Thursday, January 27, 2022

مان نه هجان ها ته ڇا ٿئي ها!؟ ثناءُ ظفر

مان نه هجان ها ته ڇا ٿئي ها!؟

ثناءُ ظفر




انسان سڄي عمر منصوبابندي ۾ گذاري ڇڏيندو آهي، جيئن هن وٽ هر دروازي جي چاٻي آهي ۽ هر سوال جو جواب آهي. پنهنجي محدود سوچ کي ڪجهه دنياوي شين مان نڪرڻ ئي نٿو ڏئي. زرين به ٽن ڀائرن جي اڪيلي ۽ سڀني کان ننڍي ڀيڻ هئي. گهر ۾ سڀني جي لاڏلي هئڻ سان گڏوگڏ پڙهائي ۾ به سٺي هئي. اسڪول مان ئي تقريري مقابلن کان سالياني فنڪشن تائين هر جڳهه پيش پيش رهندي ۽ هميشه داد وصول ڪندي هئي. نماز ۽ روزن جي به پابند هئي ۽ قرآن پاڪ کي تفسير سان گڏ پڙهي چڱي ريت سمجهندي هئي ته آخرڪار انسان جي طاقت ۽ سوچ ٻئي تمام محدود آهن ۽ اصل ڪارساز صرف هڪ ئي آهي. هوءَ چڱيءَ طرح ڄاڻندي هئي ته تقريبن هر عقيدي ۾ ئي آزمائش جي باري ۾ ٻڌايو ويو ۽ جان، مال ۽ اولاد سان آزمائڻ جي باري ۾ ته شايد هوءَ سڄو مضمون لکي سگهندي هئي. والدين ۽ ڀائر پنهنجي حيثيت کان وڌي ڪري هُن جي هر خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هُن هڪ مقبول ۽ معياري يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ اسڪالرشپ به ورتي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه عرصو پنهنجي پسند جي نوڪري ڪئي ۽ پوءِ ڌام ڌوم سان شادي ڪري پرڏيهه هلي وئي. قسمت مهربان هئي جو مڙس به بلڪل طبيعت جي مطابق مليو، نه ڪڏهن روڪ ٽوڪ ڪئي ۽ نه ئي ڪڏهن اڳيان وڌڻ کان روڪيو. ساهرن طرفان به ڪڏهن ڪا تنگي پيش نه آئي.


زرين پنهنجي سوچ جي مطابق تمام اڳيان وڌڻ جي منصوبابندي ڪندي وئي ۽ انهيءَ دوران الله تعاليٰ هُن کي هڪ پُٽ سان نوازيو، ان کي لڳو ته هن جي زندگي مڪمل ٿي وئي آهي ۽ هاڻ هوءَ صرف پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي. پر قسمت ڪجهه اهڙو ڦيرو کاڌو جو پُٽ اڃا سال جو ئي ٿيو هو ته پنهنجي پٽ ۽ ٻين ٻارن ۾ واضح فرق نظر اچڻ لڳو. جنهن کي خاندان ۾ سڀني صرف ان جو وهم قرار ڏنو. هوءَ جسماني طور ته بلڪل تندرست هو پر ذهني طور تي هو باقي ٻارن وانگر نه ملي کيڏندو هو ۽ نه ئي ماءُ پيءُ کان ڪجهه گهُرندو يا ٻُڌائيندو هو. ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ته مختلف ٽيسٽون ڪرائڻ جو هڪ نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ماءُ پيءُ سڄي دنيا وساري صرف ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جا چڪر لڳائيندا رهيا. آخرڪار هڪ ڏينهن پوري دنيا اونڌي ٿي وئي ۽ خبر پئي ته سندن پُٽ کي آٽزم آهي. جيڪا هڪ اهڙي ڪنڊيشن آهي، جنهن جو ڪو علاج نه آهي. ممڪن آهي ته مسلسل ٿراپي ڪرائڻ سان شايد ڪڏهن هي ڪجهه ڳالهائي سگهي ۽ ڪنهن حد تائين عام زندگي به گذاري سگهي ۽ ممڪن آهي ائين ڪڏهن نه ٿي سگهندو. زرين کي ائين لڳو جيئن سڄي ذهانت، سڄي قابليت، ڊگريون ۽ لائيف اسٽائيل، سڀ ڪجهه ان جي هٿ مان مٽيءَ وانگر نڪري رهيو آهي ۽ هوءَ ڪجهه به نه پئي ڪري سگهي. سڄي دنيا هونئن ئي هلي رهي هئي، قيامت ته نه آئي هئي، پر ائين ڇو محسوس ٿي رهيو هو ته شايد هن مقام تي ان جي دنيا ختم ٿي وئي آهي ۽ ان جي اڳيان هاڻ ڪجهه به زندگي ۾ ناهي بچيو. ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ ۾ هِن کي تمام گهڻو وقت لڳي ويو. هُن کي ائين لڳندو هو ته شايد سندس زندگي ۾ هڪ آفت اچي وئي آهي ۽ باقي سڄي دنيا پُرسڪون زندگي گذاري رهي آهي. ان کي ڪيترن ئي ماڻهن تي به شديد ڪاوڙ هئي. ڇو ته ان آزمائش اچڻ کانپوءِ اُهي ماڻهو جيڪي هڪ ڪنڊو لڳڻ تي پاڻ ته تڙپي اٿندا آهن، اڄ عالم دين ٺهندي اهو ليڪچر ڏيندي نٿا ٿڪجن ته هوءَ ته خوشقسمت آهي جو الله هُن کي امتحان جي لاءِ چونڊيو آهي ۽ صبر ڪري هوءَ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي. اها سڀ هُن کي به چڱيءَ ريت خبر هئي پر هي ليڪچر ان وقت هن جي مدد نه ڪري رهيا هئا. اهڙي طرح هن کي لڳندو هو ته شايد خاندان، ساهرا، دوست احباب سڀني کي هن جي مشڪل کي سمجهڻ گهرجي ۽ آسان بڻائڻ ۾ مدد به ڪرڻ گهرجي. پر درحقيقت سڀ پنهنجي زندگين ۾ مصروف هئا. جيڪڏهن همدردي رکندا به هئا ته وڌيڪ وقت ڏيڻ ضروري نه سمجهندا هئا. هوءَ اهو ئي مسئلو حل ڪندي رهي ته هي سڀ صرف مون سان ئي ڇو ٿي رهيو آهي؟ وقت سان گڏوگڏ هُن کي سمجهه اچڻ لڳي ته پنهنجي پُٽ جي زندگي ۾ بهتري ۽ آساني آڻڻ جي لاءِ جيڪو ڪردار هوءَ بحيثيت ماءُ ادا ڪري سگهي ٿي ٻيو ڪو نٿو ڪري سگهي. آهستي آهستي هن جو ملڻ جلڻ خاص طور والدين سان وڌيو، ان تي ٻين جي زندگي جون مشڪلاتون به سامهون اينديون ويون ۽ هُن کي احساس ٿيو ته شايد هينئر به منهنجي زندگي ته لکن ڪروڙن ماڻهن کان تمام آسان آهي. ڪيترائي ماڻهو اهڙين اهڙين ذهني، جسماني ۽ مالي پريشانين سان گڏ زندگي گذاري رهيا هئا، جن جو هوءَ شايد تصور به نٿي ڪري سگهي. هُن کي اڪثر ياد ايندو هو ته ننڍپڻ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي آزمائش ۾ ڏٺو هو، جڏهن هُن جي هڪ ڪزن جو مڙس جواني ۾ گذاري ويو هو، جڏهن هن جي ماءُ جي سهيلي جي ڌيءَ کي ڊائون سنڊروم جي خبر پئي هئي. جڏهن هن جي والد جي دوست جو ايڪسڊنٽ ٿيو هو ۽ هو اپاهج ٿي ويو هو. جڏهن ڪنهن ڄاڻڻ واري جي گهر اولاد نه ٿيو هو، جڏهن ڪنهن جي کير پياڪ ٻار کي ڪينسر جو مرض ٿيندو هو ۽ جڏهن ڪنهن جي مالي حالت اهڙي بگڙجندي هئي جو زندگي جي بنيادي ضرورت به پوري ڪرڻ هن لاءِ مشڪل ٿي وئي هئي. اهو سڀ ڏسڻ جي باوجود به هن ڪڏهن اهو ڇو نه سوچيو ته مون تي به آزمائش اچي سگهي ٿي؟ ڪڏهن ڪنهن وڏي اهو ڇو نه سيکاريو ته خالق مان سٺي اميد ضرور رکو پر زندگي جي حقيقت کان ڪبوتر وانگر اکيون بند نه ڪريو. جهڙي طرح هو هن کي هر امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ سيکاريندا هئا ۽ هر ڪاميابي تي حوصلا افزائي ڪندا هئا، اُتي ڪنهن ناڪامي يا مشڪل سان مقابلو ڪرڻ ڇو نه سيکاريو؟

اسان جو الميو اهو آهي ته اسان پنهنجي اولاد کي صرف ڪامياب ٿيڻ ۽ اڳيان وڌڻ ئي سيکاريندا آهيون. فيل ٿيڻ يا ناڪام ٿي وڃڻ ته ڪڏهن تسليم ئي نٿا ڪريون ۽ سڀني جي دماغ ۾ زندگي ڪاميابي جي مترادف بڻجي رهجي ويندي آهي ۽ مشڪل پوڻ تي زرين وانگر ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويندا آهيون. زرين جي زندگي ان ڏينهن آسان ٿي وئي، جڏهن هن محسوس ڪيو ته هوءَ شايد غلط تارن کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پنهنجي محدود سوچ جي مطابق جيڪا خوشي ۽ آسودگي پنهنجي من پسند ڪيريئر ٺاهڻ سان ملي سگهي ٿي، ان کان وڌيڪ پنهنجي پُٽ جي زندگي بهتر بڻائڻ سان به ملي رهي آهي. جيڪڏهن وڌيڪ پئسا ڪمائي به وٺي ها ته پنهنجي قسمت کان وڌيڪ رزق حاصل نه ڪري سگهي ها. بهتر کان بهتر زندگي جي ته ڪا حد نه آهي، جنهن مان انسان مطمئن ٿي سگهي. ڪنهن انسان مان ڪابه اميد رکڻ صرف بيوقوفي آهي. ڇو ته انسان جي ايتري حيثيت ئي نه آهي جو رب جي معاملن ۾ عمل دخل ڪري سگهي ۽ تڏهن سمجهه ۾ آيو ته غالب چيو هو ته:

نہ تھا کچھ تو خدا تھا، کچھ نہ ہوتا تو خدا ہوتا،

ڈبویا مجھ کو ہونے نے نہ ہوتا میں تو کیا ہوتا.

حقيقت اها آهي ته ڪنهن وٽ به سموريون چاٻيون ۽ سمورا جواب ناهن هوندا، هر ڪو پنهنجي پنهنجي جنگ وڙهي رهيو آهي، انهن پريشانين سان گڏ جيڪي اسان کي نظر اچن ٿيون ۽ ان سان گڏ به جيڪي صرف اهو يا ان جو الله ڄاڻندو آهي. ان لاءِ تمام ضروري آهي ته ڪنهن کي آزمائش ۾ ڏسو ته اکيون بند نه ڪريو ته شايد اسان سان ته ڪڏهن ائين ٿي نٿو سگهي، جنهن ڳالهه جو علم نٿا رکو، ان جي باري ۾ ماهر نه بڻجو ۽ نه ئي عالم دين بڻجي ٻين جي ايمان جي پختگي ۽ ڪمزوري جو فيصلو ٻڌايو. ايترو احساس ضرور بيدار ڪريو ته پنهنجي سوچ وسيع ڪري سگهو ۽ پنهنجي ٺاهيل منصوبن کان وڌي ڪري آزمائش کي منهن ڏئي سگهو. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۹ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment