Tuesday, January 25, 2022

ڇا ته ڏينھن ۽ راتيون ھونديون ھيون

ڇا ته ڏينھن ۽ راتيون ھونديون ھيون

(مختصر ڪھاڻي)

مٺل جسڪاڻي



ھجون روبرو ويٺل ته پُڇندو، پڪ ڪندو، لکندو ھلان، پر وسرڻ جھڙيون به ڳالھيون ڪٿي؟ اھي به ڪي ياد نه رھڻ جھڙيون ساعتون، جو سارڻ ڏکيون!

اھڙيون ئي راتيون ھيون. چنڊ جون تاريخون به ساڳيون ئي. ماڪ پوندي ھئي ته چانڊوڪي ماٺِي ٿيندي ھئي، جي ماڪ نه ھوندي ھئي، ته رات جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ٺرندي ھئي. ٿڪل سوير سمھي رھندا ھئا، ٻيا مچ تي ڏور، بيت، ڳجهارتون، ھِتان ھُتان جون ڳالھيون، ۽ رکي رکي چرچا ڪري، کل ڀوڳ ۾ مصروف ھوندا ھئا.


ڪنھن ڪنھن ويل ڪو پوڙھو ھوندو ھو ته سماءَ تي گهٽي ڏانھن جاچيندو ھئو. ڍڳا ويڙھا ۽ ٽاھڙ ھجڻ جي ڪري، جنھن پاسي ڍڳا ٻڌل ھئا، ان طرف بي ڌيانا ھوندا ھئا.

پاڻ واري واري سان، آئون ناڙي ڇوڙ بھاني، تون پاڻي پيئڻ لاءِ وٽو کڻي اٿندي ھئين. آئون ڍڳن جي آھوري جي اوٽ ۾ ھلي ويھندو ھئس. تون به اتي اچي ويندي ھئين. ڍڳا مون کان ان ڪري نه ٽھندا ھئا، جو آئون سندن ٽھل ٽڪور ڪندو ھئس ۽ تون کين ڪنھن مھل گاھه جي مُٺ، ڪنھن مھل ڪتر به ڏيندي ھئين ۽ سندن ڇيڻا به ميڙيندي ھئين.

ھل... ڇا ته ڏينھن ۽ راتيون ھونديون ھيون. وڏا مچ به ٿيندا ھئا، وڏيون ڪچھريون به ٿينديون ھيون. ماڻھو سمھي ننڊ به ڪندا ھئا، ته ماڻھو ڪچھري ڪندي ڏينھن به ڪندا ھئا...

 

(مٺل جسڪاڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۲ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تان کنيل)

No comments:

Post a Comment