Tuesday, January 25, 2022

انوکو احتجاج - غفار سومرو

انوکو احتجاج

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



مشهور اخبار “روزانه نڀاڳ” جو نمائندو “نالي چنڊو” گوڏ قميص پهريو مٿي تي پراڻو ٽوال ويڙھيو پنهنجي ڪچي گهر جي اولاهين ڪنڊ ۾ ڪچي ڪوٺيءَ اندر دروازو ٻيڪڙي جستي گلاس ۾ ديسي ٺري جو ٻيون پيگ پي، ٽيون ۽ آخري پيگ چپن تي رکي، سرڪ ڀرڻ وارو هو جو سندس پاسي واري کيسي ۾ رکيل موبائل فون ٽون ٽان ٽون ٽان ڪرڻ لڳو. هو گلاس کٽ جي ٻانهينءَ تي رکي، جلدي جلدي کيسي ۾ هٿ هڻي موبائل ڪڍي اوڪي جو بٽڻ دٻائي، پنهنجي مخصوص آواز ۾ ڏاڍيان چوڻ لڳو؛ ”هلو! روزانه نڀاڳ جو نمائيندو نالي چنڊو ٿو ڳالهايان. اوهان ڪير سائين!؟”


موبائل جي اسپيڪر مان  سنهي ڪيڪ جهڙو سنهڙو آواز آيو؛ “مسٽر نالي چنڊا! آءُ روزانه نڀاڳ جو سب ايڊيٽر ٿو ڳالهايان....”

روزانه نڀاڳ جو نمائندو نالي چنڊو پنهنجي عادت موجب سب ايڊيٽر جي ڳالھ اڌ ۾ ڪٽيندي پنهنجي مخصوص آواز ۾ ڏاڍيان چوڻ لڳو؛ “سائين سائين! خوش آھيو چڱا ڀلا ٻيو سڀ خير سائين!؟”

سب ايڊيٽر جو سنهي ڪيڪ جهڙو سنهڙو آواز آيو؛ “مسٽر نالي چنڊا! مان ٺيڪ آھيان پر اهو ته ٻڌاءِ تو ڏي آھي ته خير! هوش ۾ ته آھين نه ڀائو!؟”

روزانه نڀاڳ جو نمائندو نالي چنڊو پنهنجي مخصوص آواز ۾ ڏاڍيان چوڻ لڳو؛ “ٽُن ٽُن آھيون سائين صفا ٽُن! حڪم ڪريو قبلا! ڇا خدمت ڪريون سائين!؟”

روزانه نڀاڳ جي سب ايڊيٽر سنهي ڪيڪ جهڙي آواز ۾ وراڻيو؛ “نالي چنڊا! اڄ ڪلھ پنهنجي شهر جون خبرون چارون ڪو نه پيو موڪلين ڇو!؟”

روزانه نڀاڳ جو نمائندو نالي چنڊو چوڻ لڳو؛ “سائين ڇا جون خبرون ڇا جون چارون. هتي اسان جي شهر ۾ سڀ سک لڳو پيو آھي!”

روزانه نڀاڳ جو سب ايڊيٽر؛ “ڇو؟ ڪي جلسا، ڪي جلوس، ڌرڻا، احتجاج، مرده آباد، زنده آباد وغيره وغيره!”

روزانه نڀاڳ جو نمائندو نالي چنڊو؛ “زنده آباد سائين زنده آباد! هن پاسي سڀ زنده آباد لڳو پيو آھي!”

روزانه نڀاڳ جو سب ايڊيٽر؛ ”اڙي بابا! سوير تنهنجي شهر ۾ هيڏو وڏو احتجاج ٿيو آھي تون آھين ڪنهن جي رڍن سان!؟”

روزانه نڀاڳ جو نمائندو نالي چنڊو؛ “سائين سائين! ڳالھ ته ٻڌو! رڍن جي احتجاج واريون خبرون ته روزانه نڀاڳ ڏانهن ڪالھ شام جو ئي ڦوٽن سميت موڪلي ڇڏيون هيون. اهي خبرون به فرنٽ پيج تي لڳل هيون جنهن ۾ رڍن کان احتجاج ڪرائي ريڍار پنهنجو الو سڌي ڪري هليا ويا هئا ۽ پوئتي رڍون مڙيئي ٻوٿ ڪاريون رهجي ويون هيون!”

روزانه نڀاڳ جو سب ايڊيٽر؛ “اهيو ته ٺيڪ آ پر تو اڄوڪي احتجاج جون خبرون ڪو نه موڪليون آھن. سبب ٻڌاءِ!”

روزانه نڀاڳ جو نمائندو نالي چنڊو؛ “ڪهڙو اڄوڪو احتجاج!؟ ڪهڙيون خبرون!؟ سائين منهنجا اڄ ته منهنجي شهر ۾ ڪو احتجاج وغيره ٿيو ئي ڪونهي! هتي ته سڀ خير لڳو پيو آھي!”

روزانه نڀاڳ جو سب ايڊيٽر؛ “اڇا! پوءِ ڀلا هي جو شام واري اخبارن، ٽي وي چينلن ۽ ويب چينلن تي تو واري شهر ۾ احتجاجن جي ڌم متي پئي آھي اها سڀ ڪوڙي خبر آھي!؟”

روزانه نڀاڳ جو نمائندو نالي چنڊو انتهائي حيرت مان پڇڻ لڳو؛ “مون واري شهر ۾ احتجاج!؟ سب ايڊيٽر صاحب! اهو کوڙو ئي نه لڳو. هاڻي ايترو به بي هوش ڪو نه ٿيو آھيان ٻيلي ڪو رحم ڪر!”

روزانه نڀاڳ جو سب ايڊيٽر ڪاوڙ وچان سنهي ڪيڪ جهڙي آواز ۾ چوڻ لڳو؛ “کول کول! جلدي موبائل کول! پاڻ پنهنجي اکين سان ڏس ۽ ڪنن سان ٻڌ ته تو واري شهر ۾ احتجاج جون ڪهڙيون خبرون پيون هلن!”

روزانه نڀاڳ جو نمائندو نالي چنڊو انتهائي حيراني پريشاني وچان جستي گلاس ۾ ديسي ٺري جو هٿ ۾ جهليل ٽيون پيگ منهن تي چاڙھي، هڪ ساهي ڏوگهي ويو ۽ هٿ واري موبائل فون جي ڊيٽا آن ڪندي ويب چينل سرچ ڪري پنهنجي شهر ۾ ٿيندڙ احتجاج جون خبرون غور سان ٻڌڻ لڳو.

هڪ ٿلهو متارو نوجوان نظر واري عينڪ پايون خبرون پڙھي رهيو هو.

“اڄ صبح ڌاري شهر ۾ يوريا کاڌ جي تمام ڊيلرن زبردست نعري بازي ڪندي حقيقي آبادگارن آڏو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو آھي ۽ ڏاڍي زور شور سان مطالبو ورجايو آھي ته خدارا خدارا اسان کي نقلي آبادگارن، عطائي صحافين ۽ ڪوڙن ڪامريڊن جي آزار کان بچايو.”

تفصيلي خبرون ٻڌڻ کان اڳ ئي انوکو احتجاج ڏسي روزانه نڀاڳ جي نمائيندي نالي چنڊي جا ديسي ٺري وارا نشا ڦُررر ڪري اڏامي ويا.

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment