Saturday, January 29, 2022

ڪاريءَ جي قبر - دريا خان شنباڻي

ڪاريءَ جي قبر

(مختصر ڪهاڻي ۵۷)

دريا خان شنباڻي



مان صبح جو سوير پنهنجي پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙھائڻ لاءِ جنهن گهٽيءَ تان گذرندو هيس اتي هڪ گهر اڳيان هڪ پڪي عمر جو همراھ ڪرسيءَ تي ويٺو هوندو هو ۽ سامهون اسٽول نما ننڍڙي ٽيبل رکيل هوندي هيس. اهو همراھ سياري جي موسم ۾ تڙڪي تي ڪڏھن اخبار پڙھندي نظر ايندو هو ته ڪڏھن چانھ جون چسڪيون ڀريندي نظر ايندو هو. ان همراھ جي ڏاڙھيءَ ۽ مُڇن کي ڪارو رنگ ڪيل هوندو هو.....


منهنجي جڏھن واپسي ٿيندي هئي ته به ويٺو هوندو هو. مون کي اها خبر نه هئي ته اهو همراھ ڪير آھي يا ڇا آھي.

هڪ ڏينهن آچر تي مان هاسيڪار ان همراھ سان ملڻ جي بهاني سان نڪتس ۽ ڏٺم ته هو اخبار پڙھي رهيو هو ۽ مان سندس مٿان وڃي بيٺس ۽ “سلام” ڪيم ته ڪنڌ مٿي ڪندي منهنجي سلام جي ورندي ڏنائين ته مون وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ پڇيو “سائين اڄوڪي اخبار آھي؟”

“جي جي اڄوڪي آھي، وٺو پڙھو” هن مرڪندي چيو، ۽ سندس مرڪ دلڪش هئي.

“نه سائين بس ايترو پڇڻو آھي ته اسلامي مهيني جي ڪهڙي تاريخ آھي!”

هن اخبار ڏانهن غور سان ڏسندي چيو؛ “ٻارهن شوال جي تاريخ آھي”

“ٺيڪ ٺيڪ”

مان اڃان ساڻس ڳالهائڻ لاءِ ڪو بهانو ڳولي رهيو هيس جو هڪ جوان ڇوڪري اندران نڪتي، جنهن کي مان اڪثر ڪري ڏسندو ئي رهندو هيس جو هوء ڪڏھن ان همراھ جي ڪرسي اندر ٻاهر ڪندي هئي يا چانھ وغيره کڻي ايندي هئي ۽ هٿ ۾ چانھ جو ڪپ هيس ۽ ان همراھ کي چانھ ڏنائين ۽ هوء اندر هلي وئي.

مون محسوس ڪيو ته ڇوڪري جوان ته هئي پر ان جي اکين ۾ جيڪو درد ۽ الميو سمايل هو اهو مان محسوس ڪري ويس، ته جواني هجي ۽ چهري تي مرڪ نه هجي ته پوء جواني ڪهڙي!

همراھ مون کي اسٽول تي ويهڻ جو اشارو ڪيو ته مان ڪجھ پل ساڻس ويهڻ مناسب سمجهيو.

“چانھ پيئندو!” همراھ چيو

“نه سائين، مهرباني”

“ان ۾ مهرباني جي ڪهڙي ڳالھ آھي، مان ڏسان ٿو، چانھ آھي ته پيئو” هو اٿيو ۽ پنهنجو ڪپ منهنجي حوالي ڪندي دروازي وٽ ئي بيهي وڏي آواز سان چيائين “چانھ آهي ته کڻي اچو”

پوء هو اچي ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ مون چانھ جو ڪپ سندس حوالي ڪيو.

“اوهان هتان روزانو گذرندا آھيو” همراھ چيو

“جي سائين، مان استاد آھيان” مون چيو

“ماشاء الله” هن چيو

ايتري دير ۾ اها ساڳي ڇوڪري چانھ جو ڪپ کڻي آئي ۽ منهنجي حوالي ڪري گهر ۾ داخل ٿي وئي.

مون چانھ مان چسڪي ڀري ته ان ۾ کنڊ سان گڏ مون کي محسوس ٿيو ته ڪجھ لوڻ ڪڻا به وڌل آھن جو چانھ نمڪين آھي.

مون ان همراھ سان اهڙي ڪابه ڳالھ نه ڪئي ۽ چانھ به پيئندو رهيس ته ساڻس ڳالھ ٻولھ به ڪندو رهيس.

همراھ ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌايو ته هو جيڪب آباد جا آھن.

“هتي اوهان ڪهڙو ڪاروبار ڪندا آھيو؟” مون پڇيو.

“ڪاروبار ڪوئي به ناهي.” هن چانھ جو ڪپ خالي ڪندي چيو ۽ ڪپ پنهنجي ڪرسي ھيٺان رکيائين “پوئتي جهيڙا جهٽا آھن، سو ڪجھ ڏينهن لاءِ هتي رهڻ آيا آھيون”

“اڇا اڇا، هن ضلعي ۾ ماشاء الله امن امان آھي” مون کيس دلداري ڏيندي چيو.

“بلڪل، هن پاسي هروڀرو جهيڙا جهٽا ڪونه آھن” هن چيو

“سائين مون کي اجازت؟!” مون به چانھ جو ڪپ خالي ڪندي هيٺ پٽ تي ڪپ رکندي چيو.

“ٺيڪ آھي استاد صاحب..... ايندا ڪريو نه ڪڏھن ڪڏھن” هن چيو ۽ مان اٿي هليو آيس.

هر صبح جو ان همراھ سان ايندي ويندي دعا سلام ڪندو هيس ۽ هو به مرڪندي جواب ڏيندو هو.

ڪڏھن ڪڏھن اخبار تان نظرون هٽائي چوندو هو “استاد هوشيار ٿجان، پيٽرول مهانگو ٿيڻ وارو ٿئي” ۽ پوء هڪ وڏو ٽھڪ ڏيندو هو.

ڪڏھن ڪڏھن ڏسندو هيس ته اها جوان ڇوڪري جي هٿ ۾ چانھ جو ڪپ هوندو هو ۽ ان جي حوالي ڪري اندر هلي ويندي هئي.

سڀئي ڳالهيون پنهنجي جاء تي پر ڇوڪريءَ جي چهري ۽ اکين ۾ نراسائي ڏسي منهنجو اندر وڍجي پوندو هو ۽ ڇوڪريءَ بابت سوچيندو هيس ته آخر ڇوڪري جي چهري تي ڪا خوشي ڇو ناهي.

تنهن ڏينهن مان اسڪول مان واپس ٿيس ته ڏٺم همراھ دروازي وٽ بيٺو هو ۽ مون کي ڏسندي چيائين “استاد صبح منهنجي چانھ پيئجو”

مون به مرڪندي هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.

مون کي هڪ طرح جي خوشي ٿي ته مان ساڻس ويجهو ٿيندو پي ويس.

مان صبح جو ٿورو سوير سنبري تيار ٿي، روانو ٿيس ۽ ان گهر وٽ پهتس ته ڏٺم ته دروازي وٽ نه ته همراھ ويٺو هو نه ڪرسي اسٽول رکيل هيا.

هيڪر دل چيو ته جڏھن ٻاهر ڪو موجود ئي ناهي ته پوء ڇو انتظار ڪريان پر ٻئي لمحي خيال آيو ته ڪالھ شام همراھ وڏي اڪير وچان چانھ جي دعوت ڏني هئي سو مناسب ناهي جو پنهنجي “ها” ڪرڻ تان ڦري وڃان.

مان وڃي دروازو کڙڪايو.

ٿوري دير ۾ ڇوڪريءَ دروازو کوليو ته مان ٿورو منجهي پيس ته ڪيئن چوان ته مون کي چانھ جي دعوت مليل آھي. پر وري به دل ٻڌندي چيم “سائين جن ڪٿي آھن؟”

“اوهان اندر اچو”

“اندر!!!” مان ڪجھ پريشان ٿيس.

“ها اندر اچو......”

“پر سائين ڪٿي......”

“اوهان اندر اچو” ڇوڪري زور ڀريندي چيو.

مان اندر داخل ٿيس ۽ پوء وڃي ڪمري ۾ رکيل ان اسٽول تي ويٺس جنهن تي ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ مان ٻاهر ويٺو هيس.

“هيڏانهن هيڏانهن ويهو” ڇوڪريءَ ڪرسيءَ طرف اشارو ڪندي چيو.

“نه نه.... بس ٺيڪ آھيان، هن تي سائين ويهندو” مون چيو. ته ڇوڪريءَ ڪجھ منهن خراب ڪندي چيو “سائين!!”

“سائين ڪٿي آھن؟” مون پڇيو.

“پهريان ته ان کي سائين نه چئو” ڇوڪريءَ چيو.

“ڇو؟”

“بس......”

“ڀلا ڪٿي آھن؟”

“اهي ڪالھ شام کان هتي ڪو نه آھن.” ڇوڪريءَ چيو

“ڪالھ شام کان؟”

“ها”

“هتي ٻيو ڪير رهندو آھي؟”

“ڪل ٻه ماڻھو”

“ٻه ماڻھو!!”

“ها مان ۽ هو”

“هو، مطلب سائين”

“ها، تو وارو سائين”

“هو اوهان جو ڇا ٿئي؟”

“ڪو فرق پوندو ڇا......!!”

مان هن جي ان جملي تي حيران ٿيس ته چيائين “اوهان ويهو، مان اوهان لاءِ چانھ ٺاهي اچان”

هوء ڪمري مان نڪري وئي ۽ مان هن ڇوڪريءَ بابت سوچڻ لڳس ته هيءَ آخر ڪهڙي ڳجهارت آھي جيڪا مون کان نه ٿي ڀڄي!

ٿوري دير کان پوء ڇوڪري چانھ کڻي آئي، هڪ ڪپ مون کي ڏنائين ۽ ٻيو ڪپ پاڻ وٽ رکيائين ۽ منهنجي سامهون واري کٽ تي ويهي رهي.

مان چانھ مان سپ ڀرڻ وارو هيس جو مون کي گذريل نمڪين چانھ ياد آئي.

ڇوڪريءَ چانھ مان سپ ڀريندي چيو “اندر مڙئي اڳڙيون”

۽ پوء هن جون اکيون ٽمڻ لڳيون ۽ ڪي ڳوڙھا هن جي ڳلن تي ته ڪي چانھ ۾ ڪرڻ لڳا.

منهنجي اندر ۾ بيچيني وڌڻ لڳي ۽ ڄڻ ساھ گهٽجڻ لڳو.

مان چانھ مان ڍڪ ڀريو ته هن دفعي چانھ نمڪين نه هئي.

“ان ڏينهن جيڪا توکي چانھ پياريم، ان جي توکان معافي ٿي وٺان”

“ڇا جي معافي؟” مون چيو

“مون ڄاڻي واڻي تنهنجي چانھ ۾ لوڻ وڌو هو”

“ڄاڻي واڻي!!”

“ها ڄاڻي واڻي”

“پر ڇو؟”

“پنهنجي دل جي ڳالھ ڪيم پر تون به ته سمجهي ڪونه سگهين.....”

“مان ته اڄ به نه سمجهي سگهيس ته تون پريشان ڇو آھين آخر” مون چيو

“اتر سنڌ ٻڌل اٿئي نه؟”

“ها ها..... ڇو نه”

“ڇا ٻڌل اٿئي”

“اهو ته اتر سنڌ گرم هوندو آھي”

“ها بلڪل پر اتر سنڌ ٻيو ڪجھ به آھي”

“ٻئي جي مون کي خبر ناهي ته ڇا آھي!”

“اتي ناريون ڪاريون ڪري ماريون وينديون آھن، اتي ڇوڪرين جو مُلھ لکين روپيا آھي، اتي زمين ٽڪري لاءِ ڀائر پنهنجي ڀيڻ تي ڪارپ الزام مڙھي اها زمين ٻي ڌر کان وٺندا آھن، اتي ڇوڪرين جا سڱ چٽي ڏيندا ۽ وٺندا آھن. اتي ڪارين جي ڪا الڳ قبرستان ته ناهي پر اتان جي قبرستانن ۾ ڪيتريون ڳاڙهيون ڪاريءَ جي الزام ۾ پوريل آھن. اتي مڙس سهڻا سيبتا، ڏاڙھي مڇون پر سندن اندر ۾ به ايترا وڏا وار..... ۽ جڏھن انهن قبرن مان قيامت جي ڏينهن انهن بيگناھ ڇوڪرين کي اٿاريو ويندو ۽ جن کين ماريو يا مارايو انهن جي ڳچين ۾ ڳٽ وڌا ويندا.....” پوء هوء ڪجھ پل خاموش ٿي ۽ پوء آڱر سان اشارو ڪندي چيائين “مان نه ٿي چوان پر هو ٿو چوي”

مون سندس آڱر جي سڌائيءَ ڏانهن ڏٺو ته ڇڪي تي قرآن پاڪ رکيل هو.

“مان پنج درجا پڙھيل آھيان” هن چيو

مون چانھ پي ڇڏي ۽ ڪپ رکي ڇڏيم، هوء اڃان به پنهنجي ڳوڙھن ڀريل چانھ پي رهي هئي.

“هو جنهن کي تون “سائين” چئي رهيو آھين سو ڪالھ پنهنجي جهيڙي جي فيصلي جي تاريخ وٺڻ پنهنجي سردار ڏانهن ويو آھي.... مان سڱ چٽيءَ ۾ آيل آھيان، اهو وڏي عمر وارو جنهن کي تون شايد منهنجو پيءُ پيو سمجهين سو منهنجو مڙس آھي ۽ مڙس به اهڙو جيڪو پنهنجي ڏيک ويک ۾ ته مڙس ماڻھو ڏيکارجي رهيو آھي پر کيس “مڙسي” ناهي.”

ڇوڪريءَ چانھ پي ڇڏي ۽ مان ٻاهرنڪرڻ لاءِ اٿيس ته چيائين ڀائو! مان جيئري ئي ڪاريءَ جي قبر ۾ دفن ٿيل آھيان ۽ جڏهن مون کي قيامت ۾ اٿاريو ويندو ۽ منهنجو سودو ڪندڙن جي ڳچيءَ ۾ ڳٽ هوندا”

منهنجون اکيون ڀرجي آيون ۽ مان ڳوڙھا اگهندو ٻاهر نڪري آيس.

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment