Tuesday, January 25, 2022

جوڳ - غفار سومرو

جوڳ

(ننڍڙي ڪھاڻي)

غفار سومرو



موقعو ملندي ئي سڀني گهر ڀاتين کان اک بچائي مٿي کان هيٺ سندس وارن جي چڳ جيان ور وڪڙ کائي لهندڙ سيمنٽ جي سوڙھي پڪي سڙڪ وٽ ڪارونجهر جي گل پوش پهاڙيءَ کي پٺ ڏيئي پهريون ڀيرو تمام ويجهو اچي ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي جو سندس ساھن جي خوشبوءِ به مون سان ڀاڪرين پئجي وئي.


اهڙي خوشمتيءَ تي سرهائي منهنجي جسم ۾ رت جيان ڊوڙي وئي. آءُ مرڪندڙ اکين سان کيس ڏسندو رهجي ويس ۽ دل جي حضور سان سندس شڪرگذار ٿي پيس. 

تڏھن موبائل وارو ساڄو خوبصورت هٿ ڊگهو ڪندي چوڻ لڳي؛ ”اچ ته هڪ سيلفي ڪڍون!“

اهڙي خاص عنايت تي مون سميت ڪارونجهر جو هر منظر سندس جتيءَ جو ڪوڪو ٿي پيو ۽ ڏور ڪٿي پهاڙي جي چوٽيءَ تان ڪو مور ٽهوڪڻ لڳو. ننگر جو سير ڪري  واپس ڳوٺ پهچي هوءَ پنهنجي ڪاڪ محل ۾ اهڙو گم ٿي وئي جو ورهيه وهامي ويا آھن پر آءُ اڄ تائين سندس جاگيردار پيءُ جي اوطاق جي رکوالي ڪندي سندس پيار جي ڳولا ۾ جوڳ پچائي رهيو آھيان.

جيون جي هڙ ۾ هڪڙو ئي پل ساڻس سيلفي وارو خوبصورت منظر اڄ تائين هڪ تلخ حقيقت بنجي اک جو ڳوڙھو ٿي پيو آھي ۽ هر پل هر گهڙي ٿوهر جي ڪٽيل شاخ سان دل جي وال تي بار بار سندس لاء ڏوراپو لکجي رهيو آھي؛ ”اي ڪارونجهر جي مورڻي!“

ڦوٽو ڇڪڻ به هڪڙو فن آھي ۽ اهو فن تون بهتر طريقي سان ڄاڻين ٿين. هڪ شام سمي الائي ڪنهن پل منهنجو اهڙو فوٽو ڇڪي هلي وئين جنهن ۾ هاڻ مون سميت گڏ هر شام سمو ۽ صبح جو هر منظر به اداس اداس ٿي پيو آھي!

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment