ايندي رُڪجي ويا هئس، هُن سوچيو ته اڄ  موٽ تي گُلو ڀل گهر وڃي ته وڃي، پر مان درياهه بادشاهه تي وينديس ۽ کيس دانھن ڏينديس.

سمياڻيءَ کي سنڌوءَ جي پيٽ ۾ لھندڙ ڏاڪڻين تي ويٺي ڪيئي لمحا گذري چُڪا هُئا، سج جيئن اُلھندي ڏانھن اُلھيو ته نانگ پير وانگي وهندڙ سنڌوءُ جو پاڻي کيس ماضيءَ ڏانھن لوڙهي کڻي ويو.

سانوڻي جي هڪڙي سُھڻي شام جڏهن هوءَ درياهه خان سان ساڳئي ڏاڪڻ تي ويٺي هُئي، سنڌوءَ جو پاڻي گهوگهٽ ۽ ڌڌڪا ڪندو وهي رهيو هئو، درياهه خان درياهه بادشاهه جي وهندڙ پاڻيءَ کي ڏسندي چيو هئو،

“درياهه توتي دانھن، ڏيندس ڏينھن قيام جي... سمياڻي! ٻُڌ ته .... “

“ها چئو درياهه ...”

“هڪ سچي عاشق! جي منزل ڪيڏي وڏي هوندي آهي. هي ڏس درياهه بادشاهه جيڪو ڌڌڪا ڪري وَهي رهيو آهي، صدين کان سنڌو ماٿر جي تھذيب جي آبياري ڪندو رهيو آهي، تِنھن ڇا، هڪڙي سُھڻي ٻوڙي ته لطيف سرڪار جھڙي عاشق مٿس دانھين ٿي پيو، نه صرف دانھين ٿيو، پر کيس پِٽيائين به. ’واهڙ وهين مَ شال، سُڪي ٻيلاٽيون ٿئين...‘ الا.... اِهو آهي لطيف سرڪار .”  اُن لمحي سَمياڻيءَ هڪڙو ٽھڪ ڏنو هئو ۽ چيو هُيائين،

“درياهه خان! لطيف سرڪار عورت جو حامي هُئو، مُنڌ جو پاسدار هئو، کيس خبر هُئي ته وهندڙ درياهه هُجي يا رواج،  عورت جو  دشمن آهي. عورت معنى تخليق جو مُحرڪ، مُنڌ ئي نه رهي ته پوءِ ڪير ايندو ڪيچ ڏي!؟”

“ها سمياڻي تڏهن ته چوان ٿو، عاشق جي دانھن هُجي يا آهه يا وري بددُعا،  تھذيبن کي چَٽ ڪري رکندي آهي.”

“تھذيبن کي سو وري ڪيئن؟ “

“تون ڇا ٿي سمجهين ته، مُھين جو دڙو ڪو دريائي ٻوڏ يا وري ڪنھن زلزلي تباهه ڪيو هئو؟”

“ته پوءِ ڪنھن تباهه ڪيو هئو؟”

“ڪنھن عاشق جي بد دُعا تباهه ڪيو هوندو، ڪنھن مُنڌ جي آهه برباد ڪيو هوندو. جڏهن مُھين جي دڙي واري لکت پڙهجي وئي ته ڏسجان اِهو به ثابت ٿي ويندو. سو......”

“سو ڇا درياهه خان!؟”

“سَمياڻي! ڊپ ٿو ٿيم ڪٿي، لطيف سائين جھڙي عاشق جي بددُعا هِن درياهه بادشاهه  کي ٻوڙي نه رکي. ڪٿي ڌڌڪا ڪري وهندڙهيءُ واهڙ پاڻيءَ لپ لاءِ سِڪندو نه وتي. ڪٿي هي ٽُٻُ تار درياهه باشاهه، ڪنھن فقير جي اُگهاڙي پيٽ جيان سُڪي ٻيلاٽيون نه ٿي وڃي!؟”

“درياهه خان! تون ايڏي گِھرائيءَ ۾ ڇا لاءِ سوچيندو آهين؟ائين ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟”

“سمياڻي! مان سچ پيو چوان لطيف سائين جي دانھن يا پِٽ پاراتو ڪو ائين ڪونھي، ڪا معنيٰ رکي ضرور ٿو.”

“ ٿي سگهي ٿو لطيف سرڪار، ’واهڙ وهين مَ شال‘ اُن ڪُوپ، اُن رواج کي چيو هُجي، جيڪو سماج ۾  نياڻين جو قاتل آهي.”

“الله ڪري ائين ئي هُجي. الله ڪري ائين ئي هُجي...” درياهه خان ڪي ساعتون خاموش ٿي ويو هئو.

ريتان ڏينھن قيام بدران اڄ ئي درياهه بادشاهه تي دانھن کڻي آئي هُئي. پر ريتان جي دانھن سُھڻي ۽ آسائتيون ٻوڙڻ جي دُک درد وچان نه هُئي. سندس دانھن جو ته انداز ئي نِرالو هئو، سندس  سادگيءَ جو انداز ڏسي، ٻُڌي ڄڻ ته اُڀ به لُڙڪي پيو هئو. ريتان پنھنجي ململ جي سنھڙي ميري چولي کي واسطو بڻائي، اُڀ ڏانھن نِھاريندي چيو هئو،

“رب مِٺا! اُڀ وارا ڌڻي، واسطو اٿئي منھنجي هِن ميري چولي جو، جنھن ۾ سواءِ  بُک جي ٻيو ڪجهه به ڪونھي، مان مندي ميري عيبن هاڻي تو کان ڌرتيءَ جو سُھاڳ پِنڻ آئي آهيان، اسان کي اسانجو درياهه موٽائي ڏي، هِن پوڙھي ضعيف درياهه بادشاهه جي ساڳوڻي جواني موٽائي ڏي، اسان کي ڌڌڪا ڪري وهندڙ ساڳوڻو جل ٿل بادشاهه وَهائي ڏي.” اُن لمحي هوا جي جهوٽي تي واري اُڏامي اچي ريتان جي مُنھن ۾ پئي ته هوءَ رانڀاٽ ڪري روئڻ لڳي.

يونيورسٽي ۾ پڙھڻ واري زماني ۾ سَمياڻي، جڏهن شام جو درياهه خان جي ڳولا ڪندي، المنظر تي ويندي هُئي ته هو، اڪثر ساڳين سيڙهين تي ويٺل هوندو هُئو، سَمياڻي کائنس پُڇندي هُئي ته،

“هو سيڙهين ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ڇا ڪندو آهي.” درياهه خان کيس موٽ ۾ چوندو هُئو ته : “هو، درياهه بادشاهه سان ڳالهيون ڪندو آهي.” هڪ ڀيري سمياڻيءَ، درياهه خان کي چيو هُئو ته:

“درياهه خان! توڪڏهن درياهه بادشاهه کان پُڇيو آهي ته سُھڻيءَ کي ڇو ٻوڙيو هئائين؟”

“ها، پُڇيو هئم....”

“پوءِ درياهه بادشاهه ڇا چيو؟”

“اِهو ئي سُھڻي کي مون ڪٿي ٻوڙيو هُئو... هُوءَ ته مون کي ٻوڙي وئي، جنھن ڏينھن سُھڻي ڪچو گهڙو کڻي مون کي ٻوڙيو، اُن ڏينھن کان مون پنھنجو دڳ پنھنجو رستو ئي مٽائي ڇڏيو، مون صدين کان ڪيئي پيٽ مٽايا آهن، مون تي ڏوهه آهي ته مون آسائتيون ٻوڙيون آهن، پر ائين ڪونھي مون ته مُنڌُن ۽ ڪچن کي به ڪين لوڙهيو آهي....”

سمياڻي اُن لمحي درياهه خان کي ڏسي رهي هُئي ۽ سوچي رهي هئي ته اِهو درياهه خان پيو ڳالهائي يا درياهه بادشاهه خود، درياهه خان اُن لمحي سمورو لڙڪن ۾ درياهه ٿي ويو هُئو.

“ٻُڌ سمياڻي، درياهه بادشاهه خبر اٿئي ڇا چيو هُئو!” سمياڻيءَ درياهه خان کي چتائي ڏٺو،

“درياهه بادشاهه چيو هُئو ته، منھنجي هڪ فطرت آهي، مان سانوڻين ۾ هونئن ئي مست ٿيندو آهيان، ماڻهو مون کي ٻنا ٻڌي روڪيندا آهن، پرڏهين پندرنھين سال مون تي هڪ عجيب دورو پوندو آهي، پوءِ وستيون واهڻ ٻوڙي، وڃي پنھنجي محبوب سان ملندو آهيان. ماڻهو، اڳ جڏهن بي گناهه خون مون ۾ لوڙهيندا هئا ته مان، جُوءِ ڇڏي پيٽ مٽائي، دور ۽ اتھاس تبديل ڪري ڇڏيندو هئس. پر هاڻي وسَ نٿو هليم ته ڇا ڪريان؟ هڪ اڻڄاڻ سِرل جان ريڊ ڪلف جڏهن بي وقوفاڻو دائرو ڪڍي، منھنجي ٻين واسطيدارن ۽ مائٽ کي دربدر ڪري ڇڏيو،  جيڪي منھنجي ڀاڪر ۾ اچي مونکي ڀريندا هئا، مٿان وري پاڪ زمين جي نالي تي ٺھندڙ مُلڪ جي واڳ ڌڻين، ڇٺيءَ تي منھنجي واسطيدارن پرين پيارن جو سودو ڪري ڇڏيو. مونکان ننڍا ٻه درياهه وڪڻي آيا، مان ٿورو گهڻو جيڪو بچيو هئس تنھن تي به ڌاڙا ۽ پَھرا لڳي ويا. ويتر وري آخري جيڪو ٿورو گهڻو گس رستو بچيو هئم محبوب سان ملڻ جو،  سو به هتي اچي بند ڪيو ويو. منھنجي رستي روڪ لاءِ جيڪو ڳنڍو ڏنو ويو اُن جو نالو ڪوٽڙي بئراج رکيائون،  مان سُرڪ ذرو جيڪو هتان بچان ٿو، سِپ سِپ ٿي به ڊوڙان ٿو تڏهن به پرينءَ پياري، سنڌي کاري کي رسي نه ٿو سگهان. ساڻس مِلي نه ٿو سگهان، منھنجو محبوب سنڌي کارو جيڪو منھنجي ڀاڪرن چُمين جو سِڪايل آهي سو منھنجي فلائينگ ڪِس مان ڪٿي ٿو ڍاپي !؟ سو اِنھي ساڙ ۾ ڪنھن پھاج وانگي پيو ٿو منھنجي ونيءَ کي کائي، کيس سائو ستابو ٿيڻ ئي نه ٿو ڏئي. مان ڇا ڪريان مان ڏاڍو بي وس ٿي پيو آهيان، پر ڏسجانءِ هڪ ڏينھن ايندو، اڄ نه سڀاڻ يا صدين پُڄاڻان، مان سمورا بند ۽ ڳنڍا ڊاهي اتھاس ئي لٽي ڇڏيندسُ، ڏسجانءِ  سنڌي کاري تائين سمورو پَٽُ اڇ ئي اڇ ڪري ڇڏيندسُ. پت نه اچئي ته وڃي مُھين جي مُھِرن ۾ ڏس، منھنجي جولانيءَ چريائپ ۽ دوري جو ڪو ڏس پتو تو کي مِلي ويندو. “ 

سمياڻي حيرت ۾ پئجي وئي، کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اِهي جملا درياهه بادشاهه جا آهن يا درياهه خان جا، هُن حيرت وچان درياهه خان کان پڇيو،

“سچ ٻُڌاءِ درياهه خان، اِهي ڳالهيون توسان درياهه بادشاهه ڪندو آهي؟”  درياهه خان ڪي گهڙيون خاموش ٿي ويو هئو،

“ها ٻيو نه ته ڪير ڪندو؟ منھنجي اندر ۾ به ته درياهه بادشاهه ويٺو آهي نه، پت نه ٿي اچئي ته ڏس، ڏس منھنجي اکين ۾ ....” درياهه خان پنھنجو مُنھن سمياڻيءَ جي ويجهو ڪيو، سندس اکين ۾ وري لڙڪن جو درياهه لھي آيو. سمياڻيءَ درياهه بادشاهه جي پيٽ ڏانھن نِگاهه ڪئي ته، کيس درياهه خان جون اکيون نظر آيون هُيون. ڪنڌ ورائي درياهه خان جي اکين ۾ ڏٺو هئائين ته کيس درياهه خان جي مُنھن ۽ اکين ۾ درياهه بادشاهه نظر آيو هئو. الائي ڇو اُن لمحي کيس پنھنجي سمجهه ۽ ساڃاهه تي گُمان ٿيڻ لڳو هئو، هوءَ اِهو فيصلو ڪري ئي نه پئي سگهي ته درياهه بادشاهه ڪھڙو آهي ۽ درياهه خان ڪھڙو آهي.

سمياڻي جڏهن درياهه خان سان سائين ڏني ملاح واري ڪپر کان درياهه بادشاهه ڪناري ويھندي هُئي ته ڪاڪو  علي ڏنو به ٻيڙي ڇڪيندو، اچي ظاهر ٿيندو هئو. جوانيءَ جا وڏا قصا ۽ ڪھاڻيون ڪندو هئو. هڪ ڀيري سينواريل پاڻي ۾ ڪا ٻيڙي ترندي ڏسي کِلي پيو هئو، وڏا وڏا  ٽِھڪ ڏيڻ شروع ڪيا هئائين. سبب پڇڻ تي سمياڻيءَ ۽ درياهه خان سان مخاطب ٿيندي چيو هئائين،

“هل ڙي، توهان اُهي زمانه نه ڏٺا، جڏهن درياهه جي سير مان ٻيڙي تارڻ وڏي سورهيائي هوندي هُئي، ڳالهه آهي، ڪا مذاق ٿورئي آهي ونجهه هلائيندي جوانن جا ڪُلها ۽ ڏورا لھي پوندا هُئا، تڏهن هي دريا به ڪو اهڙو  ضعيف ۽ نٻل ٿورئي هئو، نه وري مان ڪو اهڙو پوڙهو هئس اصل جانٺو جوان هئس، هي نيريون مُئل اُڀريل نسون نٿا ڏسو منھنجي ٻانھُن جون، ونجهه هلائڻ مھل رُڪ ٿي پونديون هُيون، پر درياهه بادشاهه به ڪا گهٽ ڳالهه نه هوندو هئو، ونجهه ۽ ٻيڙيءَ سان وڏي ويڙهه ڪندو هئو، ٻوڙڻ لاءِ وڏا جانٺا هڻندو هئو، اُن سمئي ذري غفلت به ڄڻ سِر تان هٿ ڌوئڻ وانگي هئو. هاڻ هُو ئي ڏسو کڻي، مُئل درياهه جي سينواريل پاڻيءَ ۾ ٻيڙي تارڻ ته جُٺ آهي نه، جِھڙي  ٻيڙي سان تِھڙي درياهه سان، ائين جيئن ڪنھن مُردي جي سيني تان ماڪوڙيءَ رڙهندي ويندي هُجي. هاءِ...!” اُن لمحي ڪاڪو علي ڏني جي ٽِھڪن کي بريڪ لڳي ويو هئو، هڪڙو ٿڌو شوڪارو ڀريائين ۽ خاموش ٿي ويو، ڄڻ کن سانت لاءِ مري ويو هئو. سندس اکين ۾ ڪنھن مُئل ماڻھوءَ جي قبر جِھڙي لٽ لھي آئي هُئي، جيڪا سمياڻي، درياهه خان سميت ڄڻ اِتھاس کي اوراٽي وئي هُئي. ڪجهه لمحن لاءِ صفا سانت ڇائنجي وئي هُئي، اوچتو وري ڪاڪي علي ڏني ڳالهائڻ شروع ڪيو هئو،

“هيءَ بئراج ڏسو پيا نه، اِها منھنجي اکين آڏو جُڙي راس ٿي آهي، هن بئراج ۾ پيل هڪ هڪ بلاڪ، هڪ هڪ پٿر ڄڻ منھنجي روح تي رکيو ويو آهي، الله سان جڏهن کان هيءَ بئراج ٺھي آهي، منھنجو هينئون صفا ورتو پيو آهي، بئراج نه ٿي جِھڙوڪر منھنجي ساهه قيد ڪندڙ قلعو ٿي. ابل ! اُهو ڏينھن اڄ جو ڏينھن مون کُلي ساهه نه کنيو آهي، جنھن ڏينھن هن بئراج جو افتتاح ٿيو هئو، مان به اُن ميڙاڪي ۾ موجود هئس. راڄ ڪٺا ٿيا هئا. اسانجي ڳوٺ جا ڪجهه مُھاڻا به ڏاڍي خوشيءَ وچان آيا هئا ميڙاڪي ۾ .” ڪاڪو علي ڏنو خاموش ٿي ويو، ڄڻ ڪنھن خيال ۾ گُم ٿي ويو، يا شايد ڪجهه ياد ڪرڻ لڳو، سمياڻيءَ ڪاڪي علي ڏني جي خاموشيءَ جو فائدو وٺندي سوال ڪيو،

“ڪاڪا، ڳوٺ جا مُھاڻا خوشيءَ وچان آيا هئا ته مطلب اُهي بئراج ٺھڻ تي خوش هُئا؟”

“هائو، هائو، بنهه گهڻو خوش هُئا ويچارا ته، بئراج کُلندي ته مڇي جام مرندي، پلو ته اصل  اسان مُھاڻن جون موجون ڪرائي ڇڏيندو، مٿان وري بئراج تان رستو ٿيندو ته مڇيءَ جو ڪاروبار به سولو ۽ جام ٿيندو.”  ڪاڪو علي ڏنو وري چُپ  ٿي ويو، گهڙيءَ پل کان پوءِ هلڪڙو تِھڪ ڏيندي چيائين،

“شروعاتي ڪجهه سال ته ائين ئي ٿيو، پر پوءِ بئراج جي ڳِڙکن مان پاڻي هيٺ لھي ته ڪو پلو مڇي به مري نه، ائين ٿيڻ ۽ لڳڻ، لڳو ڄڻ اِهي بئراج وارا ڳُڙکا اسانجي قسمت ۽ روز پاڻي به ڳِڙڪائي ويا آهن.” ڪاڪو علي ڏنو وري ڪنھن خيال ڪنھن يادگيريءَ ۾ گُم ٿي ويو، سمياڻيءَ ڪجهه گهڙيون چُپ کيس ڏسندي رهي، نيٺ ساڻس مخاطب ٿيندي چيائين،

“ڪاڪا ڪيڏانھن گُم ٿي وئين؟”

“ڌيءَ، گُم وري ڪيڏانھن ٿيندس، اِتي ئي آهيان، بس اُها شِڪل ۽ مُرڪ پيو ياد ڪريان.”

“ڪھڙي شِڪل ڪھڙي مُرڪ ڪاڪا؟”

“هڪڙي شڪل اُن ماڻھوءَ جي جنھن افتتاح ڪندڙ مُلڪ جي والي کي چيو هئو ته سائين مونکي اجازت ڏيو ته، سنڌ لاءِ توهان جي خدمتن عيوض ڪوٽڙي بئراج کي غلام محمد بئراج ڪوٺيان، ٻي مُرڪ مُلڪ جي والي غلام محمد جي، جنھن ۾ الائي  ته ڪھڙيون معنائون  هيون.”  سَمياڻيءَ کان رڙ نِڪري وئي،

“هانءَ! ڪاڪا تون اِهو ڇا پيو چوين؟”

“ڪوٽڙي بئراج کي غلام محمد بئراج ڪرڻ يا سڏڻ وارو شخص ڪير هئو؟”

“الائي ڌيءَ ڪير هئو، مون اُتي بيٺل ڪجهه ماڻھن کان پُڇيو هئو، اُنھن مان ڪن چيو ته اِهو خانبھادر صاحب آهي، ڪِن وري پئي چيو ته پير صاحب آهي، وڏو داناءُ علقمند ماڻھو آهي وڏا ڪتاب ۽ تھذيبون لِکيون اٿائين. هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ڌيءَ اِهو به ڪو عقل آهي، داناءُ يا خانبھادر ائين ٿيندا آهن جيڪي خوشامد ۾ پنھنجي ماڳن ۽ ورثن  جي نيلاميءَ جو واڪ ڏين.”  هڪ لمحي لاءِ وري خاموشي ڇائنجي وئي. وري سُمياڻيءَ ڳالهايو،

“ڪاڪا تون به زماني جو ماڻهو آهين، اُن مُرڪ جي ڪا ته معنى تو ضرور سمجهي هوندي!؟”

“سمجهي ته گهڻو ڪجهه ويو هئس ڌي، پر پنھنجي وڍي جو  ويڄ نه طبيب واري ڳالهه آهي، باقي اُن مُرڪ ۾ جيڪو زهر لِڪل هئو، سوهِن بئراج کان مٿي ۽ هيٺ ويندي کاري تائين پنھنجو اثر ڏيکاري چُڪو آهي، ڇا چوان تون به سياڻي آهين، درياهه خان به سٻاجهڙو آهي، سمجهي وڃو پاڻهي.”

شام جا پاڇا لڙي چُڪا هئا، سمياڻي اڪيلي ڊائون اسٽريم وارين سيڙين تي ويٺي، درياهه بادشاهه کي ڏسي رهي هئي، بئراج جي پيرن ۾ پوسل جيترو پاڻي ائين چمڪي رهيو هئو جيئن فلم پاڪيزه ۾ ميناڪماريءَ  جا گهنگهرو ڇڄي ٽُٽي وکري ويا هُجن. سَمياڻيءَ کي اُهو وقت ياد اچي ويو جڏهن هُن درياهه جي پيٽ ۾ پاڻي جا دُٻا ڏٺا هئا ۽ ڪاڪي علي ڏني کان سوال ڪيو هئو،

“ڪاڪا، اڄ ته  درياهه ۾ اڳ جيترو به پاڻي ڪونھي؟” اُن لمحي ڪاڪي هڪڙي عجيب مُرڪ مُنھن تي آڻيندي کيس چيو هئو،

“درياهه، بادشاهن وِڪڻي ڇڏيو، سو هاڻي درياهه ۾ پاڻي ڪٿان ايندو؟ پر ڌيءَ هڪ ڳالهه منھنجي به ياد رکُ، درياهه جڏهن پنھنجي مستيءَ ۾ ايندا آهن ته بادشاهه ڇا، بادشاهيون به لوڙهي ڇڏيندا آهن.” ڪاڪي علي ڏني جي وڃڻ کانپوءِ  هن جڏهن درياهه خان کان پُڇيو هُئو ته،

“ڪاڪي جي ڳالهه تو سمجهي ڪجهه؟” ته درياهه خان هڪڙو ٿڌو ساهه کڻندي چيو هئو،

“ڪاڪي ته بادشاهين جي ڳالهه ڪئي صرف، پر سچ اِهو آهي درياهه مستين ۾ اچن يا وري پَستين ۾ وڃن، تھذيبون اُجاڙي رکندا آهن.”

سَمياڻيءَ جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، هُن ڀنل اکين سان درياهه بادشاهه جي سُڪل پيٽ ڏانھن نِھاريو ته کيس ڄڻ درياهه خان نظر آيو، جيڪو واريءَ تان هلندو کاري طرف وڃي رهيو هئو، سَمياڻيءَ جون نظرون درياهه خان جو تعاقب ڪنديون رهيون، اوچتو سڀ منظر بدلجي ويا، هر طرف رڳو اڇ ئي اڇ هُئي، الائي سراب جي الائي سيلاب جي، کيس درياهه خان جو جملو ڪنن ۾ گونجڻ لڳو، جيڪو هُن کيس درياهه بادشاهه جي حوالي سان ٻڌايو هئو،

“ڏسجان هڪ ڏينھن ايندو اڄ نه سڀاڻ يا صدين پُڄاڻان، مان سمورا بند ۽ ڳنڍا ڊاهي اتھاس ئي لٽي ڇڏيندسُ، ڏسجانءِ  سنڌي کاري تائين سمورو پَٽُ اڇ ئي اڇ ڪري ڇڏيندسُ.” سمياڻي اُن جملي کي ابتو ڪري به محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،

“جنھن ڏينھن مان هنن بندن ۽ ڳنڍڻ ۾ قيد رهي مري ويس، سُڪي پيس ته به ڏسجان کاري تائين اڇ ئي اڇ هوندي.” سِمياڻي سُڏڪن ۾ پئجي وئي، مُنھن کڻي مونن ۾ وڌائين ۽ رانڀاٽ ڪري روئڻ لڳي.

 

(ضراب حيدر جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۸ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment