Tuesday, January 25, 2022

خفو

خفو

(مختصر ڪھاڻي)

مٺل جسڪاڻي



بشير جي ھٿ ۾ ھڪ پليٽ ۽ ان ۾ ڪجهہ بسڪيٽ پيل ھئا. ھو محسن کان ٿورو پرڀرو اچي ويٺو ھو ۽ ويھڻ سان ئي چانھہ جو چيو ھئائين.

جيستائين چانھہ اچي، تيستائين بشير ڪو ڪم بہ ڪندو رھيو ۽ پليٽ مان بسڪيٽ کڻندو، کائيندو بہ رھيو.

محسن بہ بشير سان ڪم ۾ تہ ھٿ ونڊايو، پر ڪم ڪندي بسڪيٽ صرف بشير پئي کاڌا.


عجيب اتفاق سان چانھہ اچڻ تائين ڪم بہ پورو ٿي چڪو ھو، ان ڪري جيئن ئي چانھہ پھتي، تہ بشير ھڪ ھٿ ۾ چانھہ جهلي، ٻيو ھٿ بسڪيٽ کڻڻ لاءِ پليٽ ڏانھن وڌايو، پر پليٽ ۾ ھڪ بہ بسڪيٽ نہ ھو!

بشير پليٽ ۾ بسڪيٽ نہ ڏسي، حيرت مان پڇيو ”اڙي! پليٽ ۾ بسڪيٽ پيا ھئا، ڪيڏانھن ويا؟“

محسن بہ بشير سان گڏ ڪم ۾ مصروف ھو ۽ کيس ڪا خبر نہ ھئي، ان ڪري محسن پڻ حيرت مان پڇيو ”اڙي! واقع، بسڪيٽ ڪيڏانھن ويا؟“

ھاڻ اتي باقي محرم ويٺل ھو، جنھن ڏٺو پئي تہ بشير ۽ محسن ڇا پيا ڪن، تنھن بشير سان مخاطب ٿي چيو ”بسڪيٽ پاڻ ئي تہ کاڌئي، ڪم بہ ڪيئي پئي، بسڪيٽ بہ کاڌئي پئي، ھاڻ وري پڇين ٿو!“

بشير حيرت مان خاموشيءَ سان چانھہ تہ پيئڻ شروع ڪئي، پر سندس چھري جي تاثرن مان بلڪل واضح ھو، تہ ھُو بسڪيٽن لاءِ پشيمان ھو! 

ٿوريءَ دير کان پوءِ، جيئن ئي بشير چانھہ پي واندو ٿيو، تہ اٿي روانو ٿي ويو. محسن بہ ساڻس گڏ گڏ نڪتو. ھنن ٻنھي کي خبر نہ آھي، تہ ڪھڙو خفو ھو، ٻئي ڪھڙي پاسي، ڪھڙي ڪم سان روانا ٿي ويا، پر محرم جي سامھون، جتي بسڪيٽن واري پليٽ پيل ھئي، اتي پليٽ ۽ چانھہ وارو ڪپ تہ نہ آھي، بشير جي نظر واري عينڪ پئي آھي. بشير کي  جتي بہ عينڪ جي ضرورت پوندي، حيرت مان پڇندو ”اڙي! منھنجي عينڪ ڪٿي رھجي وئي!؟“

 

(مٺل جسڪاڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment