Monday, January 24, 2022

سُڏِڪو - غفار سومرو

سُڏِڪو

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



“ٻڌ!”

“هون!”

“هي اها ئي آھي نه!؟”

“ڪير!؟”

“اها ئي جيڪا هڪ وڊيو ۾ جهرڻي هيٺ وهنجي پئي!”

“هائو”


“ھي هر روز پنهنجا فوٽو ڇو ٿي رکي!؟”

“بس شوق جي ڳالھ آھي!”

“ڇا ڪندي آھي!؟”

“جيڪي مان ڪندو آھيان!”

“اها به شاعري لکندي آھي.”

“هائو! ڏاڍي خوبصورت شاعري لکندي آھي.”

“تو چيو هو ته آھي به ڏاڍي خوبصورت!”

“ان ڪري ته سندس شاعري به خوبصورت هوندي آھي!”

“شاعري ڇو لکندي آھي!؟”

“سندس شوق آھي.”

“ڇا ملندو اٿس؟”

“جيڪو مون کي ملندو آھي اهو ئي!”

“ڇا!؟”

“واه واه، زبردست، بهترين، سپر جهڙا دلربا رايا!”

“ان سان ڇا ٿو مليس؟”

“خوشي، سڪون، شهرت!”

“بس!؟”

“ٻيو ڇا گهرجيس!؟”

“دولت!”

“دولت حاصل ڪرڻ لاءِ محنت مزدوري يا نوڪري ڪرڻي پوندي آھي.”

“۽ شاعري لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو آھي!؟”

“عشق!”

“شاعريءَ سان ڇا ملندو آھي!؟”

“شاعريءَ سان دولت نه ملندي آھي.”

“پوءِ باقي ڇا ملندو آھي!؟”

“چيم نه ته خوشي، سڪون، شهرت!”

“دولت نه!؟”

“نه! دولت مرد ڪمائيندو آھي!”

“۽ عورت!؟”

“عورت رڳو شاعري ڪندي آھي!”

“عورت گهر به هلائيندي آھي!”

“عورت جو گهر هلائڻ به شاعري آھي!”

“عورت ٻار به ڄڻيندي آھي!”

“ٻار ڄڻڻ به ته شاعري آھي!”

“مرد ڇا ڪندو اٿس!؟”

“نوڪري!”

“تو وانگر!؟”

“هائو!”

“اهو به شاعري لکندو آھي!؟”

“نه هو نوڪري ڪندو آھي!”

“۽ ٻيو!؟”

“ٻيو خوبصورت زال جي چاڪري ڏيندو آھي!؟”

“ڪيئن!؟”

“ڪتاب، پرفيوم، مهنگا خوبصورت وڳا ۽ سينڊل آڻي ڏيندو آھي!”

“ٻيو!؟”

“ٻيو کيس سير سفر ڪرائيندو آهي. شادي مرادي سالگرهن ۽ ادبي ڪاڄن ۾ شموليت ڪرائيندو آھي. سک آرام ۽ خوشيون ڏيندو آھي!”

“بس!؟

“ٻيو پيار ڏيندو اٿس!”

“هوءَ ڇا ڏيندي اٿس؟”

“هوءَ هر ٻن سالن کان پوءِ هڪڙو ٻار ڏيندي اٿس!”

“ٻيو!؟”

 “ٻيو هر چئن سالن بعد شاعريءَ جو ڪتاب ڏيندي اٿس. جيڪو هو ڇپرائيندو آھي!”

“شاعري ڇا لاءِ ٿي لکي!”

 “اٿس ڪو محبوب!”

“مرد!؟”

“ظاهر آ عورت جو محبوب مرد ئي هجي ٿو!”

“مڙس ئي محبوب هوندس ائين نه!”

“ٿي به سگهي ٿو. يا نه به ٿي سگهي ٿو!”

“مڙس ته محبوب ڪو نه هوندس پڪ سان!”

“تون ڪيئن ٿي چئي سگهين!؟!”

“ڏس نه! مڙس محبوب هجيس ها ته پوءِ شاعري ڇو ڪري ها!؟”

“ڇو!؟

 “ڇو جو شاعري مڙسن لاءِ نه محبوبن لاءِ لکبي آھي. ائين تنهنجي ڳالهين مان به ظاهر ٿئي ٿو!”

“ها! شاعري محبوبن لاءِ ئي لکبي آھي!”

“تڏھن ٻڌاءِ تون ڪنهن لاءِ شاعري لکندو آھين!؟”

“ظاهر آ مان پنهنجي محبوب لاءِ شاعري لکندو آھيان!”

“ڪير ٿئي محبوب!؟”

“منهنجو!؟”

“ها!!”

“منهنجي محبوب تون آھين!”

“نه ائين ڪونهي! هاڻي ھاڻي تو چيو ته شاعري محبوبن لاءِ لکبي آھي نه ڪي مڙسن لاء. ته پوءِ زالن لاءِ به شاعري ڪو نه ٿي لکي وڃي ائين نه!؟”

“ائين آھي به، ناهي به!”

“سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته عورت شاعري لکي ته چئو ٿا محبوب لاءِ لکي ٿي نه ڪي مڙس لاءِ ٺيڪ! پوءِ مرد ڪيئن زال لاءِ شاعري لکي ٿو!؟

“مرد به زالن لاءِ شاعري لکي ٿو!”

“۽ عورت!؟”

“عورت به مڙسن لاءِ شاعري لکي ٿي!”

“تنهنجي ڳالهين ۾ ڪيڏو نه تضاد آھي!”

“ان ڪري جو مان شاعر آھيان!”

“نه تون وڏو ماهر آھين!”

“هه هه هه هه “

“کل نه هڪڙي ڳالھ ٻڌاء!”

“پڇ!”

“هوءَ تو کي ڪيئن ٿي لڳي!؟”

“ڪير!؟

“اها شاعره ٻيو ڪير!”

 “ڏاڍي خوبصورت آ “

“هر ڪنهن مرد لاءِ هر ڪا پرائي عورت خوبصورت هوندي آھي.”

“چئي سگهجي ٿو.”

“۽ هر ڪنهن مرد لاءِ پنهنجي عورت گهر جو پير چلھ جو مارنگ. ائين نه!؟”

“ائين به چئي سگهجي ٿو!”

ڊگهي ساھ منجهائيندڙ خاموشي. مڙس جي هٿ ۾ جهليل موبائل جي اسڪرين روشن رهي ٿي نظرون خوبصورت شاعره جي تصوير ۾ کپيل رهن ٿيون. رات جي ٿڌڙي پهر ۾ زال مڙس جي گرم ڀاڪر ۾ هوندي به ٺرندي وڃي ٿي، ڳڻتين ۾ ڳرندي وڃي ٿي ۽ جهٽ گهڙي بعد الاءِڇا سوچي هن جي سيراندي ڏنل ٻانهن کان ڪنڌ ڪڍائي اٿي ويهي ٿي. مڙس هڪ هٿ سان کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيندو رهي ٿو پر هوءَ سٽ ڏيئي پاڻ ڇڏائي بيڊ تان اٿي ٿي ۽ ڀر واري کٽ تي ستل پنهنجي ٻن سالن جي ڌيءَ سان وڃي سمهي ٿي ۽ پنهنجي مٿان سوڙ اوڍي هڪ وڏو سُڏِڪو ڀري روئي پوي ٿي.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور۾ ۲۴ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment