Thursday, January 6, 2022

ايجنڊا - مختيار چنو

ايجنڊا

ننڍڙي ڪهاڻي

مختيار چنو



جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيس. اڱڻ، پاڙي جي ٻارن سان ڀريو پيو هو. وچ ۾ منهنجي گهر واري مٺائيءَ جو ڊٻو کنيون، ٻارن ۾ ورهائي رهي هئي.

مون کي ڏسي، رڙ ڪندي، مون طرف وڌي آئي.

”ڊاڪٽر جا پيءُ! اچي وئين نه! مبارڪون هجنئي، اچ اچ! تون بہ واتُ مٺو ڪر!“

منھنجي وات ۾ رسُ گُلو وڌائين.

مان خير مبارڪ چئي، چاٻا ڏيندو، ڪمري طرف وڌي ويس.


هالار ڪاريڊور ۾ نِوِڙِي مليو ۽ ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيائين. مون کيس مبارڪ ڏئي، مٿي تي ڊگهي چمي ڏني. هن جي اکين ۾ فاتح جهڙي چمڪ ۽ چپن تي لازوال مرڪ هئي.

اڄ هالار جو انٽر جو رزلٽ آيو هو، جنهن ۾ هن جو اي ون گريڊ آيو هو. ان کان اڳ ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ ۾ ۱۸۸ نمبر کڻي چڪو هو. ان ڪري ميڊيڪل ۾ ان جي داخلا پڪي هئي.

هونئن منهنجي گهرواري وڏي ڪنجوس آهي. ڌڪ هڻيس جو رتَ-ڦُڙو نڪريس. ڪوشش ڪندي آهي ته جيترو مون مان ڪڍي سگهي، ڪڍندي آهي. پر اڄ پٽ جي سليڪيٽ ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ مٺائي ورهائي رهي ھئي.

مان فريش ٿي ڊرائنگ روم ۾ آيس. سڀ ڀاتي، منجهند جي مانيءَ لاءِ ڊائننگ ٽيبل تي،  منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا.

مون نظر ڦيرائي. منهنجي گهر واريءَ، نياڻين سنڌوءَ ۽ نورِ جا چهرا، خوشيءَ مان ٻهڪي رهيا هئا. هيءَ اسان جي ننڍڙي فيمليءَ جي پهرين وڏي خوشي ھئي.

هن وقت تائين مون خير مبارڪ کان سواءِ لفظ به نه ڳالهايو هو. جنهن ڪري سڀ ڀاتي منهنجي ڳالهائڻ لاءِ منتظر هئا.

مان ڏاڍو خوش هيس. اڄ هالار جي ڪاميابيءَ، منهنجي ويساھ کي پڪو پختو ڪيو هو. پاڻ کي هر مقابلي جي لائق ثابت ڪيو هو.

”هالار، ڊاڪٽر نه ٿيندو!“ مون فيصلي واري انداز ۾ ڳالهائي ماٺ کي ٽوڙيو هو.

سڀني جون اکيون تعجب ۾ وڪوڙجي ويون هيون. مانيءَ جا گرھ هٿن جو هٿن ۾ رهجي ويا. چمچا پليٽن ۾ خاموش ٿي ويا. ڄڻ گهڙي پل لاءِ وقت بيهجي ويو هجي.

”بابا بابا...“ هالار اڌ جملو چئي، خاموش ٿي ويو هو.

سڀئي تعجب گاڏڙ شڪايتي انداز مان، مون ڏانهن تڪي رهيا هئا.

”بابا، اگر مون کي ڊاڪٽر نه هو ڪرائڻو ته پوءِ اوهان منهنجي پڙهائيءَ تي ايترو خرچ ڇو ڪيو؟ مون کي اڪيڊميون ڇو جوائن ڪرايون؟ پنهنجون ۽ منھنجون راتين جون ننڊون ڇو ڦٽرايون؟

”بابا ڪيئن وساريان، تون راتين جون راتيون مون سان جاڳي گڏ پڙھيو آهين.“

هالار ڳالهائي بس ٿي ويو.

مانيءَ جا گرھ هٿن ۾ ۽ چمچا اڃان تائين خاموش هئا.

”اگر مان ائين نه ڪريان ها ته تون هميشه ان احساس ڪمتريءَ ۾ رهين ها ته شايد مان اهل نه هيس. پر تون ڊاڪٽريءَ لاءِ گهربل نمبرن کان وڌيڪ نمبر کڻي، پاڻ کي اهل ثابت ڪري ڇڏيو آهي. تون ڊاڪٽر نه ٿيندين ته تنهنجي سيٽ تي ٻيو شاگرد ڊاڪٽر ٿي ويندو. تنهنجي قوم جي حق تلفي نه ٿيندي.“

ڪجھ ساعتن جي خاموشي کان پوءِ؛

”پر پٽ! اسان وٽ ڪيريئر ڪائونسيلنگ نه هجڻ ڪري، اسان جا ذهين/ ٽاپر شاگرد، انجنيئرنگ ۽ ڊاڪٽريءَ جي سحر ۾ ڦاسي، ويهي رهن ٿا. ستر سالن کان اسان جي ڪوٽا جون سينٽرل سپئيرر سروسز (CCS) ۽ فيڊرل گورنمينٽ جون نوڪريون خالي رهنديون اچن ٿيون. جنهن ڪري نااهل قوم جا طعنا الڳ سَهڻا پون ٿا ۽ ٻئي نمبر جا شاگرد آفيسر بڻجي، اسان مٿان حڪمراني ڪن ٿا.

تنهنجي ذريعي نوجوانن کي پيغام ڏيڻو آهي ته ڊاڪٽر ۽ انجنيئر کان اڳتي هڪ وڏي روشن دنيا، اوهان لاءِ منتظر آهي.“

سڀ گهر جا ڀاتي، هالار ۽ منهنجون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيا هئا. جو هالار خوشيءَ واري آواز ۾ چيئر چيئر....... ڪندي چمچا پاڻ ۾ ٽڪرايا.

”بابا، مطلب نوجوانن لاءِ ۲۰۲۲ع جي ايجنڊا ڊاڪٽر، انجنيئر نه پر پر....."

سڀني ڀاتين ڪورس جي انداز ۾ چيو؛ ”سينٽرل سپئيرر سروسز (CSS)“

۽ پوءِ چمچا کاڌي جي  پليٽن ۾ تيزيءَ سان نچڻ لڳا.

 

(مختيار چنو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۵ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment