Tuesday, January 4, 2022

مَنڇَر- ضراب حيدر

مَنڇَر

مختصر ڪهاڻي

ضراب حيدر



ڀِتِ (بڊي) جبل جي مُونهڙ جهانگارا طرف هئي. سيوهڻ، جهانگارا کان بوبڪ، ڀان، شاهه حسڻ کان ويندي ڇني ۽ جوهيءَ جي حدن تائين مَنڇَر مُصلي جيان وڇائي پئي هئي، جنهن ۾ ڇِڊي ڀنگ جهڙو سائو پاڻي ڇَر بدران ڇمر الُوٽ لڳي رهيو هو.


جهانگارا باجارا جا سمورا عَلَمَ جهڙوڪر مَنڇَر تي ملول هئا، اُهي خبر ناهي ته ڪهڙي پياس جو غم هلڪي ڦڙڪيءَ سان ناسي واءُ سان سَلي رهيا هئا، جيڪو پورب کان آهستگيءَ وچان گُهلي رهيو هو.

سياري جو وچ گُذري چُڪو هو ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪجهه ڏينهن باقي هئا. مَنڇَر ۾ بيٺل ڪجهه دُنگين ۾ ٽانڊو اڃا دُکيو پئي، جو سج کي لٿي ڪجهه ئي ساعتون مَس گذريون هُيون. پورب وارو ناسي واءُ هُلڻ ڪري مَنڇَر جو پاڻي هَلڪو ڇَلڪي رهيو هو، جنهن جو آواز جماعتين جي پِڙ جهڙو ماتم برپا ڪري رهيو هو.

شينهن جبل جي اوٽ ۾ ڪجهه لاهوتين جا ٽولا ترسيل هئا، جيڪي دونهيون ۽ سُلفيون مَچائي مست قلندر جا نعرا هڻي رهيا هئا. سيوهڻ جي لال باغ جي داخلي لنگهه کان جهانگارا واري سڙنڪ جي شروعات ۾ احمد علي قريشيءَ جي مقبري تي ڪجهه ڪبوتر ’هُو هُو‘ جي وِرد جهڙو آواز ڪڍي رهيا هئا، جڏهن ته قلندر جي نگريءَ ۾ ناد ڀيرِ ۽ سنک، ڌمال جي رنگ ۾ جنت بقيع واري مدفن امام زين العابدين جي سُنت ۾ ڊوڙي ڊوڙي صدائون بلند ڪري رهيا هئا.

دادوءَ جي ٽِن تعلقن ۽ ڪجهه ديهن جي وچ ۾ وڇايل مَنڇَر، ڪنهن وائي بيضي وانگي خراب ٿي چُڪي هئي، اِهو درد عام لوڪ ۽ رياست کان وڌيڪ پيرل کي کائي رهيو هو، جنهن جون ڪيئي پيڙهيون مَنڇَر تي مري کپي ويون هُيون، سندس وهي به هاڻي واهي پانڌيءَ وانگي وڃي ڪا بچي هئي، بس اونهو هئس ته بانبڙا پائيندڙ ٽهيءَ جو هئس، جنهن ۾ سندس ڏوهٽو به شامل هو. زيبو جيڪا وَرَ جي مُئي کان پوءِ مُئي سا ڪو نه هئي پر مَنڇَر جيان الائي ڪهڙي گدلاڻ ۾ ڇڙوڇڙ ٿي وئي هئي.

انهينسمينٽ آف انڊيجينئس آرٽس اينڊ ڪرافٽش نالي پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ پنجونجاھ ورهين جو مسٽر سچيڏنو ڪوري سيوهڻ، جهانگارا بجارا جي عَلَمَن ۽ مَنڇَر جي بَتيلن تي ٿيل ڪاٺ جي ڪم ۽ رنگ روغن تي هڪ اسٽيڊي مڪمل ڪرڻ لاءِ شام ٽاڻي جهانگارين پهتو هو. هونئن ته اُها اسائينمينٽ هو گهر ويٺي انٽرنيٽ ذريعي مڪمل ڪري ٿي سگهيو، پر سندس اِها خاصيت هئي ته هو ريسرچ ۽ پرائمري ڊيٽا لاءِ ٻين سورسز بدران پنهنجو پاڻ تي وڌيڪ ڀاڙيندو هئو فيلڊ ۾ وڃي پنهنجي مشاهدي آهر رپورٽس تيار ڪندو هو. اِهو ئي ڪارڻ هو جو سوشل ڊولپمينٽ سيڪٽر جنهن کي اين جي اوز جي دنيا چيو ويندو آهي ۾ سندس خاصو نالو ۽ قدر هو.

سيوهڻ- جهانگارا باجارا جي علمن ۽ مَنڇَرن جي بَتيلن تي ٿيل ڪاٺ جي ڪم ۽ رنگ روغن واري اسائينمينٽ جي سلسلي ۾ هُن پنهنجي هڪ دوست الهه ورائي سان رابطو ڪيو هو، جيڪو هڪڙي مقامي سي بي او (ڪميونٽي بيسڊ آرگنائيزيشن) جي پليٽ فارم تان مَنڇَر تي هلندڙ خصوصي پروجيڪٽ جو ڊائريڪٽر هو. الهه ورائي کيس سُتت جهانگارين گهرائي ۽ ساڻس مڪمل سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو.

شام ٽاڻي سچيڏنو ڪوري جڏهن جهانگارين، الهه ورائي جي آفيس پهتو هو ته الهه ورايو پنهنجي يونيورسٽي فيلو يار سان وڏي پاٻوهه وچان مليو هو، ڪافي دير هنن اين. جي. او واري آفيس ۾ ويهي ڳالهايو ۽ ڊسڪس ڪيو هو، هُنن يونيورسٽي جي زماني ۽ آئيڊلزم تي ڳالهايو ته ’هو ڪيڏا آدرشي شاگرد هئا، کين ڌرتيءَ جي سونهن سڀيتا جو ڪيڏو اونو هوندو هو پر، پريڪٽيڪل لائيف ۾ اچڻ کانپوءِ سندن آدرشن جا معيار ڪيڏا نه بدلجي ويا.‘ مختصر ڪچهري کان پوءِ ٻئي ڄڻا اين جي او جي آفيس سان ئي لڳولڳ ان اين جي او جي ريسٽ هائوس تي آيا هئا، ريسٽ هائوس ۾ چار پنج ڊيڪوريٽيڊ سمهڻ جا ڪمرا، ڪشادو لائونج ۽ هڪ شاهي بورچي خانو هو. هو ٻئي ڄڻا جڏهن ريسٽ هائوس ۾ داخل ٿيا ۽ لائونج کان هلندا ڪمري طرف آيا ته، سچيڏني ڪوريءَ جي نظر بورچي خاني طرف هلي وئي، جتي هڪڙي پُٺيري بيٺل عورت پنهنجي ڪنهن ڪم ۾ رُڌل هئي. هڪ لمحي لاءِ سچيڏني کي ماضيءَ جي ڪا ڳالهه ياد پئي پر وري هوا ٿي ويس، هُونئن به اين جي او جا عملدار ڪٿي ڀلا ويهي ڪنهن عام ۽ غريب فيميل اٽينڊنٽ يا ننڍڙي ملازمه تي ويهي مٿو ڇو کپائيندا .

الهه ورايو، سچيڏني کي ڪمري ۾ ڇڏي اِهو چئي هليو ويو ته ’هو فريش ٿي وٺي‘ مسٽر سچيڏنو ڪوري وهنجي سهنجي جڏهن وڏي بيڊ ڀرسان رکيل صوفن مان هڪڙي اڪيلي صوفي تي اچي ويٺو ته الهه ورايو به ڪمري ۾ داخل ٿيو، سندس هٿ ۾ بليڪ ليبل جي بوتل هئي. بوتل ٽيبل تي رکندي چيائين،

“اڄ سالن کان پوءِ واهه جو جوڙ لڳندو، ڪي ورهيه ٿيا آهن توسان چِئرس نه ڪيو اٿم.”

مسٽر سچيڏني ڪوريءَ مُرڪندي چيس:

“پر يار الهه ورايا، تو کي ته خبر آهي شروع کان مان رُکو شراب نه پيئندو آهيان، سمجھين ٿو نه....!”

الهه ورائي هڪڙو ٽهڪ ڏيندي چيو:

“خبر اٿم، تون بوتل کولي پيگ ٺاهه، تنهنجي اچڻ کان اڳ تولاءِ سمورو بندوبست ڪري ڇڏيو اٿم.”

سچيڏني ڪوريءَ ساڻس سَر ملائيندي پيگ ٺاهيا، چِئرس ڪندي ٻنهي سُرڪيون ڀريندي گلاس ٽيبل تي رکيا.

“ٻُڌ يار الهه ورايا!” مسٽر سچيڏني ڪوريءَ کنگھڪار ڪري نڙي صاف ڪندي پڇيو، “هتي به جهان سولائيءَ سان ٺهي ويندو آهي ڇا؟” الهه ورائي وري هڪڙو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين،

“ميان جا فقير! ڳولهڻ سان ڇا نٿو ملي سگهي؟ بس جهڙو ديس تهڙو ويس، سو پاڻ به ايئن ئي ڪيو آهي.”

“پر يار ٻُڌاءِ ته سهي، ڪيئن؟”

“ڇڏ اِن ڳالهه کي، اِها به عجيب ڪهاڻي آهي، تون بس پنهنجي ڪم سان ڪم رک، تنهنجو تفصيلن سان ڇا؟”

ايتري ۾ نوڪرياڻي ڪجهه سيڪيل ٻُوٽيون ۽ نِمڪو کڻي ڪمري ۾ آئي، ٻاويهن ٽيويهن سالن جي سليٽي جَلترنگي رنگ واري نوڪرياڻيءَ جُهڪي ٽيبل تي ٽِري رکيو ته سچيڏني ڪوريءَ جا هلڪا کيپ جيڪي چڙهيا هئس سي اُڏامي ويا. هڪ جهلڪ هڪ پل ۾ سچيڏنو ڪوري جهڙوڪر جهلجي ويو، دل ئي دل ۾ چيائين:

“الا.... ڇا ته ڪام وهيڻي آهي.”

سندس حالت کي الهه ورائي پروڙي ورتو، نوڪرياڻي جڏهن ٽري رکي هلي وئي ته، الهه ورائي ڳالهايو.

“ڇا ٿيو ميان.... صفا مائيءَ ۾ گم ٿي وئين...”

“ها يار! مائي ته صفا ڪامودا جا سُر پئي آلاپيا.... پر سائين اُهي ڪير ڳائي ڪير وڄائي؟”

“ڇا چيئه؟ مون سمجھيو ڪو نه!” الهه ورائي وراڻيو.

“ڪي ڪي عورتون، سمپورڻ راڳ وارو مڪمل ساز لڳنديون آهن، جن کي سمجھه ۾ ناهي ايندو ته ڪٿان ڇيڙجي ۽ ڪٿان وڄائجي.”

الهه ورائي هڪڙو ٽهڪ ڏنو،

“چئبو عورت راڳڻي آهي.”

“نه نه.... عورت ته هڪڙو ساز آهي، جنهن کي وڄائڻ وارو ڪوهَجي، هر ڪوئي به اِن ساز کي وڄائي نه سگهندو آهي.” ٻنهي ڄڻن گڏجي ٽهڪ ڏنا.

“دل چوي ته هِن لمحي جيڪر ڪو ديپڪ راڳ ٻُڌجي...”

“ميان... ديپڪ راڳ ٻُڌڻ جو ٽائيم ته ڏينهن تتي جو هوندو آهي، ايتري ته مون کي به خبر آهي، هي ٽائيم ڪلياڻ ڇيڙڻ جو آهي، سمجھين ٿو نه!”

الهه ورائي، سچيڏني ڪوريءَ ڏانهن معنيٰ خيز نگاهن سان نهاريو ۽ وري چيو،

“سج لٿي کان پوءِ يا ڪلياڻ ٻُڌبو آهي يا وري ڪلياڻ پاڻ ڇيڙبو آهي.”

سچيڏني مُرڪندي پيگ کنيو ۽ هڪ ئي ڳيت سان پئي ويو. سچيڏني جي خيالن ۾ جوانيءَ واري دؤر جي اُها مُهاڻي تري آئي، جيڪا هُن مَنڇَر ڪناري ڏٺي هئي. کيس جوانيءَ جو اُهو زمانو ياد اچي ويو، جڏهن پنهنجي يار لالو چَني سان بوبڪ جي بازار ۾ چانھيون پيئندو هو. لالو چني جو پيءُ مڇيءَ جو وڏو واپاري هو، جيڪو مَنڇَر جي مُهاڻن کان مڇي ٻڌي جي حساب ۾ وٺي، ڊاٽسنون ڀرائي وڏن شهرن ڏانهن اُماڻيندو هو. سچيڏني ۽ لالو چني اُنهي زماني ۾ مَنڇَر جا وڏا سئر گڏجي ڪيا هئا، دُنگيءَ ۾ چڙهي وڃي شاهه حسڻ وارو ترکڻندا هئا ۽ اُتان گانٺيا وٺي وري ڪنهن دنگيءَ ۾ ترندا اچي بوبڪ لهندا هئا. هڪ ڀيري شاهه حسڻ کان بوبڪ طرف اچي رهيا هئا ته لالو چني، سچيڏني کي چيو هو ته،

“هيءَ دنگي جتان تري هلي رهي آهي، اُتان ڪو وقت اڳ لاري ڌڌڙ اڏائيندي بوبڪ ايندي هئي، مطلب ته اُن زماني ۾ مَنڇَر صفا سُڪي وئي هئي.”

لالوءَ چني اِها ڳالهه به سچيڏني کي پنهنجي پيءُ جي حوالي سان ٻُڌائي هئي ته کيس اِهو ڪجهه پيءُ ٻڌايو هو. لالو چني واري ڳالهه تي جڏهن سچيڏنو ٽهڪ ڏئي کِليو هو ته هڪڙي عورت جي هلڪي کِجڪي جو آواز به ڪنن تي پيو هئن، سچيڏني توجهه ڏني هئي ته ڪا عورت گنديءَ جي پَلوَ ۾ مُنهن لِڪائيندي کِلي رهي هئي، جنهن کان پوءِ بوبڪ تائين سچيڏنو اُن عورت جو مُنهن ڏسڻ جي ڪوشش ۾ رهيو هو، پر هُن پنهنجي هٿ جي آڌار گنديءَ جا ٻئي ڇيڙا سوگها ڪري رکيا هئا ۽ گنديءَ جو ٻئي ڪُنڊون ڏندن ۾ ڀڪوڙي ڇڏيون هيائين. سُسيءَ جي شلوار ۽ هلڪو سماٽڪو گج پاتل مُهاڻيءَ لهڻ مهل جڏهن هٿ جي ٽيڪ دُنگيءَ جي ٿلهي تي ڏئي لهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هوا آڌار گنديءَ جو پلؤ مٿي ۽ مُنهن تان سَرڪي ويو هوس. سچيڏنو جيڪو مسلسل کيس ڏسڻ لاءِ تڪي رهيو هو، ان جو اهڙو سماٽڪو چهرو ڏٺو ته صفا دنگ رهجي ويو هو، سندس اندر مان آواز آيو،

“ڇا ته سونهن آهي سانوريءَ جي.” ۽ سالن تائين اُهو چهرو سندس حواسن تي ڇانيل رهيو هوس. هو جڏهن به لالو چني وٽ ويندو هو يا وري مَنڇَر جو سئر ڪندو هو ته اُنهي چهري کي تلاشيندو رهندو هو، پر ڪڏهن به ڪٿي کيس اُهو چهرو نظر نه آيو هوس.

اڄ الهه ورائي جي نوڪرياڻيءَ جو چهرو ڏٺو هئائين ته سندس ذهن ۾ اُنهيءَ سانوريءَ جو ڌنڌلو عڪس تري آيو هوس، ويتر جو وري بليڪ ليبل جا ڪجهه رنگ چڙهيا هئس ته عجيب سحر ۾ کوئجي ويو هو، اُن سانوريءَ ۽ الهه ورايي واري نوڪرياڻيءَ جا عڪس سندس اکين اڳيان ذري ذري ڦري رهيا هئا. ڪا مهل جڏهن بليڪ ليبل جي بوتل وڃي تري ۾ بَچي ۽ ماني کاڄي وئي ۽ الهه ورايو موڪلائي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو ته ساڳي نوڪرياڻي سندس ڪمري ۾ هلي آئي ۽ بيڊ تي سندس ڀرسان ويهي رهي. پهرين ته سچيڏني کي لڳو ته نشن جي ڪري شايد اُها ڪا ٻي عورت ساڳي نوڪرياڻي لڳي رهي آهي، پر پوءِ پُڇيائينس ته:

“تون ڪير آهين؟”

“صاحب! مان نوڪرياڻي آهيان، هتي آفيس ۽ ريسٽ هائوس جو ڪم ڪندي آهيان.” سچيڏني جي جسم ۾ هڪڙي سرد لهر لهي وئي،

“هتي هِن وقت ڇا لاءِ آئي آهين ۽ ڇو اچي منهنجي ڀرسان ويٺي آهين؟”

“مون کي صاحب موڪليو آهي، توهان جي کذمت چانڪريءَ لاءِ....!”

“پر تو واري صاحب ته مون لاءِ ڪو خاص بندوبست ڪيو هوندو، اُها نه آئي ڇا؟”

نوڪرياڻيءَ هلڪو ٽهڪ ڏنو،

“صاحب! هتي هِن رِڻ ۾ ڪو خاص بندوبست وري ڪٿان ٿيندو؟”

“تڏهن، تو کي موڪليو اٿائين، مطلب بندوبست نه ٿيو تڏهن....”

“صاحب! اِهو به منهنجي ڊيوٽيءَ ۾ شامل آهي، جڏهن آفيسر يا ڪي خاص مهمان ايندا آهن ته اسان جي ڊيوٽيءَ ۾ اِهو به شامل هوندو آهي ته سندن دِل وندرايون....”

“اسان جي ڊيوٽي جو ڇا مطلب؟ توسان گڏ ٻيو ڪير؟”

“صاحب! ٻيون به ڪجهه ڇوڪريون آهن، جيڪي مون سان گڏ هِن اين. جي. او ۾ ڪم ڪنديون آهن.” سچيڏنو سمجھي ويو ته ڪهڙا ڪهڙا نمونا ۽ رواج هلندا آهن، بجاءِ ڦِڪو مِٺو ٿيڻ جي هُن پنهنجي خيال کان باءِ پاس ڪندي چيو،

“تون ڪٿان جي آهين؟”

“صاحب آئون ڪٿان جي هُجان اُن سان توهان جو ڇا؟ کن پل جي رفاقت لاءِ تعارف ضروري ناهي هوندو... بس توهان پنهنجا ٿڪ ڀڃرايو، آرس ڪڌرايو، سڪون وٺو، ڪرار ڪيو.”

“لڳي ٿو تون چڱو خاصو پڙهيل آهين.”

“صاحب! ٺپ اڻ پڙهيل آهيان، بس آفيسرن سان هِتي رهي رهي ٻه ٽي ٻولَ سِکي وئي آهيان، ڪجهه سِڊڪشن ۽ ڪجهه پُلنگ پاور به اچي ويا اٿم، ها پر مون سان گڏ جيڪي ٻيون ڇوڪريون آهن، سي يونيورسٽي پڙهيل آهن، پر اتفاق سان موڪل تي ويل آهن نه ته جيڪر توهان کي اڃا وڌيڪ ڊيليڪيٽ هاسپيٽلٽي مِلي ها.”

“نالو ڇا اٿئي؟”

“نالو ته نوري اٿم، پر هتي نوران سڏائيندي آهيان، نوريءَ کي تذليل کان بچائڻ لاءِ....” سچيڏني تي نوران جو جملو ائٽم بم جيان ڪريو.

“نوريءَ کي تذليل کان بچائڻ لاءِ... ڇا مطلب؟”

“صاحب! توهان ته پڙهيل لکيل آهيو، ايتري خبر ته اٿوَ ته نوري ڪير هئي؟”

“تون ڪهڙي نوريءَ جي ڳالهه پئي ڪرين؟”

“صاحب نوري ته هڪ ئي هئي، ڪينجهر جي وراثياڻي، پير هوندڙي جي فقيرياڻي ۽ ڄام تماچيءَ جي گهر ڌڃاڻي... پر مان جنهن نوريءَ جي ڳالهه پئي ڪريان سا منهنجي ڏاڏي هئي.”

“۽ تون ڪهڙي مَنڇَر جي سياڻي آهين، جو چالاڪي پئي ڪرين ۽ ڪوڙ پئي ڳالهائين ته ٺُپ اڻپڙهيل آهين.”

نوران هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو:

“صاحب! اٺ درجا پڙهي آهيان بس.... هاڻي اِن کي به ڪو پڙهيل لکيل چئبو ڇا؟ جو ويهي ڊاڙ هڻان ته مان به پڙهيل آهيان.”

“جهڙي ذهين آهين ته اڳتي ڇو نه پڙهئين؟”

“بس صاحب! اِها قسمت جي ڳالهه آهي، تقدير ساٿ نه ڏنو....”

“شادي شده آهين؟”

“ها صاحب!”

“مڙس ڇا ڪندو اٿئي...!”

“اُهو ته شاديءَ جي چوٿين مهيني ڌڻي حوالي ٿي ويو...”

“ڪو اولاد اٿئي؟”

“نه صاحب اولاد نه اٿم.”

“پوءِ ٻي شادي ڪو نه ڪيئه؟”

“صاحب!اِن ڳالهه کي ڇڏيو بس...”

هُن پنهنجي مٿي کان گندي لاهي پاسي تي رکي ته سمعو ئي بدلجي ويو، سچيڏني کي سُسيءَ جي شلوار ۽ سماٽڪي گج واري اُها سانوري ياد اچي وئي، جنهن کي جوانيءَ ۾ هُن پنهنجي يار لالو چني سان مَنڇَر جي هر ڇولي ڇولي هر ڪناري تي ڳولهيو هو، جڏهن به لالو چني سان اُن سانوريءَ جي ڳولا ۾ نڪرندو هو ته لالو چني کي اِهو ئي چوندو هو ته:

“يار، لالو اُها سانوري ڪٿي مِلي وڃي ته مان کيس هڪ گهڙيءَ لاءِ به ضرور ماڻيندسُ.”

لالو چنو ٽهڪ ڏئي کيس چوندو هو ته:

“ڀُليو آهين ميان سچيڏنا! هي مَنڇَر آهي ۽ هوءَ مَنڇَر جي سانوري... جيڪا تو نه ماڻي سا نه ماڻي...”

“ڇڏ لالو تون به ڪهڙيون ويٺو خبرون ڪرين، پئسو هُجي ساڻ ته مائي ڪري ماڻ!! اِهو کوڙو ئي نٿو لڳي.”

“ها اِها چوڻي ڪنهن بازاري عورت لاءِ ڀل هُجي ته هُجي پر مَنڇَر جي سانوري مري ڪُسي ويندي، پر مَنڇَر کي ميرو ڪڏهن نه ڪندي، ڇا ٻُڌءِ....”

“۽ جي مَنڇَر ئي ميري ٿي پوي ته پوءِ.....!؟”

“خدا جا بندا، اِها ڪهڙي پيو وائي ڪنڍين.... الله نه ڪري جو ائين ٿئي...” سچيڏني ٽهڪ ڏئي کِلندي چيو هوس:

“معاف ڪجانءِ يار مڙئي مذاق پئي ڪيم...”

“الله ڪري اِها مذاق ئي هُجي...”

پوءِ ڪيترن ڏينهن تائين لالو ۽ سچيڏنو ملندا ته هئا، پر لالوءَ جو مُنهن سدائين لٿل هوندو هو.

نوران ڳالهين ڳالهين ۾ گندي لاهي پاسي تي رکي ته سچيڏني ڪوريءَ جي اڳيان ساڳئي سانوري هوبهو اچي بيهي رهي، هڪ لمحي جي يقين ڪاڻ سچيڏني پنهنجو هٿ وڌائي نوران جي کاڏيءَ کي پڪڙيو پوءِ سندس چهري کي ڇهڻ لڳو... اُن يقين ويتر سچيڏني کي حواس باخطا ڪري رکيو، ويتر جڏهن نوران پنهنجو پاڻ کي عُريان ڪيو ته سچيڏنو پنهنجي حاصلات جي جنون ۾ مغرور ٿي ويو، کيس لالو چنو اُن لمحي ڏاڍو ياد آيو ۽ دل ئي دل ۾ چيائين:

“ڪاش! اڄ لالو چَنو هُجي ها ته کيس ٻُڌايان ها، ڏس! لالو اُها ساڳئي سانوري نه سهي پر اُن جهڙي هوبهو هي ڇوڪري منهنجي حاصلات بڻي آهي.”

سچيڏنو ڪوري پنهنجي ٻيڻن ٽيڻن نشن ۾ الوٽ ٿيندو نوران کي پائيندو، جڏهن سمورا بند ٽوڙي، هارجي پکڙجي ويو ته نوران به ڪپڙا پهري ڪمري مان کسڪي وئي.

صبح سوير، سچيڏني جي اک کُلي وئي، سندس اِها عادت رهي آهي ته کڻي ڪيڏو به ليٽ سمهي، ڪيڏي به ڊِرنڪ ڪري، پر کيس سُجاڳي سوير ئي ٿيندي آهي، هُن اُٿي ريسٽ هائوس جانچيو، پر نوران کيس نظر نه آئي، هُن شاور ورتو ۽ ٻاهر سڙنڪ تي نڪري آيو. سچيڏني کي هڪ لمحي لاءِ مَنڇَر جي ڇولين جا آواز ڄڻ ڪنن ۾ محسوس ٿيا، کيس حيرت ٿي، هُن دل ئي دل ۾ چيو،

“لڳي ٿو گهڻو پيئڻ ڪري دل، دماغ، سمورا حواس ۽ سڀ ڪجھ ڄڻ هينگ اوور ٿي ويا هُجن.”

هڪ لمحي لاءِ هو ماضيءَ طرف پلٽجي پيو، کيس ماضيءَ جو زمانو ياد پيو، جڏهن ٽلٽي، بوبڪ ۽ جهانگارين باجارين جام ايندو ويندو هو. هُن اُن زماني ۾ مَنڇَر کي متل ميلي جيان ڏٺو هئائين. دانستر، بوبڪ شهر واري چاڙهيءَ جي اوٽ مان وهندي، دادوءَ جي ڪنهن دَلربا جي ٻيلهه جهڙو لڳندو هو، جڏهن ته وري اڙل واهه وري جهانگارين کان ’جُڙيو هُجين شال‘ جهڙين صدائن سان وهندو رهندو هو.

جيتوڻيڪ جهانگارن جي شام سدائين ماتام بڻيل هوندي هئي، پر صبح سدائين ساوڪ رنگ سان ميلاد جو ڏيک ڏيندو هو، پر اڄ وارو صبح کيس الائي ڇو نماشام جهڙو لڳو هو، جنهن ۾ درد جون ڪيهون رڙندي محسوس ٿيون هئس. هو اُنهي سَڙنڪ تي اچي بيٺو، جيڪا ڪمان جي اڌ جيان جهانگارا کان ٽهڻي وري ڪوٽ ٻاروچي ۽ ڌاٻريءَ تائين ويندي، مَنڇَر کي وڃي ڀاڪر ۾ ڀريندي آهي، ائين لڳندو آهي، ڄڻ جمن فقير تنبوري کي ويڙهيو پيو آهي. سڙنڪ کي نهاريندي کيس جوانيءَ جو هڪ ٻيو يار پيرل مُهاڻو ياد پئجي ويو، جيڪو ڪوٽ ٻاروچي کان ٿورڙو اڳتي مَنڇَر ڪناري رهندو هو. پيرل جهڙو تارو ۽ مڇيءَ جو شاطر شڪاري هو تهڙو ئي وري دُنگين ٺاهڻ جو ڪاريگر. هو تڪڙو تڪڙو ريسٽ هائوس طرف آيو، اِن خيال سان ته گاڏي ڪڍي پيرل جي خبرچار رکي، متان اُن کان به کيس پنهنجي اسائينمينٽ لاءِ ڪا مدد مِلي پوي. سچيڏنو ڪوري پنهنجي گاڏي ڪڍي پيرل جي ڳوٺ ڏانهن نِڪري پيو.

هَلڪي نِسري آيل روشنيءَ ۾ ڀِت جبل پري کان ڪنهن ديو جي پاڇي جهڙو لڳي رهيو هو. الائي ڇو رکي رکي مَنڇَر جي ڇولين جو هلڪو آواز، سچيڏني ڪوريءَ جي ڪنن ۾ جماعتين جي پڙ واري ماتم جيان گونجي رهيو هو، اُنهيءَ آواز جي هَلڪي سماعت باوجود سچيڏنو ڪوري دل ئي دل ۾ چئي رهيو هو،

“شايد، گهڻو هينگ اَوور ٿي ويو آهيان...”

رُلندي گهمندي ڪافي ٽائيم کان پوءِ سچيڏنو ڪوري، پيرل مُهاڻي جي جُهڳي ڀرسان پهتو، گاڏي بيهاريائين ته پريان هڪ جهوني، اکين جي مٿان هٿن جي اوٽ ڪري کيس نهاريو... سچيڏنو ڪوري جهوني ڀرسان پهتو ته، جهوني پُڇيس.

“صاحب! ڪنهن سان ملڻو اٿئي؟”

“پيرل سان ملڻو اٿم”

“آئون ڀانيان، تون سچيڏنو ڪوري ته ناهين؟”

“ها ڪاڪا، آئون سچيڏنو ئي آهيان...”

“پوءِ مون کي ڪو نه سڃاتئه نه؟”

“تون... تون....”

اڃان سچيڏني ڪوريءَ جملو پورو ئي نه ڪيو ته پيرل هلڪڙو ٽهڪ ڏيندي چيو،

“ها آئون پيرل آهيان، جهونو ٿي ويو آهيان نه يار....”

“ها پيرل تون ته صفا بازمل جهڙو ڀڙڀانگ ٿي ويو آهين.”

“هائو هائو سچو آهين سچيڏنا، پر تون ته جهڙو ڪالهه هئين، تهڙو اڄ بيٺو آهين، اڃان به مَتو آهين مَڇ وانگي سگهو ٿي پيو آهين...”

پيرل هلڪڙو ٽهڪ ڏنو، سچيڏنو به کِلي پيو.

“چئبو پيرل ڀوڳ چرچي واري ڳالهه اڃا سوڌو رکيو اچين.!”

پيرل هلڪڙو ٿڌو ساهه کنيو؛ “بس يار، سچ پچ ڀوڳ چرچو ٿي وياسين، جهڙا اسين تهڙي مَنڇَر...”

“مَنڇَر وري ڪيئن ڀوڳ چرچو ٿي وئي؟”

“ڇو ڏسين نه پيو ڇا، سچيڏنا؟” پيرل نگاھ مَنڇَر ڏانهن ڪئي، سچيڏني به مَنڇَر ڏانهن نِهاريو جيڪا ڇِڊي ڀنگ جهڙي رنگ سان جل ٿل لڳي پئي هئي.

“ڇا ٿيو آهي مَنڇَر کي ؟ مَنڇَر ته چِڪار لڳي پئي آهي.”

“ها چِڪار لڳي پئي آهي، پر وِهه سان.” سچيڏنو خاموش ٿي ويو.......

“سچيڏنا! تنهنجي ياداشت شايد گهٽجي وئي آهي، تو ڇا پنهنجي عروج واري زماني ۾ مَنڇَر نه ڏٺي هئي؟ تون اُن زماني ۾ مَنڇَر جا رنگ ته ڏٺا هئا، ڪيڏا نه زندگيءَ سان ڀريل رنگ هئا مَنڇَر جا؟ هي ته خبرناهي ڪهڙو رنگ اچي مَنڇَر ۾ پيو آهي، جيڪو ڪوڙهه جيان وڪوڙي ويو اٿس....”

سچيڏنو خاموش کيس نِهاريندو رهيو، پيرل وري ڳالهائڻ شروع ڪيو،

“وقت سان الائي ڪهڙا ڪهڙا واءُ وريا يار، پر ٻيلي ههڙو لقاءُ ڪڏهن نه ڏٺوسين نه ٻُڌوسين، هاڻي تي مَنڇَر جي مٿاڇري تان به جيڪو واءُ ٿو اُٿي سو به جهڙو قاتل، ماڻهوءَ کي ڦتڪايو ماريو رکي.” پيرل جون اکيو ڀڄي ويون،

“ها پيرل تو واري ڳالهه سورنهن آنا صحيح آهي، پر ڇا ڪجي قسمت ۽ قدرت جي ڳالهه آهي.”

“هائو هائو، قسمت! سا به اسانجي، قدرت! سا به اسان لاءِ....”

“ڀلا ٻُڌ پيرل! ڪو دُنگين وارو به ڪم ڪار ڪرين پيو؟ يا سو به وساري ڇڏيئه؟” پيرل طنزيه ٽهڪ ڏيندي چيو:

“دُنگيون جنهن درياهه سان هُيون سو درياهه ئي نه رهيو سچيڏنا، نه وري مَنڇَر جي ماڻهن ۾ ئي اُهو پساهه رهيو، جيڪو کِلندو ٽڙندو هو. تون دُنگين جي ڳالهه پيو ڪرين، هتي ته گهر جي دُونهِين ئي الائي ڪيڏن سورن سان ٿي دُکي.”

“ڀلا ڪو پرڻو سرڻو به ڪيئه يا ايئن ئي هيڪلو گهاري ڇڏيئه؟” پيرل هڪڙو بي ساخته ٽهڪ ڏنو

“هائو هائو، واهه جو پرڻو ڪيم، مَنڇَر جي صفا راڻي هئي منهنجي ڪنوار... پر “

“پر ڇا پيرل...؟”

“هوبهو پاڻ جهڙي نياڻي مونکي نشانيءَ ۾ ڏئي پاند ئي ڇڏائي وئي سُتت.”

“ڇو پاند ڇڏائي وئي، نڀاءُ نه ٿيس ڇا توسان؟” پيرل کِلي پيو

“نه نه! تو منهنجي ڳالهه سمجھي ڪو نه، بس هِن دنيا مان داڻُو پاڻي کُٽي پيس، ڌيءَ ڄڻيندي وڃي ڌڻيءَ پرتي.”

“بس پيرل اِها به الله جي رضا...”

“تو به ته پرڻو ڪيو هوندو نه سچيڏنا ڪنهن مڊم سان، ٻچڙا به جام هوندءِ؟”

“ها پيرل الله جو شڪر آهي نياڻي ۽ پُٽڙو اٿم، جوان آهن هيلوڪو نه ته ايندي سال پرڻو ڪرائيندسُ اُنهن جو به.”

ايتري ۾ هڪ ننڍڙو ٻالڪ ڊوڙندو اچي پيرل کي چنبڙيو،

“نانا! امان اچي پئي مون پريان کان سوسڪي مان لهندي ڏٺي.” پيرل، سچيڏني ڏانهن نِهاريو ۽ چيائين:

“هي ڏوهٽو اٿم، زيبو جو پُٽ، ويچارو ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هو ته پڻهس سِلهه ۽ چمڙيءَ جي بيماريءَ ۾ چُڙهي چُڙهي مري ويو.” سچيڏني هڪڙو ٿڌو شوڪارو ڀريو

“هن ٻالڪ ڇا پئي چيو؟ ڪير پئي اچي.”

“ماڻهس لاءِ پئي چيائين ته اچي پئي. ڇا ڪري زيبو ويچاري به جهانگارين وڃي گهرن جو ڪم ڪار ڪندي آهي ۽ شام جو واپس ورندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪم جي ڪري اُتي ئي رات ترسي پوندي آهي. رات به ترسي پئي هئي، شايد ڪم هوندس، سو هاڻي موٽي پئي، تنهن کي ڏٺو اٿائين، سا پئي ڳالهه ڪيائين.” سچيڏني ڪجهه پئسا ڪڍي ٻالڪ کي ڏنا، ٻالڪ ته وٺي ماءُ ڏانهن ڀڳو.

“سچيڏنا! منهنجي زيبو به پڪ سان تنهنجي نياڻيءَ جيڏي ئي هوندي، مٿي تي هٿ رکنديس ته هُن کي آسيس ملندي پنهنجي نياڻيءَ جي سڪ به لهي پوندءِ ۽ زيبو جو هيئون به وڌي پوندو...او اِها اچي پهتي زيبو به.....” سچيڏني پيرل جي پدرانه شفقت سان لبريزنظرن جي پيڇو ڪندي مُڙي نِهاريو ته سامهون گنديءِ ۾ ويڙهيل زيبو اچي رهي هئي، گنديءَ جا ٻئي ڇيڙا ڏندن ۾ ڀڪوڙيل هئس، سچيڏنو اِهو منظر ڏسي الائي ته ڪهڙي دنيا ۾ گُم ٿي ويو، تيستائين زيبو به سندس سامهون اچي پهتي. سچيڏني بي خياليءَ ۾ کڻي سندس مٿي تي هٿ رکيس، زيبو الائي شرميلي هئي يا ڄڻ ته ڊڄي وئي هئي، هڪدم ڇرڪي تڪڙي پاسي تي وڃي بيهي رهي

“نه زيبو! ڊڄ نه هي منهنجو پراڻو يار سچيڏنو آهي، جڏهن اڃا ماڻهين سان به نه پرڻيو هوس. تڏهن جو، سالن کان پوءِ اچي ڳولهي لڌو اٿائين.”

سچيڏنو زيبو کي نِهاريندو رهيو، جيڪا گنديءَ ۾ ويڙهيل پُٺيري بيٺل هئي، زيبو گندي لاهي کٽ تي رکي ۽ سچيڏني لاءِ پاڻيءَ جو وٽو ڀري سامهون ٿي ته سچيڏني جي پيرن هيٺان زمين نِڪري وئي...

“اف خدايا! هيءَ ته نوران آهي، الهه ورائي واري نوڪرياڻي... !”

“زيبو... منهنجي امڙ نوري، منهنجي پراڻي يار لاءِ چانھه ته ڪاڙهي وٺ.” سچيڏني کي ايئن محسوس ٿيو ته اِجهو ڪو زلزلو اچڻ وارو آهي...

“سچيڏنا! زيبوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي امڙ نوريءَ جي نالي سان به سڏيندو آهيان. هونئن به نوري اسان مُهاڻن جي ڏاڏي حوا به هئي ...”

سچيڏني کي خشڪيون وٺي ويون پاڻي جو وٽو پي وڃڻ باوجود به نِڙي ڄڻ سُڪندي ويس، هٻڪندي پيرل کي چيائين:

“يار پيرل! مان هلان ٿو، هڪڙو تڪڙو ڪم ياد اچي ويو اٿم، پوءِ ڪڏهن تو وٽ ايندس ۽ ڪچهريون ڪبيون جام.”

سچيڏني هلندي هڪ نِگاهه نوران کي ڏٺو، جنهن جي اکين ۾ مُئل مَنڇَر جهڙو منظر هو، هو سندس اکين ۾ ڏسي نه سگهيو، مَنڇَر ڏانهن نظر ڪيائين ته مَنڇَر کيس ميري ميري لڳي. کيس ڪي ورهيه اڳ لالو چني کي چيل پنهنجو ئي جملو ياد اچي ويو:

“جي مَنڇَر ئي ميري ٿي پوي ته پوءِ.......!؟”

 

(ضراب حيدر جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۱ مئي ۲۰۲۰ع تي رکيل/ کنيل)


No comments:

Post a Comment