Monday, January 3, 2022

گُل بائي ٿاڻو - دريا خان شنباڻي

گُل بائي ٿاڻو

(مختصر ڪهاڻي ۵۴)

دريا خان شنباڻي



مان جڏھن پهريون ڀيرو مورڙو ميربحر ۽ سندس ڀائرن جي قبرن تي قُل ڪلام پڙھڻ ويس ته اتفاق سان هڪ ويب چينل جا نمائندا، فوٽوگرافر ۽ مووي ڀريندڙ به آيل هئا.

اهي قبرون هڪ پُل هيٺان هيون ۽ قبرن کي چوڌاري چوديواري ڏنل هئي. قبرن وٽ ماڻھن جي ٿورائي هئي، ۽ چوديواري کان ٻاهر مصروف ترين روڊ هيا جتان گاڏيون اچي وڃي رهيون هيون ۽ روڊ جي پاسي سان ننڍا ننڍا دوڪان ۽ پٺاڻن جا هڪ اڌ هوٽل به هيا جتي ماڻھو چانھ جون چُسڪيون ڀري رهيا هئا. چوديواري کان ٻاهر فوٽ پاٿ تان ماڻھو هنن تاريخي قبرن کان بي نياز اچي وڃي رهيا هيا.


ميڊيا جي ان ٽيم ۾ هڪ خوبصورت عورت صحافي به هئي، جيڪا پڻ ماڻھن کان سوال جواب ڪري رهي هئي ۽ مووي ڀرجي رهي هئي. مان به وڃي ڇهن ڀائرن (چون ٿا ته پنج ڀائر ۽ ڇهين قبر سندن ڀيڻ جي آھي) جي قبرن مٿان بيهي دعا گهري ڪري وڃڻ لڳس ته صحافي ڇوڪريءَ هٿ سان اشارو ڪري پاڻ ڏانهن سڏيو ۽ مان وڃي سندس ڀرسان “جي” چئي بيهي رهيس. هن مون کان سنڌيءَ ۾ پڇيو؛ “اوهان مورڙو بابت ڪجھ ڄاڻو ٿا؟”

سڀ کان پهريان ته مون کي ڇوڪريءَ جو سنڌي هجڻ تي حيرت ٿي ۽ پوء حيرت مان نڪري چيم؛ “بس ٿوري ٿڪي ڄاڻ آھي!”

“پوءِ اوهان اسان جي چينل سان ڳالهائڻ پسند ڪندئو!” هن پنهنجي چهري تي مُرڪ سجائيندي پڇيو ۽ اها مُرڪ اهڙي ڄڻ سيءُ ۾ سج جو گرم ڪندڙ تڙڪو....

“جي ڀلي!” مون چيو ته هن مووي واري کي اوڪي ڪرڻ جو اشارو ڪيو ۽ هن اردو ۾ ڪجھ ڳالهائي پوءِ اردو ۾ ئي سوال پڇيو؛ “هتي اوهين ڇو آيا آھيو؟”

“قل ڪلام پڙھڻ!”

“ڇو؟”

“ڇو جو هي هڪ تاريخي قبرستان آھي!”

“هتي ڪير دفن آھن؟”

“مورڙو ميربحر ۽ سندس ڀائر.”

“حضرت مورڙي شاھ بابت اوهان ڇا ٿا ڄاڻو؟”

“مورڙو ميربحر تاريخ جو هڪ بهادر ڪردار آھي، جڏھن هن جي ڀائرن کي سمنڊ جي مڇ ڳڙڪايو ته هن ان مڇ کان بدلو وٺڻ ۽ مارڻ لاء حڪمت عملي جوڙي ۽ ان حڪمت عمليءَ ۾ هن هڪ وڏي ۽ زبري مڇ کي ماريو ۽ ان مڇ جي پيٽ مان پنهنجي ڀائرن جون ميتون ڪڍيائين.” مون ائين چيو ته ڇوڪريءَ جون وڏيون اکيون چمڪي پيون.

“اها ڪيتري پُراڻي ڳالھ آھي؟” ڇوڪريء پڇيو

“تقريبن اٺ سئو سال پراڻي ڳالھ آھي!”

“هتي هڪڙي تختي لڳل آھي جنهن ۾ لکيل آھي ته مورڙي جو ذڪر شاھ عبداللطيف ڀٽائيء  به پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آھي.” ڇوڪريءَ چيو.

“جي بلڪل شاھ صاحب ذڪر ڪيو آھي ۽ هڪ پورو سُر، سُر گهاتو جي نالي سان آھي، جنهن ۾ مورڙي جي بهادريء جا بيت آھن.” مون چيو.

“ڪو بيت اوهان کي ياد آھي؟” ڇوڪريءَ پڇيو.

“جي بلڪل، ڪافي بيت ياد آھن!”

پوءِ مون شاھ صاحب جو هڪ بيت ٻڌايو ته هوءَ وڌيڪ خوش ٿي.

آخر ۾ هن شڪريو ادا ڪيو ۽ مون به کيس “مهرباني” چيو.

هن ڪيمرا بند ڪرڻ جو اشارو ڪيو ته مون پڇيو؛ “هيءَ رپورٽ اوهان ڪڏھن هلائيندو؟”

“ٽي چار ڏينهن لڳي ويندا!” ائين چئي هوءَ وڃي پنهنجي ٽيم سان شامل ٿي وئي ۽ مان به هليو آيس.

رپورٽ ڏسڻ لاء مون ويب چينل کي سبسڪرائيب ڪيو ۽ رپورٽ ڳوليندو رهيس پر اهڙي رپورٽ نه لڳي.

ڪجھ ڏينهن کان پوءِ منهنجو سي ويو تي وڃڻ ٿيو، آچر جي شام هجي، ماڻهن جي به رش هجي.

مون ڏٺو ته اها ڇوڪري هڪ دفعو ٻيهر ماڻھن کان ويوز وٺي رهي هئي. مان پري کان ڏسندو رهيس.

هوء ويوز وٺي فارغ ٿي ته مان وڃي ڀرسان بيهي “سلام” ڪيو.

وعليڪم سلام چئي سواليه نظرن سان مون کي ڏسڻ لڳي ته چيم “ميڊم مون کي سڃاڻو ٿيون؟”

“جي نه!” هن دفعي هن سنڌيءَ بجاءِ اردوءَ ۾ جواب ڏنو.

مون کي هن جي اهڙي لاعلميءَ تي حيرانگي ٿي ته اڃا چند ڏينهن ٿيا آھن جو ائين وساري به ڇڏيائين.

“ميڊم! ڪجھ ڏينهن پهريان مورڙي ميربحر بابت اوهان رپورٽنگ ڪئي هئي ۽ مون اتي ڳالهايو هيو ۽ لطيف جا بيت ٻڌايا هئا!” مون چيو.

“ته پوءِ!” هن رُکائي وچان چيو.

“اوهان چيو هيو ته ٽن چئن ڏينهن ۾ رپورٽ هلائينداسين پر اڃان تائين رپورٽ ته نه هلي آھي.” مون چيو.

“اڇا اڇا، يعني رپورٽ جي بهاني اوهان منهنجو پيڇو ڪري رهيا آھيو؟” هن تلخيءَ وچان چيو.

“نه نه ميڊم، مان اهڙو ماڻھو ناهيان.” مون کيس يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.

“اوهان پنهنجو نمبر ڏيو، جڏھن رپورٽ هلائينداسين ته اوهان کي ڪال ڪري ٻڌائينديس.” شايد هن کي منهنجي شرافت تي اعتبار اچي چڪو هيو.

مون هن کي پنهنجو نمبر ڏنو.

ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ڇوڪريءَ مون کي ڪال ڪري چيو؛ “اڄ شام رپورٽ هلندي، سو ڏسجو!”

مون رپورٽ ڏٺي. پنهنجو فوٽو ۽ ڳالهائڻ ڏاڍو وڻيو ۽ مون کي بيحد خوشي ٿي.

ٽئين ڏينهن تي، هڪ نمبر تان ڪال آئي ۽ چيو ويو ته؛ “مان گُل بائي ٿاڻي جو صوبيدار ٿو ڳالهايان، اوهان ٿاڻي تي اچو!”

جيئن ته مان هڪ شريف شھري، سو ٿاڻي تي هليو ويس.

ڏٺم ته ٿاڻي تي اها ئي ميڊيا ٽيم هجي.

منهنجي پهچڻ سان صحافي ڇوڪريءَ مون ڏانهن وڌي آئي ۽ چيائين؛ “اوهان تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي؟!”

“ڇو ۽ ڇا لاءِ؟”

“اوهان جيڪو بيت پڙھيو آھي ان لاءِ!” هن چيو.

۽ پوء مان صوبيدار ڏانهن ويس ۽ تعارف ڪرايم.

صوبيدار مون کي ٿاڻي جي هڪ ڪمري ۾ بند ڪرڻ لاءِ سپاهيءَ کي حڪم ڪيو.

سپاهيء مون کي ڪمري ۾ بند ڪيو ۽ سنڌيء ۾ پڇيائين؛ “اوهان اهو ڪهڙو بيت چيو آھي جو هتان جا رهواسي، هتان جي سموري حڪومتي مشينري حرڪت ۾ اچي وئي آھي.”

مون مرڪيو ۽ دل ۾ سوچيم؛ ’جيڪڏھن اڄ شاھ صاحب هجي ها ته شايد ان بيت تي جيل جي هوا ضرور کائي ها.‘ ۽ سوچيم؛ ’واقعي به هي بيت انهن کان هضم ڪيئن ٿيندو، جيڪو بيت چيل ئي هنن لاءِ آھي.‘

مان ان خيال ۾ هيس جو وري پڇيائين؛ “سر! اوهان آخر ڪهڙو بيت چيو؟”

چيم؛

“متو آھين مڇ، ٿُلهو ٿيو ٿو ٿونا هڻين،

جا تو ڏٺي اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا!”

 

(درياخان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳ جنوري ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment