Sunday, January 2, 2022

منير احمد ’ماڻڪ‘ جي ڪهاڻين جو تحقيقي اڀياس

منير احمد ’ماڻڪ‘ جي ڪهاڻين جو تحقيقي اڀياس ڪتاب تي تبصرو

حفيظ چانڊيو



ڪتاب منير احمد ’ماڻڪ‘ جي ڪهاڻين جو تحقيقي اڀياس منهنجي هٿن ۾ آهي، جيڪو پياري دوست، نامور شاعر ۽ اديب مصور حسين سال ۲۰۲۲ع جي پهرئين ڏينهن ئي تحفي ۾ ڏنو. سندس ٿورائتو...

هي ڪتاب رومي پبلشر پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.


هي ڪتاب ليکڪ جي ايم فل ٿيسز ورڪ آهي، جنهن لاءِ کيس ڪيترن ئي اديبن جا در کڙڪائڻا پيا هوندا. جن وٽان کيس مان ۽ محبت ملي، تن جا ٿورا ۽ احسان مڃيا اٿائين ۽ جن ساڻس اڍنگو رويو اختيار ڪيو تن جو نالي بنا ئي ذڪر ڪيو اٿائين.

نامور شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، تعليمي ماهر ۽ نقاد مصور حسين جو سچ پڇو ته هيءُ ڪتاب سندس محنت طلب ۽ هڪ نج ادبي پورهيو ئي آهي. هن تحقيقي ڪتاب ۾ ليکڪ مصور حسين، ماڻڪ صاحب جي زندگي ۽ سندس خودڪشيءَ بابت حقيقت تي مبني تلخ ڳالهيون پڻ لکيون آهن، جن بابت شايد ماڻڪ جي دوستن کي به خبر نه هئي. سندس هيءُ تحقيقي ڪم، يقينن ساراه جوڳو ڪم آهي.

هي ڪتابُ سنڌي ادب جي تحقيق واري شعبي ۾ نوجوانن جي لاءِ ريفرنس بوڪ طور استعمال ٿيندو. ھي ڪتاب نه پر هڪ تاريخي ڊاڪيومينٽ ئي آهي. جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ليکڪ منير احمد ’ماڻڪ جي ڪهاڻين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي، راتيون جاڳي نور نچوئيو آهي. هن محنت طلب ادبي پورهئي ۾ مصور حسين کي يقينن مشڪلاتن مان گذرڻو پيو هوندو. پر هن لڳاتار پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهي، اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته دنيا اندر ڪو ئي به ڪم ڪرڻ، ايترو مشڪل ناهي، جيترو ماڻهن مايوسي ڦهلائي آهي. هن کي شابس هجي جو ههڙي ڏکئي ۽ محنت طلب ڪم ۾ هٿ وجهي توڙ تائين نڀايو اٿائين. هن سموري ادبي پورهئي دوران مصور حسين ڪاٿي مايوس ناهي ٿيو. همت ۽ حوصلي سان پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهيو. هي ڪتابُ سندس محنتن جو ثمر آهي، جيڪو ڪتابي صورت ۾ اسان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. منهنجي خوشي جي ڪا حد ئي نه آهي، جو بيان ڪريان. آءُ مصور حسين جو دلي ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجو تازو ڇپجي آيل ڪتاب مُنير احمد ’ماڻڪ‘ جي ڪهاڻين جي تحقيق جو اڀياس جهڙو شاندار ادبي پورهيو سوکڙي طور ڏنو. هيءُ ڪتاب سنڌي ڪھاڻي سان چاھه رکندڙ توڙي سنڌي ادب جي چاهيندڙ نوجوان محققن ۽ شاگردن لا۽ پڻ لاڀائتو آهي. هنن کي گهرجي ته مصور حسين جو هيءُ ڪتاب ضرور پڙهن.

ڪتاب ”منير احمد ’ماڻڪ‘ جي ڪهاڻين جو تحقيقي اڀياس“ جو مهاڳ، نامياري ليکڪ مدد علي سنڌي لکيو آھي. جيڪو پڻ ٿيسز ئي آهي. جڏهن ته نامور شاعر ۽ اديب سائين ڊاڪٽر ادل سومري صاحب، ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل لکيو آھي. ڪهاڻين جي چاهيندڙن توڙي ادب جي عاشقن کي، هيءُ ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)



ڪتاب  ”منير احمد ’ماڻڪ‘ جي ڪهاڻين جو تحقيقي اڀياس

محبوب سنڌي

”منير احمد ماڻڪ جي ڪهاڻين جو تحقيقي اڀياس“ اهو سنڌ جي هڪ محقق مصور حسين جي ايم فل جو مقالو آهي، جنهن ۾ هن نهايت ئي سنجيدگي سان ڪهاڻيڪار ماڻڪ جي ڪهاڻين جو جائزو ورتو آهي. انهيءَ سان گڏ منير احمد ماڻڪ جي ذاتي زندگي، خانداني پسمنظر، خودڪشي ڪرڻ جي ڪارڻ ۽ غير ملڪي ادبي لاڙن جو ماڻڪ تي اثر بابت ڄاڻ فراهم ٿئي ٿي. هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکندي نامور شاعر ۽ نثر نويس ادل سومرو لکي ٿو ته ”مصور حسين، ماڻڪ جي خودڪشي جي حالتن جي تناظر ۾ دليلن جي بنياد تي نفسياتي تجزيو ڪيو آهي. ماڻڪ جي ڪهاڻين جا موضوع، سندس ڪهاڻين تي مختلف فڪري تحريڪن جا اثر، جديديت، وجوديت سان گڏ سندس ڪهاڻين ۾ مزاحمتي فڪر، انهن سڀني عنوانن سان مصور حسين پنهنجي تنقيدي شعور وسيلي بهتر انداز ۾ نباهيو آهي.“ محقق پڻ هن ڪتاب جي پنجين باب ”ماڻڪ جي ڪهاڻين ۾ فڪري تحريڪن ۽ لاڙن جو اثر“ ۾ ٻڌائي ٿو ته ماڻڪ جي ڪهاڻين تي، سماجي حقيقت نگاري، Social Realism، جديديت Modernism، علامت نگاري Symbolism وجوديت  Existentialism مزاحمتي فڪر  ۽ عورتزاد  Feminism جو اثر هو. انهن جديد ادبي لاڙن تي مختصر مضمون پڻ ڏيندي انهن جي ڪارج بابت به  هن ڪتاب ۾سمجهايو ويو آهي.

ماڻڪ کان اڳ به اسان وٽ علامه آءِ آءِ قاضي جهڙي نامور اسڪالر ۽ نوجوان اديب قوم پرست اڳواڻ عرفان مهدي به خودڪشيڪئي هئي.آخر ماڻهو جي اهڙي نفسيات ڇو جڙي ٿي جو هڪ سڄاڻ ادبي سٿ سان سلهاڙيل فرد به پنهنجي ”انت“ کي هڪ عام فرد وانگر اهميت ٿو ڏئي، اهڙي عمل کي قبولڻ هرگز فراخدلي نه ٿو چئي سگهجي. مصور حسين جي هن ڪتاب ۾ هڪ مضمون ”ماڻڪ جي خودڪشي: نفسياتي ڇنڊڇاڻ“ ۾ ماڻڪ جي ڪيل آخري ڳري فيصلي تي سٺي انداز ۾ ڳالهايو ويو آهي. هن باب ۾ محقق انگريزي ٻوليءَ جي اديب ”هيمنگ وي ۽ ماڻڪ“ جي خودڪشي ۾ ڪجھ هڪ جهڙائي هن ريت محسوس ڪرائي ٿو. ”هيمنگ وي به خوڪشي کان اڳ بلڪل ٺيڪ هئو ۽ تفريح ۽ شوق خاطر شڪار ڪرڻ ويو هو. پوءِ اتان جيئن موٽيو ته بندوق جو فائر ڪري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيائين، پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هو به ماڻڪ وانگر منجهيل منجهيل هو (ص:۷۰)“ مدد علي سنڌي هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ماڻڪ سان آخري ملاقات بابت لکي ٿو ته ”ماڻڪ جي پڇاڙڪي ملاقات جا ڌنڌلا رنگ اڃا تائين ذهن جي ڪئنواس تي موجود آهن. سال ۱۹۸۲ع ۲۰ جنوريءَ جو ماڻڪ مون وٽ آيو صبح جو ۱۱ وڳي جو وقت هو، عيسيٰ پٽيوالي کي هن لاءِ چانھ جو چيم. چانھ آئي ۽ ڪوپ آڏو رکي ڪنهن اونهي ويچار ۾ کوئجي ويو.“ مصور جڳ مشهور ڪهاڻيڪار ”البرٽ ڪاميو“ جي چوڻي کي به استعمال ۾ آندو آهي ته ”آپگهات جو عمل چپ چپات ۾ آرٽ وانگي دل ۾ پيدا ٿيندو آهي. (ص:۲۲)“ مصور مير ٿيٻي کان ورتل هي حقيقت  به ٻڌائي ٿو ته ”انهيءَ تسلسل ۾ مون هڪ ڏينهن کائنس پڇيو منير جيڪڏهن تون زندگيءَ ۾ ناڪام ٿئين ته؟ هڪدم وراڻيائين ته پاڻ کي ماري ڇڏيندس (ص:۷۷)“ مصور ماڻڪ بابت لکي ٿو ته ”آخري ڏينهن ۾ مليل  مواد ۽ ڄاڻ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هو پنهنجي زندگي جي مقصد کي وڃائي چڪو هو (ص:۷۶)“ ماڻڪ جي زندگي جو آخري ڏينهن ۾ جيڪو ڪجھ هو ڪندي نظر اچي ٿو ان ۾ هن جي نارمل زندگي جو عڪس نظر اچي ٿو پوءِ خودڪشي ڇو؟ هڪ سوال ضرور آهي ڪتاب مان مليل ڄاڻ موجب هن سان گهڻا مسئلا هئا. هڪ ته بيروزگاري، گهرو پريشاني، اديبن پاران بهتر موٽ نه ملڻ پر ڇا اهي سڀ مسئلا گڏجي هڪ بهادر ليکڪ کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿا. يا ته اهو مڃڻو پوندو ماڻڪ پنهنجي لکڻيءَ ۾ هڪ انقلابي ليکڪ هو پر اصل زندگيءَ ۾ بزدل! پر شايد مون کي ماڻڪ لاءِ ”بزدل“ جو لفظ استعمال نه ڪرڻ گهرجي ائين چوڻ بهتر رهندو ته هي هن جو جذباتي فيصلو هو. ماڻڪ آخري ڏينهن جي ڪارگذاري جا چٽ هن ريت مصور سمايا آهن ”مرڻ کان ٿورو اڳ هيمنگ وي شڪار ڪرڻ ويو هو ته وري ماڻڪ ميڊيڪل اسٽور تي ويو هو ان کان اڳ صبح جي پهر ۾ هو پنهنجي پٽ علي سان راند کيڏيو، ريڊيو ٻڌائين، گهر واري سان ڳالھ ٻولھ ڪيائين ۽ پوءِ دوائن جي اسٽور تي هليو ويو. هو ۱۲ وڳي ڌاري گهر موٽي آيو ۽ زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيائين (ص:۷۰/۷۱)“

ماڻڪ ناول به لکيا خاص طور تي ”لڙهندڙ نسل“ جهڙو شاهڪار ناول به ماڻڪ جي کاتي ۾ اچي ٿو پر مصور پنهنجي مقالي جو موضوع ماڻڪ جون ڪهاڻين کي بنايو آهي ۽  انهن ڪهاڻين جا مختلف زاوين کان جائزا به ورتا اٿس، ڪتاب جو ٽئين باب مان ڄاڻ ملي ٿي ته، ليکڪ، ماڻڪ جي ڪهاڻين کي تمام ويجهي کان ڏسڻ جي ڪوشش هن ريت ورتي آهي ”ماڻڪ جي ڪهاڻين جو موضوعاتي جائزو. ماڻڪ جي ڪهاڻين ۾ ڪردارنگاري. ماڻڪ جي ڪهاڻين ۾ ماحول، منظر نگاري ۽ پلاٽ، ماڻڪ جي ڪهاڻين جو نفسياتي اڀياس، ماڻڪ جي ڪهاڻين جو سماجي ڪارج، ماڻڪ جي ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو، ماڻڪ جي ڪهاڻين جو اسلوب ۽ ٻولي“ اهي هن ڪتاب جا اهم مضمون آهن، جنهن ۾ مصور ماڻڪ جي ڪهاڻين جو ڇيد ڪري ٿو. پر اها حقيقت آهي ته ماڻڪ پنهنجي ٽهيءَ جو اهو  ڪهاڻيڪار آهي جنهن پنهنجي انفراديت کي مڃرائڻ ۾ ڪو وڏو وقت نه ورتو هو. ماڻڪ مختلف کاتن ۾ نوڪريون توڙي ڌنڌا به ڪيا ته وڪالت جو سهارو به ورتو. اهو به سوال اڀري ٿو ته سرڪاري مليل نوڪريون هن ڇو ڇڏيون، جيڪي اڳتي هلي هن جي پريشانيءَ جو وڏو سبب بڻجن ٿيون. جنهن جي ڪارڻ هن پنهنجي زندگيءَ کي ختم ڪرڻ جو آخري فيصلو به ڪري ورتو. هن ڪتاب ۾ ماڻڪ جي خانداني پسمنظر، جنم، ننڍپڻ ۽ تعليم، شادي ۽ اولاد  تي به روشني وڌي وئي آهي. سندس گهرواري کان هڪ ورتل انٽريو جو پيراگراف هن طرح ليکڪ ڏنو آهي ته ”هيسيتائين منير پنهنجي زندگيءَ جي خاتمي جو بندوبست ڪري چڪو هو ۽ هن وٽ وڌيڪ جيئڻ جي ساهس باقي نه رهيو هو، هوهڪ دلچسپ ۽ منفرد شخص هو، جنهن موت کي به سيني سان لائي به ڪنهن سان شڪايت نه ڪئي (صابره منير انٽرويو ۲۷ ڊسمبر ۲۰۱۷ص:۶۵)“

سمجهڻ جي ڳالھ اها آهي ته جيڪي مقالا ايم فل يا پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪرڻ لاءِ وجود ۾ اچن ٿا انهن کي وڏي باريڪ بينيءَ سان ڏسندي پاس ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ان لکت جي آڌار تي اميدر وار کي ماهر جي حيثيت ملي ٿي ۽ اسين ان کي ڊاڪٽر سڏيون ٿا. جڏهن  مصور حسين جي ماڻڪ تي ٿيل تحقيق کي ڏسون ٿا ته ڪتاب جو باب ٽيون پنهنجو پيرائيتو سٽاءُ ڏيکاري ٿو ”ماڻڪ جي ڇپيل ڪهاڻي ۽ ڪتابن جو اڀياس“ جنهن ۾ عوام روايتي انداز ۾ ”ڪهاڻي جي وصف ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جو مختصر جائزو“ تي ڳالهايو ويو آهي. جنهن جو ماڻڪ جي ذاتي يا تخليقي ڪم سان ڪو سروڪار ڪونهي، انهيءَ ڪري ڪتاب جا اهي ۱۳ صحفا واڌو سمجهبا. جڏهن سنڌي ڪهاڻيءَ جو مختصر جائزو وٺندي ليکڪ انگريز دوُر جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته ”ان ئي دور ۾ انگريزي  ادب کان متاثر ٿي نين صنفن جو بنياد پڻ وڌو ويو، جن مان ڪهاڻي، ناول ۽ سفر نامو قابل ذڪر آهن(ص:۹۲)“ جڏهن ته سنڌي ڪهاڻي انگريز دور ۾ متعارف ڪرايل نئين صنف ڪو نه هئي، اسان وٽ ڪهاڻي جو دوُر پراڻو ملي ٿو.

بهرحال اهو سچ آهي ته مصور حسين، ماڻڪ جهڙي ڪماليت رکندڙ  ڪهاڻيڪار تي ايم فل جو مقالو لکي ان کي زنده رکڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ئي ايمانداريءَ سان ڪيو آهي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment