Monday, January 3, 2022

ڪوئل - رزاق سهتو

ڪوئل

ڪهاڻي

رزاق سهتو



آگسٽ مهيني جا آخري ڏيهاڙا، سج جي تپش ۾ تيزي، ماڻهن جا لڱ، لوهار جي ڌوڻ مان تپي نڪتل لوهه جهڙا گرم. ماڻهن جي بت ۾ سڪون جو ساهه سج لهڻ کانپوءِ ٿي آيو. رات جي پهرين پهر ۾ ڏکڻ جي ٿڌڙي هير چري. ساري ڏينهن جي گرمي سبب گرم انگن مٿان هوا ٿڌ جي مند ۾ اتر جي هوا جهڙو اثر ٿي ڇڏيو. بزرگ داتا جو اڱڻ. جنهن سان لڳو لڳ  ٿلهي تي ڪوئل جو ڀاءُ ولو ڏکڻ جي هير تي ننڊ جي پنڪين ۾ هئو. ڪوئل، درياهه ڪناري ننڍڙي پهاڙيءَ مٿان تڏيءَ تي ستل. جتان ڪَرُ کڻي درياءَ کي ڏٺائين. اکيون درياهه تان هٽائي. مٿن کان رکيل ڪهوءَ جي ڳن ۾ چلڪندڙ ڪهاڙيءَ تي نظرون ڦيريائين جا مهيني جي لڙيل تاريخن جي چنڊ جي روشنيءَ ۾ چانديءَ جهڙو ڏيک ٿي ڏنو. ڪوئل، شام ٽاڻي  ڪهاڙي  روهيءَ تي وري وري لائي ڌار کي تيز ڪيو هئو. سندس وات مان رات جي سانت ۾ بار بار اهو ئي جملو ٿي اڪليو.


“گلوءَ وڏيري کي ناهي ڇڏڻو. ”

بس کيس انتظار هئو ته چنڊ لهي انڌاروٿئي ته پوءِ الهه توهار ڪجي. پنڌ چڱڙو پري سو ٻيڙيءَ ذريعي درياهه مان اڪريِ وڏيري گلوءَ جي ٿاڪ تي پهچڻو هئو. اها ٻيڙي جنهن ۾ سندس پِرين بهادر تري اچي ڪوئل سان اوج ماڻيندو هئو. سا ڪناري تي وڏي پٿر سان ٻڌي بيٺي هئي. ٻيڙيءَ کي جو ڏٺائين ته ڪوئل جي اکين منجھان پلاند ڪرڻ جا الا اٿڻ لڳا. بهادر جي ياد ڄاڱري ٻير جو ڪنڊو بڻجي اندر ۽ ٻاهر رهڙي وڌس. يادگيرن جي ماتم کيس هسٽيريائي مريض ڪري ڇڏيو.

بهادر، بزرگ داتا جي حاضري ڀرڻ کانپوءِ، رات جو گھڻو وقت، ڪوئل جي جھوليءَ ۾ گذاريندو هئو. بهادر وڏو ڪاٽڪو چورُ. هن جي بهادريءَ جي به ڪوهان ڪوهه هاڪ هئي. پر بزرگ داتا جو عقيدتمند هئو. سو پهريون ان جي حاضري ڀريندو. پوءِ ڪوئل سان رهاڻ رچائي رات جي تاريڪن ۾ راتاهو هڻندو هئو. سندس پيچُ ڪوئل سان هتي ئي اٽڪيو هئو. ڪوئل جي سريلي آواز کيس مست ڪري  ڪوئل جو ديوانو بڻائي ڇڏيو هئو. ڪوئل به پور وهيءَ ۾ اچي بزرگ داتا جي فقيري قبولي هئي. هوءَ هفتي ۾ هڪ ڀيرو اچي راڳ جي محفل مچائيندي هئي.

جڏهن اڪثر راتين ۾ اڪيلا ٿيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن بهادر مٿان اداسي طاري ٿيندي هئي ته ڪوئل ڪو گيت ڇيڙيندي ته بهادر جو من هلڪو ٿي پوندو هئو. موٽ ۾ڪوئل کي قرب ۾ رڱي ڇڏيندو هئو. ڪوئل کي راڳ جي ايڏي ڄاڻ ڪان هئي. پر مٺڙي آواز ۾ آلاپ ڪڍندي هئي ته چڱن ڀلن جا هنياءَ ڏاري وجھندي هئي. بهادر واردات تي نڪرڻ کان پهريائين ڪوئل جي ٻنهي نيڻن تي الوداعي چمي ڏئي ۽ بزرگ داتا کي پري کان جھڪي سلام ڪري روانو ٿي ويندو هئو.

سج لهڻ کانپوءِ ڪوئل کي بهادر جي اچڻ جو اوسيئڙو جھوري وجھندو هئو. درياهه ۾ پاڻيءَ جي ڇپڪي تي پئي واجھائيندي چوندي هئي ته؛ “بهادر ته ڪا نه ٻيڙي ڪناري اچي لاتي آهي.”

پر اڄ رات پاڻيءَ جي ڇپڪي تي ڪناري تي لڳل خالي ٻيڙي ڏسي ڪوئل جو وجود ڀور ڀور ٿي رهيو هئو. سندس نيڻن مان ڳوڙها ٿي ڳڙيا. بزرگ داتا جو اڱڻ ساڳيو، درياهه ساڳيو، ڏينهن، راتيون، چنڊ، ستارا سڀ ساڳيا پر ڪوئل جي دل جو دلبر هن دنيا ۾ نه رهيو.

مسافر ڳوٺ منجهان انڌاري راتن ۾ گلوءَ وڏيري جي ڏادن جي جوڳ چوري ٿئي وئي. جڏهن وڏيري گلوءَ کي پنهنجي ڏاندن جي شوق ۽ گوءِ واري جوڳ چوري ٿيڻ جي خبر پئي ته سندس ترا ئي نڪري ويا. وڏي نالي واري وڏيري  جنهن جو تر ۾ وڏو ناموس هئو. تنهن جا ڍڳا چوري ٿي وڃن. خبر چوڦير جھنگ کي باهه جيان پکڙجي وئي. وڏيري گلوءَ جو ڀريئي شهر ۾ نڪ وڍجي ويو. هن جا ته  ڇوهه ئي ڇڄي پيا. هو بدلي جي باهه ۾ سڙڻ لڳو. جيسين ڪا سڻس پوي. ڪو پيرو يا کرو لڳي. سندس حوصلا جواب ڏئي ويا. گلو وڏيرو اڃان انهيءَ آڳ ۾ پڄريو پئي ته مٿان وري پيراٺن ۽ واهرن خبر آندي ته پير، نامي گرامي چور بهادر جي ڳوٺ ۾ وڃائيا آهن ته ٻرنديءَ تي تيل پئجي ويو. وڏي سوچ ويچار ۽ پيراٺن کان پڪ پڪاڻي ڪري وڏيري، بهادر ڏي نياپو موڪليو ته؛ “جي مٿي ۾ ميٽ هجئي ته هتي اچي لاهه. ”

بهادر جو سارو وجود ولوڙجي ويو. کيس کُکيو؛ “وڏيري گلوءَ جو سڏ خير ڪي ناهي. پيراٺن، منهنجي ڳوٺ ۾ پير گم ڪيا آهن. هن جو پڪو شڪ مون ڏانهن آهي. ”

بهادر وڏيري گلوءَ جي اوطاق تي اچي پهتو. اوطاق ماڻهن سان ڀري پئي هئي. سڀ ڄڻ سندس اوسيئڙي ۾ هئا. کيس ڏسندي ماٺار ڇائجي وئي ۽ ويٺلن جون نظرون بهادر ۾ ڄمي ويون. بهادر جو ڪڙڪيدار آواز گونجيو؛

“سلام ماليڪم”

موجود ماڻهن آهستي ۽ وڏيري ٺريل دل سان جواب ڏنس. بهادر ويهي رهيو. وڏيرو گلو به زماني جو ماڻهو هو تنهن بهادر کي ڏٺو. ڪا دير سوچ ۾ رهيو. پوءِ بهادر کي مخاطب ٿيندي چيائين؛ “خلاصائيءَ ۾ ڳالهائبو.”

بهادر چيس؛ “جيڪا تنهنجي مرضي وڏيرا. “

ڪوٺيءَ ۾ ٻئي پورجي ويا. وڏيري گلوءَ چيو؛

“ڏس بهادر. ڏاندن جي جوڳ منهنجي ذونق جي ۽ گوءِ جي آهي. تو کي پئسا، ٻني ٻارو يا ٻي مدد کپئي مان ڪيانءِ پر ٻيلي چوري موٽاءِ.”

بهادر ورندي ڏنس؛ “وڏيرا گلو! مان تنهنجي ڏاندن جو چور ناهيان، اڄ ڪي سڀاڻ، سالن پڄاڻا چوري مون وٽان نڪري ته تنهنجي ڪهاڙي، منهنجو ڪنڌ!

وڏيري جي لهجي ۾ دڙڪو شامل ٿي ويو؛ “پڪو پڪو ڏاندن جو چور تون آهين. ڏاندن جي جوڙي سولي هڙپ ڪرڻ ڪو نه ڏيندومانءِ. پيراڍن پيرَ تنهنجي ڳوٺ ۾ ڇڏيا آهن. يا پير سڌا ڪر.“

“وڏيرا نڪو پير سڌا ڪندومانءِ نڪو مان تنهنجي چوري ڪئي آهي. منهنجي ڳوٺ ۾ پير ڇڏي ڪنهن ڊوهه ڪيو آهي. چوري تون به ڳولهه مان به وئوڙ ڏيان ٿو.”

وڏيري گلوءَ کي ڪاوڙ ڪنڊي تي چڙهي وئي. پاڻ تي ضبط جو ڪيائين ته پگھرجي پاڻي ٿي ويو. بهادر به سندس ڪاوڙ کي پرکي ورتو. ٽيڏي اک سان وڏيري جي منهن جا ورن جاچيندو رهيو. چيائين؛“وڏيرا موڪلائجي. ”

ٻئي گڏجي ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪري آيا. ماڻهن جو نگاهون در تي کتل. ٻنهي جي منهن جي ورنن مان پرکي ويا ته ڳالهه ڪا نه ٺهي. بهادر بيٺي ئي موڪلايو ته وڏيري ڪو به جواب ڪو نه ڏنس. بهادر، ويٺلن تي نظر وڌي ۽ پٺي ڏئي کنوڻ ٿي ويو. پويان وڏيري گلوءَ لٻاڙ هئين.

“چور چور جو پٽ چئي ٿو ته تنهنجي چوريءَ جو چور ناهيان. چوري ته بهادروءَ جا وڏا به ڏيندا نه ته سِرُ.. ” ڳالهه ماڻهن جي موجودگيءَ ڪري ڳهي ويو.

بهادر گھر پهچي تاءَ ۾ هئو. من کي سڪون ڪو نه ٿي مليس. سوچ ۾ هئو ته ڪنهن اٽڪل ڪري پيرا منهنجي ڳوٺ ۾ وڃائي وڏيري ۽ مون وچ ۾ دشمني وڌي آهي. سج لٿو ته بهادر ٻيڙيءَ تي درياءُ پار ڪري ڪوئل وٽ اچي پهتو. منهن لٿل ۽ من ملول. دل ۾ اڪيچار الڪا کيس ڏسندي ئي ڪوئل جي دل هارجي وئي. معمول موجب بزرگ داتا جي حاضري ته گڏجي ڀريائون پر دعا گھرندي بهادر اکين مان ڳوڙها روڪي ڪين سگھيو. ڪوئل سندس ڀر ۾ جا ساري مام پروڙڻ جي تڪڙ ۾ هئي. پر بهادر هن ڏانهن ڪو گوش ڪو نه ٿي ڏنو. جڏهن اڪيلائيءَ ۾ ٿيا ته ڪوئل بهادر تان گھور پئي وئي. سڄو چاهه ارپي چڪي تڏهن به بهادر جي اندر ۾ جوالا مکي پئي ٻڙڪيو. ڪوئل پرکي وئي ته پِرين اندر ۾ ڪڙهي رهيو آهي. دل وندرائڻ لاءِ سارا جتن بهادر اڳيان هار کائي چڪا ته سمجھي وئي بهادر جو ڪاٿي اور دماغ آهي. آخر پڇي ويٺي؛“بهادر. جان صدقي ڇو ايڏي اوپرائپ، دل جو سور نه سليندين.؟”

بهادر چيو؛ “ڪوئل! مان جڳ جو چور پر تنهنجي سينڌ جو سوڳنڌ بزرگ داتا جي سائي ۾ ويٺا آهيون ته مان گلوءَ وڏيري جي ڏاندن جي جوڳ جو چور ناهيان. پر وڏيرو پت ڪري ئي نٿو. چوي ٿو ته چور تون ئي آهين. مٿان ڪنهن دشمني ڪري پير منهنجي ڳوٺ ۾ ڇڏيا آهن. سو وڏيري جو شڪ يقين ۾ بدلجي ويو آهي. ان ڪري خار اٿم ته اها دشمني وڏيري ۽ مون ۾ ڪنهن وڌي آهي جو پير منهنجي ڳوٺ ۾ وڃايا اٿن. ڪوئل، بهادر جو چهرو هٿن ۾ ڪندي، سندس نيڻ جي سمنڊ ۾ غرق ٿيندي چيو؛

“بهادر. تون سچو وڏيرو ڪوڙو! ڇو ته بزرگ داتا جي اڱڻ ۾ آهين، منهنجي سينڌ جو قسم کاڌو ٿي. پر اهو ڇو نه ٿو سوچين. متان چوريءَ جو ڪٿان سَنڌو نڪري پوي. تو تان بُهتان ٽري وڃي. وقت کان اڳ ۾ ئي ايڏو هينئون نه هار جانو.”

ائين چئي بهادر جي نرم ۽ گھاٽن وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳي. سندس ڳٽن تي ڳل رکندي چيائين؛ “ايڏو پاڻ هلاڪ نه ڪر! اچ ته قرب ونڊي ڪي ڳالهڙيون ڪري پريشانيءَ کي پري ڀڄايون. ”

ڪوئل مرڪي، بهادر مرڪيو ۽ چپن جون مکڙيون کُلي پيون.

مهينن پڄاڻا، تر سڄي ۾ تو مان تائين خبر پهچي عام ٿي وئي ته بهادر مارجي ويو. اها خبر ڪوئل جي ڪنن تائين پڳي ته سندس ڪائنات ئي اجڙي وئي. هن کان سندس پريمي ايترو جلد جدا ٿي ويندو، هن ڪڏهن سوچيو به نه هئو. ڪوئل جي ته اوچتو دنيا ئي اجڙي وئي. بزرگ داتا جي مزار تي وار کولي ماتم ڪيائين. اوڇنگارون ڏئي رنائين. بي خيالي بي ڌياني منجھان هڪ ئي جملو چپن مان ٿي نڪتو؛ “بزرگ داتا! بهادر بي ڏوهي هئو، بي ڏوهي هئو. هن کي ڇو قتل ڪيو ويو ڇو.؟”

بهادر جي وڇوڙي، ڪوئل جو وجود ڏاري وڌو. اڳ ئي سندس آواز مٺڙو راهه ويندڙن کي بيهاري ڇڏي. مٿان جو وڇوڙي جو ڪرب آواز ۾ شامل ٿيو ته درگاهه جا حاضري ڀريندڙ ڪوئل جو آواز ٻڌي لڙڪ روڪي نه سگھندا هئا. ويس ڪاري ۾ سج لهڻ کانپوءِ جيڪو بهادر سان ميلاپ جو ويلو هوندو هئس. ساڳي جاءِ تي ڪوئل وڇوڙي جا گيت ڳائيندي هئي ته ماڻهن جو ميڙاڪو مچي ويندو هئو. آهستي آهستي سندس راڳ ماڻهن جي دلين ۾ گھر ڪندو ويو. هوءَ بيگم ڪوئل فقيراڻيءَ جي نالي سان مشهور ٿيڻ لڳي ۽ ڪارو لباس سندس وجود جو حصو بڻجي ويو. سندس ڀاءُ ولو ڀيڻ جا حال ڏسي اندر ۾ جھريو پئي. هڪ ڏينهن ڀيڻ کي چيائين؛ “ادي پاڻ سنڀال! اهو ڪارو وڳو لاهي سينڌ سنوار. صفا اجڙي وئي آهين.”

“ادا هي ڪارو وڳو تڏهن لاهيندس جڏهن بهادر جو پلاند ڪندس ۽ سينڌ به تڏهن سواريندس.”

ڀاڻس جواب ٻڌي تعجب مان وراڻيو ته؛ “ڇا.؟”

بيگم ڪوئل فقيراڻي شادين مرادين تي وستين واهڻن ۾ وڃي ڳايو. انهن گذرندڙ ايامن ۾ سندس آڏو ڳالهه به پڌري پٽ ٿي آئي ته بهادر کي گلوءَ وڏيري ئي مارايو هئو. ان ويل ئي سينڌ تي هٿ رکي وچن ڪيو هئائين ته بهادر جو پلاند ڪبو. ان وچن سان نڀاءَ جو وقت  اچي ويو هئو جو کيس ڀاءُ پڪو يقين ڏياريو هئو ته وڏيري گلو درياهه جي پينتل جي پٿرن جي جڙائي (پچنگ) جو ٺيڪو کنيو آهي. سو ڪم جي نگھبانيءَ لاءِ رات اتي ترسيل آهي. صبح روانو ٿي ويندو. ان ڪري بيگم ڪوئل فقيراڻيءَ جي مٿن کان ڪهاڙي پئي هئي. هوءَ انهيءَ رٿا ۾ هئي ته اوندهه گھري ٿئي ته پلاند تي نڪري. ڀاڻس ولو جو ڀيڻ جي اجڙي وڃڻ تي ڏاڍي افسوس ۾ رهندو هئو. مٿان جو ڀيڻس بهادر جي پلاند جو وچن ٻڌايس ته هو به ڀيڻ جو انگل ٽاري نه سگھيو ۽ ڀيڻ جو ساٿاري بڻجي پيو.

بزرگ داتا جي مزار جو اڱڻ. ڀرسان ٿلهو تنهن جي ڀڪ ۾ ننڍڙي پهاڙي. درياهه جي ڪناري تي ٻيڙي رات گھڻي گذري چڪي. چوطرف اوندهه ئي اونده ڦهليل. بيگم ڪوئل ڦڙتيءَ سان اٿي. بزرگ داتا جي مقبري کي هٿ ٻڌي جھڪي سلام ڪري ائين، جيئن بهادر چوريءَ تي نڪرڻ کان اڳ بزرگ داتا کا موڪلاڻي ڪندو هئو، دعا پني. ڀاڻس ولو جو ننڊ ۾ هئو، تنهن کي خاموشيءَ سان ڪهاڙيءَ جو ڳن پير ۾ هڻي، هوشيار ڪيائين. ٻئي ڀاءُ ڀيڻ درياهه ۾ بيٺل ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پلاند لاءِ نڪري پيا.

ٿوري جاکوڙ کانپوءِ ڪوئل ۽ ڀاڻس وڃي وڏيري گلوءَ جي لانڍيءَ جو پاسو ورتو. جنهن ۾ وڏيرو نشي کان ننڊ ۾ الوپ  هئو. ڪجھه ڪارندا پر ڀرو ننڊ ۾ ڦان لڳا پيا هئا. ڪوئل ڀاءُ کي سرٻاٽن ۾ چيو؛ “تڪڙ نه ڪجانءِ! وڏيري گلوءَ کي مان پاڻ ڪهاڙيون هڻي مارينديس. منهنجو هن ڏانهن منهجي دل جي دلبر بهادر جو پلاند آهي.”

ولڻ هٽي پري ٿيو ۽ ٻاهر چونڪي ڏيڻ لڳو. ڪوئل لاڳيتا وار ڪري وڏيري گلوءَ کي ننڊ ۾ ننڊ ڏئي ڇڏي. پاڻ سنڀاليندي موٽ کاڌائون پئي ته ٻه ڪارندا جاڳي پيا. ڀاءُ ڀيڻ گڏجي انهن کي به پورو ڪيو ۽ واپس اچي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا. جيسين واهر پهچي هنن وڃي درياهه جو وچ ورتو. صبح جو تر ۾ وڏيري گلوءَ جي قتل جي خبر عام ٿي وئي. تر ۾ وڏيري گلوءَ جي قتل جي خبر ته سڀن تائين پهتي پر ماڻهو اها پرولي ڀڃي نه سگھيا ته بهادر جو پويان ڀاءُ نڪو ڀيچي، ڇڙو ڇانڊ هيو. آخر هن جو پلاند ڪنهن ڪيو.  

سج لٿي کانپوءِ بزرگ داتا جي درٻار ۾ بيگم ڪوئل فقيراڻيءَ راڳ جي محفل مچائي. ماڻهن ڏٺو ته کيس ڪارو وڳو ڪو نه هئو ۽ حيران تڏهن ٿيا جڏهن هن خوشيءَ جو گيت ڇيڙيو ۽ وجد ۾ اچي اٿي بيهي نچڻ لڳي. ڪوئل نچڻ ويل پير ڌيمي، ڌيمي ٿي کنيا ۽ جسم جي لوڏ ماري پئي نچيو، جنهن ادا ماڻهن کي ته ڏاڍو موهيو ٿي پر هن کي اندر ۾ الڪو هو ته متان گرڀ ۾ سرجندڙ تخليق کي ڪو نقصان نه رسي، اها تخليق پٽ جي صورت ۾ جنمي جيڪو سنسار ۾ سر وکيري ماڻهن جون دليون موهت ڪري رهيو آهي.

No comments:

Post a Comment