Sunday, January 30, 2022

نيٺ ته برف ڳرندي - مجيب اوٺو

نيٺ ته برف ڳرندي

مجيب اوٺو



هن مختصر مضمون ۾ امر لغاريءَ جي ڪهاڻين جي مجموعي “برف جون بيساکيون” جي ڪهاڻين تي مختصر نظر وجهنداسين. هيءُ ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قمبر ۲۰۱۷ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ۱۵ ڪهاڻيون شامل آهن. هنن ڪهاڻين جو موضوع سنڌي سماج آهي. اهڙو سنڌي سماج جيڪو انسانن توڙي ٻي جيوت لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي چڪو آهي. ائين چوڻ به غلط نه ٿيندو ته هن ڪتاب ۾ سنڌي سماج جون خوفناڪ تصويرون ئي آهن. اهڙيون تصوريون، عڪس ۽ اولڙا پاڻ اڪثر ڏسندا رهندا آهيون، پر اهو سڀ ڪجهه گهڻن جي اکين کان اوجهل به هوندو ته سندن سوچ – سمجھه کان ڪوهين ڏور به هوندو. هنن ڪهاڻين ۾ ڳوٺ رڙيون ڪري روئندو رهي ٿو ۽ شهر آهون ڀريندو رهي ٿو. ڳوٺن ۽ شهر جان ڪردار اسان ڏانهن واجهائين ٿا، اسان کي سڏ ڪن ٿا، پر اسان ٻوڙي مخلوق بڻجي ويا آهيون. اسان کي هاڻ ڪنهن تي به رحم نه ٿو اچي، پنهنجي پاڻ تي به نه. هنن ڪهاڻين ۾ ڳوٺن جا وڃائجي ويل رنگ، منظر ۽ ماحول آهن، جن کي پڙهندي تازگيءَ جو احساس به ٿئي ٿو. پر اتي جڏهن انهن ڳوٺن جي سماجي براين، جبريت ۽ انڌيرنگريءَ جا داستان پڙهجن ٿا ته سوچجي ٿو: “آخر ائين ڇو آهي؟”


ڪهاڻي ‘‘جهرڪين جو خدا’’ جي منظرنگاري ته فراموش ئي نه ٿو ڪري سگهجي. جڏهن سارين جي پوک پچي راس ٿئي ٿي ته سَٽَ شروع ٿئي ٿي، ۽ اها خوشبوءِ اوهان ڪاغذ کان اٿندي محسوس ڪيو ته ڪهاڻيڪار جي ڪاميابي نه چئجي!؟

هنن ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار پنهنجي قوم جو استحصال علامتي انداز ۾ بيان ڪري ويو آهي. ڪهاڻيڪار جي علامتنگاري بيحد سگهاري ۽ پنهنجي فڪر کي ڀرپور نموني سان پيش ڪري ٿي، جنهن جو مثال: ڪهاڻي “سرخ پري جو گهوٽ” ۽ “سترنگون واڳون” آهن. اهڙي علامتنگاريءَ ۾ نه رڳي فڪر آهي، پر سخت ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جون اڇلون پڻ آهن.سماجي تبديلي، مذهبي جنونيت، گُهٽجي گُهٽجي جيئڻ ۽ پوءِ بي خوف ٿي پنهنجي ديس ۽ پنهنجي ماڻهن جي مالڪيءَ جو احساس هنن ڪهاڻين جو مرڪز آهي. انهيءَ سان گڏ، ڪهاڻين ۾ انسانيت جو درد ۽ جهنگلي جيوت جي دانهن سميت فرد جي اڪيلائيءَ جو احساس پڻ موجود آهي. اهڙو احساس اوهان کي “ڊاڪٽر گلاب” جي ڪردار ۾ واضع نظر ايندو. نه رڳي اڪيلائيءَ جو هانءُ ڦاڙيندڙ احساس پر ماڻهن کان خوفزده ٿي وڃڻ پڻ. اهڙو خوف پڙهندڙ وٽ اهو سوال ڇڏي وڃي ٿو ته جڏهن ماڻهو ذاتي رنجش جي ڪري مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪري ته متاثر ماڻهوءَ کي ڪير بچائي ٿو سگهي!؟ مذهب جي ڪري جيڪي معاملا پيدا ٿي چڪا آهن، پوءِ اهي ذهني بيماريءَ جي ڪري ئي ڇو نه هجن، ڪهاڻين ۾ افسانوي انداز ۾ پيش ڪيل آهن.

ڪجهه ڪهاڻين جو اختصار ۽ منهنجي مختصر راءِ:

ڪهاڻي “برف جون بيساکيون:”

هيءَ ڪهاڻي هڪ جڏڙي نوجوان نينگريءَ جي آهي، جيڪا پنهنجي ٽنگ جي معذوريءَ سبب پيءُ ۽ ماءُ تي وڏو بوجهه ٿي پئي هئي ۽ کيس پنهنجي ڏاڏيءَ جي سهاري زندگي گذارڻ لاءِ ڇڏيو ويو هو. سياري جي موسم ۾ پنهنجي جڏي ڌيءَ کي ڏاڏيءَ وٽ گهر ۾ ڇڏي، سندس پيءُ ماءُ پنهنجي ٻئي اولاد سان گڏ مريءَ ڏانهنبرف باريءَ جو مزو وٺڻ لاءِ  هليا ويندا آهن. سڄي ڪهاڻي انهن جي گهران نڪري وڃڻ جي دوران جي آهي.ڪهاڻيءَ ۾ ٻه ڪردار آهن هڪ پوٽي ۽ ٻي ڏاڏي، ٻئي هڪٻئي سان ڪچهريون ڪنديون ٿيون رهن. ڏاڏي پنهنجي ماضيءَ جون ڳالهيون ٻڌائيندي کيس سندس پيءُ جي شاديءَ کان اڳ جي زندگيءَ کان آشنا ڪندي رهندي آهي، ۽ هوءَ گهر جي گئلري / دريءَ مان نظر ايندڙ منظرن کي ڳالهين جو ويس اوڍائي ڏاڏيءَ جي اڳيان پيش ڪندي رهندي آهي. شهر ۾ وسيل بي پناهه برسات سبب بيٺل پاڻي ۾ پکين کي پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان ڏسندي کيس پکين سان بي پناهه محبت ٿي ٿي وڃي، جيڪي پڻ سندس خوشگوار زندگيءَ جو سبب بڻجي پون ٿا. انهيدوران گهر ۾ ڏاڏي خواهش ڪندي آهي ته ڪبوتر کي حلال ڪري کائجي. ايتري قدر جو پوٽيءَ کي به چوندي آهي ته “مان ته ٻارهوئي تنهنجي پيءُ کي چوندي پئي اچان ته تو کي ڪبوتر ڪُهي کارايون ته چاڪ چڱي ڀلي ٿي ويندينءَ!”اوچتو گهر ۾ حادثو ٿيندو آهي. ڪو ٻلو ڪبوترن کي ماري کائڻ پيو چاهي ته هوءَ جڏڙي کيس ڊوڙائي ڪڍڻ چاهيندي آهي. عين انهيءَ وقت ٿڌن علائقن ۾ تيز برفباريءَ جي ڪري سندس خاندان سان به موتمار حادثو پيش ايندو آهي، ۽ هوءَ ٽي ويءَ تي خبرون ٻڌندي ۽ڪجهه تصويرون ڏسندي صوفي تان بي هوش ٿي ڪِري پوندي آهي. هونئن ته هوءَ پاڻ کي گهر ۾ ڦٽي ڪيل بيڪار سامان جيئن محسوس ڪندي رهندي آهي، پر جيئن ته زندگي ڪنهن به وقت ڪٿي به نئون جنم وٺي سگهي ٿي، ائين ئي گهر جي روشندان ۾ رهندڙ ڪبوتر سندس هڪ نئين زندگيءَ جي ضمانت بڻجندا آهن.هڪ ساهه واري جو موت ٻئي ساهه واري جي صحتمند زندگيءَ جِي ضمانت به ٿيندو آهي، اهو مثال هن ڪهاڻيءَ ۾ ايئن آهي جيئن ڪنهن درياءَ جي ڪپر تي بيٺل وڻ جو پاڻيءَ منجهه پاڇولو هوندو آهي. اهو هِن ڪهاڻيءَ جو حاصل مقصد ته آهي ئي پر ليکڪ هڪ ڳالهه وڏي شدت سان محسوس ڪرائڻ ۾ به ڪامياب ويو آهي ته، جسماني بيمار ماڻهو وقت گذرڻ سان سڄي گهر تي بوجهه ٿي پوندو آهي، پوءِ ڀل اهو ڪير به هجي! پيءُ – ماءُ يا ڌيءُ. هوءَ جڏي سڄو ڏينهن گهر ۾ ڪبوترن کي پنهنجن ننڍڙنٻچن سان پيار ڪندي ڏسندي هئي تهکيس ڏک وڻ ويڙهيءَ جيئن ويڙهي ويندو هو ته اهڙو پيار سندس نصيب ۾ ڇو ناهي؟ اهو احساس کيس اداس ڪري ڇڏيندو هو. هن ڪهاڻيءَ ۾ پيءُ ماءُ جي بي رخيءَ کي چٽيو ويو آهي. اها بي رخي پڙهندڙ کي پڻ اداس ڪري ٿي ڇڏي! ڪهاڻيءَ جي ڪلائمڪس ۾ جڏي ڇوڪري اسپتال ۾ بيهوشيءَ ۽ بخار مان گذري مڪمل طور ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويندي آهي.

ڪهاڻي “آدم”:

هيءَ ڪهاڻي احساسن، الڪن ۽ زندگيءَ جي علامتن سان سرشار آهي. فجر جي آذان ڏيڻ جي لاءِ جڏهن مولوي مقيم گهران نڪرندو آهي تهکيس مسجد جي محراب وٽ هڪ درويش نمونو رکندڙ همراهه ستل نظر ايندو آهي. پري کان کيس لڳندو آهي ته انهيءَ جاءِ تي ڪا ڳوڻ پئي آهي، پر جڏهن مٿس ٽارچ جو ويلو هڻندو آهي ته کيس ڪنهن انسان جي هجڻ جي تصديق ٿي ويندي آهي. مسجد ۾ لائٽ ناهي هوندي، مولوي ٻاهر ٿلهي تي آذان ڏيئي گاسليٽ واري بتي ٻاريندو ڇڏيندو آهي ۽ پاڻ حجري جي اندر هليو ويندو آهي. گهڙيءَ کن جي لاءِ لوئي ويڙهي ليٽي پوندو آهي ته اوچتو کيس ڪنهن ڳري شيءِ جي ڪِرڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. هو هڪدم نڪري ٻاهر ايندو آهي ته ڏسي ڇا ٿيو  آهي؟ پهريان خيال ڪندو آهي ته ڪو ٻلو هوندو جيڪو روشندان ۾ رهندڙ پاريهرن کي جهٽڻ چاهيندو هوندو، پر پوءِ جڏهن هُو ٻاهر اچي ڏسندو آهي ته اهو ساڳيو نوجوان گاسليٽ واري بتيءَ تي مقدس پنن کي ساڙي هٿ سيڪي رهيو آهي. هُو شدت سان چاهيندو آهي ته کيس ماري وجهي. . .پر مولوي ڪنهن افراتفري واري حادثي کان بچڻ لاءِ کيس گِهلي سِهلي اچي پنهنجي حجري ۾ سمهاري ڇڏيندو آهي، ۽ اها مقدس پنن جي ڇار پاڻيءَ سان ڀريل ڪٽوري ۾ وجهي رکي ڇڏيندو آهي. انهيءَ جي دوران هڪ گناهه جو احساس کيس ڇيت جيان چُڀندو رهندو آهي، پر پوءِ نماز ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن مولوي ڏسندو آهي ته ان ڪٽوري مان هڪ ٻِلي پاڻي پي وئي آهي ۽ ترت ئي ٻه ٽي ڪبوتر ۽ ان کان پوءِ ڪجهه جهرڪيون پاڻي پيئڻ لڳيون آهن ته، سندس اهو گناهه جو احساس مٽجڻ لڳندو آهي. آخر ۾ مولوي جڏهن پنهنجي حجري جو درواز کولي نوجوان جي سنڀار لهڻ چاهيندو آهي ته دروازي کولڻ شرط ئي هڪ باز جهڙي ڪا مخلوق جهڙپ ڏئي اڏامي ويندي آهي. . . ۽ نوجوان به اندر ئي ستل هوندو آهي. ان ڪهاڻيءَ ۾ مذهبي جنونيت جي گهوڙي تي سوار ڪجهه ٻين ماڻهن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، پر هتي مولوي مقيم جو جيڏو هاڪاري ڪردار ليکڪ پينٽ ڪيو آهي، سو لک لهي! هونءَ ته اڪثر پاڻ مولوين جو ناڪاري ڪردار ئي ٻڌو ۽ محسوس ڪيو هوندو، پر هتي مولويءَ جو اهڙو عمل هڪ دروش صفت انسان کي جنوني مخلوق کان بچائي ويو آهي. هتي هڪ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن مولويءَ وٽ ٽارچ هئي ته هُن روشنيءَ جي لاءِ گاسليٽ جي بتي ڇو ٻاري؟ ممڪن آهي ته ان جو به ڪو سبب هجي جيڪو مون کي سمجھه ۾ نه اچي سگهيو آهي. اها جيڪا باز نما مخلوق هئي، سو دراصل عزازيل هو. . . ۽ اُهو ئي درويش کان مقدس پنا ساڙائي ويو هو.

ڪهاڻي “ڊاڪٽر گلاب کي ڪٿان لڳي؟”:

هِن ڪهاڻيءَ ۾ ٻن ڊاڪٽرن جي هڪٻئي سان وڌيڪ مريض حاصل ڪرڻ جي جنگ هوندي آهي. هڪ ڊاڪٽر ٻئي ڊاڪٽر (گلاب) کي مذهبي توهين جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسرائيندو آهي، صرف انهيءَ نيت سان ته، هُو ساڳئي شهر ۾ ڪلينڪ نه هلائي سگهي! ڪهاڻي فرسٽ پرسن ۾ لکي وئي آهي ۽ اهو فرسٽ پرسن ئي ڪهاڻيءَ جو مک ڪردار ڊاڪٽر آهي جيڪو ٻئي کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.ڊاڪٽر انهيءَ تاڙ ۾ هوندو آهي ته کيس ڪو بهانو ملي. پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن شهر جي ڪنهن پراڻي قبرستان جي اوتاري کي باهه لڳي پوندي آهي، جنهن ۾ اتي رهندڙ مُتولي به سڙي زخمي ٿي پوندو آهي، ته ان سان گڏ ٽي قرآن شريفَ به سڙي شهيد ٿي ويندا آهن. اهو متولي علاج جي بهاني پهرئين ڊاڪٽر وٽ ايندو آهي ته کيس اهو سڀ کان وڏو فائديمند بهانو ملي ويندو آهي. . . متوليءَ کان مخالف ڊاڪٽر تي ڪيس داخل ڪرائيندو آهي، ۽ پوءِ صورتحال ايتري ته خراب ٿي ويندي آهي جو ڪيس هلڻ کان اڳ ئي ڊاڪٽر گلاب کي جنونين کان بچائڻ جي لاءِ جيل موڪليو ويندو آهي، پر اتي قيدي کيس قتل ڪري ڇڏيندا آهن. سندس ڌڙ هڪ بئريڪ مان ملندو آهي ته سِسي ٻيءَ بئريڪ مان ملندي آهي.ائين پنهنجي ڌنڌي ڄمائڻ جي لالچ ۾ هڪ ڊاڪٽر ٻئي ڊاڪٽر کي مذهبي جنونين هٿان ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسرائي مارائي ڇڏيندو آهي. ڪهاڻي جڏهن ڪلائمڪس تي پهچي ٿي ته، مان حيران رهجي وڃان ٿو، ۽ سوچڻ لڳان ٿو: ائين به ٿيندو آهي ڇا!؟ ٿيندو ائين آهي جو ڊاڪٽر گلاب کي شهر بدر ڪرڻ جي سازش ۾ مُتولي کي پيسا ملڻ جو امڪان هوندو آهي ۽ پهرين ڊاڪٽر کي ميڊيڪل گرائونڊ خالي ٿي ملڻ جو واضع امڪان نظر ايندو آهي. پر ٿئي ڇا ٿو جو مُتولي ۽ ٻيا مشڪوڪ ماڻهو پهرئين ئي ڊاڪٽر کي بليڪ ميل ڪندا آهن، ۽ ڊاڪٽر اڳي کان به وڌيڪ پريشان ٿي ويندو آهي. هيءَ ڪهاڻي اسان کي ٻڌائي ٿي ته، درگاهن، اوتارن ۽ اهڙن مذهبي ڪارندن جو اصل ڪم ڪهڙو آهي. هنن وٽ عاجزي، جڪهاءُ، خدمتِ خلق کان خدمتِ دين سڀ جو سڀ ڍونگ هوندو آهي. جڏهن ڊاڪٽر گلاب جي ڪلينڪ کي باهه ڏئي ساڙيو ويندو آهي، ليکڪ ان وقت پوليس ۽ ايمبولنس جي اچڻ جو لکيو آهي، جڏهن ته باهه وسائڻ جي لاءِ فاير برگيڊ جي گاڏي / عملو به اچڻ گهرجي ها! انهيءِ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته، هيءَ تمام وڏي ڪهاڻي آهي. پردن ۾ لڪل اهڙن ڪردارن کي ٻاهر کڻي اچڻ جي لاءِ هڪ جامع، متحرڪ ۽ انقلابي سوچ جي ضرورت آهي ۽ اها ڪهاڻيڪار وٽ موجود آهي.

ڪهاڻي “سرخ پريءَ جو گهوٽ”:

هيءَ هڪ علامتي ڪهاڻي آهي. سرخ پريءَ مان مراد “آزادي” آهي ۽ گهوٽ مان مراد آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ “گوريلو” آهي. سرخ جبل جي دامن مان هڪ نوجوان جو چچريل لاش ملندو آهي، جنهن جي وارث ان علائقي جي هر ماءُ بڻجندي آهي. هر ماءُ چوندي آهي تهاهو گم ٿي ويل ۽ پوءِ مارجي ويل سندس ئي پٽ آهي، جنهن جي منهن تي ڪيميڪل هاري کائنس سڃاڻپ کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهو هِن ڪهاڻيءَ جو آرٽ ئي آهي جو منجهس ان هڪڙي گوريلي ڪردار جا تعارف ان علائقي جون ڪيتريون ئي عورتون ڪرائينديون آهن. هر عورت سندس تعارف سان هڪ نئين ڪهاڻي کڻي ايندي آهي. اها ڪهاڻي ئي سرخ جبل جي دامن ۾ جيئندڙ ڪهاڻي آهي. هُو هر نوجوان کي کنڀي کائنس پڇندا آهن ته: “بالُوڪٿي آهي؟” پر کين اِهو علم ئي ناهي هوندو تهسرخ جبل جي پريءَ جي عشق ۾ ان ديس جو هر نوجوان پاڻ “بالُو” ئي بڻجي ويو آهي!هِن ڪهاڻيءَ جي پيشڪش ته بنهه ڪمال جي آهي. هڪ انقلابي ڪهاڻيءَ کي لفاظي ۽ نعري بازي کان بچائي جديد ڪهاڻيءَ جي ڍانچي ۾ آڻي، هڪ پراسراريت سان پيش ڪرڻ تي ڪهاڻيڪار لک لهي ئي، پر سندس اهڙي سوچ، جرئت ۽ بي باڪيءَ تي کيس سلام به پيش ڪيان ٿو.

ڪهاڻي “سترنگو واڳون”:

هيءَ به هڪ علامتي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مظلوم عوام سرمائيداري/ جاگيرداري نظام کان انتقام وٺندو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ جوشيلو جلوسُ هڪ واڳونءَ کي گهليندو وتندو آهي، کيس لٺيون ۽ پٿر به هڻندو رهندو آهي.ڪهاڻيءَ جي ڪلائمڪس ۾ جڏهن هڪ ماڻهو واڳونءَ کي بندوق هڻندو آهي ته اهو واڳون انساني آواز ۾ هڪ وڏي رڙ ڪندو آهي ۽ سندس جسم به هڪ انساني ڍانچي ۾ بدلجي ويندو آهي، ۽ ان جي هٿن پيرن تي مڇين جيئن ڇِلر اڀري ايندا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ماحولياتي ماهر ۽ هڪ گيم انسپيڪٽر واڳونءَ کي بچائڻ جي نيت سان ڪهاڻيءَ ۾ داخل ٿيندا آهن. پر ٻيا چار پنج  اهڙا ڪردار آهن، جنهن ۾ هڪ فيلسوف به آهي،جيڪي اڪثر ڪري اسان جي سماج ۾ جاگيرداري نظام جو شڪار رهيا آهن، انهن سڀني جي آڌار تي ڪهاڻي اڳتي وڌندي رهي ٿي. هن ڪهاڻيءَ جا ڪجهه جملا آهن ته: “ڇڙوڇڙ ماڻهو مڇين جيئن هوندا آهن. کين خبر نه هوندي آهي ته، ڪڏهن ٿو سندن پاڻي بند ٿئي. واڳن کي اڳواٽ ئي خبر پئجي ويندي آهي ۽ اهي پنهنجي جوءِ مَٽائي ويندا آهن.” پر پوءِ به هيءَ ڪهاڻي جاگيردار ۽ سرمائيدار نظام خلاف جنگ جي هڪ اميد آهي. . . ۽ ڪهاڻيڪار اسان کي ذرو به مايوس نه ٿو ڪري ته ڪو مظلوم هميشه مظلوم ئي رهندو! ڪهاڻي اهو واضع ٿي ڪري ته، هُو اٿندو. . . ۽ پنهنجي حقن جي لاءِ وڙهندو.

ڪهاڻي “درد جي پهرين موسم”:

جنهن وقت نهالان پنهنجي وارن ۾ تيل ۽ ميٽ وِجهڻ لاءِ جمن ۾ کڻي اچي واٽر جي ڪپر تي ويهندي آهي ته، ان وقت ٻارن کي واٽر ۾ تڙڳندي / ڌاءِ ڌاءِ جي راند ڪندي ڏسي کيس پنهنجو پهريون پيار ياد اچي ويندو آهي. اهو پيار کيس ائين ئي ٻارن جيئان واٽر ۾ وهنجدي مليو هو. هن جي لاءِ ٻارن جي اها راند مِٺي درد جو سبب بڻجي وئي هئي. اهو ڇوڪرو غلامون هو، جنهن سان واٽر ۾ وهنجدي هوءَ پهريون ڀيرو آشنا ٿي هئي، ۽ پوءِ انهن ڇولين ۾ هميشه لڙهندي رهندي هئي. غلامونءَ سان سندس ملاقاتون ڪڏهن جوئر جي پوک ۾ ته ڪڏهن رات جي اونداهيءَ ۾ ٿيڻ لڳيون هيون.واٽر تي ملڻ جي هڪ منظر کي ڪنهن ڳوٺاڻي ڏِسي ورتو هو ۽ پوءِ اها سُڌ سندس پيءَ کي به پئجي وئي هئي، جنهن هڪ رات غلامونءَ کي ڏور ڪنهن سفر تي روانو ڪرائي ڇڏيو هو، جتان هُو ڪڏهن به واپس نه اچي سگهيو هو. واٽر جي ڪپر تي ويٺي، هوءَ پنهنجي پيار جي منظرن کي ياد ڪري هڪ سڪون محسوس ڪرڻ لڳي هئي ته کيس گهيٽڙن کي گاهه نه وجهڻ جي ڪوتاهيءَ جو احساس وڪوڙي ويو هو. هوءَ گاهه کڻڻ لاءِ ويندي آهي ته اتي پهچي ڏسندي آهي گاهه جي ٻن ڀرين جي اوٽ ۾ سندس ڀائٽي جنت ڪنهن ڇوڪري سان اها ساڳي راند کيڏي رهي هوندي آهي، جيڪا ڪنهن وقت ۾ هن غلامونءَ سان لڪي لڪي کيڏي هئي. سندس ڀائٽي ڊپ کان هيسجي ويندي آهي. پر هوءَ سندس نرڙ تي چمي ڏئي کيس چوندي آهي: “چري! تون اڃان ٻار آهين.” فطري حسناڪي ۽ ڳوٺاڻي ماحول جي هڪ بيحد خوبصورت تخليقي ڪهاڻي آهي. هيءَ ڪهاڻي يار جي ياد مان جنم وٺي، فراق جي بي چين لمحن ۾ بدلجندي رهندي آهي، اهڙا لمحا ماڻهوءَ جي دل ۾ ڇيت جيان چڀندا رهندا آهن. هڪ رومانوي ڪهاڻيءَ ۾ عاشقيءَ ۽ معشوقيءَ واري لفاظيءَ کان پاسو ڪندي، ڪهاڻيڪار لفظن / جملن جو مناسب استعمال ڪندي ڪهاڻيءَ کي هڪ تلوار جيئن بڻائي ويو آهي. اهڙي تلوار جا ڪنهن به بسمل دل کي ٻيهر ٻه اڌ ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هيءَ ڪهاڻي ائين آهي جيئن سگريٽ دکندو رهي ۽ ماڻهوءَ جو اندر سڙندو رهي. . . هونءَ به محبت جي ياد ڪجهه ائين ئي هوندي آهي. ماضي ماڻهوءَ تي ڪنهن به ويلَ وارُ ڪري سگهي ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ به مک ڪردار ماضيءَ جي وار تي زخمي ٿي پوندو آهي. . . ۽ دراصل اهو زخم ئي ڪهاڻي آهي.

ڪهاڻي “پُورڻ”:

ڪهاڻيءَ جو جملو آهي ته: “پورڻ کي شروع شروع ۾ خبر ئي نه هئي ته هُو جتي ڪم پيو ڪري اتي کيس خاموش ۽ لڪل دشمن جو گهيراءُ آهي.”پورڻ نالي مزدور ڪپهه جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو آهي. جڏهن ڪارخاني ۾ ڪم جي لاءِ ايندو آهي ته جانٺو جوان، صحتمند ۽ بي احتياط هوندو آهي. پر ڪجهه سالَ گذرڻ سان ئي سندس طبيعت انتهائي خراب ٿي ويندي آهي. کيس واتان ۽ پيٽان رت اچڻ شروع ٿي ويندو آهي. سندس ساهه جي تڪليف تِهان وڌي ويندي آهي. هڪ ڏينهن طبيعت خراب ٿيڻ تي سندس دوست خميسو کيس انتظاميه جي اجازت سان اسپتعال کڻائي ويندو آهي. وٽن علاج ۽ ٽيسٽن جي لاءِ به پيسا ناهن هوندا. خميسو ڪارخاني جي انتظاميه وٽ ويندو آهي، پر اهي کيس مايوس ڪندا آهن. پوءِ هُو مزدورن جي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙن وٽ ويندو آهي، سي سندس ساٿ ڏيندا آهن، ۽ ائين هُو ساڳئي ڪارخاني جي مزدورن کي به پاڻ سان ملائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي. ان پل کيس ائين لڳندو آهي ته پورڻ سميت سڀئي مزدور صاف هوا ۾ ساهه کڻڻ لڳا آهن. ڪهاڻيءَ جي ڪلائمڪس ۾ هڪ اميد آهي تهدنيا جو مزدور هڪ ڏينهن ضرور سارمائيداري نظام کي شڪست ڏيندو. هيءَ ڪهاڻي سرمائيدارن جي انسان دشمن روين کي پڌرو ڪري ٿي. هيءَ ڪهاڻي رڳو پورڻ نالي مزدور جي ناهي پر هيءَ ڪهاڻي دنيا جي هر ان مزدور جي ڪٿا آهي جنهن ڪڏهن به مانيءَ کان اڳتي سوچيو ئي ناهي! يعني انهن مزودرن جون سڄيون صلاحيتون ٺيڪيدارَ/ مِل جا مالِڪ ختم ڪندا ٿا رهن؛ کانئن خواب ڏسڻ جو حق به ڦريو ٿو وڃي. ڪهاڻيءَ ۾ مزدور اتحاد تنظيمن کي ناڪاره ڏسيو ويو آهي ۽ مزدورن جي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن کي هاڪاري ڏسيو ويو آهي. ڪهاڻيڪار احساس کي ايڏي شدت سان پيش ڪري ويو آهي جو پڙهندڙ وٽ ڪردار جي لاءِ همدردي پيدا ٿي پئي ٿي. اها سٺي ڪهاڻيءَ جي علامت آهي. هيءَ ڪهاڻي اوهان کي پنهنجي ضمير جي عدالت ۾ آڻي پڇي ٿي ته: “هي جيڪي انسان هيهڙي زندگي گذاري رهيا آهن، ڇو؟” هي معاشري جا اهي ڪردارن آهن جن وٽ “برف جون بيساکيون” آهن. . . پر ياد رکو ته، جڏهن برف ڳري ويندي پوءِ اهي ڪردار يا ڪِري پٽ پوندا يا بغير بيساکين جي هلندا. . . هلندا نه ڊوڙندا. . . ها ڊوڙندا، پنهنجي خوابن جهڙي خوشحال زندگيءَ ڏانهن.

 

(سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment