Monday, January 24, 2022

درزي جي سوچ - ڪليم ٻُٽ

درزي جي سوچ

افسانو

ڪليم ٻُٽ



اڄ ٻن ٽن ڏينهن کانپو سج جو تڙڪو ڏسي گهران نڪري پيس، بازار مان گهمندي پنهنجي يار درزي جي دڪان کان اچي نڪتس. پنهنجو يار درزي جنهن جي مٿهين چپ تي مُڇن جي نالي ۾ سنهڙي ليڪ آهي ۽ ان ليڪ کي ڏسي ائين لڳندو آهي ته درزي پنهنجين مُڇن تي به پنهنجي هٿ جو هنر ڏيکاريندو رهندو آهي. سندس آڱريون سنهڙيون ۽ ڊگهيون آهن، درزي سان ماس جي نالي ۾ قدرتي طور بيواجبي ٿيل آهي.


درزي دڪان کان ٻاهر تڙڪي جو مزو وٺڻ لا ڪاٺ جي اسٽول تي ويٺل نظر آيو. جيئن ئي منهنجي نظر هن ڏانهن وئي ته لڳم هو ڪنهن وڏي سوچ ۾ ٻڏل آهي، ايتري تائين جو هن کان ساهه کڻڻ به وساري ويو آهي. درزي لا بازار اسيسوئشن وارن مشهور ڪرائي ڇڏيو آهي ته ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين هو کلي نه سگهيو آهي ۽ نه ئي وري هو ڪنهن سان حجت ڪندو آهي.

دوستو پنهنجا ڀاڳ ڀلا آهن جو درزي پاڻ سان نائين مهيني حجت ڪري وٺندو آهي.

”ميان درزي ڪهڙا حال اٿئي؟“ مون هن جي دڪان وٽ بيهي کيس کيڪاريندي چيو. هن ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏٺو، مرڪي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي، هٿ جي اشاري سان ڇوڪري کي ٻيو اسٽول کڻي اچڻ جو چيائين. ڇوڪري اسٽول اچي هن جي پاسي کان رکيو ته مان ان تي ويٺس. درزي بنا چوڻ جي ئي پاسي واري کيسي مان سگريٽن جو پيڪٽ ۽ ماچس ڪڍي، مون ڏانهن وڌايو ۽ وري سوچن ۾ ٻڏي ويو. مان هن جي ڀر ۾ ويهي، تڙڪي جو مزو وٺڻ لڳس ۽ پيڪٽ مان هڪ سگريٽ ڪڍيم. مون کي درزي جي خيالن ۾ ٻڏڻ وارو انداز پريشان ڪرڻ لڳو. سچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن مون کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته درزي جهڙن ماڻهن کي اهو ڇو لڳندو آهي ته سموري قوم جي ڀلائي جو بار هنن جي ئي ڪلهن تي رکيل آهي. جيڪو ڪم اهي ڪري رهيا آهن اهو ئي اهم آهي، باقي سڀ واندا ۽ چوت چريا آهن.

”ميان درزي ڇا ٿيو اٿئي، ڪهڙن خيالن ۾ گم آهين؟“ مون پڇيومانس.

”اڙي يار مان پنهنجي روشن مسقبل بابت سوچي رهيو آهيان.“ هن آهه ڀري جواب ڏنو.

”اها ته سٺي ڳالهه آهي، پر خبر ته پوي پنهنجي روشن مسقبل بابت ڇا پيو سوچين؟“ مون ٻن آڱرين ۾ پڪتل سگريٽ ڦرائيندي پڇيومانس.

”سوچان پيو هي ابن ڏاڏن وارو ڪم ڇڏي ريلوي ۾ ٽي سي ڀرتي ٿجي.“ هن مون کي ڏسندي چيو. سندس ان جواب تي مان حيراني ۾ وڪوڙجي ويس ۽ وائڙن جيان هن کي ڏسندي چيم:

”ميان درزي هن ملڪ جي ريل جي چيلهه ته نقصان کڻي کڻي پاڻ واري ناني نوري جي چيلهه جيان چٻي ٿي وئي آهي، ڪيتريون ريل گاڏيون ته هلڻ کان ئي هلاڪ آهن ۽ جيڪي هلن ٿيون اهي وري هلندي هلندي پٽڙي تان ئي لهيو وڃن. اهڙو اجايو خيال توکي ڪيئن آيو..... ڪيئن.....ڪيئن.....ميان درزي!“ مان بنا ساهي جي ڳالهائيندو ويس.

”اڙي ميان جا درويش! توکي ڪهڙي خبر ته ريلوي ۾ ٽي سي ٿيڻ جا ڪهڙا ڪهڙا فائدا آهن، ڪنهن وڏي ماڻهو جي ٽڪيٽ معاف ڪري ان کان پنهنجي لا ڪو نه ڪو سرڪاري ادارو کولرائي وٺبو، ماڻهن اڳيان جذباتي ڳالهيون ڪري مٿي تي سونا تاج رکرائبا..... تون به الائي ڪهڙي دنيا ۾ ٿو رهين.“ درزي مون تي طنز ڪندي چيو. مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي سندس ڏنل سگريٽ دکايو.

”ريل گاڏي ڇڪ ڇڪ ڇڪ....“ درزي جي واتان پاڻمرادو اهي لفظ نڪري ويا.

 

(ڪليم ٻٽ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment