Monday, January 3, 2022

ٽيڙو نڪ - رزاق سهتو

ٽيڙو نڪ

مختصر ڪهاڻي

رزاق سهتو



“ٻڌُ!”

“ها! سڏ ڪئي ڇا.؟!”

“جي.. . تو کي سڏ ڪيم منهنجي من جي ملڪه”

“ڇو؟”

“ڪاوڙيل آهين ڇا؟”

“ها.!”

“ڪهڙي ڳالهه تان؟”

“بس ڪاوڙيل آهيان..!”

“خبر ته پوي ڇا تان ڏمرين آهين..”

“ڪاوڙ کي تون ڏمر ٿو چئين.“


“ها ڇو ته عام ماڻهو ڪاوڙ ڪندا ۽ وڏا ماڻهو ڏمربا آهن.”

“ها اسان ماڻهو موڊ تي هلندا آهيون. دل چاهي ٿي تو سان ڪاوڙ ڪيان سو ڪاوڙيل آهيان..“

“مان خادم تنهنجي جتيءَ جو ڪوڪو، صدقو وڃانءِ ڪو سبب؟“

“وڏا ماڻهو بي سبب ئي ڪاوڙ ڪندا آهن.“

“تڏهن به.“

“مسڪين جو ٻار آهين نه، رانگو ضرور ڪندين.“

“پوءِ ٻڌاءِ نه!”

ڪو نه مڙندين ٻڌايانءِ ٿي.“

“چئُه.“

“نڪ ٽيڙو ۽ ڪَنُ ننڍو اٿي.“

“ٽوڪ ٿي ڪرين.“

“نه اهو سچ آهي.“

“سالن جي ساٿ پڄاڻان، تو کي منهنجا عيب هاڻ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا آهن.“

“ها. چند سال نڪري ويا پر سڄي عمر گذارڻ ناممڪن.“

“منهنجو ڪهڙو قصور جي نڪ ٽيڙو ۽ ڪَنُ ننڍڙو آهي.“

“بس تون نڪ سڌو ڪر ۽ ڪن ٻه انچ وڌاءِ!”

“ڏس ان جي ڪرڻ وارو خدا آهي، مان ناهيان. جنهن نڪ ۽ ڪن پنهنجي حڪمت طور جوڙيا آهن انهن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ ويچاري ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي.“

“ته پوءِ ٺيڪ آ مان تو سان ڪاوڙيل آهيان.“

“اها ته جُٺ ٿي.“

“جو به سمجھين.“

“ائين نه ڪر. هنن ٻڌل ٻانهن ڏي ڏس.“

“پنهنجي اوقات تي لهي آئين نه. توهان غريبڙا هوندا ئي اهڙا آهيو. وس نه پڄندو اٿو ته پوءِ منٿ ميڙ تي زور هوندو اٿو. مفلسيءَ جا واسطا وجهي، همدردي حاصل ڪندا آهيو. پر مون کي ڪو ڪهڪاءُ ڪو نه ايندو.. . مفت جو مال سمجھو ٿي ڇا جو پنهنجي مرضيءَ سان کائي ويندين. ماڻهو بازار منجھان دِلو به ٺڪي ٺوڪي وڄائي وٺندو آهي. چڱو موڪلاڻي.“

“سدائينءَ جي لاءِ ٿي وڃين؟!“

“ها هميشه جي لاءِ!“

ماريه، پرس ۽ چيلهه لوڏيندي، اڳتي وڌي ته مون پنهنجي نڪ تي هٿ لائي ڏٺو ۽ پوءِ ڪن کي ماپي ڏٺم. هن برابر اندازو ٺيڪ هنيو هو. پر مان ته ڪڏهن انهن ڏانهن ڌيان ئي ڪو نه ڏنو هو ۽ اسان ٻنهي جو لاڳاپو هڪ ٻن ڏينهن جو ته ڪو نه هو، سالن جو هو. پر هي اچانڪ مون منجھه کيس عيب ڏسڻ ۾ ڪيئن اچڻ شروع ٿيا آهن. نڪ ۽ ڪن، منهنجا ويري نڪري پيا.. منهنجي من جي محبوبه ڏمرجي، مون کي ڇڏيون پئي وڃي. پويان رڙ ڪئيمانس.

“ٻڌ ته بيهه اتي.“

هوءَ بيهي رهي. مان ڊڪ ڀري سهڪندو سهڪندو هن تائين پهتم..

“بي عيب فقط خدا جي ذات آهي. ماڻهو ته ويچارو عيبن سان ڀريل آهي.“

“.. .. .. .. .. .. ..“

رڳو گُھور ڪري قهري نگاهن سان ڏٺائين.. مان ڪنڌ جھڪائيندي چيو؛ “تون وري ڪڏهن نه ملندينءَ!”

“ها ملنديسانءِ ان شرط تي ته نڪ سڌو ڪرائيندين ۽ ڪن جي ماپ ٻه انچ وڌائيندين.”

“اها منهنجي وس جي ڳالهه ناهي..“

“مون جهڙي حسين ۽ ذهين وڻندڙ بت جي مالڪ وري ملندئي. منهنجي لاءِ ڪيئي راهه ۾ نيڻ وڇائي ويٺا آهن. مون جهڙي مالدار جو ڪُڻو الائي ڪيئن تنهنجي قسمت ۾ نڪري پيو، نه ته ڪٿي زمين، ڪٿي آسمان.. .“

مون ڪنڌ هيٺ ڪندي، ڏاڍي نماڻائپ وچان چيو؛ “ته.. . ڪا نه ملندينءَ.. .“

“منهنجو ايترو به چوڻ نٿو ڪرين جو.. .. .. .!”

هوءَ چپن ۾ مرڪي..

“تون منهنجي محبت آهين، مان تون کان سواءِ جي نه سگھندس.. مري ويندس!”

“اهي ٻٽاڪون نه هڻ..“

“سچ ٿو چوانءِ جيئرو به هوندس ته هر پل جيئندس ۽ مرندس.. هڪ وار مري وڃڻ سان هر شيءِ کان ماڻهو آجو ٿي ويندو آهي.. پر هر سائت ساهه مٺ ۾ ڪري جيئڻ ڏاڍو اوکو آهي..“

“انهن ڪتابي جملن جو مون تي ڪو به اثر ڪو نه پوندو. جيئن چوانءِ ٿي ان تي عمل ڪر.“

“اهو ناممڪن ناهي.“

“وڃانءِ ٿي، پويان سڏ نه ڪجان.“

هوءَ هلي وئي.

.. .. .. ..

ماريه سان رابطي جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ڪو به کڙ تيل ڪو نه نڪتو. ڄڻ هوءَ گم ٿي وئي. مان پريشان، نڪ ۽ ڪن کي ڏسيو پيو جھرندو هيس.. ۽ خدا کي پيو ميارون مجندو هيس؛ تون ته الله جميل و يحبل الجمال آهين. (الله سهڻو آهي ۽ سونھن کي پسند ڪندو آهي) تو وٽ ڪا مٽيءَ جي ڪَرَ کوٽ هئي جو کڻي نڪ ٽيڙو ۽ ڪَنُ ننڍو جوڙيئي. بس مون وٽ سواءِ ڏک ۾ جھرڻ جي ڪو ٻيو چارو ڪو نه هو. ماريه ائين کسڪندي پئي وئي جيئن ريشمي ڏور هٿن مان سرڪندي وڃي. اميد جو بلب چمڪو ڏئي اجھامي ويو. چوڦير انڌيري جا پاڇا ڊگھا، دماغ جي هارڊ ڊسڪ ڪرپٽ ٿي وئي ۽ تنتي سرشتو هينگ ٿي ويو.. مان وائڙو! ڪاڏي وڃان؟! نيٺ ماريه کي راضي ڪرڻ جو هڪڙو رستو سُجھيو.

سوچيم پڇي ڏسانس جي ان ڳالهه تي راضي ٿئي ته.

.. .. .. .. ..

ماريه منهنجي سامهون هئي ۽ مان هارايل جواريءَ جهڙو منهن ڪيون ويٺو هئس.

“ٻڌاءِ! ڇو گھرايو ٿي؟”

“محبت قرباني گھرندي آهي ۽ پوءِ ئي ماڻي سگهبي آهي. مان قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“

“ڪهڙي؟”

“مان نڪي نڪ جو ٽيڙ ڪڍرائي سگھان ٿو نڪي ڪَن جي ماپ وڌرائي سگھان ٿو.“

“اهو ته اڳ ئي پٽڻو پٽي چڪو آهين. اصل ڳالهه تي اچ.“

“ها ته مان اهي ٻئي وڍائي سگھان ٿو.“

ماريه ٽهڪن ۾ ٻڏي وئي.. ۽ مان پاڻيءَ ۾ ڀنل ٻليءَ جهڙو ٿي پيس.. مس مس کلڻ روڪي چيائين؛ “پوءِ ائين ڪري ڇڏ نه.“

“سچ ٿي چوين.“

“ڏس ڪجھه حاصل ڪرڻ لاءِ گھڻو ڪجھه وڃائڻو پوندو آهي.. پر تون گھاٽي جو سودو ڪو نه پيو ڪرين. عاشق ته محبوبن کي پائڻ لاءِ جان ڏئي ڇڏيندا آهن. تنهنجو سر ته سلامت آهي نه! رڳو نڪ ۽ ڪن پيو وڍرائين. ان ۾ ڪهڙي اربعه خطا آهي.“

مون ڏاڍي نماڻائپ مان چيو؛ “پوءِ پڪ سان منهنجي ٿي ويندينءَ ماريه؟”

“ها.. . ها.. . تون الڪو نه ڪر ۽ ڏس تنهنجو نالو عاشقن جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي هوندو ته محبوبه کي ماڻڻ لاءِ ڪيڏي نه قرباني ڏني اٿائين.“

منهنجي به ذهن ۾ ڳالهه ويٺي. وري جلد ملڻ جو چئي موڪلائي هلي وئي.

.. .. ..

مان نڪ ۽ ڪن وڍرائي ڇڏيو. ماريه سان ملاقات جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳس. دل ۾ ڏاڍو گَد گد پئي ٿيس. محبوبه جو چوڻ مڃيو هيم. ماريه ۽ مان هاڻ سڄي عمر ڪٺي گذاري سگھنداسين.

هوءَ ملڻ آئي. اسان ٻئي گڏجي ويٺاسين. مان ڏاڍو خوش. عشق جي امتحان ۾ ڪاميابي ماڻي هيم. چيومانس؛ “ڏس! تنهنجو چوڻ ڪيم نڪ ۽ ڪن وڍارئي ڇڏيم.“

“ها ڏسان پئي.“

“ڪيئن ٿو لڳانءِ.“

هوءَ کِل ۾ ويڙهجي وئي. وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳي. سندس ٽهڪن مان اميري هَٺُ پئي بَکيو. مان شرمساريءَ وچان ڪنڌ گوڏن ۾ هنيون ويٺو رهيس. وڏن ٽهڪن ڏيڻ ڪري سندس گول وڏين اکين مان پاڻي نڪري آيو. پوءِ اٿندي مون سان مخاطب ٿي؛

“تون ڪهڙي ڪم جو؟ بي نڪا ۽ نامردَ!“

No comments:

Post a Comment