Sunday, January 30, 2022

پنڌ ۽ پيچرا ڪهاڻيءَ تي هڪ نظر - جعفر شاهاڻي

پنڌ ۽ پيچرا ڪهاڻيءَ تي هڪ نظر

جعفر شاهاڻي



ڪهاڻيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا جيترا مشڪل آهن، اوترا ئي ڪهاڻيءَ جا پارکو به آهن سو ڪڏهن ڪڏهن فني پختگي سان سرشار ڪنهن ڪهاڻيء تي ٻه اکر لکڻ لاء دل به چوندي آهي ته اهڙي ڪهاڻيڪار محترم جهانگير عباسيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب “ڪجلي” ۾ “پنڌ ۽ پيچرا” هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي، جيڪا هونئن ته اسان جي سماج ۾ ذاتي انائن ۽ مفادن خاطر ڪارو ڪاريءَ جي آڙ ۾ ٿيل هڪ وارتا جي پسمنظر ۾ لکيل آهي پر ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻيءَ جي ابتدا ۾ سٽون جنهن ڪاريگري سان سان رکيون آهن سي مون کي ڪتاب ۾ شامل سڀني ڪهاڻين کان منفرد تجسس سان ڀرپور محسوس ٿيون آهن، ته مجموعي طور مون کي اها ڪهاڻي ان مجموعي ۾ سڀني ڪهاڻين کان فني پختگي جي حوالي سان مضبوط به لڳي سو کڻي اوهان به هتي ان ڪهاڻيءَ جون شروعاتي سٽون پڙهي وٺو.


“سج اڀرڻ سان ئي سڄي ڳوٺ ۾ هُل مچي ويو هو، ڳوٺ جي ننڍي توڙي وڏي جي زبان هن جي نانءَ جي تسبيح پڙهي رهي هئي. هوءَ ڪير آهي؟ ڪٿان آئي آهي؟ چون پيا هن ئي ڳوٺ جي رهندڙ هئي، پر ڪنهن جي گهر ۾؟ اهڙا ڪيترا سوال هئا جيڪي ڳوٺ جي وڻن، ڀتين ۽ گهٽين مان گذري واپس ماڻهن جي ذهنن ۾ داخل ٿي هن کي ماضيءَ ۾ ڳولڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا هئا.”

اها عورت ڪير هئي؟ ڪٿان کان آئي؟ چون پيا هن ئي ڳوٺ جي رهندڙ هئي، پر ڪنهن جي گهر ۾؟ آئون سمجهان ٿو هن ڪهاڻيءَ ۾ اهي ٽي سوال/ نقطا اهم آهن جيڪي ڪهاڻيءَ کي ڀرپور تجسس سان اڳتي وڌائن ٿا ۽ پڙهندڙ جي توجهه مرڪوز ڪرڻ جو ڪارڻ پڻ بڻجن ٿا.

اها عورت ڪاڪي پيروءَ جي گهر ۾ اچي پناهه وٺي ٿي، جتي موسيٰ (ان عورت جو مامو) ۽ سندس پٽ دلدار پيروءَ سان ڏند چڪ به ڪن ٿا پر ڪاڪي پيرو پاران دلدار کي پڳ لاهي منٿ ميڙ واري انداز ۾ منٿ به ڪئي پر موسيٰ ۽ سندس پٽ به صفا نابري واري بيٺل نظر اچن ٿا ۽ ڪاڪو پيرو دوست جي نياڻي لاءِ مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار هجي ٿو ۽ ٻانهن سندن حوالي ڪرڻ تي راضي نه ٿو هجي.

ستن صفحن تي مشتمل هن ڪهاڻيءَ جي ٻي صفحي واري پڇاڙي وارين سٽن کان ڪهاڻي پلٽو کائي ٿي پر ايستائين ڪهاڻيءَ جو پويون تجسس به ڀرپور نموني آهي ته، اڳتي ان عورت مهلان جو ماضي بيان ڪيو ويو آهي_ جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته سندس ماءُ مهلان کي جنم ڏيندي ئي وڃي مالڪ حقيقي سان ملي، تنهن بعد سندس پيءُ ماڻس پاران ڇڏيل امانت سمجهي مهلان جي امير ٻارن جيئن پالنا ڪئي پر هڪ ڏينهن رمون (مهلان جي پيءُ) کي ٻنيءَ جو ڪم ڪار ڪندي ڪاريهر ڏنگي وڌو يا موسيٰ ئي جوڳي کان ڏنگ هڻايس سو معاملو ڪهاڻيءَ ۾ چٽو نه هوندي به شڪ موسيٰ تي ئي وڃي ٿو.

مهلان جي ان بيان ٿيل ماضي ۾ قانوني وارث موسيٰ بڻجڻ بعد سندس ننڍي عمر جو فائدو وٺندي والد جي سورهن جريب زمين ڦيرائي پنهنجي نالي ڪري ٿو ۽ جڏهن ته سندس مامي کي ٻي شادي جو شوق اچي جاڳيو ته مهلان کي هڪ پوڙهي سان پرڻائي روانو ڪيائين ۽ پاڻ ان پوڙهي جي ڌيءَ سان ٻي شادي جو شوق پورو ڪيائين.

هن ڪهاڻيءَ ۾ پڄاڻي تائين ڊائيلاگن يا بيان ۾ ڪا نواڻ نه هوندي به، مهلان پوڙهي ور سان خوش نه رهندي سوچيل سمجهيل منصوبي تحت انهن حالتن مان نڪرڻ لاء هڪ رات سڀني ريتن رسمن کي ڊاهي جانوءَ سان ڏور رواني ٿي وئي.

ڪهاڻيءَ ۾ جانوءَ جي ڪردار متعلق گهڻي وضاحت به ناهي پر تنهن هوندي به اهو گمان پڙهندڙن جي ذهنن ۾ جنم وٺي ٿو ته جانو هڪ چور هجڻ سان گڏ سورهيه، ڪنهن جي چئي ۾ نه اچڻ وارو ۽ ارڏو مڙس ضرور هو، جنهن ڪارڻ ئي مهلان پاڻ تي بدنما داغ قبوليو پر جواني ان پوڙهي ور سان نه گذارڻ جو فيصلو ڪيو.

جانوءَ سان زندگيءَ جا ويهه سال گڏ گذارڻ بعد مهلان هڪ ڀيرو وري اڪيلي رهجي وئي، جڏهن پراڻي دشمني ڪارڻ هن کان دشمنن سندس ور جانو کسيو ته آخر مهلان مجبور ٿي ڪاڪي پيروءَ جي گهر پهتي، جتي سج اڀرڻ سان ئي گوڙ گهمسان هو.

ايستائين ان سموري ڪهاڻيءَ ۾ دلچسپي ۽ تجسس ڀرپور آهي ۽ ويندي ڇهين صفحي تي به ڪاڪو پيرو پنهنجي ڳالهه تي اٽل بيٺل نظر اچي ٿو ۽ موسيٰ کي سڌيون ٻڌائيندو رهي ٿو ته، ان ئي صفحي جي پڇاڙي وارين سٽن ۾ ڪهاڻي ڪلائيميڪس طرف موٽ کائي ٿي ۽ پيروءَ جي زال رڙيون ڪندي اچي چوي ٿي ته، “ پيرو جلدي ڪر ڪوٺيءَ جو ڪلف لاهه ڇوڪَرِ اندران جباب ئي نه ٿي ڏي، منهنجي دل هٿان نڪتي پئي وڃي” اڳتي پنڌ ۽ پيچرا ڪهاڻيءَ جو ڪلائيميڪس ستين ۽ آخري صفحي تي ڏنل آهي، جنهن ۾ پيرو تالو لاهي در کولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر دروازو اندران به بند هجي ٿو سو مجبورن در ڀڄي جڏهن ڪاڪو پيرو اندر داخل ٿئي ٿو ته مهلان جو بي ست وجود ڏسندو ئي رهيو، جنهن جي جهوليءَ ۾ “قرآن پاڪ رکيل هو ۽ اکيون خوف وچان کليل رهجي ويون هيس، جن ۾ هن جي ڪاري هجڻ جي تاريخ لڪل هئي، اهڙي مبهم تاريخ جنهن کي اڃا تائين ڪو به پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ڪو نه آهي.”

توڙي جو هي ڪهاڻي رواجي ۽ نواڻ سان ٽمٽار نه هوندي به ڪهاڻيڪار جي محنت جس لهڻي ضرور آهي ڇو ته هي ڪهاڻي فني پختگي کان ويندي دلچسپي ۽ تجسس سان به ڀرپور آهي سو جيڪي دوست ڪهاڻيءَ کي ڳالهه چوندا آهن تن کي عرض ته ڪهاڻي ڪتاب ڪجلي ۾ شامل پنڌ ۽ پيچرا ڪهاڻي جيئن لکو يا اهڙي ٽيڪنيڪ استعمال ڪريو جو ان ڪهاڻي وانگر ڀرپور نموني نڀائي به سگهو ۽ واهه واهه به ٿئي.

 

(جعفر شاھاڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment