Tuesday, January 25, 2022

اُبتو پانچو - مٺل جسڪاڻي

اُبتو پانچو

(ننڍڙي ڪھاڻي)

مٺل جسڪاڻي



اُبتي پانچي متعلق بي سنئونڻائيءَ جون ممڪن آھي ته ٻيون به گهڻيون ڏند ڪٿائون ھجن، پر مون ۽ منھنجي ھم عمر جانُو به، ننڍي ھوندي ئي ٻُڌو ھو، ته جنھن به ڇوڪري يا مرد جي سلوار جو پانچو اُبتو ٿيندو، اُن جون شاديون ٻه يا ٻن کان به وڌيڪ ٿينديون.

اسان نه صرف اھو ٻُڌو، پر بلڪل ائين ئي، ساڳي طرح، اھو پڻ ٻُڌو، ته جنھن به ڇوڪريءَ يا عورت جي سُٿڻ جو پانچو پاڻھي اُبتو ورندو، اُن نڀاڳي ندوري جو نڪاح به ٻه يا ٻن کان وڌيڪ دفعا ٿيندو.


آئون ۽ جانو ھم عمر ۽ پاڙيسري ھجڻ ناتي، اسان جو ننڍپڻ ساڳئي ماحول ۾ نه صرف گڏ گڏ گذريو آھي، پر اسان ھڪ ٻئي سان گڏ گڏ ويھندا ۽ ڪچھريون به ڪندا رھيا آھيون. اسان جون ڪچھريون به ٻين عام ماڻھن وانگر ئي، عام توڙي خاص موضوعن تي ٿينديون رھيون آھن. اُبتي پانچي جي حوالي سان ڇوڪري يا مرد جون ٻه يا ٻن کان وڌيڪ شاديون ٿيڻ جي ڳالھه ڀاڳ اڀاڳ بنا ڪرڻ، پر ڇوڪريءَ يا عورت کي نڀاڳي چئي ان جي شادي کي نڪاح چوڻ تي به اسان جون ڪچھريون ٿيون. اسان ٻنھي کي اھو ساڳيو عمل ڇوڪرن ۽ مردن لاءِ شادي، پر ڇوڪرين ۽ عورتن لاءِ نڪاح سڏڻ ۽ کين نڀاڳو چوڻ به اسان جي ڪچھري جو موضوع پئي رھيو آھي.

اسان ته ڇوڪرن يا مردن لاءِ “سون کي ڪھڙي ڪَس” تي به ڪچھريون پئي ڪيون آھن، ته ساڳي نوعيت جي عملن، اتفاقن، حادثن، غلطين، رضامندي بنا، ڇوڪرين يا عورتن جي حوالي سان خواري، بد نيڪي، بي عزتي، بي غيرتي، بدڪرداري وغيره وغيره جھڙن سڀني اوگڻن تي پڻ ڪچھريون پئي ڪيون آھن.

اسان ٻن جي وچ ۾ انيڪ ڪچھرين باوجود اھي ڳالھيون گهٽ سمجهه ۾ اچڻ جي ڪري، اسان ڪڏھن ڪڏھن انھن موضوعن تي ٻين ھڪ جيڏن ۽ پاڻ کان وڏن سان ڪچھري ڪرڻ جي به، نه صرف ڪوشش پئي ڪئي، پر تفصيلي ڪچھريون به پئي ڪيون آھن.

اسان ننڍا ھئاسين ته ننڍپڻ جون، ڪجهه وڏا ۽ نوجوان ٿياسين، ته ان نسبت سان حال احوال ۽ ڪچھرين جا موضوع پيا بدلبا ھئا، پر اُبتي پانچي تي ڪچھريون ذري گهٽ جڏھن به موقعو مليو، اسان تمام گهڻيون ڪيون. جانُو ته اڪثر، وڌي چڙھي، اُبتي پانچي جون ڳالھيون نه صرف ڪندو ھو، پر جڏھن به کيس وڻي پوندڙ ڪا ڇوڪريءَ ۽ وڏو ٿيڻ تي ڪا عورت نظر ايندي ھئس، ته جانُو ان جون ڳالھيون ڪندي، ان سان شادي يا نڪاح، جيئن به ٿئي، پر ٿيڻ جون ڳالھيون پيو ڪندو ھو.

جانُو جا ارادا، نيتون ۽ خواھشون، جيڪڏھن پوريون ٿين ھا، ته منھنجي خيال ۾، سڄي دنيا ۾، وڌ ۾ وڌ شاديون ۽ نڪاح جانُو جا ٿين ھا. ڇاڪاڻ ته جانُو سندس ماءُ ۽ ڀينرن، ماسين، مامين، چاچين، ڏاڏي ۽ ناني کانسواءِ، جنھن جنھن به ڇوڪري کي ڏٺو، جنھن جنھن به عورت تي نظر پيس، ان سان شاديءَ لاءِ به راضي ته نڪاح ۾ به خوش، پر اھا خوشي سندس وس ۾ نه ھئي.

شادي منھنجي به ٿي، شادي جانو جي به ٿي. ھڪ شادي ٿيڻ کان پوءِ به جانو جي مرضي ته ٻيءَ به شادي ٿئي، شادي نه ته نڪاح ٿئي، ڪجهه به، پر ٿئي. ھو سندس سلوار جا ٻئي پانچا، پاڻھي اُبتا ٿيڻ جي ڳالھه به ڪندو رھندو آھي، ته پانچا اُبتا ٿيڻ باوجود سندس ھڪ کان وڌيڪ شاديون نه ٿيڻ جون ڳالھيون به پيو ڪندو آھي.

ھڪ دفعي جانو کان پڇيو ھئم، “تنھنجي نظر ۾، ھڪ مرد جون گهڻيون شاديون ھجڻ گهرجن؟”

“مرد جون جيتريون به شاديون ھجن، ڀلي ھجن، پر گهٽ ۾ گهٽ چار ته لازمي ھجڻ گهرجن”. منھنجي پڇڻ تي جانو نه صرف اھو جواب ڏنو ھو، پر چار شاديون ڇو ھجڻ گهرجن، اُھو به ٻُڌائڻ، مون کي سمجهائڻ ۽ مڃائڻ جي به ڪوشش ڪئي ھئائين. ان کان پوءِ، تڏھن کان، ھاڻي به، جڏھن اسان سٺ سال جا به ٿي ويا آھيون، آئون ڀلي ته ٻيون ڳالھيون ڪريان، پر جانو اُبتي پانچي ۽ ٻين، ٽين، چوٿين شادي جي ڳالھه لازمي طور ڪندو آھي.

جانو ڪچھري ۾ ويٺي ويٺي ياد ڏياريندو آھي، ته فلاڻي فلاڻي پاڻ کان ڪي ٽي چار سال ننڍيون ۽ فلاڻيون فلاڻيون اوڻيھه ويھه جي فرق سان پاڻ جيڏيون آھن. انھن سڀني مان صرف فلاڻي جو ٻيو نڪاح ٿيو، سو به جانو سان نه، ھروبرو ٻئي کي ڏئي ڇڏيائون. ان ويچاريءَ جي ته مون پڇا به ڪئي آھي، ھن جي سٿڻ جو ڪڏھن به، ڪو ھڪ به پانچو ابتو نه ٿيو آھي، پر نڪاح ٻه دفعا ٿيو اٿس.

جانو، ڪي پنج ست اھڙيون لازمي طور ٻڌائيندو آھي، جن کي ھو ننڍي ھوندي کان ڏسندو اچي ۽ جانو کي اھا به خبر آھي، ته انھن سڀني جي سٿڻن جا پانچا ابتا به پيا ٿيندا آھن. ان باوجود سندن نڪاح ته صرف ھڪ ئي ٿيو آھي.

ھڪ ڇوڪري، جيڪا جانو کي ننڍي ھوندي کان وڻندي ھئي، اھا ھاڻ ڏاڏي به آھي، ناني به آھي، ويھارو سال اڳ سندس مُڙس گذاري ويو ھو، اُن جو اڃا ٽيجهو به نه ٿيو ھو، ته جانو ان سان نڪاح لاءِ ڳالھيون شروع ڪرايون ھيون. اڃا به جانو سٿڻ جا پانچا اۡبتا ھجڻ جو حوالو ڏئي به، ان سان نڪاح ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رھندو آھي، پر مون کي ئي نه، جانو کي به پڪ آھي، ۽ جانو چواڻي ته “ان جي سٿڻ جا ٻئي پانچا اڪثر اُبتا ئي ھوندا آھن، پر يار! ويچاري جي جيڪا ھڪ شادي ٿي، سا ھڪ ئي آھي. گهُري گهُري ٿڪو آھيان، پر لڳي ٿو مري ويندي، مُئي سھائيندا، پر ڏيندا ڪو نه!

No comments:

Post a Comment