Monday, January 3, 2022

ناول واپسي تي راءِ

ناول “واپسي” تي پڙهڻ کانپوءِ جي راءِ

راءِ ڏيندڙ: رزاق سھتو



ناول جو ليکڪ: انور ڪليم

ناول جا مُک ڪردار سراج ۽ ثمرين آهن. سراج کي موبائل فون جو خفت هوندو آهي. نمبرملائيندو رهندو آهي. جوابن ڪيترائي رانگ نمبر چئي لنوائي ويندا آهن. سندس دوست فاروق وٽان نمبر جي ڪوشش ڪري ٿو. سندس رانگ نمبر ثمرين جي ڪڻي ۾ نڪرندو آهي. ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي. جتان ناول شروع ٿئي ٿو. سندن ملاقات ٿئي ٿي. سندن ملاقاتون بظاهر پيار ۾ تبديل ٿينديون اچن ٿيو پيار مَٽجي محبت جو روپ وٺي ٿو. جڏهن سراج محبت جي آخر ۾ ڳنڍ کولي ٿو. ثمرين کي پتو پئي ٿو سراج محبت نه همدردي ۽ محبت جي تجربي ڪارڻ مون سان کيڏ ڪئي آهي. ثمرين کائونس سوال ڪري ٿي.


“تو کي مون سان محبت ناهي رهي.”

جواب ۾ چئي ٿو.

 “شايد مون صرف تنهنجي محبت ۽ خوشيءَ جو احترام ڪيو آهي.”

 ثمرين: معنى ته تو مون سان محبت جو هڪ تجربو ڪيو جيڪو وري زندگيءَ ۾ هلي ڪنهن ٻي سان شيئر ڪندين؟”

 جنهن جو حاصل مطلب اسان اهو ڪڍون ته مٿين ڪردارن جي جملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سراج جي نائڪه سان محبت ڪان هئي پر متان ثمرين جو ڀرم ٽٽي نه پئي ان ڪري هن جو احترام ڪندو اچي ٿو. ان وچ ۾ سراج ڪورٽ ميريج به ثمرين سان ڪريٿو. ۽ شهر بدر ٿي ٻئي شهر ۾ سبزيءَ وڪڻندڙ وٽ سندس ٺيهي تي نوڪر ٿي بيهي ٿو. اتي هڪ صوفي منش سان سندس ملاقات ٿئي ٿي جنهن جي اوطاق جي جاءَ کي چار دروازا آهن. هر دروازي تي مختلف مسلڪ جا نالا لکيل آهن. داخل ٿيڻ وقت هرڪو پنهنجي پسند جي مسلڪ جي دوروازي کان داخل ٿئي ٿو. صوفي جي معرفت ڀاڄي  کپائيندڙ کي ڇڏي اچي سراج اسڪول جو پرنسپال ٿئي ٿو. جتي ماستراڻين، ماسترن کي پگھار جي جاءِ تي هڪ مخصوص دڪان آهي جتان عورتن لاءِ سينگار کان وٺي دوائن ۽ گھر جو سامان پرنسپل جي کاتي ۾ ملندو رهندو آهي. اسڪول ۾ ڇوڪري فوزيا سراج جو مرڪز رهي ٿي جا پريشان اداس ۽ لاچاريءَ واري ڪيفيت ۾ آهي. دڪان تان اڪثر دوا خريد ڪندي رهندي آهي سراج جي پڇڻ تي ٻڌائي ٿي ته هي دوائون امان جي لاءِ وٺندي آهيان. پنهنجي ماءُ جي باري ۾ عجب ڪهاڻي ٻڌائيندي آهي ته

“منهنجي ماءُ اصل ۾ هتان جي ناهي. ۱۹۸۷ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جو جهاز تباهه ٿيو ته منهنجي ماءُ ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي هئي ڪاليج جي ڪجھ شاگردياڻين ٽوئر جو پروگرام ٺاهيو ۽ اهو به پروگرام طئه ٿيو ته  ضياءَ جي حادثي جڳهه به گھمجي ايئن جيئن اتي پهتيون شاگردياڻين جي هڪڙي ٽولي کي وين سميت اغوا ڪيو ويو.”

 اڳتي ٻڌائي ٿي ته انهن ڇوڪرين کي سنڌ، بلوچستان، ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ماڻهن ۾ کپائي ناڻو ڪمايو. منهنجي ماءُ به انهن وڪامندڙ ڇوڪرين مان هئي جيڪا مختلف اذيتون سهڻ کانپوءِ اڌي چري ٿي وئي آهي. هن لاءِ دوائون وٺندي رهندي آهيان. کيس خوف آهي ته مونکي به ڪو اغوا نه ڪري وڃي. ثمرين ۽ سراج جي محبت دم ٽوڙي وڃي ٿي  ته ثمرين مائٽن ڏانهن واپسي جو فيصلو ڪريٿي. جنهن جي ڪري ناول جو نالو ئي واپسي رکيو ويو آهي. ثمرين جي واپسي جي فيصلي تي سراج ڪاوڙ ڪري ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ وڇوڙو ٿي وڃي ٿو. ثمرين مائٽن ڏانهن واپس ٿي وڃي ٿي. اهو آهي ناول واپسي جو قصو.

ناول احساساتي سطح تي مار کائي ويو آهي. ناول پڙهندي رخو لڳي ٿو. اندر مان ڪردارن لاءِ ڪا همدردي، ڪو پيار، يا نفرت، جو جذبو پيدا ڪون ٿو ٿئي. توڻي جو ناول جي ٻولي وچٿري آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته ناول ۾ ڪمزوريون هونديون آهن ته ٻولي جي چاشني کيس مٿي کڻي بيهندي آهي. ناول ۾ جيڪي ڪردار اچن ٿا مهمان ڪردار لڳن ٿا. اهي منطقي انجام کي رسن ئي ڪون ٿا. ڪردار ڪهاڻي ۾ داخل ٿين ٿا ۽ ريل گاڏيءَ جي مسافر جيان پنهنجي اسٽيشن اچڻ تي لهي هليا وڃن ٿا ٻين سان واسطو ٽٽي وڃي ٿو.

صوفي منش جي ذريعي اسان جي ماڻهن کي روايتي صوفي ازم جي ڏوڏي ستيءَ ۾ پياري وئي آهي. جڏهن ته هلندڙ دور ۾ صوفي مت وائکي ٿي پئي آهي ته سواءِ فرار جي صوفين وٽ ڪجھ به ناهي. صوفيءَ جون ڳالهيون روايت پسند ۽ وهم پرستيءَ ڏانهن ڌڪيندڙ آهن. تخيل ۾ گھرائي ناهي نڪي جملن جي خوبصورتي، سادي ٻوليءَ ۾ ڪا نيئن ڳالهه ڪون ڪئي اٿائين. انور ڪليم ناول ۾ هر هر هڪ جملو ڪڏهن ڪردار ته ڪڏهن پاڻ بيان ڪري ٿو اهو آهي.

“اوچتو هن آڱر کڻي ذهن ۾ ٺهيل پاڻيءَ جي بلبلي کي ڊاهي ڇڏيو.”

صوفين دنيا کي پاڻيءَ فوٽو سڏيو آهي. پر هن جملي مان ڪو حاصل مطلب ڪون ٿو ٿئي ته ليکڪ ڇا ٿو چوڻ چاهي. جيڪڏهن ناول کي بلبلي جي فلسفي تي بيهاري ها ته ڳالهه سمجھ ۾ اچي ها پر ناول ۾ اهڙي ڪا شيءِ نظر ڪون ٿي اچي. اهڙو صوفي منش جي ڪردار سان به ماحول ڪون ٿو جڙي نڪي هن سان لاڳا پيل آهي.

جڏهن ناول ۾ ڪردار ڪو عمل ڪن ٿا ته ان عمل مان پڙهندڙ محسوس ڪري وٺي ٿو ته سندس ڪردار جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي. ليکڪ جي پاران نيريشن ڏيڻ جي ڪهڙي ضروت هئي. جيئن سراج سبزي جي دڪان تي ڪم ڪندي صوفي کي ٿيلهي کڻائي وڃي ٿو اتي ليکڪ لکي ٿو ته

“هن ڪڏهن سوچيو هيو ته زندگي ۾ هو ائين هڪ عام مزدور واري زندگي گذاريندو نه ئي ائين صوفي سان سبزي جي ٿيلهي کڻائي هلڻ کيس برو لڳو.”

جڏهن ڪردار نوڪر ٿي ڪم ڪريٿو ته پڙهندڙ جي اندر ۾ خود ئي رحم جو احساس جاڳي ٿو. نيريشن ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. ڪردار کي عمل جي ذريعي محسوس ڪرائڻ ئي ڪمالي فن آهي. نوجوان ڪاليجي ڇوڪرين جو ضياءَ جي حادثي واري جاءِ تان اغوا ٿيڻ وارو واقعو ناول ۾ ٽبيل ٿو لڳي. جنهن جو ڪردارن سان ڪو جوڙ ٺهي ئي ڪون ٿو.

ثمرين جو گھر کان ڀڄي وڃڻ کانپوءِ پوئيرن جو ذڪر ئي ناهي ته اهي ڪهڙي ڪيفيت مان گذريا. ڪير به ڳولها ڪو نه ٿو ڪري ته ثمرين ۽ سراج ڪيڏانهن گم ٿي ويا.

بنيادي طور تي ناول ناهي پر هڪ طويل ڪهاڻي آهي، جنهن کي اينگھائي ناول ڪيو ويو آهي. مختصرًا اهو چئي سگھجي ٿو ته؛ ناول ۾ الميو اهو بيان ڪيل آهي ته ڇوڪري  ڇوڪرو پريمي جوڙو، محبت نالي تي ڀڄي نڪرن ٿا ته ڪهڙين حالتن سان منهن ڏيڻو پئين ٿو پر ان ۾ ڪا خاص درد ڪٿا ناهي. ناول کي جيڪي شيون مضبوط ڪنديون آهن، سي آهن؛ ڪردار نگاري، موضوع، ڊائلاگ، ڪردارن جو تحرڪ، ورتاءُ. اگر بياني ناول آهي ته اندازِ بيان خوبصورت هجڻ گھرجي. ناول جون ڪڙيون اهڙيءَ طرح سان پاڻ ۾ ملايون وينديون آهن، جيئن ڪو سونارو سوني زنجيريءَ جون محنت سان ڪڙيون ملائيندو آهي.

مڃوسين ته فڪشن ۾ اهڙي اميجينيشن ڪئي ويندي آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي هوندو پر ناول ۾ ائين به ناهي. ناول مختلف شين جو اهڙو مجموعو آهي جنهن ۾ سڀ ڪجھ گڏ مڏ ٿيل آهي. ناول جي پڄاڻي به متاثر ڪندڙ ناهي. جڏهن ته ناول جو گھڻو حصو بياني انداز ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ گھڻي گنجائش هوندي آهي ته تخليقڪار پنهنجي ڀرپور تخيل سان اندر کي اظهاريندو آهي ۽ ڪهاڻيءَ کي جان بخشي ڇڏيندو آهي پر هن ناول ۾ ائين ناهي. ناول نگار ناول لکڻ جو هڪ تجربو ڪيو آهي جيئن سندس ناول جي ڪردار سراج محبت جو تجربو ڪيو آهي.

هيءَ منهنجي راءِ آهي ڪنهن جو به ان سان سهمت ٿيڻ ضروري ناهي. پر ناول پڙهي ڏسو جيڪڏهن منهنجي راءِ ۾ ڪا اڻاٺ آهي ته رهنمائي ضرور ڪندا.




انور ڪليم جي ناول “واپسي” تي راءِ

ننگر چنا

انور ڪليم جو ناول “واپسي”، ڀڄي ويندڙ نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي ڪٿا. مختصر راءِ. سنڌ ۾ چڱو ٽاڻو ٿيو آهي جو اسان صحافت جي معرفت اسان جي ٻولي ،ادب ۽ سماج جي ٻين شعبن ۾ “پريمي جوڙو” جو اصطلاح جاءِ وٺي چڪو آهي. پسند جو پرڻو سنڌي سماج ۾ هڪڙي ڪِني ڳالهه ڄاتو ويندو رهيو آهي. هڪ پاسي جاگيرداراڻي اخلاقيات آهي جيڪا اسان مٿان حڪمران آهي ته ٻئي پاسي جديد ۽ ترقي پسند قوتون اِنَ پوزيشن ۾ ناهن جو نَوان قدر لاڳو ڪري سگهن. اِنَ جو ڪارڻ اهو به آهي ته سنڌي سماج مٿان سياسي اقتدار پُراڻ پسند قوتن وٽ آهي، جيڪي وري پنهنجي اِنَ پوزيشن لاءِ ملڪ جي استحصالي قوتن جا ڳيجهو بڻيل آهن ۽ اهي قوتون نه ٿيون چاهين ته سنڌ معاشي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حوالي سان اڳڀري ٿئٖي، پنهنجي قسمت جا فيصلا پاڻ ڪري. هڪ پاسي سياسي ۽ سماجي اختيار نه هجڻ ڪري سڄو سماج بيوسيءَ وچان ڦٿڙي رهيو آهي ته ٻئي پاسي جديد دنيا آهي، انهيءَ جا سياسي ، سماجي اثر آهن. خاص ڪري ميڊيا (جنهن ۾ ڊراما، فلمون اهم آهن) اسان جي عام عوام کي ڌٻڻ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڌٻڻ ۾ هن معني ۾ ته سماج تبديليون قبول ڪري رهيو آهي پر معاشي حوالي کان اُها اوسر نه ڪري رهيو آهي جيڪا منجهس فڪري روَين جي حوالي کان به پختائي پيدا ڪري. ان ڪري اوسر جو ڪو روڊ ميپ به ناهي ۽ هڪڙي ڀڃ ڊاهه آهي جيڪا اسان کي سماجي روڳن ۽ نفسياتي مونجهارن جي ڄار ۾ ڦاسائي رهي آهي. سماج دشمن قوتون اسان کي زرعي دور کان به پوئتي ڌڪي قبيلائي دور جي نفسيات جو شڪار بڻائڻ گهرن ٿيون. ڳالهه ڊگھي ٿي وئي ، ته “پريمي جوڙن” جي مامري اسان جي سماج جون پاڙون ئي لوڏي وڌيون آهن ۽ اهي گهران ڀڄي ويلَ پريمي ڪڏهن ڪڏهن ته سڄي سماج جي ڌيانَ جو مرڪز بڻيا آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ قبائگي جهيڙن جو ڪارڻ به ٿيا آهن.  اسان جو ادب ان مان ڪيترو متاثر ٿيو آهي ، اصل ڳالهه اهائي ڪرڻي اٿم. ان موضوع تي ائين نه لکيو ويو آهي جيئن “ڪارو ڪاري” تي لکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ “پريمي جوڙن” واري “مامرٖي” ۾ ڪارو ڪاري جي ناسور جو به حصو آهي. “پريمي جوڙن” واري مامري تي ڪهاڻيون لکيون ويون آهن پر ايتري مقدار ۾ نه جو اهي سڄي سماج تي ڪو گھڻ پاسائون ۽ مجموعي تاثر ڇڏي سگهن. باقي ناول جهڙي وڏي ۽ ويڪري ڪينواس تي ڪو اهڙو ڪم ناهي ٿيو ، ها هڪ ٻه ليکڪ ضرور آهن، جن سنڌيءَ ۾ ان تي پهريان ناول لکيا آهن. غلام نبي مغل جو ناول ،“مون کي ساهُه کڻڻ ڏيو” اها پهرئين لکڻي هئي ۽ ان کان پوءِ اسان وٽ انور ڪليم جو ناول “واپسي” آهي، جيڪو اسان کي “گهران ڀڄي ويل” يا “پريمي جوڙن” بابت اهم پاسن کان آگاهه ڪري ٿو. ڪنهن به نوجوان جي مرضيءَ سان پرڻو ڪرڻ واري حق جا اسان سڀ حمايتي آهيون، پر جيڪي ڳڀرو جوڙا ( ڏيڪرا ۽ ڏيڪريون) گهران نڪري وڃن ٿا، انهن وٽ ڀڄي وڃڻ کان سواءِ ٻيا دڳ به هوندا آهن، پر اهي انهن دڳن کي آزمائيندا ناهن. خير. ڀڄي وڃڻ کان پوءِ اهڙن جوڙن جا احساس ڇاهِن، سندن زندگي ڪيئن ٿي گذري، انهن جا مسئلا ڪهڙا هوندا آهن؟ انهن سوالن کي آڏو رکي پهريون ڀيرو ڪليم انور ئي لکيو آهي. سندس ناول “واپسي” کي اسان اهو اعزاز ضرور ڏئي سگهون ٿا ته هُنَ اهڙي اهم پر وساريل موضوع تي لکيو آهي. سراج ۽ ثمرين جي پريم جي ڪهاڻي تي آڌاريل هن ناول جو مرڪزي موضوع اهوئي آهي. سراج ۽ ثمرين جهڏهن گهران نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهن ٿا تڏهن زندگي پنهنجين سمورين وحشتن ۽ هٿيارن سميت نڪري اڳيان اچي بيهي ٿي رهينِ. ناول جو دلچسپ ڀاڱو اهوئي ۽ اسان کي سُڌَ پوي ٿي ته اهڙن پنهنجي ذات، قبيلي کان ڪَٽيل، رشتن ناتن، مِٽن مائٽن کان پري ٿيل، ڄڻ ته بنان ٻانهن ڄنگهن وارن انسانن جو جيون ڇا هوندو آهي؟ اهڙن جوڙن جا زخمي ٿيل احساسَ ڪيئن ڏنگيندا رهندا آهن؟ ڊپ جو گهيرو ڪيئن سوڙهو ٿيندو رهندو آهي. پر انهيءَ سان گڏوگڏ ثانوي موضوع طور “تصوف” کي به کنيو ويو آهي. تصوف ۽ صوفيءَ ڏانهن انورڪليم جو پنهنجو خاص نقطئي نظر آهي. انور ڪليم صوفي کي ڪيئن ڏسڻ ٿو چاهي ؟ صوفيءَ جو سماج ۾ ڪهڙو ڪردار هجڻ گهرجي؟ ان کي آڏو رکي هن “صوفي سائين” جو ڪردار گھڙيو آهي. جيتوڻيڪ مون کي سندس “صوفي سائين” سان اختلاف آهي، ڇو ته هُو سُڌارپسند (Reformist) صوفي آهي، جيڪو سماج کي جيئن جو تيئن هلندي رهڻ ڏئي ٿو بس اميرن جي بچايلَ ،اوباريلَ مان حصو پتي ڪڍي غريبن تائين پهچائڻ گهري ٿو.ڄڻ ته نئين سرمائيداراڻي پاليسي “پاڻيءَ جو جڳ ڀرجڻ کان پوءِ هارجي پوندو” (Trickle down) ، ۽ اهو هاريل غريبن جو آهي، جو پوئلڳ هجي. پر اهو صوفي تارڪِ دنيا صوفيءَ کان هڪ وک اڳتي آهي، ان ڪري انور ڪليم جو آئيڊيل آهي. ڇوته تارڪ دنيا صوفي دنيا کي ڍونڍ سمجهي کيس پُٺي ڏئي ويهي رهي ٿو، توڻي جو زندگيءَ جو جبر وري به کيس وَروَر ڪري گهلي جيون جي جنگاهَه ۾ وٺي اچي ٿو. سراج ۽ ثمرين جي هيءَ ڪٿا “واپسي” جي عنوان مان ئي پڙهندڙ کي هڪ سَنيهو ڏئي وڃي ٿي ته پريمي جوڙٖي جي واپسي يا وري ٻنهين مان هڪ جي واپسي آهي .اسان ڏسون ٿا ته سراج ته ثمرين کي اهو جهموري حق ڏئي ٿو ته هُوءَ واپس هلي وڃي، پر پاڻ سماج شيوڪُ ٿي، “صوفي سائين” سان گڏ سماج شيوا ۾ لڳي وڃي ٿو. هِنَ ناول ۾ اهو پريم ٿيڻ ۾ انور ڪليم هڪ ٻئي اهم ڪارڻ کي به قلم هيٺ آندو آهي، جيڪو اسان جي سماج جو هڪ اهم لقاءُ (Phenomenon) آهي. اسان جي سماج ۾ ٿئي ائين ٿو ته موبائيل فون تي اوچتو ڪنهن جو نمبر لڳي ويو، يا وري ڪيئي نوجوان “سوري رانگ نمبر” جي راند ۾ نمبر مٿان نمبر هڻندا رهن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪُڻو نڪري پيو ۽ ڪنهن ڇوڪريءَ ڳالهايو ته پوءِ اها نقلي پريم ڪهاڻي شروع ٿي وڃٖي ٿي يا وري دوستن کان ۽ ڪي ته ايزي لوڊ جو ڌنڌو ڪرڻ وارن يارن کان نارين جا نمبر وٺي “ٽراءِ” ڪندا ٿا رهن . ائين انور ڪليم جي ناول جو “نائڪ” سراج پنهنجي دوست وٽان مليل “خاص نمبر” تي رنگ ڪري ٿو ۽ پوءِ ائين اها پريم ڪٿا شروع ٿئي ٿي. اهو فون تي پريم به ڏاڍو عجيب مامرو آهي، جنهن کي انور ڪيلم پنهنجي ناول ۾ چِٽڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. اسان هِنَ ناول جي هيرو سراج ۽ سندس رهبر “صوفي” سان اختلاف رکي سگهون ٿا پر انور ڪيلم کي هِنَ ڳالهه تي داد ضرور ڏينداسين ته هُنَ “پريمي جوڙن” واري موضوع تي ۽ اهو به خاص ڪري سندن ڀڄي وڃڻ کان پوءِ واري جيون تي “واپسي” ناول لکي سنڌي، ناول جي موضوعاتي جهان ۾ هڪ نئين رنگ جو واڌارو ڪيو آهي. سندس ناول ۾ ڪهڙا جهولَ آهن اهو ڪنهن ٻئي تي ڇڏي ٿا ڏيون.

 

(ننگر چنا جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۸ جنوري ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)


No comments:

Post a Comment