Monday, January 3, 2022

ناتن جي صليب - رزاق سهتو

ناتن جي صليب

مختصر ڪهاڻي

رزاق سهتو



ماڻهوءَ جو مٿو چڪرائجي ۽ سوچ کان لاچار تڏهن ٿي پوندو آهي، جڏهن خاص طور بک، ڏک، هٿ جي تنگي ۽ محبت جي موٽ يا وڇوڙي، يا کڻي محبوب کي نه سمجهي سگهڻ جهڙا مامرا ڪَرُ کڻندا آهن. ڪڏهن وري محبت جي ڏور کي مايا جي قينچي ڪاٽا ڪري، روڳي ۽ جوڳي ڪري لاهوت لامڪان ۽ ٻيا ڪيئي اڻ ڏٺا پڊ ۽ رولاڪيون ارپيندي آهي. الستي سبق پڙهڻ تي مجبور ڪري وجهندي آهي. ماڻهوءَ جو ميزان ڇا آهي؟ عورت جي ظاهري جوڙجڪ مرد کي ونگ وجهيو ڇڏي ۽ مرد جي مردانگي تان عورت فدا ٿيو وڃي. پر هر انسان جي اندر جي دنيا به آهي. جذبا، احساس، قربت، دل جو اڻ ڏٺو آرو، بي پهچ طلب، ماڻي سگهڻ جي چاهنا، نوجوانيءَ جو بي ڊپو، مست، اونهون بي قابو، بدني سمنڊ جو سدائين موجن ۾، ههڙن ئي سالن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون جنم وٺنديون آهن. هي ڪا نئين يا انوکي آکاڻي ناهي. محبت جي وڇوڙن جي حوالي سان آيل ڪيترن افسانن مان هڪ افسانو آهي. جيڪو اوهان سان اوري، دل جو بار هلڪو ڪرڻ چاهيان ٿو. متان توهان جي دل ۾ گهرو يا هلڪو احساس ڇڏي وڃي يا منهنجي ڪهاڻي توهان جي ڪهاڻي هجي. مون کي ماضيءَ ۾ وڃڻو پوندو.


هوءَ منهنجي حياتيءَ ۾ هڪ نئين صبح جيان سُتي ئي داخل ٿي. هن جي اکين ۾ اسرار ڀري چمڪ، مک تي مرڪ ائين اچي وڃڻ، جيئن مان سورج ۽ هوءَ سورج مکي. پيار جي پکيئڙي، ڪک پن ميڙي منهنجي دل ۾ آکيرو ٺاهي، پرڙا ساهي ويهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل. سانوڻ جي پيلين شامن جا ڏينهن، سي ڏينهن منهنجا موسيقي ٻڌندي گذرندا هئا. ڪيسيٽن جا بنڊل، پلنگ تي وڇايل، واري واري سان، ڪيسيٽ ٻڌندو ۽ چانهه پيئندو، ذهن کي فرحت بخشيندي راڳ جي رنگ ۾ رچي، محبت طرف وڌيڪ مائل ٿي پوندو هئس. هڪ ڀيري ڄاڻ سڃاڻ واري همراهه اچي در کڙڪايو، کيس ڪمري ۾ وٺي آيس. مجبورًا ٽيپ جو آواز گهٽ ڪرڻو پيو.

“ڪر خبر ڪيئن پنڌ پيو آهين؟!”

“ها نئون نظم لکيو اٿم. سوچيم تو کي ٻڌايان.”

منهنجي اندر ۾ ڪروڌ ڀرجي آيو. چيم؛ “هڪڙو منٽ.”

ڪمري کان ٻاهر نڪتس. چپن تي پاڻ هرتو لفظ اڀري آيا؛ ”هي شاعر به چٽي آهي چٽي. شل نه سٽون رهڙي! پوءِ اها اڻ تڻ هوندس ته ڪنهن نه ڪنهن کي ٻڌايان. شاعري کيسي ۾ کنيون گهمندو وتندو.”

ڏيڍ گلاس پاڻيءَ جو پي موٽي آيس. چيائين؛ “ٽيپ بند ڪر.”

اندر ۾ ڌڪار، اٻڙڪو کاڌو. چيم؛ “حاضر سائين.”

چيائين؛ “ٻڌ!”

پڙهڻ شروع ڪيائين. منهنجي واهه واهه تي هن جا ڏند ٽڙي پيا. خوش ٿيو. طويل نظم مس وڃي پورو ٿيو. مان سک جو ساهه کنيو. روايتي جملي جو ورجاءُ؛ “ڪر خبر نظم ڪيئن لڳئي.؟”

چيم؛ “شاعريءَ جا لاها چاڙها، ڀائو تون پاڻ ڄاڻ، باقي واهه جو آهي.”

ڦديون کولي ڇڏيائين. جيڪي مون کي زهر لڳيون.

چيائين؛ “هڪڙو ڪم ڪر.”

“ڪهڙو؟”

“جميلا سان ڪچهري ڪراءِ!”

“ڪهڙي جميلا؟”

“هوءَ جا ميڙاڪي ۾ ڪا نه ملي هئي!”

“ڇو پاڻ وڃين ملينس!”

“دوست ناهين. تو سان رابطي ۾ آهي. ڪا ڪچهري ڪراءِ!”

“مون سان وري ڪهڙو ڳانڍاپو ٿس. رڳو هڪ ڀيرو فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. رکائي مان جواب ٿي ڏنامانس.”

چيائين؛ “تون ته آهين ئي اهڙو ڇوڪرين کان ته تو کي چڙ آهي. شگفته، تنهنجي شڪايت ٿي ڪئي. چئي؛ رکو ۽ مغرور آهي. ڏاڍو پاڻ تي ڀروسو اٿس.”

چڙي چيم؛ “تون پنهنجي ڳالهه ڪَرِ. ڇوڪرين پويان وتين ٿو پاڻ ڦرائيندو. سڄي پگهار ڦري چٽ ڪري ٿيون ڇڏني. تڏهن به مڙين ڪو نه ٿو.”

اڌڙوٽ شاعر چيو؛ “يار! منهنجون نه! ڇوڪريون ڪمزوري اٿئي. پر اندر جو ڀؤُ ڪجهه ڪرڻ ئي نٿو ڏئي. ڇوڪري، اڪيلائيءَ ۾ ملي ٿي ته ڪنبڻي وٺي وڃي ٿي. پگهر اچي ٿو کڙيون وٺي.”

جند ڇڏائڻ ۾ چڱائي هئي. کڻي ها ڪيم.

شاعر جا پنڌ مٿان پنڌ، لڳاتار ساڳو اسرار ته؛ “ڪا ڪچهري ڪراءِ! ڪا ملاقات ڪراءِ!”

نيٺ ڪڪ ٿي، مان جميلا ڏانهن فون ڪري، ملڻ جو وقت ۽ پتو ورتو.

اسان ٻئي جميلا طرفان ڏنل ائڊريس تي ڳولي ڳولي ٿڪجي ساڻا ٿي پيا آهيون. ٻيو ڪجهه نٿو سجهي، هڪ پٺاڻ جي جهوپڙا هوٽل ۾ چانهه پيئڻ لاءِ ويٺاسين. چانهه پيئندي ڏنل پتي تي نظر پئي. ڇا ڏسان ته هيءُ ته اهو علائقو ئي ناهي. پاڻ تي بڇان آيم. چانهه پوري ڪري شاعر کي چيم؛ “ويهه گاڏيءَ ۾!”

چيائين؛ “ڪاڏي؟”

چيم؛ “گهر!”

“ڇو ڇا ٿيو؟”

چيم؛ “ڀلجي پيا آهيون ڀائو. شهر جي جنهن علائقي جي ائڊريس آهي. اهو پاڙو آهي ئي ڪو نه.”

هڪ سال جو وقت وهامي ويو. جميلا سان موٽي ملڻ جي مون شعوري ڪوشش ڪا نه ڪئي. نڪي وري ڪڏهن شاعر زور ۽ مون وٽ پير ڀريو. پر هو ٻڌايل ناريءَ جي پتي تي ڪنهن کي ساڻ ڪري ٻه ٽي چڪر هڻي، ملاقات ڪري چڪو هو. منهنجو ڀلا تنهن ۾ ڇا. خير ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ”

مان مشڪلن ۾ اچي ڦاٿو هئس. اڀاڳن ڏينهن سڀاڳن ڏينهن کي لوڌي ڪڍيو. دوستن جون دلداريون رسي ويون. مٽن مائٽن کان وڌيڪ ڀائرن ۽ ٻين گهر ڀاتين لاءِ مان سواليه نشاني بڻجي پيو هئس. هڪ ڀيري ماءُ چيو؛ “پٽ! ڇو تنهنجي دل جو گل ڪومائجي ويو آهي؟”

نٽائي ڇڏيو هئم. پوري هڪ سال تائين مان پاڻ به پروڙي ڪو نه سگهيو هئس ته ڪيان ٿو سنئين، ٿيو اونڌي پئي ٿي. پئسو ته هٿن مان ائين هليو ويو ڄڻ مون وٽ ڪڏهن هئو ئي ڪو نه. مال، ملڪيت ميڙيم ڪا نه، جو حاجتمند سوالي آيو خالي ڪو نه موٽايم. جنهن کي به مالي مدد لاءِ ٿي چيم، ٽوڪ واري مرڪ چپن تي آڻيندي ٿي چيائين؛ “چرچا ٿو ڪرين. تو وٽ پئسي جي کوٽ ٿي نٿي سگهي.”

ڪيئي اجايا الزام مڙهيا ويا. جنهن ۾ نشي جو واهپو، ڇوڪرين سان لاڳاپا، فضول خرچيون، وغيره. مان پنهنجي ڀرم کي قائم رکڻ جي ڪوشش ۾ کُسي ويس. پاڻ کي ڏاڍو محدود ڪري ڇڏيم. جن ساٿين سان ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا فون تي حال احوال ڪبو هئو تن کان ته ڄڻ وسري ويس. فون کي ڏسي، پاڻ کي ٿي ڏٺم. فون آئي، خبر اٿو ڪنهن جي جميلا جي. چيائين؛ “توهان سان ملڻ ٿي گهران. ”

مون به الائي ڪهڙي ڪيفيت ۾ ها ڪري ڇڏي. مون کي ته ڏنل سماجي ڦٽن لاءِ زخمن لاءِ مرھم ٿي ملي.

****

شام جي پهر ۾، اسان هوٽل ۾ آمهون سامهون ويٺا هئاسون. پاڻ کائڻ لاءِ آڊر ڏيڻ ۾ تڪڙ ڪيائين. چيم؛ “ترس سوچي ٿو وٺان.”

لمحن جي خاموشي، اکين جو اکين سان ٽڪراءُ، وري نٽائي ڇڏڻ. کيس ڏسندي مون جائزو ورتو؛ ڳلن تي سج اڀري جي لالاڻ، مُک تي تازگي ۽ ڪشش. چپ ماسيرا ۽ اڀريل. هوءَ ڳنڀير ۽ سوچ جي ساگر ۾ گم سم. ماحولُ سنجيده ٿيندو پئي ويو. تنهن کي بدلائڻ اشد ضروري هئو. مٿان هن کي ڏسندي وجود جي درياهه ۾ مست موجن دماغ تائين رسي بي قابو ٿي ڪيو. تن کي وس ۾ آڻڻو هئو. ڇو ته جنسي ڪشش سان ڀرپور هوءَ پاڻ ڏانهن ڇڪيندي ٿي ويئي. احساس، جذبا، اڀار، سڀ ملي ڪو ٻارڻ ٻاري وجود کي سيڪي رهيا هئا. هوءَ وڏا وڏا ساهه کڻي رهي هئي. ماحول کي ماٺو ڪرڻ لاءِ چيم؛ “جميلا زندگي ڪيئن ٿي گذرئي؟”

چيائين؛ “دنيا ۾ پنهنجي مرضيءَ سان ته ڪو نه آيا آهيون. جيئڻو ته پوندو.”

“ڇا مطلب.؟”

“مطلب ماڻهو ڏک سک ۾ پنهنجي حياتي ماڻي ٿو وڃي.”

جميلا يونيورسٽي ليول تائين پڙهيل، ذهين، ڏاهي ۽ سٺي گريڊ ۾ نوڪري ڪندڙ، جيون جي هر پهلو، چاهي مرد يا عورت جو هجي، جنسي هجي يا نفسيات کان ويندي رشتن جي وچڙيل سٽ جي ڍيري تي، گفتگو ۾ ماهر هئي. اسان پهرين ڪچهريءَ ۾ ئي ڏاڍا هڪ ٻئي سان هجائتا ۽ ويجها ٿي وياسين. وڏو ٽهڪ ڏئي ڳالهه کي ٽارڻ ۽ اندر جي محرومين کي ٽهڪ ۾ ڪافور ڪرڻ جو فن ته ڪو هن کان سکي. اسان هوٽل کان ٻاهر نڪري آياسين. رهجي ويون پوئتي يادگيريون. راهه هلندي هوءَ گڏ گڏ هلندي رهي. ڪڏهن ڪلها ٿي ٽڪرايا ته ڪڏهن ايڏو ويجهي ٿي آئي جو ارهه اچي ٿي لڳا. ڏاڍو سٺو ٿي لڳو. هن ڏانهن چور-نظرن سان نهاريم. هوءَ ته مون کان وڌيڪ لطف ماڻي رهي هئي. هڪ ڀيرو شعوري ڪوشش ڪري، ارهه پاسي سان اچي ٽيڪيائين. پولهه جو پاسو به ڇهي ويو. جنسي وڄ وراڪو کاڌو. سندس پاسي ۾ هلندو رهيس. اسان موڪلائي، پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿياسين. مان اندر جو اورڻ هن سان ڪو نه اوريو ته اڄڪلهه ڪهڙن عذابن ۾ آهيان.

جميلا ۽ منهنجي وچ ۾، ڏينهن ۾ ٻه چار ڀيرا، فون تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، ڄڻ اسان جي آفيس جي ڊيوٽيءَ جو حصو هو. آفيس جو ڪم ڪار اڪلائڻ سان گڏوگڏ فون تي ضرور ڳالهائبو هئو. اڪثر فون هوءَ ڪندي هئي. هڪ ڪال ڏهن کان پنجويهه منٽن تائين هلندي هئي. پاڻ سٺي عهدي تي فائز هئڻ ڪري، ڏوڪڙ هن لاءِ مسئلو نه هئو. فون تي ڪچهرين، منهنجي جهريل جيءَ کي سهارو ڏنو. جميلا سان وري وري ملڻ جي خواهش اوج ماڻيو. مون فون ڪري کيس چئي ڇڏيو؛ “مان اوهان جي آفيس اچڻ چاهيان ٿو.”

جواب ۾ چيو هئائين؛ “اهڙا پنهنجا ڀاڳ ڪٿي. الائي ڇو ملڻ کان ڪترائيندو آهين. ڄڻ تو کي کائي ويندس. توهان اچو اسان جون اکيون ٿڌيون.”

ملڻ جو وقت طئه ڪري سوچيم؛ “زندگيءَ جو فلسفو سمجهه کان ٻاهر آهي. هڪ طرف کان مايوسي منهن ڪڍي ٿي. ٻئي ڀر کان اتساهه سڏي ٿو. انسان، انسان جي ڪيڏو نه ويجهو ٿي، اندر جو ڪتاب هڪ ٻئي اڳيان کولي ويهي رهي ٿو. رفاقت ۾ سالن جا سال گڏ گذريو ٿا وڃن. غم، ڏک، سکن ۾ گڏ گڏ، ٻه وجود هڪ ٿيو وڃن. دنيا واهه واهه ڪري، محبتن جا مثال پيش ٿيڻ لڳن. تڏهن خبر پوندي هڪ معمولي تکي مٺي سوال يا جواب تي سالن جون چاهتون، دوستيون هڪ لحظي اندر، لفظن جي ڪُنَ ۾ ڦيراٽيون کائينديون ڪاوڙجي درياهه جي پيٽ جي خوراڪ ٿي وينديون. تڏهن ته سوچيان ٿو؛ انسان جو انسان سان وجھڙائپ جو ناتو دائمي آهي يا زندگي؟ مان چوان ٿو؛ زندگي، دائمي آهي. مرڻ کان پوءِ انسان جي زندگيءَ جا آثار، قبرستان ۾ قبر جي صورت ۾ پسي سگهجن ٿا. ان جي ابتڙ دنيا جا وهنواري رشتا، ڪٿي به نشان نٿا ڇڏن. اي زندگي! مان تنهنجا قدم ڇُهي نرڙ تي چمي ڏيڻ چاهيان ٿو! ڇو ته منهنجي وجود جي ميسارجي وڃڻ کانپوءِ به ساٿ ڪو نه ڇڏيندينءَ.”

هي جو چار ڪڻا جيڪي منهنجي دوستن جي حلقي ۽ رشتيداريءَ ۾ بچيا آهن. انهن کي شڪايت آهي ته پنهنجي منهن، اڪيلائپ ۽ گمنام رهڻ جي ڪري ڪي مغرور ته ڪي وڏائي جا لقب ٿا ڏين. جهڙو خلقيندڙ خلقيو. ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور؟ مان ته جهرڻي جي صاف پاڻيءَ جيان آهيان. جتان گذرون چٽائيءَ سان آر پار پسي سگهون ٿا. پر ڏِسڻ واري رڳو ديد هجڻ گهرجي. مان ڏنل وقت تي آفيس پهتو آهيان. جميلا اٿي. ملڻ لئه هٿ وڌايو. ٿورو هٻڪي، پوءِ مان به هٿ وڌائي ڇڏيو. ٻنهي جا هٿ گرمجوشي سان مليا. اسان ڪرسين تي ويهي رهياسين. هوءَ آفيس جي ڪمري ۾ اڪيلي هئي. سندس ڪليگ ۽ هيٺون عملو هر هر آيو ويو پئي. اسان اڪيلائپ جا تمنائي. تڏهن اڪيلائپ نصيب ٿي، جڏهن منجهند جي ماني ۽ نماز جي ساهي ٿي ته ٺاپر ٿي وئي. اسان ٻنهي جي وچ ۾ خاموشي رهي. پاڻ روايتي ٽهڪ ڏيندي چيائين؛ “ڇو ڀلا ايڏي ماٺ؟”

مون مرڪي ڏنو. جميلا ريوالونگ چيئر کي گهمائيندي، ٺهي جڙي مون تي نهار ڪئي. وري الائي ڇا سوچي، چولي جي ڳلي مان جهلڪندڙ ٻن ارهن جي سرحد مٿان رئو ورائي ڇڏيائين. جا ڳالهه مون کي نه وڻي. مون ڏسڻ پئي چاهيو. هوءَ اکين جي کينچل، بت ۾ بيچيني ۽ تحرڪ وچان هڪ جاءِ ٽڪي ئي ڪا نه پئي. مون کي ڏاڍي وڻي رهي هئي. خوشبوءِ ڀرئي سرير ۾ ڇڪ، عورتاڻن انگن هر هر ڌيان ڇڪايو ٿي. مان انهن کي ماڻڻ جي لست ۾ وٺبو ٿي ويس. سندس اکين ۾ چاهت جي درياهه جي موج پسي، ڏڪي ٿو وڃان. مون کي لڳو؛ هوءَ منهنجي بت ۾ وڃائبي ٿي وڃي. اهڙي ڪيفيت ۾ هن منهنجي وارن جي اسٽائل ۽ اکين جي چمڪ جي ساراهه ڪئي. ايتري ۾ سندس ڪي ايف سي کان آڊر ڪيل کاڌو آيو. اسان گڏجي کاڌوسين. هوءَ ڪجهه دير لاءِ ڪمري کان ٻاهر هلي وئي. ٻاهر ڇو وئي؟ مان سوچڻ لڳس؛ ڄاڻي واڻي وئي ته جيئن مان سندس هلت ۽ باڊي لئگئوئيج پڙهي سگهان. اڪيلائپ ۾ هن لاءِ سوچيندو رهيس. اشارن ۽ ڪناين ۾ ڳالهائڻ لوڙهي ڇڏيو. اسان ٻنهي جي دلين ۾ ڪنهن نئين رشتي جو بنياد پوڻ شروع ٿيو. پاڻ سان وچن ڪيم؛ وچٿرو هلڻو آهي. جيئن سندس دل آزاري نه ٿئي، نه ڪي هن جي احترام ۾ گهٽتائي اچي.

هوءَ واپس موٽي آئي. مان کيس مرڪي ڏٺو. موڪلائڻ جي اجازت گهريم. اکيون نماڻيون ڪندي چيائين؛ “اڃان دل ڪاٿي ڀري آ! ويهو ته سهي! خبر اٿو منهنجي هڪ پياري ساهيڙي جنهن فون ڪري چيو؛ مان اچان ٿي. مون کيس جواب ڏئي ڇڏيو؛ تون نه اچ! رڳو انهيءَ ڪري جيئن گهڻي کان گهڻو وقت، توهان سان ذهني ۽ جسماني طرح رهي سگھان. هوءَ اچي ها ته منهنجو ڌيان ورهائجي وڃي ها. اهو مون نٿي چاهيو. جنهن پل مون سان آهين، مان تنهنجي ئي رهان بس.”

مان خاموش ئي رهيس. پر ذهن ۾ خيال تري آيو؛ “انسان محبت ۾، وچ تي ڪک به برداشت نٿو ڪري.”

محسوس ڪري ورتم ته هوءَ منهنجي محبت ۾ چؤکنڀي ڦاٿل هئي. جنهن جو اظهار جملن، انگن جي اشارن سان محسوس ڪرائي رهي هئي. اسان جي ملاقات، انهيءَ واعدي تي ختم ٿي ته پاڻ ستت ئي سمنڊ جي ڪناري، شام ڌاري ميڪڊونلڊ ۾ ڪچهري ڪرڻ لاءِ ملنداسين ۽ لهندڙ سج جو منظر ڏسنداسين. چيم؛ “جيڪا اوهان جي مرضي. ”

******

اسان فون تي وڌيڪ بي حجاب ڪچهري ڪرڻ لڳاسين. ويندي مختلف مردن، عورتن، ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي حوالي سان. ڪجهه منهنجا ڄاڻو سڃاڻو به هئا. پيا جملي بازي ڪندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ذهن جي ٻارين ۾ پيارا پيارا ميلاپ جا گل ٽڙي پوندا هئا ته  طلب جو نانگ پيو ڪر موڙيندو هئو. عورت مرد ڏانهن ۽ مرد عورت ڏانهن ڪيڏو نه ڇڪجي ٿو اچي. محبت کي جڏهن هڪ معاهدي يا سمجهوتي جا سنگهر وجهي زال ۽ مڙس جي پوشاڪ پارائي ٿي وڃي. تڏهن محبت منهن موڙ ڪري رخ مٽائي ٿي ڇڏي. باقي هڪ مرد ۽ عورت جي روپ ۾ وڃي رهن ٿا. سو روپ ڪڏهن به بدلجي سگهي ٿو. عورت زال جو روپ، مرد مڙس جو روپ، گهر ۾ لذيذ کاڌو دسترخوان تي موجود پر پوءِ به دل ٻاهر جو کاڌو کائڻ لاءِ ڇو چري ۽ مست لڳي پئي هوندي آهي. اهڙو اڪسائڻ جو عمل انسان کي فنا ڪري ڇڏيندو آهي.

“اي دنيا جا دستور جوڙيندڙئو! انسان جي پيرن ۾ سرحدن، سمجھوتن، معاهدن جا زنجير نه پايو! کيس آزاد ڇڏيو ته هو پنهنجو پاڻ لوچي، سوچي، ڳولي پورڻتا ماڻي سگهي. ”

*****

شام ڌاري، سج لهڻ جو منظر پسڻ لاءِ، سمنڊ ڪناري پهتاسين. اسان ميڪڊونلڊ ۾ اهڙين ڪرسين جي چونڊ ڪئي، جتان سج کي سمنڊ ۾ لهندي ڏسي سگهون. شيشي جي پويان، سمنڊ ۽ سج جو منظر، ڏاڍو دل لڀائيندڙ هئو. پهريائين سج پيلو ٿيو. پوءِ ڦڪي روشني، سندس چؤڦير پکڙجي وئي. ڪڪرن جي ٽڪرن مان هلڪي ۽ ڌيمي روشنيءَ جي منظر جادو ڪري ڇڏيو. اسان ڏاڍي ڌيان سان اهو منظر ذهن جي پردن ۾ ويڙهيو پئي. نظر ڦيرائي ڏٺم. هوءَ گهري سوچ ۾ ٻڏل هئي. مان رخنو ڪو نه وڌو. سج لهي پورو ٿيو.

چيائين؛ “مان هتي ايندي رهندي آهيان.”

چيم؛ “ڪنهن سان گڏ؟”

“ساهيڙين سان گڏ ايندي آهيان. ڏاڍو مزو ماڻيندا آهيون. هوءَ منهنجي پياري ساهيڙي آهي. کيس ڏاڍو ڀانيئان ٿي. اسان ڀاڙي تي ورتل هڪ گهر ۾ اڪيلا ئي رهندا آهيون!”

پاڻ انهن ٻن ساهيڙين مان هڪ جو اصلي نالو ۽ ٻيءَ جو نڪ نيم ٻڌايائين. پوءِ سندس ساراهه ۾ اچي جو چُري مان ته ڄڻ وسري ويومانس. هن جي اڻ ڏٺل ساهيڙين سان ملڻ جو شوق جاڳي پيو. پر اهڙو اظهار ساڻس ڪو نه ڪيم. هوءَ ساهيڙين جي ڪچهريءَ مان واندو ٿي ته هڪدم سوال ڪري وڌائين. جنهن منهنجا تاڪ ڪڍي ڇڏيا. چيائين؛ “جنس ۽ محبت بابت ڇا رايو ٿي؟”

چيم؛ “جنس ۽ محبت ٻه اهڙا پاڙيسري آهن. جيڪي گهر جو ڪنڍو کڙڪائڻ کانسواءِ هڪ ٻئي جي گهر اچي وڃي سگهن ٿا. ”

جواب ٻڌي هوءَ مرڪي پئي. مرڪي ڇا؟ سندس سارو سرير ٽڙي پيو. پوءِ ڏاڍي خود اعتماديءَ کان ڪم وٺندي چيائين؛ “منهنجي دل تو مان ڀرجي ئي ڪا نه ٿي. گهڻي کان گهڻو وقت تو سان گهارڻ تي دل چوندي آهي. موڪلائي هليو ويندو آهين. ڪي پهر تنهنجون ڳالهيون، کلڻ جو انداز، شخصيت، ذهن ۽ دل ۾ سمايل رهندا آهن. پر تون بند ڪتاب آهين. خاموش ۽ گهري سمنڊ جيان! ڪنهن کي پنهنجو انت ئي ڪو نه ڏيندو آهين. خير اوهان جي مرضي! اوهان تائين اسان کي ته جڪڙي ڇڏيو اٿو.”

ائين چوڻ کانپوءِ، مون ڏٺو سندس نيڻن ۾ چاهه لهي آيو. چپ ڪجهه گهري رهيا هئا. جسم ۾ ڪا بيچيني هيس. منهنجي اندر ۾ به احساس جاڳي پيا. سندس بت کي ڀاڪر ۾ ڪرڻ جا، اڪيلائپ ۾ هڪ ٿي وڃڻ جا، مان صفا وٺجي ويو هيس. هيڏي هوڏي نظر ڦيرائي جميلا جي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ ڪيم. هڪ جذبي جي گرم لهر جسم ۾ ڊوڙڻ لڳي. اتان اٿي آياسين. گڏ گڏ هلي رهيا هئاسين. انهيءَ ڏينهن الائي ڇو. منهنجي من اوج ماڻي ورتو هئو. هوءَ ايڏي ته وڻي پئي. جيڪڏهن موجود ماڻهن جو احساس نه هجي ها ته اسين اتي ئي ليٽي پئون ها. مون ڄاڻي ورتو هئو ته هوءَ پڻ ساڳي ڪيفيت ۾ آهي. اسان گاڏيءَ ۾ اچي ويٺاسين ڪار هلڻ لڳي. مان ڪار جي رفتار ڍَري ڪري، هڪڙي هٿ سان اسٽيرنگ سنڀالي. ٻيو هٿ جميلا پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ ڪيو. چمي پنهنجي ٻنهي سٿرن جي وچ تي رکي ڇڏيائين. رات جي اوندهه اسان جي پرديداري ڪئي. رکي رکي هلندڙ ٽريفڪ جي گاڏين جي روشني اسان مٿان پئي ٿي ته هوءَ هٽِي پري ٿيو پئي ويئي. وري ساڳي ڪيفيت ۾ اچي ڪڏهن وارن ۾ آڱريون ٿي ڦيرايائين. ڪڏهن هٿ کي ٿي چميائين، ڪڏهن منهنجي سٿرن تي هٿ ٿي ڦيرايائين. منهنجو ته هڪڙو ئي هٿ واندو هئو. تنهن سان سندس سرير، ڇاتي، وارن، ڳلن کي ڇهندو، گاڏي سنڀاليندو، اچي سندس گهر جي ڀرسان هلڪي انڌاري ۾ گاڏي بيهاري. جتان هوءَ الوداع چوندي هئي. گاڏي بيٺي، اسان هڪ ٻئي کي ڏٺو. ٻاهر نهاريو. هڪ ٻئي جي اکين آڇ کي پرکي ورتو. مون گاڏيءَ جون هيڊ لائيٽس آن ڪيون. جيئن سامهون ڪو به ماڻهو يا گاڏي اچي ته اندر ڏسي نه سگهي. هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي منهنجي سامهون آڻي ڇڏيو. مان پنهنجا چپ هنجي چپن تي رکي ڇڏيا. هوءَ موڪلائي هلي وئي، پر چپن جو مٺاس گهڻي وقت تائين مون سان گڏ سفر ڪرڻ لڳو.

جيئن ڏسندي ئي ڏسندي، گلن جي پنکڙين ۾ رنگت ۽ مهڪ اچي ويندي آهي، تيئن پيار ۽ محبت جو وڻندڙ احساس ۽ جذبو انسان جي اندر ۾ اڀري پوندو آهي ته مک تي نون ٽڙيل گلن جهڙي تازگي، شگفتگي اچي ويندي آهي. اهي سڀ مرحلا اڪري، انسان وڃي پار پوندو آهي. تڏهن کيس ڪل پوندي آهي ته مان ڪيترو اڳتي وڌي آيو آهيان. ساڳي ڪيفيت منهنجي هئي. اندر مان محروميءَ جو احساس ختم ٿيڻ لڳو. محفلن ۽ ڪچهرين ۾ اچڻ وڃڻ لڳس. ڏوڪڙن وري اچي کيسو سنڀاليو. ڪي نوان سڃاڻو نڪري پيا. دل کي ٽيڪو آيو. اسان به پنهنجا، سور پي وياسين. پر ڇرڪيل ضرور رهيس. متان ڪنهن موڙ تي ساڳيون حالتون ڪَر کڻن ۽ پاڻ لوڙهي وجهون. جميلا سان ويجهڙائيءَ ۾ اڃا تائين احتياط کان ڪم وٺي رهيو هئس.

جميلا فون ڪئي، ڏاڍي چڙ ۾ هئي. نه! چڙ کان وڌيڪ پريشان ۽ بيتاب هئي. چيم؛ “خير ته آهي. ”

چيائين؛ خبر ٿي منهنجي ساهيڙيءَ آهي.”

نالو کنيائينس. وري چوڻ لڳي؛ “مان کيس ڏاڍو پيار ڪندي آهيان. اسان هڪ ٻئي کان مري ئي جدا ٿينديوسين.”

ساهيڙي سان ايڏي پيار تي چرچو ڪيومانس؛ “ڏاڍو پيار ٿي ڪرينس؟”

چيائين؛ “ها.”

چيم؛ “مونکان وڌيڪ پيار هن سان ٿي ڪرين.”

چيائين؛ “ها. پهريون هوءَ پوءِ تون.”

چيم؛ “مون کي ڪو اعتراض ناهي.”

چيائين؛ “تنهنجي ڪري ڪاوڙي آهي.”

مان حيران ٿيندي چيم؛ “سو وري ڪيئن؟”

چيائين؛ “ڪالهه توهان سان ملاقات جو وقت طئي ٿيو هئو.”

چيم؛ “ها.”

“وقت سر ڪا نه پهچي سگهيس. تون هليو وئين.”

چيم؛ “جي.”

ڪاوڙ ۾ پيار ڀريو ويچارو ڪڍندي چيائين؛ ”جي.. جي.. .. وقت جو ڏاڍو پابند آهين.”

چيم؛ “جي ها. وقت جو قدر آهي.”

“ها سائين بس وقت جو قدر رڳو توهان کي آهي. اصل ۾ اسان ٽيئي ساهيڙيون گڏجي نڪتيوسين رستي ۾، اھي گيسر ڪندي مونکي زوريءَ هڪ نمائش ۾ وٺي ويون. جتي دير ٿي وئي. تون هليو وئين. منهنجي ڪاوڙ چوٽ چڙهي وئي. واپس جڏهن گهر آياسين. چين ڪيئن اچي سو مان به چيومان؛ “اهو سڀ ڪجهه اوهان جي ڪري ٿيو جو مان هن سان ملي نه سگھيس. ”

چوڻ لڳي؛ ”چڙ مان چيائون؛ ’تو کي اسان کان وڌيڪ پيارو ٿو لڳي. اڄڪلهه گهڻو وقت هن کي ٿي ڏئين.‘ مونکي آئي ڪاوڙ، سو ست سريون ٻڌايونمان. هڪڙي ته روئڻ کان بس ڪا نه ڪري. ايڏي چڙ ڪيائين جو رات مون سان گڏجي سمهي به ڪا نه. سڄي رات ٻنهي الڳ لڇندي گذاري. ننڊ جو نالو نشان به ڪو نه. صبح جو سوير بنا موڪلائڻ جي نوڪريءَ تي هلي وئي. هوءَ ته منهنجي جان آهي. هن کانسواءِ بي جان ٿي پئي آهيان.”

چيم؛ “پرچائي وٺينس نه ته راتيون اڪيليون ڪٽڻيون پئجي ويندئي. هوءَ تنهنجي هيڪلائپ جو سهارو آهي.”

چيائين؛ “ڪوشش ڪيان پئي. پر تون ايڏو گھرائي ۾ ڇو پيو وڃين!”

کلي چيم؛ “توهان ٻئي گڏ جي ڇو سمهنديون آهيو؟”

چيائين؛ “چپ ڪر تنهنجو ڇا؟”

“تڏهن به خبر ته پوي.”

“گڏجي سمهڻ ۾ مزو ايندو آهي. سنهيون سنهيون کينچلون ڏاڍيون وڻنديون آهن.”

ائين چئي جلدي فون بند ڪري ڇڏيائين.

****

آسمان تي ڪارا ڪڪر، سالن کانپوءِ ڪاهه ڪري آيا. مينهن وسڻ شروع ٿي ويو. هر ماڻهو برسات جو مزو ماڻڻ لاءِ ٻاهر نڪري پيو. پارڪن ۾، ڪنارا هوٽلن، سمنڊ جي ڪناري تي ميلو مچي ويو. اسان به هڪ ٻئي کي فون ڪري موسم جي لطف ماڻڻ لاءِ وقت ڏنو. اسان گاڏيءَ ۾ سمنڊ جي ڪناري سست رفتار سان هلي رهيا هئاسين. نويڪلائي واري جاءِ تي گاڏيءَ ۾ ويٺا رهياسون. ٻاهر ڦڙ ڦڙ پئجي رهي هئي. گاڏيءَ جي شيشن تي مينهن جي پاڻيءَ جا ڦڙا ڦڙا ٿي ڪريا. جن اسان جي پرديداري پئي ڪئي. اسان پيار جي ڪچهري ۽ پيار ڪرڻ ۾ جنبي وياسين. موسم مست، سمنڊ جي هوا ٻه چاهيندڙ وجود، سموريون حالتون اسان جي پاسداريءَ ۾. مان سندس قرب، پيار، محبت آڏو بيوس ٿي پيس. هوءَ منهنجي پيار ڪرڻ جي موٽ ۾ بي قابو ٿي پئي. مان دل لڀائيندڙ رانديڪو، هوءَ ارڏو ٻار، خوب کيڏ ڪيائين. هڪڙو سمنڊ ٻاهر، ٻيو اسان جي اندر، پيو موجون ماري. پنهنجي وجود جا ڪتاب، هڪ ٻئي کي پڙهڻ لاءِ ڏئي ڇڏياسون. سندس اکين ۾ چاهت جي جوت لهي آئي. اهڙو محبت جو اسرار، مون اڳ ڪڏهن اکين ۾ ڪو نه پسيو هئو. مان جو زندگيءَ جي فلسفي کي مختلف پهلوئن کان جاچيندو ٿو اچان، الائي ڇو منهنجي ذهن ۾ هي جملو اڀري آيو؛ “زندگي ڪنهن جي اکين ۾ محبت سان نهار جو نالو آهي يا ڪنهن جي نيڻن ۾ محبت پسڻ جو نانءُ آهي.”

اهو سوچي، مون سندس بند نيڻن کي چمي ورتو. هوءَ ڪپهه جي ڀڳل پوڻي ٿي وئي. اهو ڏينهن مون کان ڪڏهن نه وسرندو. اسان دل کولي هڪ ٻئي کي پائي ورتو هو. جڏهن الوداع چوڻ واري جاءِ يعني سندس گهر جي ڀرسان آيا هئاسين، تڏهن به پيار ڪرڻ مان ڪون ڍاپيا هئاسين. ڪا دير هڪ ٻئي ۾ ٻکيا رهياسين. لاچاريءَ وچان خدا حافظ چيو هئوسين.

انهيءَ ڏينهن ئي اسان جي محبت ۽ پيار کي نظر لڳي وئي. نه نه شايد منهنجي چاهت ئي چِکَا چڙهئي. ٿيو ڇا هو؟ ياد اچي ويو. توهان به ٻڌو. جميلا مونکي هڪ هوٽل ۾ گهرايو. جيڪو ڏاڍو سندر ۽ نويڪلائيءَ وارو هيو. ويٺي ويٺي ڳچ وقت وهامي ويو. هوءَ ڄڻ ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ هئي. پڇيومانس. سئين منهن ورندي ڪو نه ڏنائين. هڪ نوجوان ۽ وڏي عمر جو شخص، اسان طرف وڌي آيا. جميلا اٿي بيهي، پهريائين وڏي عمر جي شخص کي سلام ڪيو. نوجوان طرف هٿ وڌائي. ڇڪي ڀاڪر ۾ ڪيائينس.

چڱڙو وقت ٻئي ڀاڪر ۾ ئي رهيا. مان وڏي عمر جي شخص سان هٿ ملايو. ڪرسين تي ويهي رهياسين. جميلا مس وڃي نوجوان مان ڀاڪر ڪڍيو. پر ٻئي جذباتي ۽ بي قابو ٿي لڳا. مان حيرانيءَ وچان اکيون ڦاڙي ڏسندو ئي رهيس. جميلا پاڻ کي حواسن ۾ آڻڻ لاءِ ڏاڍا روايتي ٽهڪ پي ڏنا پر سڀ بي اثر هئا. نوجوان سندس حواسن تي ڇانيل رهيو. پاڻ سڃاڻپ ڪرايائين. ڪچهري شروع ٿي. وڏي عمر وارو شخص جنهن جو جميلا ڏاڍو احترام ڪري رهي هئي. چوڻ لڳو؛ “اسان ميڙ ٿي آيا آهيون. هاڻي معاف ڪيوس. هڪ ٿي وڃو.”

هو شخص مون ڏانهن ڏسي ماٺ ٿي ويو. ائين پيو لڳي، مان وچ تي اچي ڦاٿو هئس. جهڙي تهڙي ماني کاڌم. اهي ٻئي هٿ ڌوئڻ لاءِ ويا ته جميلا مرڪي چيو.

“هي نوجوان منهنجو پهريون پيار ٿي. ماءِ فرسٽ لو.”

مون چيو؛ “ڇا؟”

چيائين؛ “ها.”

انهيءَ کان پهريائين جو ڪجهه مان چوان، ٻئي واپس موٽي آيا. ڳالهين مان ائين پئي لڳو ته هي وڏي عمر جو شخص جميلا سان نوجوان جو رشتو ڪرائڻ آيو هيو. ڪا اهڙي ڪاوڙ هئي جا جميلا ۽ نوجوان وچ ۾ ديوار بڻي هئي. پر هينئر ته هتي مان پاڻ وچ تي ديوار بڻيل هئس. مون کان وڌيڪ ويهڻ ڪو نه ٿيو. جميلا جو چيل جملو ذهن ۾ قلابازيون کائيندو رهيو؛ “ماءِ فرسٽ لو. منهنجو پهريون پيار.”

ائين هيءَ ڪهاڻي پڄاڻيءَ تي پهتي يا اتان نئين ڪهاڻيءَ جنم ورتو. مان ڇا چوان.؟

No comments:

Post a Comment