Monday, January 3, 2022

موهن کان محمدعلي تائين - رزاق سهتو

موهن کان محمدعلي تائين

مختصر ڪهاڻي

رزاق سهتو



سارو ڏينهن ساهه مٺ ۾ رهيو. وقفي وقفي سان لڳاتار گولين ڇٽڻ جا آواز ايندا رهيا. ڪلاچيءَ ۾آڳ ٻري رهي هئي.  ڌرتيءَ ڌڻين کي ڳولهي ڳولهي ماريو پئي ويو. مان پنهنجي آفيس ۾ هيس. پاڻ ۾ چوياري ڪري ويهي رهياسين. آفيس جو ڪم بند هئو. مُک روڊن تان گاڏيون غائب هيون. ويهي ويچار پئي ڪيوسين ته هاڻ ڇا ڪجي. گھرن ڏانهن واپسي ڪيئن ڪجي. ايتري ۾ مُک روڊ تي فائرنگ شروع ٿي وئي. اسان جي آفيس جي دروٽ اچي ختم ٿي وئي. آفيس ۾ ڪم ڪندڙ سڀ اڀا ٿي بيهي رهيا. اسان جي حالت اهڙي ٿي وئي جيئن هرڻي شينهن جي شڪار جي خوف کان هيسجي. هيانءُ ڦاڙي وجھندي آهي. ماڻهو آفيس جي درين مان جھاتيون پائي، مُک روڊ طرف واجهائيندا رهيا هئا. مون ڏٺو هٿيار بند هوا ۾ هٿيار لوڏيندا، نعرا هڻندا، اڳتي وڌي ويا. سندن هٿن ۾ زباني جهيڙاڪ تنظيم جا جهنڊا هئا. اسان وري ملي مچي ٿياسين. جھوني همراهه صلاح ڏني ته ابا گڏجي نه نڪرجو هڪ هڪ ٿي سڀڪو پنهنجي رهائشي علائقن ڏانهن روانو ٿئي. وڌ ۾ وڌ ٻه ٻه ٿي نڪرو. سڀن کي صلاح وڻي. ٿوري دير ۾ ماٺار ٿي وئي. چوطرف بارود جي هلڪي بوءِ پکڙيل هئي. آفيس بند ڪري، سڀڪنهن نڪرڻ جي ڪئي. مان به نڪري روڊ تي آيس. مونکي خيال آيو ته ريلوي اسٽيشن هتان ويجھي آهي. ضرور ڪا نه ڪا اندروني شهر ۾هلندڙ ريل گاڏي ملي ويندي. اهو سوچي اسٽيشن جو رخ ڪيم. ريل گاڏي پليٽ فارم تي بيٺي هئي پڇڻ تي ٻڌايائون ته اڌ ڪلاڪ کانپوءِ هيءَ ريل گاڏي هلندي. دل کي سڪون مليو. پليٽ فارم تي ويهي انتظار ڪرڻ لڳس. ماحول ۾ ڊپ ڇانيل هئو. هر ماڻهو ڊنو پئي. ڇو ته گوليون؛ اکيون ناهن رکنديون، زبان ناهن پڇنديون، ٻولي ناهن پڇنديون. انهن کي ته انساني جان ۾ پيوست ٿيڻو آهي. پوءِ جسم ڪنهنجو به هجي.


هي سڀ ان ديس ۾ ٿي رهيو هئو. جنهن جا رهواسي هزارها سالن کان هن ديس ۾ رهندا هئا. سندن تهذيب کي دنيا ۾ اعلى مقام حاصل هئو. وڻج واپار خاص ڪري جِنس يعني ڪڻڪ، وونئڻ، چانور، زرعي اپت جي واپار ۾ اڳڀرا هئا. ڪپڙي ٺاهڻ جي ۽ ڦيٿي جي ايجاد ڪندڙ قوم هئي. سندن طب جي علم ۾ڪو مَٽ ڪو نه هئو. بحري ٻيڙن ذريعي ۽ راهن ذريعي اٺن بيل گاڏين تي ڪار وهنوار هلندو هو. هتان جي ململ مشهور هئي. عالمي انساني حقن جا علمبردار ۽ امن پسند انسان هئا. وقت جي اٿل پٿل هتان جي قوم کي زمين ۾ دفن ڪري، مُوهن جي دڙي ۾ مَٽائي ڇڏيو. ڌارين جا لڏجي ڪٽڪ اچي لٿا. عقيدي جي آڙ ۾ حملا ٿيا. ته ڪن کي هتان جي خوشحاليءَ اک ۾ کُٽڪي. جنهن تي قابض ٿيڻ جي شوق ۾ ڪاهون ڪيائون. امن پسند عورتن ۽ مردن کي جنگ جي باهه ۾ ساڙي ماريائون. حسين عورتن کي باندي بڻائي، مختلف ڏيهن ۾ وڪرو ڪيائون. هن ڏيهه جي حسن کي گرهڻ لڳي وئي. مان دفن ٿيل ڌرتيءَ جي قوم جو فرد آهيان. وقت جي بدلاءَ سان مٽي به ڦرندي ان شڪل ۾ اچي بيٺي آهي جو مٽيءَ جي مالڪ کي ماري رهيا آهن ڇو ته سندن وجود کين ڳرو ٿو لڳي. مان جنهن دور جو ماڻهو آهيان تنهن کي ويهين صديءَ جي انسان جو نالو ڏين ٿا.

پليٽ فارم تي گھڻي رش ڪو نه هئي. ٽڪيٽ وٺڻ، بابوءَ وٽ ويس ته ڳالهائڻ جو لهجو سمجھي ويو. چيائين؛ “بهائي احتياط سان وڃجانءِ. خدا خير ڪري.” سندس چهري تي خوف ۽ همدردي هئي. مون کيس ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. بيٺل ريل گاڏيءَ جي دٻي ۾ اچي ويٺس. ڪجھ ماڻهواڳ ئي ويٺا هئا. مون ڏانهن عجب نظرن سان پئي ڏٺائون. دل ٽاهه کاڌو، ڌڙڪن وڌي وئي. هي ماڻهو ڇو ٿا غور سان ڏسن. ڏسن به ٿا يا منهنجو وهم آهي. ڪير ڪنهن سان ڪو نه پيو ڳالهائي. فقط خوف ۾ ورتل اکيون ڳالهائي رهيون هيون.

ويهين صديءَ ۾ ڪيترا ئي ملڪ ٺهيا، ڪي آزاد ٿيا. منهنجي ديس کي به ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ پيرن هيٺان زمين سرڪڻ لڳي. مان به ويهين صديءَ جي پوئين ٻن ڏهاڪن جي شروعات ۾ ڪلاچي شهر ۾ اچي آباد ٿيو هيس. چوڦير پناهگيرن جي آبادي هئي. مسواڙ تي گھر، ڇڙي کي ملڻ مشڪل هئو. سَگھري لاءِ کوڙ مليا ٿي. ڪجهه ماڻهن جي ضمانت تي، ڀاڙي تي گھر ملي ويو. ڌرتيءَ ڌڻي، اهڙيءَ طرح نئين آباد ٿيل ماڻهن جي رحم ڪرم تي هئا. سجاڳيءَ جي هوا گهلي. ڌرتيءَ ڌڻي ڪلاچي شهر کي آباد ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. ڳوٺ آباد ٿيا ته شهر جي رهواسين جي اکين جو ڪنڊو ٿي پياسين. ڪرتا ڌرتا جنهن جي هٿن ۾ وطن جون واڳون هيون، انهن ٻوليءَ جي بنياد تي هن شهر جي ماڻهن کي ورهايو ۽ ڌرتيءَ ڌڻين ۽ لڏي اچي آباد ٿيندڙ غير ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي وڌو. هوش عقل گم ٿي ويا. مفادن جي جنگ شروع ٿي وئي. لڏي آيل پناهگيرن کي، ورديءَ وارن جي پٺڀرائي حاصل هئي. جيڪي سندن سهولت ڪار هئا. هنن جو نالو خوف کان وطن ۾ ڪير به ناهي کڻندو. کين ابابيل ۽ خلائي مخلوق جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.

مان ريل جي دٻي ۾ ويٺل ماڻهن کان ڊڄان ٿو. متان هو مون کان ڊڄندا هجن. منهنجي مٿي تي ٿورو ئي لکيل آهي ته؛ مان ڪير آهيان. ڇا ڪيان؟ ريل گاڏيءَ جي ٻي بوگيءَ ۾ وڃي ويهان؟! پر اتي به ماڻهو هوندا! ائين سوچيم پئي ته سيٽي وڳي. گاڏي چري پَئي. مان به ٿانيڪو ٿي ويٺس. اڳلي اسٽيشن تي ريل گاڏي بيٺي ته ماڻهن جو هجوم اندر گاڏي ۾ هليو آيو. سيٽون ته ڀرجي ويون پر ماڻهو بيهجي ويا. ٿڌو ساهه کيمُ. ڪجھ آرام ۾ آيس ماڻهن جي هجوم ۾ آهيان. ڪجھ ڪو نه ٿيندو. ٻن ماڻهن پاڻ ۾ ڳالهايو.

“ساري ٽريفڪ بند آهي. تنهنڪري ريل گاڏيءَ ۾ رش وڌيڪ آهي.”

ريلوي ٽريڪ، وڏي روڊ سان گڏ گڏ هيو. ريل گاڏي هلي ته ڏسڻ ۾ آيو؛ بسون سڙيون پئي. اسپتال، هوٽل، بينڪن جي آفيسن کي باهه لڳل هئي. ڪي گھر به سڙيا پئي. ايمبولنسون ڊوڙيون پئي. ريلوي اسٽيشن تي ريل گاڏي بيهي پئي ته ڊپ ٿئي پيو؛ متان دهشتگرد ريل گاڏيءَ تي فائرنگ نه ڪن. ماڻهن تي موت مار خاموشي ڇانيل هئي. هر فرد ٻئي کان خوف کائي رهيو هئو. منهنجي منزل اڃا ٻه اسٽيشنون هئي. هاڪر شام جي اخبار هٿ ۾ ڪري زودار آواز هنيو؛ “شهر لهو لهان ٿي ويو. انساني جانين کي جلايو ويو. پوري شهر تي دهشتگردن جو راڄ، حڪومت نالي جي ڪا به شيءِ ناهي. شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪرفيو لڳائڻ جو فيصلو. ڪير قصور وار، ڪير بي گناهه؛ گولين نٿيون ڄاڻن. شهر ۾ خوف جو راڄ! تازيون خبرون پڙهو.”

ماڻهو اخبار وٺڻ لڳا. مون به هڪ ڪاپي ورتي. ويڙهي سيڙهي هٿ ۾ ڪيم. دل ۾ خيال ڪيم ته گھر وڃي پڙهندس. ٻن همراهن دٻيل آواز ۾ چيو؛ “خدا ڪري ڪرفيو لڳي وڃي.”

ٻئي رڳو جواب ۾ ڪنڌ ئي ڌوڻيو. ماڻهن ڳالهائڻ کان لنوايو پئي. متان پڌرا ٿي پون ته ڪهڙي زبان ڳالهائيندڙ آهن. هاڪر جون دل ڏاريندر رڙيون ٻڌي، منهنجو ته اندر ئي ڦاٽڻ لڳو. هاڪر جو آواز جھڪو ٿيندو ويو. ريل گاڏي چُري، اڳلي ٽيشن طرف وڌڻ لڳي. ايندڙ ريلوي اسٽيشن تي لهڻو هيم. اسان ڌرتيءَ واسين جو ته ڪو ڌڻي نڪو سائين. الائي ڇا ٿيندو؟ مان ريل گاڏيءَ مان لهڻ جي تياري ڪئي. سيٽ ڇڏيم ته ائين لڳو، جسم سُن ٿي ويو آهي. قدمن هلڻ ۾ ساٿ نٿي ڏنو. ريل گاڏي اسٽيشن تي بيٺي ته پليٽ فارم تي لهي اڳتي وڌڻ لڳس. گھر تائين مزدا يا ويگن ۾ سفر ڪرڻو هيو. هنن علائقن ۾ گھڻو شور نه هو. هن پاسي پناهگيرن جي اڪثريت ڪا نه هئي. پر جتي منهنجو گھر هئو، چوطرف اهي ڀائر ئي هئا. چڱو پنڌ ڪرڻ کانپوءِ، بس اسٽاپ تي اچي بيٺس. اخبار هٿ ۾ ئي هئي. مزدا ڪو نه آئي ويگن آئي. ان ۾ چڙهي پيس. اڌ ڪلاڪ جي مسافريءَ کانپوءَ گھر جي بس اسٽاپ تي لٿس. پنڌ ڪندو ڪنائيندو. گھر جو رستو ورتم. اوچتو ڪنهن نالو کڻي سڏ ڪيو ته بت ئي سن ٿي ويو.

“اڄ ڪو نه بچندس، جيڪو نالي سان سڃاڻي ٿو. غير ٻوليءَ ۾ پيو سڏي.”

تڪڙا قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪيم ته قدم اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي پئي وڌيا. وري نالو کڻي سڏ ڪيائين. اچي پڳو چوڻ لڳو؛ “يار بيهه ته سهي.”

مون کيس ڏٺو.

“هتي ڪيئن پيو گھمندو وتين؟ توهان کي ڳولهي ڳولهي مارن پيا. چريو ماڻهو آهين ڇا. گھر ۾ ويهي رهه.”

هي آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندڙ ساٿي هو. همدرديءَ وچان سمجھائي رهيو هئو. شڪريو ادا ڪري اڳتي وڌيس. ٻن گھٽين کانپوءِ منهنجو گھر هو. انٽرلاڪ کولي، اندر گھڙيس. ڄڻ ڪا گھمسان جي جنگ وڙهي گھر موٽيو هجان. ايڏو ذهني ٿڪ، جسم چور چور هجي. گھر ماڻهو جي اهم پناهه گاهه آهي. فرج مان پاڻيءَ جي ٿڌي بوتل ڪڍيم. هڪ ساهيءَ ۾ اڌ بوتل اندر ۾ لاهي ڇڏيم. سامت ۾ آيم. ساهه پٽيم. اخبار کوليم. مُک صفحي جو اڌ حصو لاشن جي تصويرن سان ڀريل هئو. انساني خون زمين تي پکڙيل هئو. اندر مان اُٻڙڪو اٿيو ته اخبار ويڙهي ڇڏيم.

ياد آيو ته هاڪر ڪرفيو جي خبر پئي ٻڌائي. ڀرسان ئي گھٽيءَ ۾ سيڌي جو دڪان هو. اوڏانهن نڪتس. دڪاندار سلام دعا ڪندي چيو ته؛ “سامان جيترو ٿي سگھي وٺي گھر ۾ رکو. شهر جون حالتون خراب ٿي وينديون. ڪرفيو لڳڻ جا امڪان آهن. ڪجھ ڪو نه ملندو.”

منهنجو نالو کڻندي چيائين؛ “توهان ته پنهنجي اباڻي ڳوٺ هليا وڃو. هي جھيڙو اوهان سان ته آهي. مون ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. پندرهن ڏينهن جو سامان وٺي گھر اچي رکيم. ٻاهرين گيٽ ۾ انٽر لاڪ لڳل هئو. تنهنڪري دل کي ٽيڪ هئي ته ڪنهن کي خبر ڪا نه پوندي ته گھر ۾ ڪو ئي آهي به يا نه. شام لڙي چڪي هئي. رات ٿيڻ واري هئي. چانهه جو ڪپ ٺاهيم. بسڪيٽ ڀر ۾ رکيم. اخبار اٿلائڻ لڳس. جتي جتي ڌرتيءَ ڌڻين جي اڪثريت هئي، انهن علائقن ۾ کين بي درديءَ سان ماريو ويو هئو. شهر جي مرڪز ۾ ڳوٺ هيا انهن تي به حملا ٿيا هئا ۽ جاني نقصان ٿيو هو. ڪالونيءَ ۾ عورتن جي عزت لٽي وئي هئي. جسمن جي خاص جاين تي پنهنجي تنظيم جو نالو لکيو ويو هئو. صبح جي وقت ۾ بس اسٽاپن تي، آفيس ويندڙ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو هئو. وڌيڪ اخبار ۾ لکيل هئو ته ڪرفيو لڳايو ويندو ۽ ملڪ ۾ موجوده جمهوري سرڪار کي ختم ڪيو ويندو. چپن ۾ ڀڻڪو ڪيم؛ “هڪ تير سان ٻه شڪار؛ هڪ ته شهر کي ڌرتيءَ ڌڻين کان آجو ڪجي، ٻيو وري هلندڙ انڌي منڊي جمهوريت کي گھر ڀيڙو ڪجي.”

اخبار بند ڪري، چانهه پوري ڪيم. سڄي ڏينهن جي ذهني ڇڪتاڻ ڪري، اعصابي ٿڪاوٽ ٿي پئي، سو ڪمري ۾ وڃي سمهڻ جي ڪيم. ننڊ ڪيئن اچي! قتل ٿيلن جا لاش، اکين اڳيان پئي ڦريا. سندن خاندان ڪيڏي نه عذاب مان گذريو هوندو. سوچيندي سوچيندي، دماغ ٽانڊو ٿي ويو. گھر ۾ اڪيلو ئي هيس. رات جي ماني به پاڻ کي ئي ڪرڻي هيم. ڀاءُ گڏ رهندو هئو. هو موڪل جي ڪري، اباڻي ڳوٺ ويل هئو. بي سڪوني هئي. اندر ۾ الجھن جو طوفان هئو. اڻ تڻ هئي. ڪيفيت، سهپ کان ٻاهر ٿي وئي ته اٿي ڪمري کان ٻاهر نڪري آيس. چئن کٽن جو اڱڻ هو. پاسي ۾ رڌڻو، ٻه ڪمرا هئا. هڪ ۾ مان ۽ ٻئي ۾ ڀاءُ رهندو هو. اڱڻ ۾ پاڻيءُ جو نل لڳل هئو. ان تي نظر پئي ته سوچيم؛ وهنجي وٺان. جسم گرم لڳو پيو هو. مزو ڪو نه ٿي آيو. وهنجڻ لاءِ پاڻيءَ جي نل هيٺان ويهي رهيس. پاڻي کولي ڇڏيم. پئي دماغ جي مٿان ٿڌو پاڻي وهيو. ڪيترو ئي وقت تڙڳندو رهيس. پاڻ کي ٽوال سان صاف ڪيم. دماغ تان گھڻو ٻوجھو لهي پيو. جسم ۾ ڍرائي پيدا ٿي. ڪجھ سڪون آيو. کٽ تي ويٺس ته ڇِت تي ڦھڪي جو آواز آيو. وري الائي ڇا ٿيو. خوف ورائي ويو. ڪو ماڻهو ته ناهي. ائين ٿيندو رهيو آهي. ڳتيل آباديءَ ڪري ڇِتن تان ٽپندا دهشتگرد هڪ گھر کان ٻئي گھر اچي ويندا آهن. گھرن ۾ ئي پورو ڪري واپس ٿي ويندا آهن. کين ڪو پڪڙي به ناهي سگھندو. سنهيون سوڙهيون گهٽيون استعمال ڪندي، ڀڄي ويندا آهن. دٻڪي کانپوءِ خاموشي ٿي وئي. ڪن کڙا ڪيم. خدا خير ڪري؛ ڪو دهشتگرد نه هجي. اٿيس. ڪنايم. ڪا چرپر نظر ڪو نه آئي. هيڏي هوڏي نهاريم. ٻلي ميائو ميائو ڪندي نظر آئي.

“نڀاڳي ساهه ئي ڪڍي ڇڏيئي.”

جان ۾ جان آئي. اڄوڪو سڄو ڏينهن ئي ڊپ ۾ گذريو هو. ماني ڪرڻ لاءِ رڌڻي ۾ هليو ويس. فرج مان گوشت ڪڍيم. گوشت ڏسڻ سان گوليون لڳل ماڻهن جا جسم ياد پيا جن جي ماس جا لٿڙا هڏن تان لٿل هئا. رت ۾ لٿ پٿ، اخباري تصويرون ياد اچڻ لڳيون. اندر مان اوڪارو اڀريو. سکڻا آت ڏنم. گوشت واپس فرج ۾ رکي ڇڏيم. رڌڻي کان ٻاهر نڪري آيس. کٽ تي اچي ويٺس. رات پنهنجا پير کوڙڻ شروع ڪيا هئا. اندر ۾ اڻ تڻ لٿل هئي. بک ئي مري وئي هئي. اٿيم. فرج جو هيٺون حصو کوليم. اتان سائي ڀاڄي ڪڍيم. کٽ تي ويهي وڍڻ لڳس. وهم جَنم ورتو. ٻاهرئين دروازي کي ته انٽرلاڪ لڳل آهي. اندر گھر ۾ جو بتي ٻاريون ويٺو آهيان. کين خبر پئجي ويندي ته اندر ڪوئي آهي. اندر ٽپي  گوليون هڻي پورو ڪري ڇڏيندا. اٿيس. ٻاهرئين دروازي کي جاچيم ته صحيح بند ٿيل آهي يا نه. ٻاهريون بلب وسايون آيم. اڱڻ جو بلب به وسايم. رڌڻي جو ٻاريم، جتان روشني گھٽ ٻاهر پئي آئي. ڀاڄي پچائڻ شروع ڪيم. گڏوگڏ اٽو به ڳوهڻ لڳس. رڌ پچاءُ پورو ڪري ماني ڪڍي، کڻي اچي کٽ تي ويٺس. ماني گرهه گرهه ڪري کائڻ لڳس. محمد علي ياد آيو. هو مين روڊ تي هاءِ اسڪول ۾ استاد هئو. رات جي ماني گھڻو ڪري گڏ کائيندا هئاسين. ان جو الائي ڇا ٿيو. مڙئي اڌوگابرو پيٽ ڀريم. مانيءَ تي دل ڪا نه پئي وري. رڌڻي جو بلب وسائي، اونداهيءَ ۾ سمهي پيم. جھٽ گذري ته علائقي جي بجليءَ جي ٿنڀن ۾ کڙڪا شروع ٿي ويا. سندن وارڌات جو اهو ئي طريقو هئو ته هراس پکيڙڻ لاءِ بجليءَ جا کنڀا وڄائيندا هئا. ڪمري ۾ وڃي ٽي وي آن ڪيم. نائين وڳي وارو خبرنامو هلي رهيو هئو. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪرفيو لڳايو ويو آهي. ڪلاچي شهر جي حالتن تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو هئو. مون ٻاهر اڱڻ ۾ جھاتي پاتي. ايتري ۾ گھٽين جي روشني وسائي ڇڏيائون. اسٽريٽ لائيٽ اجھامڻ ڪري، اونداهه ٿي وئي. وڌيڪ ڊپ ٿيڻ لڳو. ڊڄ کان جسم ٿڌو ٿي ويو. فائرنگ تيز ٿي وئي. گھرن جي ڇتين تي ماڻهن جي ڊڪڻ جي ڪري قدمن جا آواز اچڻ لڳا. هي دهشتگردن جا قدم هئا. ٽي وي بند ڪيم. سموريون ٻتيون وسائي ڇڏيم. هر ڪو جان بچائڻ لاءِ ڊپ کان گھر ۾ قيد ٿي ويو هو. پاڙي جا دڪان بند ٿي ويا. دهشتگرد، گھرن جي ڇتين تي چڙهي، هڪ گھر کان ٻئي گھر ٽپندا، نشاندهي ڪيل گھر ڀاتين کي ماريندا رهيا.

خوف کان جسم ٺريل جھڙو ٺڪر ٿي ويو هئو. پاڻ کي چهنڊي پائي حيات هجڻ جو احساس ڏياريم. ڪجھ دير کان پوءِ ٺاپر ٿي وئي. ڪن سهڙ جيان کڙا هيا. اجھا ٿي ڪٿان گولي اچي؛ مان خلاص ٿي ويندس. خبرن ۾ ٻڌايائون ته ڪرفيو لڳي چڪو آهي. پر محلن، پاڙن ۾ ته ماڻهن مار مهم جاري آهي. تنهن دور ۾ ڄاڻ جا ذريعا گھٽ هئا. رڳو اخبار يا هڪ سرڪاري ٽي وي هئي. سرڪاري ٽي وي تي ٻڌم ته اسان جي پوري علائقي ۾ ڪرفيو لڳل آهي. پر ڪرفيو فقط مُکيہ روڊن تي هئو. ڪرفيوءَ ۾ ٻاهر نڪرڻ يعني گوليءَ جو کاڄ ٿيڻ. گھر ۾ رهڻ سان دهشتگردن جي فائرنگ ۾ مرڻ. ماڻهو ڪاڏي وڃي. فائرنگ جا آواز پاڙي مان آيا پئي. ماڻهو ماريا پئي ويا. رات جي سانت ۾ ڀئو هو. ننڊ جو ته نالو نشان ئي ڪو نه هئو. اکيون پوريل پر دماغ مٿان سوچن جا انبار اچي سهيڙيا. هاڻ ڇا ٿيندو؟ مٽ مائٽ، ماءُ پيءُ، ڀائر سڀ ياد اچڻ لڳا. سوين وهم ۽ وسوسا وجود کي وڪوڙي ويا. سارو ڏينهن ماڻهن مٿان جيڪا دهشت اچي پئي هئي، تنهن کان خوف ۽ ڊپ ۾ ورتل هيم. رکي رکي ڇرڪ پئي ڀريم. پاسا ورائيندو رهيس. سوچيندو رهيس؛ دوستن جو الائي ڇا ٿيو. ڪهڙا بچيا، ڪهڙا مئا. خدا خير ڪري! شل سڀ سلامت هجن. سوچيم پئي؛ هتي مئس ته لاش به مالڪن کي ڪو نه ملندو. ماڻهن کي ساڙي مارڻ جا به ڪيترا ئي واقعا ٿي چڪا هيا. رات جي خاموشي، ڀيانڪ ۽ ڊپ جي چادر ۾ ويڙهيل هئي.

اڃا اک سان اک لڳي ئي لڳي. ايتري ۾ در جي کڙڪڻ جو آواز آيو. ڪنايم. پڪ ڪرڻ لاءِ ته واقعي منهنجي گھر جو دروازو کڙڪيو. وري زور زور سان در کڙڪيو. جسم مان سيسراٽي نڪتي ۽ ست ڇڏائي ويو. اکيون کولي هيڏي هوڏي ڏسان ئي پيو ته وري ٻيهر زور زور سان ٺڪ ٺڪ ٿي. منهنجا ته ڇيهه ئي ڇڄي پيا. هيٺيون هيٺ، مٿيون مٿي. دل جو دهڪو وڌي ويو. جيئن مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر جيئڻ لاءِ ڦٿڪي، ائين دل ڦٿڪڻ لڳي. ڇاتي ڦاٽي پوندي، دل ٻاهر نڪري ايندي. خدا خير ڪري! پڪ نشاندهي ٿي آهي. دهشتگرد مارڻ پهچي ويا آهن. ڇا ڪريان؟ ڪيئن در کوليان؟ کٽ ڇڏيم. چَرين وانگر گهر ۾ ڊوڙڻ لڳس. پنهنجي بچاءَ لاءِ گھر ۾ ته ڪجھ به ڪو نه هو. خالي هٿين ڪيئن مقابلو ڪندس. پاڻ تي مٺيان لڳم. ڪو هٿيار رکان ها ته اڄ ڪم اچي ها. گھر ۾ ته بصرن وڍڻ لاءِ تکي ڇري به ناهي. پاڻ تي ملامت ڪندو رهيس. هٿن مهٽڻ کانسواءِ ڪو چارو ڪو نه هئو. ٻيو ته ٺهيو ڪهاڙي ئي رکان ها، تڏهن به چڱو. در تي لڳاتار زودار کڙ کڙ ٿيندي رهي. لڳم اجھو دروازو ڀڃي، اندر داخل ٿيندا. رڌڻي ۾ لوهي پائيپ جو ٽڪر رکيل هئو. اهو کنيم ڏڪندو ڏڪندو، ڦرڪندو ڦرڪندو دروازي ڏانهن اوندهه ۾ وڌيم. اچي پڳس دروازي تي. ڏڪندڙ آواز سان چيم؛ “ڪير آهي.”

جواب ڪو نه آيو. ماٺ هئي. واپس ٿيڻ وارو هيس ته دروازو وري کڙڪيو. چيم؛ “ڇا کپئي ڳالهائين ڇو ڪو نه ٿو؟ ڪير آهين.”

منهنجي آواز ۾ گھٻراهٽ هئي. لهجو لرزيل هئو.

“او ڀائو در کول آنءُ آهيان.”

“آنءُ ڪير نالو ٻڌاءِ”

“يار مَحمد علي، تنهنجو دوست، جنهن کي پيار مان مَحمدو سڏيندو آهين. جلدي ڪر در کول مران ٿو.”

در کوليم. مَحمد علي زخمي حالت ۾ اندر ٿيو ته پَٽ تي ڪري پيو. سندس ٽنگن ۾ گوليون لڳل هيون. پيٽ وٽ هٿ هيس. جتي به زخم مان رت پئي ٽميو. مون کان بي اختيار نڪري ويو ته؛ “اي محمدو تو سان هي قهر ڪنهن ڪيو. ناحق ڪنهن ڪيو. ٻاهر ته ڪرفيو لڳل آهي.”

جواب ڪو نه ڏنائين رڳو اشاري سان چيائين ترس. هن جا ڪپڙا رت سان ڀريجي ويا هئا. کيس ڪلهن جي سهاري اندر اڱڻ تائين کڻي آيم. اڱڻ جو بلب ٻاريم. همراهه جو چهرو ڪرڙيءَ جي پيٽ جهڙو ڦڪو ٿي چڪو هو. فرش تي ئي ستو رهيو. محمد علي جي ڳڻتي ورائي وئي. ساڻس ڳالهيندو به رهيس ۽ اجرڪ کي ڦاڙي جتان رت وهيس پئي. اتي ويڙها ڏئي ڇڪي ڪري ٻڌومانس. جيئن رت گھٽ کان گھٽ وهي. هڪڙي گولي سَٿر واري جاءِ تي، ٻي هيٺ پنيءَ وٽ لڳل هئي. پيٽ واري گولي چمائو ٿي وئي هئي.

“محمد علي! ڪر خبر اهڙو تو سان انياءُ ڪنهن ڪيو.”

“ادا تو ڏانهن آيس پئي ته رستي ۾ ئي دهشتگرد ٽڪرائجي ويا. سڌا فائر ڪيائون.”

درد کان محمد علي ڪنجھيو پئي. سور جي سٽ پئي اڀريس ته ڪٻو ٿي پئي ويو. سندس اهڙو حال ڏسي مون کڻي اکيون بند ڪيون. ڀلا انساني جسم کي رت ۾ ٻڏل ڏسي ڪنهن جي دل برداشت ڪندي. محمد علي ڪنهن جيجل امڙ جو ٻچڙو آهي. روزگار سانگي شهر ۾ آيا هئاسين. هو هتي ئي سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ استاد هيو. اسڪول ۾ ڪجھ ڪمرا هئا جن ۾ ٻاهر کان آيل استاد پرنسپال جي تعاون سان رهندا هئا. هو اڪثر رات جي ماني مون وٽ کائڻ ايندو هو. سندس ڳوٺ اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان ئي هئو. هي اوچتو لساني جھيڙا شروع ٿي ويا. اسان ٻئي سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ اڳڀرا هياسين. شاهه لطيف جا ڏينهن پيا ملهائيندا هئاسين. ان ڪري غير سنڌين جي اک ۾ ڪنڊو هياسين. محمد علي دوستن کان وڌ دوست، ڀائرن کان وڌ منهنجو ڀاءُ هيو. شينهن جيان گجندو هئو ته ڪڏهن منڇر جيان ماٺو، ڪڏهن مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن کي ڳلي لڳائي پيار ڪرڻ وارو ماڻهو هو. هينئر محمد علي منهنجي اڳيان رت ۾ رڱيو، زخمي شيهن جيان پٽ تي ڪريو پيو هو. هن پاڻ سنڀالي ڳالهايو؛ “ادا اسڪول جي مٿان دهشتگردن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي. اسان سڀ پوئين پاسي کان ڀتيون ٽپي ڀڳاسين. هو اڳين گيٽ ٽپي اندر آيا. ڪجھ ٻاهر بيٺا رهيا. هر ڪو پنهنجي منهن وٺي ڀڳو. مون تنهجي گھر ڏانهن آءُ ڪئي. پر ظالم رستي ۾ ٽڪرائجي ويا. پاڙي جي يونٽ جا هئا. مون وٽ اسڪول ۾ پڙهيا هئا. سڃاڻي ورتائون. مون به کين سڃاڻي ورتو هو. گوليون هڻي ڪڍيائون. ڀاءُ وقت ڪونهي، ان کان اڳ جو مان موت جي سٽ هيٺ اچي وڃان، ڪجھ گھڙيون ڀر ۾ ويهه ته ڪي ڳالهڙيون ڪيون.”

مون وراڻيو؛ “دوست وقت ويهڻ جو به ناهي. مونکي ڪجھ ڪرڻ ڏي. تون موت جي ٽياس تي ٽنگيل آهين. تو کي سهاري جي ضرورت آهي. جيئن زندگيءَ جي طرف موٽي سگھين. ٻاهر وڃان. ڊاڪٽر کي ڏسان ڪا ايمبولنس گھرايان.”

مان در طرف اڳتي وڌڻ جي ڪئي ته محمد علي جو رتائون هٿ ڄنگھن ۾ ونگ بڻجي ويو؛ “ڀاءُ ائين نه ڪر! قسم ٿئي هن ڌرتي! جو جنهن کي ماءُ جو درجو ڏيندو آهين. منهنجي وهندڙ بي گناهه خون جو، گھر کان ٻاهر پير نه پاءِ! اسان جو هت ڪير ڪونهي. امڙ نه ابي واهه! سڀ پراوا آهن، غير آهن، ديس دروهي آهن، بي قياس! اسان جي ٽڪرن تي پلجندڙ نمڪ حرام آهن. اسان جو هت ڪير به ڪونهي. ٻاهر گھٽين ۾ دهشگرد کليا پيا گھمن. وڏن روڊن تي ڪرفيو هڻي، ٿورو ڪيو اٿن. کين ورديءَ وارن جو آشيرواد حاصل آهي. هي آدم خور ٿي، رت سان پنهنجي اڃ اجھائي رهيا آهن. لطيف ڀٽائي جي نگريءَ ۾ ڌرتيءَ ڌڻين جو ڪير ڪونهي. مونکي ڏس! غور سان ڏس! درندن جي منهن چڙهي، جسم ۾ گوليون پيوست ڪرايون اٿم. مهربان ڀاءُ! شاهه لطيف جي رسالي جي صدقي، پنهنجي ماءُ جي گود اجڙڻ کان بچاءِ! ڀيڻ کان ڀاءُ جو سهارو نه ڇِنُ! پوڙهي پيءُ کي پيريءَ ۾ بي وقتو، ڏک نه ڏي. هينئر سڀ حيلا بيڪار آهن!”

مون چيو ته؛ “محمد علي! تنهنجو لڇڻ ۽ جنهن ڪرب ۾ آهين سو مون کان ڏٺو نٿو ٿئي! وت ۽ وس آهر ڪجھ ڪرڻ ڏي! ٻاهر ڪرفيو آهي. ڪجھ ڪو نه ٿيندو.”

مون ضد ڪيو ته محمد علي روئي پيو. سڏڪندي چيائين؛ “سڀ ڪوڙ آهي. ڪرفيو نالي ۾ ڪرفيو آهي. ماڻهن جي رستا روڪ آهي. باقي پاڙن ۾ دهشتگردن کي ڇوٽ آهي. قِيس قهرام جاري آهي.”

محمد عليءَ جي ڀر ۾ ويهندي، مون سندس اکين جا ٽمندڙ ڳوڙها اگھيا. کيس دلاسو ڏنو. همٿ نه هار! ايتري ۾ سندس جسم ۾ ڦَرڪو شروع ٿيو. چهرو تي درد جي ڪيفيت اڀري آيس. چيومانس؛ “مٿي کٽ تي سمهاريائين.”

چيائين ته؛ “زمين تي سمهڻ ڏي! آخر ان ۾ ئي دفن ٿيڻو اٿم، ڪجھ وقت کانپوءِ! سنڌ ڌرتي سينو کوليندي ۽ هميشه لاءِ اندر ۾ سمائي ڇڏيندي.”

محمد علي، نيم بيهوشيءَ واري ڪيفيت ۾ هليو ويو.کيس هڏڪي آئي. ڪجھ گھڙين لاءِ سانت ٿي ويو. مون سندس تڪڙ ۾ نبض ۽ دل تي هٿ رکيو. اڃا چريون پئي. محمد علي اڌ ٻوٽيل اکين سان چيو؛ “دوست تنهنجي شڪل ڌنڌلي ڇو ٿيندي وڃي ٿي. تون پري نه ٿي! اڃان ويجھو ٿي. بلڪل ويجھو ٿي. هينئر امڙ، ابو، ادو مائٽ مٽ سڀ تون آهين. آّخري گھڙين ۾ موت جي جھوليءَ ۾ وڃڻ کان پهريائين سڀ عزيز ميڙو ڪري بيهي موڪلائيندا آهن. پر منهنجو سڀ ڪجھ هينئر تون آهين.”

منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. چيم؛ “ڀاءُ محمد علي پاڻي پيئندين؟!؟”

جواب ۾ ڪنڌ ڌوڻيائين. گھر ۾ ماکي رکيل هئي. پاڻيءَ ۾ ملائي چمچي سان هن جي وات ۾ وجھندو ويس. ڳيت ڏيندي چيائين؛ “ڀاءُ موت جي خبر ٻڌي، امان جي ڪهڙي حالت ٿيندي. هوءَ ڪيڏو نه روئندي. پر مان بيوس لاچار آهيان. کيس پيريءَ ۾ درد جي پيڙا ۾ ڌڪيون ٿو وڃان. ادا ڀائرن ڀينرن کان موڪلائڻ بنا ئي منهن موڙي ٿو وڃان. بابي کي چئجان ته منهنجي مڱينديءَ جي پارت ٿي. کيس ويهارن نه، شادي ڪرائي ڇڏن. جيئن هوءَ پنهنجي زندگي خوش گذاري سگھي. منهنجي نالي هجڻ ڪري، مٿي جا وار اڇا نه ڪري. اها وصيت اٿن، جنهن کي پورو ضرور ڪن.”

محمد علي درد ڀريو جملو چيو؛ “امڙ کي ڪيڏي آس هئي ته هنن هٿن تي ميندي لڳندي، گھوٽ ٿيندس.”

پاڻ هٿن کي رت هڻندي چيائين؛ “هٿ ته ڳاڙها ٿيا آهن، پر رت سان، مينديءَ سان ناهن ٿيا.”

جھيڻي آواز ۾ چيائين؛ “هٿن تي ميندي لڳل آهي، پر امان ڪٿي آهي.”.

محمد علي کي لڳاتار ٻه هڏڪيون آيون. هن جون هڏڪيون تيز ڌار بڻجي، هينئي ۾ لهنديون ويون. سندس هي حال ڏسي، منهنجو هنيون ڦاٽي رهيو هئو. لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي هئي. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن جو موت زخمي حالت ۾، رتو رت ٿيل، منهنجي جھوليءَ ۾ ٿي رهيو هئو.

پوءِ چيائين؛ “شاهه لطيف جو رسالو کڻي اچ!”

مون رسالوسندس چپن جي آڏو آندو. کيس الوداعي چمي ڏنائين. سندس اکين مان نير وهي ڳلن تائين پهتا ۽ زوردار آخري هڏڪي آيس. اکيون پوربيون ٿي ويس. شاهه جو رسالو جنهن کي چاهه مان پڙهندو هئو، سو سندس سيني تي پيو هئو. مون وڏي اوڇنگار ڏئي چيو؛ “اي منهنجا جگري دوست محمد علي! الوداع.”

پاڻ پڙهيائين.

“گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.”

 

(نوٽ: اڄ پهرين آڪٽوبر آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌين سان ٿيل سانحو جيڪو لساني تنظيم طرفان (۰۱.۱۰.۱۹۸۸) ۾ برپا ڪيو ويو. بي ڏوهي ڌرتيءَ ڌڻين سان گڏ منهنجو پيارو دوست به شهيد ٿي ويو هو. ان پسمنظر ۾ ڪهاڻي لکي اٿم. (۰۱.۱۰.۲۰۲۰))

No comments:

Post a Comment