Tuesday, January 4, 2022

چئبو ايئن آهي - ضراب حيدر

چئبو ايئن آهي

مختصر ڪھاڻي

ضراب حيدر



سَالن پُڄاڻان وري هُن جو خط آيو.

لکيو ھيائين؛ “ننڍپڻ جا دوست، سال ٿي ويا آهن، تو کي ڏٺو ئي ڪونھي، سولائي سمجهين ته ديدار ڪرائي وڃ.”

هو منھنجو ننڍپڻ جو دوست هُئو، لاهور ۾ رهندو هُئو. پرائمريءَ تائين گڏ پڙهياسين. جڏهن سندس ڏاڏو گُذاري ويو ته پنھنجي ڪُٽنب سان گڏ هميشه لاءِ هليو ويو. هن سان خط پٽ جو سلسلو سالن کان ھوريان ڏاڍيان ھلندو رهيو ھئو. ٽيھن پنجٽيھن ورھين کان اسان ھڪ ٻئي کي رڳو تصويرن ۾ ڏٺو ۽ ھئو ۽ خطن ۾ ڳالھايو ھئو. ھو ھر ڇھين مھيني يا سال-اڌ کان پوءِ، نوڪري بدلائيندو رھندو ھئو. تنھنڪري ھن سان خط ڪتابت مختلف ائڊريسن تي ٿيندي رهندي هُئي. تازي موڪليل خط جي آخر ۾ هُن پھريون ڀيرو پنھنجي گهر جو ڏس پتو لکيو هُيو، جيڪو پوسٽل ائڊريس کان مختلف هُئو. خط ۾ ھن ڏاڍي اڪير ۽ حُب ڏيکاري ھئي ۽ زور ڀريو ھئو ته زندگيءَ ۾ ھڪ ڀيرو مُنھن ڏيکاري وڃ.


مان غريب ڪلارڪ ماڻهو، سالن کان شوق هُئو ته دوست سان ملان ۽ لاهور به ڏسان. خبر ناھي ته دوست سان ملڻ جي سِڪ وڌيڪ ھئم يا لاھور گُهمڻ جي سَڌ. پر ڪڏهن به اهڙو موقعو ميسر نه ٿيو هئو. هڪ مسڪين ماڻهو، ٻيو گهر ۽ ذميواريون. سو منھنجي لاءِ ته ڪراچي به ولايت ھئي ۽ ڪراچي به ڪو سالن ۾ ڏسبي هُئي، سا به آفيس جي ڪنھن ڪم سانگي سان.

تازو مون گهر جي مرمت لاءِ جي پي فنڊ مان ڪجهه پئسا ڪڍرايا هئا. خير خوبيءَ سان گهر جي ڪھڪِيل به ٿي وئي. ڪجهه ڏوڪڙ بچيا ته سوچيم ڇو نه يار سان به ملي اچان ۽ لاهور به ڏسي اچان. مان ريل جي ٽڪيٽ ڪرائي وڃي لاهور پھتس. رات ٿي چڪي ھئي. اسٽيشن تان رڪشا پڪڙي، سندس ڏنل ڏس پتي تي وڃي، سندس گهر پُھتس. هو مون سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو، ڏاڍي خاطر تواضع ڪيائين. آئون جڏهن سندس پاڙي ۾ پھتو هئس ته عجيب رنگ ڏٺو هئم. اهڙو ئي رنگ جيڪو حيدرآباد جي سيلاوٽي پاڙي جو هوندو هئو. رات جو ڪچھري ٿي ته پڇيومانس؛ “يار! هتي لاهور ۾ به سيلاوٽي رهندا آهن ڇا؟ تو واري پاڙي ڏانھن آيس پئي ته ڪجهه گهٽين جو  رنگ ڪجهه اِهڙو لڳو؟”

“سلاوٽي ڪھڙا؟”

“اڙي يار! حيدرآباد جي ٽاور مارڪيٽ ڀرسان وارو روڊ سمورو سلاوٽين جو پاڙو آهي. ياد نه اٿئي خوجن جي جماعت خاني وٽان هلندا هئاسين ته سلاوٽي عورتون گهٽين کي به گهر ۽ پڌر ڪيون ويٺيون هونديون هُيون.”

“ها ها، ياد اٿم... پر يار اھا ته شريف ڪميونٽي آھي، انھن جون عورتون اشراف ۽ عزتدار آھن...” هو ڪجھه لمحن لاءِ وري چُپ ٿي ويو. ڪجهه سوچيندي نظرون چورائيندي، ڏاڍي جهِيڻي لھجي ۾ چيائين؛ “پر هي اشرافن جو پاڙو ڪونھي.”

“ڇا مطلب، مان سمجهيس نه يار.”

هُن هڪ عجيب تاثر جوڙيندي چيو؛ “زمانن کان اسان جو گهر هتي آهي، سو يار مجبوري آهي رهان پيو. باقي هي پاڙو اشراف ماڻھوءَ جي رهڻ جھڙو ڪونھي. ايتري حيثيت ڪو نه اٿم جو ڪنھن ٻيءَ جاءِ تي گهر وٺي سگهان. لاهور ۾ گهر وٺڻ ڪا سولي ڳالهه ڪونهي.”

“ هيءُ گهر وڪڻي به ته ٻيو گهر وٺي سگهين ٿو؟”

“ها پر هيءُ گهر وٺندو ڪير؟ اصل ۾ دوست! منھنجو پاڙو هيرامنڊيءَ سان لڳو لڳ آهي. سمجهه ته هيرامنڊي ئي آهي. هيرامنڊي جيڪا لاهور جو مشھور چڪلو...”

تعجب ٿيڻ سان گڏ، مون کي ھڪ اڻ لکي خوشي ٿي. کِلي پيس. چيومانس؛ “چئبو ته جنھن هيرامنڊيءَ جو ٻُڌندا هئاسين، مان اُتي ئي ويٺو آھيان هِن وقت؟...ٽرين ليٽ نه ٿئي ھا ته سانجهيءَ کان اڳ ۾ پھچي وڃان ھا ته پھرين ته هيرامنڊي ڏسان ھا...!”

هن ٽھڪ ڏنو؛ “ها ها، ڇو نه، سڀاڻي تو کي هيرامنڊي ڏيکاريندس. جيترا ڏينھن ھتي آھين، روز پيو چڪر ڏجانءِ! ھونئن به ھيرامنڊي ھڪڙي ڏينھن ۾ گهمڻ کان گهڻي آھي.”

ٻئي ڏينھن اسين جيئن هيرامنڊيءَ جي چڪر تي نڪتاسين ته گهٽين ۾ کيڏندڙ ڪجهه ٻار، ھِن کي ماما چئي وچڙي رهيا هئا. جنھن تي هُو کين پاڻ کان پري ڪندي، ڪاوڙ وچان دڙڪا ڏئي چئي رهيو هو؛ “جا پَران هَٽ، اوئي وڙڻ جوگي دا...ماما ھوئي گا تيرا پِيو...”

مون کي مشڪري سُجهِي، پڇيومانس؛ “خوشنصيب آهين يار! پاڙي جا ٻار تو کي مامو پيا چون، اسان وٽ ته ماڻهو مامو ٿيڻ لاءِ سِڪندا آهن.”

ھن ڪو به جواب ڪونه ڏنو.

اُن لمحي مون کي منھنجو هڪ ٻيو حيدرآبادي دوست ياد اچي ويو. هڪ ڏينھن آفيس آيو ته ڏاڍو خوش هئو. منٽ ۾ چانھه پياريائين ۽ اصل خوشيءَ ۾ ماپيو ئي نه پئي، پڇيوهئومانس ته؛ “ڪھڙي ڳالھه آھي پيارا، اڄ ڏاڍو خوش آهين...”

هڪڙو ٿڌو شوڪارو ڀريندي، مُرڪي پيو ھئو ۽ چيو هئائين؛ “ها يار! بس نه پُڇ، اڄ ڏاڍو خوش آهيان. منھنجي سامھون واري گهر ۾ جيڪا اپسرا رهندي آهي نه، اُن جي ننڍڙي پُٽ مون کي ماما ڪري سڏيو. اُن لمحي هوءَ به بالڪني ۾ بيٺي هُئي. مون کِلي کيس پيار ڪيو ته هوءَ به مُرڪي پئي. بس يار اُن ڪنفيگريشن تي ڏاڍو خوش آهيان.”

مون کي ياد آيو ته مان جڏهن هڪ خانگي اداري ۾ ڪم ڪندو هئس ته اُتي وري هڪڙو ڪليگ روزانو باهه ٿيو ايندو هئو، سبب معلوم ڪبو هُئو ته چوندو هئو؛ “يار! ڄڻ اسان ئي ٺيڪو کنيو آهي سڀني جو مامو ٿيڻ جو. جھڙي مَھل ڏس، جتان گهٽيءَ مان گُذر ته هر ٻار رڳو پيو ماما ماما ڪندو. ماما ڳالهه ته ٻُڌ، ماما هي ڪم ته ڪر.....”

ايئن ئي هڪ ڏينھن اُهو ڪليگ به ڏاڍو خوش هئو. چانھه سان گڏ ڪيڪ به گهرايو هيائين. ايڏي مھربانيءَ جو سبب معلوم ڪيو هُئم ته چيو هئائين؛ “يار مس سالن کان پوءِ ڪنھن ٻار مون کي چاچا چيو آهي....”

مون ٽھڪ ڏنو هئو ته چيو هيائين؛ “ڏند ڪڍي کِل نه! اسان جي سامھون واري گهر ۾ نوان ڪِرائيدار آيا آهن، ڪِرائيدار پکي ڏاڍا سُھڻا آهن. اُهو ٻار هُئو ته الائي ڪھڙي پکيءَ جو ٻچو، پر اڄ صبح جيئن آفيس لاءِ نڪتس ته چيائين؛ ’چاچا، مون کي ٻاهرين روڊ تائين ته بائيڪ تي کڻي هل‘...”

مان پنھنجي خيالن ۾ ھئس ته منھنجي لاهوري دوست پڇيو؛ “ڏي خبر، مُوڊ آھي، شوق شغل ڪندين ڇا؟”

“پئسا ڪونھن ... منھنجو مطلب آھي ته واپسيءَ جي ڪرائي جيترا پئسا بچائڻا به اٿم.”

 منھنجي هڪ ڄاڻ سُڃاڻ واري آهي، اُن وٽ وٺي ٿو هلانءِ... اُھا ونھوار ۾ رعايت به ڪندي آھي... “

هڪ ڪلارڪ ماڻهو، ايڏي سُٺي آفر کي ڀلا ڪيئن ٿي رَد ڪري سگهيو. سو دير ئي نه ڪيم ۽ ها ڪيم. هُو سِڌو مختلف گهٽين مان ھلندو، هڪڙي عام قسم جي گهر ۾ وٺي هليو، جتي هڪڙي خوبصورت عورت ڀرٿ ڀريل پوش سان ڍڪيل صندل تي ويٺي هُئي. سندس ڀرسان هڪڙو ڇھن سالن جو ٻار به ويٺو هُئو. ان کي عورت چوڻ به ناانصافي ٿيندو، ھوءَ ته ويھن ٻاويھن ورھين جي ڇوڪري ھئي، ۽ ڇوڪري ڇا، ھوءَ ته صفا هيرامنڊيءَ جو نڪ هُئي.

مان ٿورو پرڀرو بيٺو ھئس. هُن ھلڪي لھجي ۾ ساڻس پنجابيءَ ۾ الائي ڇا ڳالهايو. هُوءَ مُرڪي پئي ۽ پوءِ کينچلي انداز ۾ مون کي ڏٺو. صندل تان اُٿي ۽ منھنجو هٿ ورتائين ۽ ڀرسان ئي ڪمري طرف هلڻ لڳي، ايتري ۾ ٻار صندل تان ٽپ ڏئي لٿو ۽ مون واري يار کي چنبڙندي چوڻ لڳو؛ “ماما جي، مينون خرچي دَي...”

مون واري يار ڳراٺڙي پائي، کيس پيار ڪيو. کيسي مان ڪجهه پئسا ڪڍي، کيس ڏنائين ۽ نرم لھجي ۾ چيائين؛ “ماما هوي تيرا پِيو...” ۽ ٽِھڪ ڏئي کِلڻ لڳو.

رات جو جڏهن ماني ويٺي کاڌيسين ته، مون کيس چيو؛ “يار! تو واري واقف مائيءَ ته صفا وڏو آڌرڀاءُ ڪيو. اسان وٽ ته بازارُو مايون پنھنجي مرضيءَ جا پئسا وٺڻ باوجود، ڇِتِيءَ ڪُتيءَ وانگر پيون ڏاڙھينديون آھن...”

هُن هڪڙو ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين؛ “ڳالهه هتي به ساڳي آهي، پر واسطيداريءَ جو لحاظ ته ھر ڌنڌي ۾ ٿيندو آھي. لاهور جي بازار حسن کي ڀلا، لکنوءَ جي بالاخانن وارا آداب ڪيئن ايندا؟ اَوَڌ جون تھذيب يافته طوائفون رڳو آداب ۽ اخلاق سان ماڻھوءَ کي پاڻي پاڻي ڪري ڇڏينديون هيون، تڏهن ته رئيس ۽ نواب مٿن پاڻيءَ وانگي پئسا وهائيندا هُئا.”

مون ھڪڙو ننڍڙو گرھ وات ۾ وڌو ۽ ٻيو گرھ ٺاھيندي پڇيومانس؛ “هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آيم، تو اُن مائيءَ جي ٻار کي پيار ڪيو، جيتوڻيڪ هُن به تو کي ماما چيو. اُلٽو تو ھن کي خرچي به ڏني... ڪاوڙ به ڪو نه ڪيئه، جيئن پنھنجي گهٽيءَ ۾ ٻين ٻارن سان ماما چوڻ تي پئي ڪيئه...!”

هُن جي چھري تي ھڪ مختصر شام آئي ۽ گذري وئي. ڦِڪو ٿيندي هڪڙو ٽھڪ ڏنائين؛ “ها يار! اِها مائي منھنجي ڀيڻ ڪيل آهي...”

“هان!....” منھنجي ھٿ ۾ جهليل مانيءَ جو گرھ ڪِري پيو، منھنجي مغز مان ٺڪاءُ نڪري ويو...

هُن منھنجي ويجهو ٿيندي چيو؛ “ڀيڻ ڪيل آهي، ڀيڻ آهي ڪو نه...”

مان حيرت وچان کيس ڏسڻ لڳس. هُن ڪمري ۾ هيڏانھن هواڏنھن ڏسندي، آهستگي وچان چيو؛ “اڙي چريا! زال جي خوف کان کيس ڀيڻ سڏيو اٿم، ٻيو سڀ ڪم پيو هلي...”

مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته مان ھن کي ڇا چوان، مون پاڻيءَ جو ڍُڪ ڀري چيو؛ “چئبو ائين آهي؟...”

هُن وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو؛ “بلڪل ايئن آهي، جيئن جتي ڪٿي آهي. ھر ھنڌ آھي، شھر ھجن يا ڳوٺ، سنڌ ۾ به ته ايئن آھي...”

مون ٻيھر پاڻيءَ جو ھڪڙو وڏو ڍُڪ ڀريو. گرھ ھجي ھا ته ھيٺ لھي ھا. پر منھنجي نڙيءَ ۾ ته ڄڻ ڪو سوئر جي ٻُوٽيءَ سان گڏ بھتان جو ھڏو به ڦاسي پيو ھئو، چيومانس؛ “ڀيڻ ڪيل اٿئي يا ويھاريل، منھنجو ناس پِتو اُتي ڇو ھلي ٻوڙايئي. ڀت جي ديڳ جيترا لوٺيا ۽ اڻاسا ھر ھنڌ ھوندا آھن، پر سنڌي ماڻھو ڀيڻ ته ڀيڻ، دوست جي سُريت کي به ماءُ جيڏو مانُ ڏيندا آھن.”



(ضراب حيدر جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۱۱ آگسٽ ۲۰۲۰ع تي رکيل/کنيل)


No comments:

Post a Comment