Tuesday, January 25, 2022

ڪڙو - مٺل جسڪاڻي

ڪڙو

(ننڍڙي ڪھاڻي)

مٺل جسڪاڻي



ھو، چار ڀينرون ھُيون. چار ئي ڀينرون ھڪ ٻئي جي پٺيان، تڪڙيون تڪڙيون ڄايون ھيون. سڀني کان وڏيءَ جي شادي ٿي وئي ھئي، پر ھڪ ته مائٽن جي مرضيءَ سان پرڻي ھئي، ٻيو ته مڙس عمر ۾ پيءُ جو ھم عمر ھئس، ٽيون ته... ٻيا به ڪي سبب ھوندا. مڙس سان مڙئي گهٽ لڳندي ھئس.

حيدر اڃان ميٽرڪ جو شاگرد ھو، پر اسڪول ڳوٺ کان پري ھجڻ سبب، وڏي عمر ۾ داخلا ورتي ھئائين. ھونئن به جيڪڏھن پوري عمر ۾ داخلا وٺي ھا، ته پنجن سالن وارو ٻار ڀلي ھر سال امتحان پاس ڪندو مئٽرڪ ۾ پھچندو، ته به پنڌرھن سالن جو ٻار سڏبو، ٻار ھوندو نه آھي. مرد ھجڻ جي ڪري وڏي ٿيڻ جون شاھديون ظاھر نه ٿينديون آھن. نه ته ڇوڪرِي ھجڻ جي صورت ۾ مئٽرڪ تائين شادي ڪرڻ ۾ دير نه ڪبي آھي. ان ڪري ته ڇوڪريون ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ گهٽ پھچنديون آھن.


ھنن چئن ڀينرن مان جنھن وڏي ڀيڻ جي شادي ٿيل ھئي، ان جون اکيون سدائين حيدر جي اڳيان پٺيان ھونديون ھيون. حيدر به سندن ئي ويڙھي ۾ رھندو ھو. ان ڪري ٽانڊو کڻڻ بھاني به ويندي ورندي حيدر کي ڏسڻ، کينچل ڪرڻ عادت ٿي وئي ھئس. موقعو مليس ته حيدر کي اھو سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏيائين، جيڪو کيس اسڪول ۾ ڪير به نه سيکاري سگهيو. گهر ڀاتي به ڪا سکيا نه ڪري سگهيا ھئس.

حيدر ۽ ھُن جو شروع ٿي پيل سلسلو شروع ئي ھو، ته ٻيون نمبر ڀيڻ شادي جھڙي ٿي پئي. ان سان حيدر جي شادي جون ڳالھيون، پاڙي وارن ڪيون. جيڪي ڳالھيون ئي رھجي ويون ۽ شادي ڪٿي ٻئي ھنڌ ٿي وئي.

شھرن جي خبر نه آھي، ٻھراڙين ۾ شادي جون ڳالھيون ھُلن، پر شادي نه ٿئي، ته متوقع گهوٽ ڪنوار لڪ چوري ۾ وڌيڪ نه ئي سھي، ھڪ دفعي ئي سھي، پر پاڻ ۾ زال مڙس وانگر ملڻ جي ڪوشش ضرور ٿيندي آھي. ھن دفعي پھرين ڪوشش ڪنھن به ڪئي، پر حيدر جيئن وڏيءَ سان ملندو رھيو، ٻيو نمبر سان به ملڻ ٿيس.

وقت گذرندي دير نه ٿيندي آھي. ٽن مان ٻيون نمبر ڀيڻ حيدر جي ھم عمر لڳندي ھئي. ٽيون نمبر ڀيڻ ڪي ڏيڍ ٻه سال، ٻيو نمبر ڀيڻ کان ننڍي ھئي. اھا به وڏي ٿي پئي. وڏي ڀيڻ جي گهر ويندي ۽ ورندي، حيدر جي گهر مان به ٿيندي ويندي ھئي.

حيدر جي گهر ۾ ڪڏھن ڪڏھن حيدر اڪيلو به گهر ۾ ھوندو ھو. وڏي ته اڪيلائي جو گهڻا دفعا فائدو ورتو ئي ورتو. ٻيون نمبر به اتي ئي گهڙو ڪنو ڪيو. ٽيون نمبر جي اکين به ڪم ڏيکاريو. حيدر ھڪ ڄڻو، ھو ٽي، پر ڪاري ڪنڍي مينھن جي کير مکڻ حيدر سان خوب نڀايو.

ڳالھيون ۽ عمل ٻن جي وچ ۾ ھوندي به ٽئين تائين پھچيو وڃن. ڳالھه ڪا به ٽئين تائين پھچي، ڳوٺ سڄي ۾ عام ٿي ويندي آھي.

حيدر ۽ ٽيون نمبر جي رشتي جون ڳالھيون به پاڻمرادو پاڙي وارن ڪيون. ڳالھيون ٻين ڪنن تائين پھتيون، ته ھڪ رات اوچتو، سڄي ڳوٺ ۾ خبر عام ٿي، ته حيدر سان رشتو ٿيڻ جي خوف ۾ ڇوڪريءَ جي ناناڻن، ٻن ماساتن کي گهوٽ ڪنوار جو اعلان ڪري، پوتي وجهي، پڌري ڪري ڇڏي آھي. ٻئي ڏينھن صبح سوير ٽيون نمبر ڀيڻ سندس وڏي ڀيڻ جي گهر وڃي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. ان روئڻ جي خبر ٻيون نمبر ڀيڻ کي پئي، ته اھا به اتي پھچي وئي. روئڻ جو سبب ظاھر ڪرڻ بنا ظاھر ٿي پيو. ٽيئي ڀينرون ھڪ ٻئي کان ائين واقف ھيون، جيئن ھر ھڪ کي حيدر جي خبر ھئي.

ڪجهه مھينا ھي ٽي ئي ڀينرون حيدر جون ڄڻ ته واقف ئي نه ھيون. ان ڪري حيدر به کين وساري ڇڏيو ھو. وقت گذرندو ويو. چوٿين ڀيڻ به اچي وڏي ٿي. ان ننڍي ھوندي سندس وڏي ڀيڻ ۽ حيدر جون ھجتون ڏسي ورتيون ھيون. ان کان پوءِ جڏھن چارئي ڀينرون گڏجي ويھنديون ھيون، ٽنھي وڏين ڀينرن کي، ھڪ ٻئي کي تانا ۽ تنڪا ڏيندي به ٻُڌو ھئائين. جڏھن چوٿين ۽ آخري ڀيڻ به وڏي ٿي پئي، ته ھن ۾ عجيب قسم جو تجسس پيدا ٿي پيو ۽ پوءِ ھن پنھنجي زندگي جو مقصد به اھو طئه ڪري ڇڏيو، ته ان حيدر کي ڏسبو. آخر حيدر ۾ اھڙو ڇا آھي، جيڪو منھنجي ته ٽنھي ڀينرن کي نه ٿو وسري، پر ڳوٺ جون ٻه ـ ٽي ٻيون به، حيدر جي ويجهو ڇو ته رھنديون پيون اچن.

حيدر کي ته خواب خيال ۾ ئي نه ھو. اڃان ھن سان ڪنھن جو رشتو به نه ٿيو ھو. ڇو نه ٿيو ھو؟ ان کان به حيدر بي خبر ھو، ته ھي جيڪا چوٿين ڀيڻ ساماڻي ھئي، ان جي ارادن جي به کيس ڪا خبر نه ھئي. ھڪ ڏينھن حيدر جي ماءُ گاھه تي ويل ھئي، پيءُ به ٻني جي ڪنھن ڪم ۾، اتي ئي مصروف ھو. حيدر جا ننڍا ڀاءُ اسڪول ويل ھئا. گهر ۾ حيدر اڪيلو ھو. عادت موجب ڪمري ۾ ھو. اوچتو چوٿين ڀيڻ حيدر جي گهر آئي، ڪمري ۾ جهاتي پاتائين، ته حيدر کي اڪيلو ڏسي، ڪمري کي اندران ڪڙو ڏئي ڇڏيائين.

 

(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچي ۾ ڇنڇر ۲۲ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment