Sunday, January 30, 2022

رند پروڙين راز - نصرت سڪندر

رند پروڙين راز

مختصر ڪهاڻي

نصرت سڪندر



هوء خوبصورت گول اسٽڊي ٽيبل تي بيزاري ۽ بيقراري ۾ ويهي هٿ ۾ جهليل پين کي هوريان هوريان لوڏڻ لڳي. ٽن ڏينهن کان هوء انهي ڪيفيت مان گذري رهي هئي.

ڪجھ ڏينهن کان هن ڪا ڪهاڻي لکڻ ٿي چاهي پر لفظن سندس ساٿ ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو. جڏهن به هوءَ ڪجهه لکي نه سگهندي هئي ته ائين ئي بيقرار ٿي پوندي هئي. هن بيزاري مان اسٽڊي ٽيبل تي کولي رکيل گلابي پنن واري ڊائري ڏانهن ڏٺو. پنن جي ڪنڊن تي گلابي رنگ جون دليون ٺهيل هيون.


“اف...”

جڏهن گهڻي دير کانپوء به سندس ذھن ۾ ڪهاڻي لاء جملا نه جڙيا ته هن پين کليل ڊائري تي رکي ۽ آھ ڀري جنهن جي ڪري سندس سنهڙا چپ گول ٿي ويا. هوء مٿي کي هٿ ڏئي سوچڻ لڳي. ايتري ۾ ڪمري جو در وڳو ۽ سندس ٻاونجاهه سالن جي جسم ۾ ڀريل وڏي  ماسي زيبا جنهن کي پيار مان آپي چوندي هئي  هن لاء چانهه کڻي آئي.

“افشان  هي وٺ چانهه.” زيبا  چانهه جو ڪوپ کليل ڊائري جي پاسي کان رکندي مرڪي چيس.

“جي آپي...” افشان  هيڊي مرڪ مرڪندي زيبا  کي جواب ڏنو.

“افشان نائلا واريون شاپنگ ڪرڻ لاء سنبريون آھن تون به هنن سان چڪر هڻي اچ.” زيبا پاٻوهه مان چيس.

“نه آپي فلحال موڊ ڪونهي.” هن هلڪڙي بيزاري ڏيکاريندي چيس.

“هتي ڏيڍ مهينو ٿي ويو اٿئي. صبح جو ٽرينگ تي وڃي ٿي  ۽ موٽي اچي هن ڪمري ۾ واڙجي ويهي رهين...

 پنهنجي حالت ته ڏس ڪهڙي ڪئي اٿئي. واپس وينديئن ته ماڻهين وري مون کي ئي معيارون ڏيندي ته مون تنهنجو خيال نه رکيو...” زيبا ڪاوڙ ڪجه هجائتي ٿيندي چيس. ان ۾ به سندس پيار ڇلڪيو.

“آپي  اچ ته صفا موڊ نه آھي.” هن وري ساڳي بيزاري ۾ چيس.

“ادي تنهنجي مرضي...”زيبا  اهو چئي ڪمري کان ٻاهر هلي وئي.

هوءَ گذريل پندرهن ڏينهن کان بيورو طرفان ڪوٺايل تربيتي ميڙاڪي جي ڪري حيدرآباد ۾ سندس ماسي وٽ رهيل هئي. هڪ سٶ ويهه گزن واري ماسي جي گهر ۾ ٽي ڪمرا، ننڍڙو لائونج ۽ ڪچن هئا. سندس ماسي ٻن ڌئيرن ۽ پٽ سان رهندي هئي. زيبا گرلس ڪاليج ۾ سنڌي جي ليڪچرار هئي ۽ افشان کي به ماسي کي ڏسي ئي لکڻ پڙھڻ جو شوق ٿيو هو. هن به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٽيسٽ پاس ڪئي هئي ۽ هاڻي ٽرينگ ڪاليج ۾ انڊڪشن ٽريننگ  تي آيل هئي.

هن ٻه سال کن اڳ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ جي بيرحم ساهتي دنيا ۾ سندس الڳ منفرد  سڃاڻپ ٺاهي ورتي. ڪجهه ڏينهن اڳ رسالي جي ايڊٽر کيس واٽس ايپ تي ميسج ڪيس:

“نئين شماري لاء ڪا ڪهاڻي موڪليو...

 مهرباني...

 پر جلدي ڪجو ٽائيم ٿورو بچيو آھي...”

هوء ايڊيٽر جو ميسج پڙھي ڪجهه گهڙين لاء منجهي پئي. پوء مذاق ۾ کيس جواب لکيائين:

“غيبي قوت جي انتظار ۾ آهيان جڏهن غيبي قوت لکرائي ۽ لڳي ٿو غيبي قوت  سکر رهجي وئي ۽ مونکان وري حيدرآباد واري گهر جي ايڊريس ڏيڻ رهجي وئي .”

ان تي هڪ ٻئي پٺيان ايڊٽر جا چار ميسج آيس هر ميسج ۾ ڪهاڻي موڪلڻ لاء منٿ.

هن ڀت تي لڳل گهڙيال ڏانهن ڏٺو. شام جا سوا ڇهه ٿي ٿيا. هوء چانهه جو ڪوپ کڻي ڪرسي تان اٿي دري وٽ آئي ۽ بادامي رنگ جو پردو پري ڪري دري کولي آسمان ڏانهن ڏٺائين. کيس ڪارا ڪڪر نظر آيا ۽ اک ڇنڀ ۾ وڏ ڦڙو شروع ٿي ويو. هن تڪڙ ۾ دري بند ڪري ڇڏي، کيس ننڍي هوندي کان ئي برسات کان ڊڄ ٿيندو هو. ٻاهر مينهن جو آواز تيز ٿي ويو . هوء اسٽڊي ٽيبل تي ويهڻ بدران بيڊ جي ڪنڊ تي ويهي رهي، ويتر بيقراري ٿيس ته اکيون بند ڪيائين.

“تو کي به مينهن کان ڊڄ ٿيندو آھي ڇا؟” هن ڪنهن مرد جو ويڳاڻو آواز ٻڌو. ترت ئي اکيون کولي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي. ويتر ڊڄ ٿيڻ لڳس.

“ڊڄ نه مان توکان جسماني طور پري آھيان. منهنجو ذھن به تنهنجي ذھن جيان ڪم ڪندو آھي ۽ نه چاهيندي به اسان ڪنهن ويڳاڻي سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آھيون. خاص ڪري جڏهن ذھني طور انتشار جو شڪار هجون... تو جيان مون کي به برسات کان ڊڄ ٿيندو آھي... اکيون بند ڪيم ته تون ان بيڊ تي ويٺل نظر آئين... محسوس ڪري ورتم ته تو کي به برسات کان ڊڄ ٿيندو آھي.”

هن ڇرڪ ڀري بيڊ جي سائيڊ ٽيبل تي رکيل ميڻ بتي ٻاري ۽ هڪ دم  ساڄي ۽ کاٻي طرف ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو پر نظر ڪجه ڪونه آهيس ،هن ڇت ڏانهن نهاريو، ۽ چڱي نموني جاچي سڌي ٿي ليٽي .

افشان پنهنجو ڌيان  ڪمري جي وڊ واري فالسيلنگ کي گهوري سوچي رهي هئي ته انسان ڪيترو نه چالاڪ ٿي ويو آهي ڪنهن به شيء جو رنگ مٽائي نئين شڪل ڏئي پاڻ کي ئي ڌوڪو ڏئي رهيو آهي. اتري ۾ ڪمرو روشن ٿي ويو ۽ پکو ڦرڻ  لڳو افشان ڇت ۾ لڳل پکي کي گهوري چپن ۾ ڀڻڪندي ساڄي هٿ جي اشاري سان ساڄي ۽ کاٻي آڱر ڦيرائيندي رهي .ڪيرائي انسان ان ڳالهه کان واقف هوندا ته پکو ڪلاڪ وائيز ٿو ڦري يا اينٽي ڪلاڪ وائيز، ۽ ڪي ته وري ڄاڻڻ ئي نه چائيندا هوندا بس هنن جو ڪم هوا ملڻ سان آهي سوچڻ سان ناهي. اسان جو دماغ اينٽي ڪلاڪ وائيز ٿو هلي يا ڪلاڪ وائيز هوء سوچن ۾ ٻڏل ئي هئي ته هڪ دم احمد مغل جي گيت جون سٽون ذھن تي تري آيس.

ائين آهن لڙڪن لارون پيارا

اڀ تي ڪوج قطارون پيارا

هوءَ هٿ جي تريءَ سان پنهنجي ساڄيءَ اک جا ڳوڙها اگهڻ لڳي.

“لڙڪ ته هڪ ٻئي پٺيان ڊڪندا ٿا اچن مٿان کان هيٺ پر هن گيت ۾ شاعر ڪهڙي ڪيفيت بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ ڪوجان ته ساڄي کان کاٻي ۽ کاٻي کان ساڄي  سفر ڪن ٿيون “

هوء سوچيندي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳي .ساڄي ۽ کاٻي تي سوچيندي ائين لڳو جيئن هن کي پنهنجي ڪهاڻيء جو عنوان ملي ويو. هوء بنا دير جي اٿي ۽ اسٽڊي ٽيبل تي  کليل ڊائريء مٿان رکيل پين کڻي پنهنجي نئين ڪهاڻيء لکڻ جي شروعات ڪيائين.

ڪهاڻيء جي ڪلائيمڪس تي هوء هميشه منجهي پوندي هئي ۽ پنهنجي ماسي زيبا ڊسڪس ڪندي هئي .ان رات افشان کي ائين لڳو ته کيس ڪو لکرائي رهيو آهي ائين ئي افشان پنهنجي ڪهاڻي ته  پوري ڪري ورتي هئي پر هن جي ذھن ۽ ڪنن تائين پهچڻ وارا آواز ڪنهن جا آهن ؟اهو سوال افشان کي پريشان ڪري رهيو هو .

افشان عجيب  قسم جي ڪيئي خيالن کان پريشان رهڻ لڳي. هن کي ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنهن نئين جاء ۽ نئين ماڻهن سان ملڻ وقت ائين لڳندو هو جيئن هن اڳ ۾ به ڪٿي ڏٺو هجي سندس اها جاء يا ماڻهو هن لاء اوپرو ناهي. اهو سوچي هن کي چيني ڏند ڪٿا ياد آئي ته خدا تعاليٰ سڀني روحن کي خلقي هڪ جاء تي گڏ ڪيو هو، شايد روح پهريون ڀيرو اها ياد ريڪال ڪري ٿو.

“نه نه! ڏند ڪٿائون ۽ لوڪ ڪهاڻيون ڪتابن ۾ ئي سونهن.”

“ٿيون حقيقت جو ان سان ڪو تعلق ڪيئن ٿو ٿي سگهي!”

افشان ڪهاڻي مڪمل ڪرڻ تي ته خوش هئي، پر هن کي اڄ ٻڌل آوازن واري ڳالھ بيحد پريشان ڪري رهي هئي.

ڪجهه ڏينهن مسلسل ساڳيو سلسلو جاري رهيو. نئين سال سان گڏ زيبا جي پٽ جي ٻٽيهين سالگره جي ڏينهن چائنه مان پي ايڇ ڊي مڪمل ڪري پهتو ته ماڻس شاديء جون تياريون شروع ڪري ڏنيو. زيبا پنهنجي اڪيلي پٽ جي شاديء تي ان ڪري به بيحد خوش هئي جو سندس خيال هو ته پياري ڀاڻيجي  افشان  سدا ملوڪ، پڙهيل ڳڙهيل آهي ۽ ادبي ورثي کي اڳتي وڌائيندي.

زيبا رات جو افشان جي ڪمري جو دروازو نوڪ ڪري کير جو گلا کڻي اچي ٽيبل تي رکيو. پنهنجي ۽ ماڻس جي ڪيل فيصلي کان به آگاھ ڪيو جنهن تي افشان ڪنڌ جهڪايو ۽ زيبا کيس پيار مان سينڌ تي چمي ڏئي ٻاهر هلي وئي.

پرويز جي روٽين ڪجه اهڙي هئي جو  رات جو ڪونه ڪو دوست گاڏي جهلي اچي درتان پڪ ڪندو هو ۽ ڏينهن جو آرامي هوندو هو.

افشان جي ٽريننگ پوري ٿي ۽ هوء واپس سکر رواني ٿي ان وچ ۾ صرف رات جي مانيء تي هڪ ٻه ڀيرا ساڻس هيلو هاء ٿي هئي پر ڪا تفصيلي ڪچهري ڪونه ٿي هئي .

افشان جي ماءُ پيءُ پنهنجي سڄي عمر ميڙا چونڊي پنهنجي پهريٺي ڌيءُ کي ڏاج ۾ ڏئي پيار ۽ شان سان الوداع ڪيو ۽ پاڻ کي هڪ وڏي فرض کان آجو سمجهڻ لڳا. افشان ۽ پرويز شروع جي چئن هفتن کان پوءِ هڪ ٻئي سان علمي ۽ تعليمي بحث ۽ پوءِ نيٺ لوڻ مرچ مصالحو ڀاڄيءَ جي تکي ڦڪي ڪپڙن جي سنڀال تي به ست سريون ٻڌائڻ شروع ڪيون. زيبا سخت پريشان رهڻ لڳي. ڪجهه ڏينهن ته صرف پرويز ۽ ٿانون جو ٽنڪوڙو به ٻڌڻ ۾ ايندو هو پر اڄ افشان جو به گڏيل آواز هو جيڪا سڌڪن ۾ چئي رهي هئي ته مان نفسياتي مريض ناهيان ۽ نه ئي ڪا غيبي طاقت مونتي حاوي آهي ۽ سڏڪا تيز ٿيندا وڌندا ويا پرويز ڪجه دير لاءِ گهر کان ٻاهر ويو. ويھ منٽن کان پوءِ واپس آيو ۽ گڏ هڪ فيميل هئي جنهن کي ڪاري رنگ هلڪي گلابي رنگ جي ٽائيٽ ٽي  شرٽ جي مٿان ايپران پاتل هو ۽ هلڪي نيري رنگ جي جينز پاتل هئي، گڏ ٻه نيري رنگ ٻه نوجوان هئا جن مان هڪ افشان کي کاٻي ۽ هڪ نوجوان کاٻي ٻانهن کان وٺي ڏاڪڻ تان لاهي اڇي رنگ جي گاڏيء ۾ ويهاريو ۽ زيبا خاموشيءَ سان هڪ ڀيرو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي طرف ڪنڌ موڙيو. ائين لڳو ڄڻ هوءَ جاچي رهي هجي ته ڪرامًا ڪاتبين جي قلم جي نوڪ کي ڪلهن تي هلندي محسوس ڪيو ۽ هڪ نظر پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي هٿ جي ترين تي وڌي، جنهن ۾ هوءَ ھٿ جي ترين تي لڪيرن کي غورسان ڏسندي رهي ۽ زيبا پنهنجي دروازي جي چانئٺ جي اندران پهرين ساڄي ۽ پوءِ کاٻيءَ اک جا ڳوڙها اگهي ٽشو پيپر سونهري رنگ جي ڊسٽ بن ۾ اڇلائي اسٽڊي ٽيبل تي ويٺي، جتي هوءَ افشان جي اڻ پوري افساني کي ڪلائميڪس ڏيڻ لڳي.

No comments:

Post a Comment