Monday, January 24, 2022

چوٿين اک تي راءِ

“چوٿين اک” ڇا آهي؟

مير اعظم علي ٽالپر



دنيا ۾ شاعريءَ جي صنف جيتري آسان محسوس ٿئي ٿي، ايتري مشڪل ترين به آهي. ظاهري طور ته شاعر ٿيڻ ۽ شاعري ڪرڻ، هڪ سولو ۽ جلدي وارو ڪم آهي. جنهن لاءِ مشهور شاعر، اديب ۽ ليکڪ سائين پرواني ڀٽي لکيو هو ته؛ “کڻ، قلم ۽ ڪاغذ هٿ ۾ ۽ پوءِ چڙهي پئو بس ۾ ته ٿي ويندين شاعر.” پرواني ڀٽي جي پاران ڏنل شاعريءَ جي واٽ، هڪ انسان کي پنهنجي طبيعت مطابق شاعر بنائڻ لاءِ مناسب ضرور هوندي، پر وري به هر ڪنهن لاءِ شاعري ڪرڻ ڪو سولو نه آهي. حالانڪ هڪ عام ليکڪ (ڪهاڻيڪار، افسانه نگار) جي ڊگهين تحريرن ۽ مٿا ڪٽ وارين لکڻين جي مقابلي ۾ ڏٺو وڃي ته هڪ شاعر ٿيڻ کانپوءِ، چند اکرن واريون سٽون شاعري جون ڄاڻائي شاعر ٿي سگهي ٿو.


اڄڪلهه ته سنڌي شاعري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سهولت آزاد، نظم ۽ (نثر نما) ٽيڙو (ٽن ننڍين سٽن ۾ ڪم مڪمل) پيدا ڪري ڇڏي آهي. انهن جي لکڻ ۽ ڪنهن اسٽيج تي بيهي بيان ڪري پڙهڻ سان ڪير به آسانيءَ سان شاعر ٿي شاعريءَ جو لقب حاصل ڪري سگهي ٿو. اهڙيءَ حالت ۾ شاعر جي طبيعت ڀلي شاعرانه مزاج مطابق نه هجي پر ان جي هڪ ڊگهي ۽ طويل آزاد نظم ۽ اتفاقي طور ٽن سِٽن ۾ لکجي ويل ڪجهه اکر (لفظ) ٽيڙو بڻجي، ان کي هڪ شاعر بڻائي ڇڏين ٿا. ان ڪري هڪ گهٽ ۽ ننڍي پر جامع مختصر تحرير معنيٰ ۽ مطلب رکڻ سبب، هڪ عوامي شاعر کي مهان ڪوي جي درجي تائين پهچائي ڇڏي ٿي. پر اهڙي سمت تمام ٿورن ۽ گهٽ ماڻهن جي هوندي آهي، جيڪي ڄمندي “ڄام” بڻجي شاعر ٿي ويندا آهن. پر ڪجهه هوشيار، نثر لکندڙ ۽ کوڙ سارا پنا ڪارا ڪندڙ، ڪڏهن به شاعر نه ٿي سگهندا آهن ۽ نه ئي شاعري سندن وس ۾ هوندي آهي. پر انهن کانسواءِ اڃا به ڪجهه اديب طبيعت رکندڙ بيت، نظم، شعر ڪتابن ۾ لکيل ياد ڪرڻ کان قاصر رهندا آهن ۽ ڏسي هو ٻڌائي ويندا آهن. يعني شاعري جي حافظي ۾ نه رڳو ڪمزور پر ڪمزور ترين هوندا آهن، البته هو ناظره شاعري ٻڌائي ويندا آهن. حافظي واري شاعريءَ تان ياد آيو ته ننڍي عمر ۾ پرائمري اسڪول ۾ پڙهندي پهرين درجي واري ڪتاب ۾ مشهور بيت “واهه ڙي تارا گول” سائين ياد ڪري اچي ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو ته ٻن ٽن ڏينهن تائين راقم کان رڳو “سانجهي ٽاڻي نڪرو ٿا” تائين مس ياد ٿيو ۽ سانجهي کانپوءِ صبح ٿيڻ تائين گهٽ ۾ گهٽ هفتو لڳي ويو. جڏهن ته ڪلاس جي اڪثريت ۾ ڇوڪرا ياد ڪري چُڪا هئا. ان کانپوءِ اهڙو ئي لکڻ جي دنيا ۾ به رهيو. شروع ۾ نثر بدران شاعري کي سولو سُودو سمجهي شاعري جي لائين ورتي پر ان لائين تي لکت جي ريل هلي نه سگهي. البته ڪجهه پرايا مزاحيه نظم بيت هيٺ مٿي ڪري پنهنجي نالي تي لکيا. جيئن هڪ مزاحيه شاعري مرحوم قمر ڪوهستاني جي بادل رسالي مان هلال پاڪستان فلم ايڊيشن ۾ لکي ۽ اها عبدالحق عظيم ڇپي ڇڏي. هڪ دفعي عمر الدين بيدار، اديون رسالي لاءِ شاعري ڪرڻ جو چيو، جنهن کي توبهه ڪري جان بخشائي.

حالانڪه جڏهن به ۽ جنهن به شاعر، شاعري لاءِ پنهنجو قلم هٿ ۾ کنيو آهي، ان پنهنجي شاعري جي پهرين شروعات ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائي ۾ پنهنجي خيالي ۽ تصوراتي محبوب جي اک کان شروع ڪئي آهي. ان ڪري شاعرن جي مزاج ۽ شاعري ۾ اک تي زور گهڻو ڏنو ويندو آهي. البته اها ٻي ڳالهه آهي ته شايد شاعرن محبوب جي اک صرف پوريل (بند ٿيل) ڏٺي آهي ۽ جڏهن محبوبن جون کليل اکيون ڳاڙهيون ۽ اڇا تارا ڏٺا ته پوءِ شايد سندن شاعريءَ جو موضوع ڪجهه ٻيو نه سهي پر تبديل ضرور ٿي ويندو. شاعرن ويچارن ته اک ۽ دل جو ذڪر ان سان گڏوگڏ ڪيو آهي، جنهن لاءِ “اک ڦڙڪي ۽ دل ڌڙڪي” لازمي آهي. شاعر ڪهڙي به زبان جو هجي، پر هو اک ۽ دل جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ ضرور ڪندو، جيئن پنجابي ۾ ’اک لڙي به ويندي‘ اردو ۾ آنکهه کانئه‘ پر جڏهن ته رب سائين انسان ۽ جانورن کي ٻه اکيون ڏسڻ لاءِ عطا ڪيون آهن پر ڪڏهن، ڪڏهن انسان جي هڪ اک ضايع ٿي وڃڻ جي ڪري سڄي دنيا کي هڪ اک سان ڏسندو آهي. انسان جي ٻن اکين کانسواءِ دنيا ۾ انسان کي ٽين اک علم جي مليل آهي ۽ جنهن انسان وٽ جيترو علم هوندو آهي، اهو ايترو تيز، تکو ۽ گهرو دنيا کي نظرن سان ڏسندو آهي. حالانڪه ٽين اک دنيا ۾ ڪئميرا کي به چيو ويندو آهي. جنهن سان پوري دنيا کي ڏسي ٿو پر معاملو ٻن يا ٽن اکين کان وڌي وڃي ته پوءِ ڳالهه ڳري سمجهڻ گهرجي.

جيئن تازو ناليواري ليکڪ ۽ نثر تي عبور رکندڙ سائين پروفيسر مٺل جسڪاڻي کي قدرتي شاعري تي به عبور حاصل آهي ۽ سندس ٽيڙو، آزاد نظم کان وٺي بيت وغيره سڀ جا سڀ حقيقي زندگي جي عڪاسي ڪن ٿا. پر پروفيسر مٺل پنهنجي اهڙي خوبصورت شاعري جو مجموعو “چوٿين اک” شاعري ۱۲۵ صفحن تي مشتمل تحرير ڪيو آهي. جنهن کي ڍول فقير فائونڊيشن سنڌ ڇپرايو، امرتا پبليڪيشن حيدرآباد ڪتاب جو ٽائيٽل عبدالرسول عباسي جو آهي، هي شاعري جو مجموعو عام شاعري کان عام فهم شاعري کان هٽي ڪري آهي. هن شاعري جي مجموعي ۾ جهڙو نالو مٺل آهي، تهڙي سندس مٺي شاعري آهي. مجموعو “چوٿين اک” جنهن ۾ مختلف شاعري آهي، پر اها شاعري گهٽ محسوس ٿئي ٿي. اها هڪ دل جو آواز آهي، اکين جو اظهار آهي، هنن اظهارن ۾ به دلچسپ اظهار سمايل آهن. هنن ۾ دنيا جا رنگ ڀريل شاعري جا جتي نمونا آهن، انهن نمونن ۾ ڪجهه نمونا خود شاعر پنهنجو پاڻ ته طبع آزمائي طور ڪيا آهن. هي هڪ شاعري جو کلم کليو جاڳندو نمونو آهي، جيڪو عام شاعري جهڙو نه مزاج نه طريقو آهي. هن ۾ حقيقت جو اصلي وجود وارو رنگ آهي. ان ڪري هن شاعري ۾ سنئون سڌو شاعر صاحب (مٺل جسڪاڻي) ڪابه ڳالهه خفيه يا مخفي نه رکي آهي.

هن شاعري چوٿين اک کي جيڪڏهن راقم پنهنجين ٻن اکين مان غور منجهان پڙهي ڏٺو، پوءِ ان کي پروڙيو ته هي شاعري هڪ وڏي پائيه واري شاعر جي آهي، هن شاعري جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هن ۾ گهڻي معنيٰ مقصد رکندڙ آهي. چوٿين اک انسان جي ڇا ٿي ڏسي يا ان جي بينائي ڇا آهي. هن سان سڄو جهان پسجي ٿو ۽ ان سان اکيون بند به ٿي سگهن ٿيون. هن شاعري ۾ لفظن، اکرن جو استعمال موقعي مهل جي مناسبت سان ٿيل آهي ۽ شاعري جي تشريح ۽ سمجهه جو معيار سڀ ڪنهن جو پنهنجو آهي. ان کانسواءِ چوٿين اک جو نظريو وڏي سوچ ۽ لوچ وارو آهي، هن شاعري مجموعي تي ڪيتري به تنقيد ڪجي يا هن جو تنقيدي جائزو وٺجي، ان جي باوجود چوٿين اک هر قاري کي گهايل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. هن ۾ انتهائي جادوئي اثر رکيل آهي، جنهن کي پڙهڻ جي طاقت سان ڪتاب جو پڙهڻ ممڪن آهي. ڇوته هي هڪ عشقيه بازاري شاعري نه آهي. البته هن شاعري چوٿين اک ۾ شاعري سان گڏ نثر واري تحرير جي ڇاپ آزاد نظم ۾ ضرور نظر اچي ٿي. ڇو ته پروفيسر مٺل جسڪاڻي بذات خود هڪ بهترين مضمون نگار ۽ اخباري ليکڪ ۽ خاص ڪري عبرت اخبار ۾ سندس لکيل مضمون پنهنجو مٽ پاڻ هوندا آهن ۽ مٺل جسڪاڻي جي مضمونن جي چونڊ ۽ عنوان به پنهنجي هڪ اهميت ۽ حيثيت رکندڙ هوندي آهي.

اهڙي ريت سندس شاعري وارو مجموعو چوٿين اک به شاعريءَ جي هڪ هنر وارو ڪتاب آهي. حالانڪ چوٿين اک ڪتاب پروفيسر مٺل جسڪاڻي جي نالي وارو هٿ ۾ کڻي وري خود پروفيسر مٺل جسڪاڻي کي ٻن اکين سان ڏسبو ته هو هڪ شاعر نه لڳندو پر سندس قلم مان نڪتل لفظ شاهد آهن ته هو هڪ بهترين شاعر آهي. سندس شاعري به سندس طبيعت وانگر ٿڌي ۽ مٺي آهي. سندس مجموعي ۾ پاڻ هڪ معاهدو ٽنڊي ڄام کي ڇڏي نه وڃبو، جهڙي شاعري تي منڊي مٿان ٽڪ “چوٿين اک” ڪتاب جي صفحي نمبر ۱۰۸ تي واقعي چوٿين اک معنيٰ خيز آهي، جنهن جو حال احوال لکڻ بدران خود پڙهڻ سان مزو ۽ حقيقت آهي ته دراصل چوٿين اک ڇا آهي؟ هت ياد رهي ته ۱۵ جنوري تي سائين مٺل جسڪاڻي جي سالگرهه آهي، ان جون کيس مبارڪون هجن.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۴ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 


 

چوٿين اک

سليم گل ابڙو

هي منهنجي انتهائي لائقٖ احترام دوست سر محمد مٺل جسڪاڻي جي شاعري جو مجموعو آھي. هن کان اڳ به سر مٺل جسڪاڻي پنهنجا ٻه ڪتاب ’سفر بخير‘ ۽ ’برسات ۽ ٻوڏ‘ عنايت ڪري چڪو آھي. گذريل رات سر محمد خان خادم گهراڻو جو ميسيج آيو ته سائين مٺل توهان لاء ڪتاب موڪليو آھي. کيس فوري ڪال ڪري ٻڌايم ته آئون توهان جي گهر جي ويجهو موجود آھيان ته هن پنهنجي فرزند احسن جي هٿان موڪلي ڏنو.

ڪتاب اتي ئي سنگت کي ڏيکاريم. ڪجھ ٽڪرا پڙھي به ٻڌايم. مون سنگت کي عرض ڪيو ته ٽڪ ٽاڪ تي اجائي ڊائلاگ بازي ڪرڻ بدران هن ڪتاب مان ڪجھ سٽن سان ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ گهرجن.

مون سڄي ڪتاب جي بار بار ورق گرداني ڪئي. ۽ اهو سوچيو ته ڇا هن دور جا نقاد نما چوٿين اک جي وڏي حصي کي شاعري تسليم به ڪندا؟ ڇو جو پاڻ وٽ سڄي باه بحر وزن تي ڪڍي وڃي ٿي. خيال ۽ رواني گم ٿي وئي آھي. سچ ته آئون ڪئين تخليقون پڙھي سوچيندو آھيان ته شاعر صاحب چوڻ ڇا ٿو ڇاهي؟ لکڻ جو محرڪ ۽ مقصد ڇا آھي؟ پر افسوس نه سمجهي سگهندو آھيان.

پروفيسر مٺل جسڪاڻي روز لکندو آھي. مسلسل لکندو آھي. هن جو مطالعو ۽ مشاهدو وسيع آھي. اختصار جي هنر ماهر آھي. ان ڪري چند لفظن ۾ تمام وڏي ڳالھ ڪري ويندو آھي.

*ان ڪري آئون مٺل جا هي ٻه نظم مٺل کي ئي ارپيان ٿو.

*شاعري جو آ پنڌ پري

ڪهاڻيون ڪوهين ڏور

مضمون مور نه ويجهو

ناول جو به نبيرو ڏکيو

وات به ويڙھائيندو اهو

وات ويڙھائڻ جنهن سکيو.

مٺل کي اوهان ڇڏي ڏيو

مٺل پنهنجي رمز ۾ ڀلو.

*بيشڪ مٺل پنهنجي رمز ۾ ئي ڀلو آھي ان ڪري هو هيء دعوا ڪرڻ ۾ بلڪل حق بجانب آھي ته

*مٺل سان آھن

معشوق مٺل جا

مٺل سان آھن

عاشق مٺل جا

مٺل اڪيلو نه هو

مٺل اڪيلو نه آھي.

سندس هي نظم پڙھي مونکي مون وانگر ئي ٽن نالن سان مشھور منهنجو ماروٽ محمود، علي، ريحان ابڙو ياد آيو

آئون پنهنجو تعارف پاڻ آھيان

تون منهنجو ڪهڙو تعارف ڪرائيندين؟

ائين ئي درست آھي

يا هينئن درست رهندو.

تون پنهنجو تعارف پاڻ آھين

آئون تنهنجو ڪهڙو تعارف ڪرايان؟

*ريحان ابڙو جنهن به پروگرام جو ڪمپيئر هوندو آھي ته هميشه هينئن چئي مونکي گهرائيندو آھي ته

هاڻي ايندو سليم گل ابڙو

آئون سندس ڇا تعارف ڪرايان

ادا سچل پنهنجو تعارف پاڻ آھي.

*پروفيسر مٺل جسڪاڻي ڪافي هڪيٽا به لکيا آھن. ٻه سال اڳ اسان جي واٽس گروپ جي يار جي ۾ اڻ مندائتي برسات جي تباهڪارين بابت ڪافي ڪجھ لکيو هو جيڪو سندس ڪتاب برسات ۽ ٻوڏ ۾ به شايع ٿيو. بيڪس بلوچ. حسن پنهيار. خيال کتري ۽ مون سان گڏ طرحي مشاعرن ۾ به حصو ورتو. اسان ڪجھ گڏيل نظم به لکيا پر انهن مان ڪو هڪ به چوٿين اک ۾ شامل ناهي. شايد ان جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته جڏھن هي ڪتاب مرتب ٿيو هو ته اهو گروپ ٺھيل ئي ڪونه هو ڇو جو هن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي جعفر جاني جي لکيل سٽن جي هيٺان سن ۲۰۲۰ لکيل آھي.

چوٿين اک ۾ به هڪ مختصر نظم برسات ۽ ٻوڏ جهڙو آھي.

*تون بادل ڏسي

ڀلي خوش ٿي

مارو پڌري پٽ آھن

منهنجا ٿا ڏيل ڏڪن.

*پنهنجي مسڪين ۽ مظلوم ماروئڙن سان محبت صرف هن نظم کان علاوه مٺل سائين جي ٻين لکڻين ۽ ملڻ جلڻ جي عام انداز مان به واضح ھوندي آھي. جيڪا ان ڳالھ جو ثبوت آھي ته هڪ مقبول زرعي سائنسدان هجڻ جي باوجود پاڻ پنهنجي وجود جون پاڙون پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي پورهيت طبقي ۾ ڪيڏو نه مظبوطي سان کتل رکيون اٿن.

*سندن هي نظم ڏسو

ڇا ٿو ڪري سگهان؟

آئون آھيان

هڪ عام،

معمولي ماڻھو...

اوهان کي جيڪڏھن

خوش نه ٿو ڪري سگهان

اوهان کي رنجائڻ جو به

مون کي

ڪو حق نه آھي.

*هڪ نظم به چوٿين اک ۾ شامل آھي جنهن مان به اهو ثابت آھي ته هي ڪتاب ۲۰۲۰ ۾ ئي مرتب ٿيل آھي. هن ڪتاب ۾ به ڇاپو پهريون جنوري ۲۰۲۲ لکيل آھي ته پوء ھي ڪتاب جنوري ۲۰۲۳ ۾ مارڪيٽ ۾ ڇو آيو اها خبر مٺل سائين کي هوندي يا امرتا پبليڪيشن کي. توهان بس اهو نظم پڙھو.

۲۰۱۹ ع جي

ويندي ويندي جا ڌڪ

۽ ۲۰۲۰ ع جي

ايندي ايندي ۽

گذرندي گذرندي جون چوٽون.

چَوِرائين پيون

ٻيائيون ڇڏيو

وير ڇڏيو

نفرتون نه وڌايو

محبتون ونڊيو

هڪ ٻئي جا ڀرجهلا ٿيو

هڪ ٻئي لاء سونهان بڻجو.

مٺل سائين هڪ نظم ۾ الائي ڪنهن کي آفر ڪري ٿو=-

پاڻ ۾ ھڪ معاهدو ڪريون

ڪڏھن تون اچي نڪر

ڪڏھن آئون هليو اچان.

وري الائي ساڳئي کي الائي ڪنهن ٻئي کي چوي ٿو=-

تو تائين اچڻ

خطري کان خالي ناهي

تون پاڻ اچ.

منهنجي ماروٽ پروفيسر حسين احمد ابڙو جي وليمي واري رات پروفيسر مٺل جسڪاڻي ۽ سر اعجاز علي ٻٻر مونکي الڳ الڳ وقتن تي منهنجي اڳيان سنگت کي اهو چيو هو ته سليم گل جو لکڻيون آئون شوق سان پڙھندو آھيان پر ڪمينٽ ڪندي به ڊپ لڳندو آھي ان ڪري جي يار جي ڪري ڇڏيندو آھيان. ٻنهي اڪابرن جي ساڳي ڳالھ مونکي ڪافي ڪجھ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. پر مٺل سائين نظم ۾ ساڳي ڳالھ پنهنجي اسٽائيل ۾ ڪيڏي آساني سان ڪري ٿو وڃي. ان جو پهريون حصو پڙھي ڏسو=-

کريون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو

سچيون ڳالهيون نه ڪريو

زوراور زور اٿو

پهرين کاريندا پوء کليندا

سڌري وڃو سڌري وڃو

*منهنجي هڪ غزل جو بند آھي ته

اها ڏاهپ ڏنگيندي آھ ڀلا ڏاها ٿيون ڇالئه

چريا آھيون چڱا آھيون چريا ٿي چاه چکنداسون

مون اهو خيال لطيف سرڪار کان ورتو. نوجواني ۾ ھڪ ليکڪ ماڻڪ جي ڪنهن ڪتاب ۾ به پڙھيو. ماڻڪ جي مونکي گهڻي خبر ناهي. نه وري سندس ڪتابن جا نالا وري ڪٿي ٻڌا يا پڙھيا اٿم. پر بهرحال ان دور ۾ منهنجي پسند جو ليکڪ رهيو. يا الائي هو به مون وانگر سچل هو پوء حبيب ابڙو ۽ وري سليم گل ابڙو ٿي ويو. هاڻ ته منهنجو چوٿون نالو جي يار جي به مشھور ٿي ويو آھي. خود مٺل سائين هن ڪتاب تي جي يار جي جي نالي لکي موڪليو آھي.

 مون اهو تخيل فيض احمد فيض کان به روبرو ٻڌو ته دنيا ۾ وڏا ڪم ڪرڻ لاء چريو ٿيئڻو پوندو آھي.

هونئن به دنيا جون ڪڙيون سچايون بيان ڪرڻ لاء ماڻھو کي مشڪرو ٿيئڻو پوندو آھي يا چريو.

مٺل سائين جا هي نظم ڏسو

ٻيلي ڏاهو ٿيءُ

ادا ڏاهو ٿيءُ

يار ڏاهو ٿيءُ

ڀائو ڏاهو ٿيءُ

پاڻ سڀ

ڏاهو ٿيڻ جون

منٿون ڪريون ٿا

۽ لطيف سائين

جيڪو سونهون سنڌ جو

سو چوي ٿو

الا ڏاهي مَ ٿيان

ڏاهيون ڏک ڏسن

پاڻ سڀ چريا يا.

لطيف سرڪار ڇو

ائين چيو!؟

ان جو جواب به مٺل پاڻ ئي ٿو ڏئي

*مون کي ڏاهپ نه کپي

سمجھ ۽ ساڃاھ جي

ضرورت اٿم جهجهي.

چوٿين اک جو آخري نظم ڏسو

*لکڻ لاء ته مونکي لکڻو هو

سمجھ ٿي گهرجي

عنايت ڪري ڪوئي

مونکان لکجي ويو

هجي ڪو نٿو خيرو

ڪن مان جهلي

سمجهائجيس

عقل جون نديون

وهائيندڙ کي

الله سمجھ ڏي

آمين.

۽ ھي به ڏسو

*کلڻ جهڙيون

ڳالهيون گهڻيون

ٻڌائبيون ته

ٻڌندڙ کلندا

لکبيون ته

پڙھندڙ کلندا

ماڻھن کي آئون

کلائڻ به چاهيان ٿو

پر سوچيان ٿو

پاڻ تان

ماڻھو ڇو کلائجن؟

هي به ساڳيو موضوع آھي

*تون عقلٖ ڪل

مڃان ٿو

آئون ٺپ چريو

جند ڇڏ

پنهنجو گس وٺ.

آئون جيئن ته فيس بڪ تي مٺل سائين جو مسلسل پڙھندڙ آھيان. ان ڪري ڪڏھن اهو سمجهي ويندو آھيان ته مٺل جو اڄوڪو پنچ ڪنهن کي آھي. ڪڏھن ڪونه به سمجهندو آھيان ڇو جو بهرحال آئون عقلٖ ڪل ناهيان.

سچي ڳالھ اها آھي ته ڪتاب چوٿين اک ۾ ڪافي ڪويتائون مونکي تمام گهڻيون وڻيون. پر انهن مان هڪ به مون نه لکي آھي. جيڪر لکي ڇڏيان ته پوء توهان ڪتاب ڪيئن وٺندا؟

ان ڪري توهان ڪتاب اسٽال تان پاڻ وٺو يا مٺل سائين کان. پر پڙھجو ضرور. ٿي سگهي ٿو ته توهان به مون وانگر چريا آھيون چڱا آھيون چوڻ لڳو.

ان ڪري ڪتاب جي نالي وارو نظم لکي موڪلايان ٿو

*هر لمحو گذري پيو

هڪ مڪمل ۽ ڪامل استاد بنجي

جيڪو روشن ڪري پيو

ماڻھو جي ڄڻ

اک چوٿين.

جيڪا نه کلندي آھي

ڪنهن به روايتي استاد کان.

 

(روزاني “آجيان” شڪارپور ۾ آچر ۲۳ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

چوٿين اک

خادم گهراڻو

سائين مٺل جسڪاڻي پنهنجو مٽ پاڻ آهي سائين هڪ استاد سان گڏ بهترين ليکڪ به آهي جنهن هڪ سٽو ڏيڍ سٽو نظم غزل وائي ۽ ٻين سان گڏ نثر به لکيو جنهن ۾ ڪهاڻيون سفر نامو وغيره شامل آهن سائين جن هر وقت فيس بپڪ تي لکندا رهن ٿا سندن تازو ڪتاب چوٿين اک آيو آهي ٻه اکيون قدرتي ٽين اک علم جي چوٿين اک دل جي آواز جي سائين جن جو هي ڪتاب امرتا پبليڪيشن جي طرفان شايع ٿيو آهي جنهن ۾ چار حصا ويچار غزل وائي نظم آهن هي ڪتاب ارپيو ويو آهي جيڪي شاعر آهن شاعري ڪن ٿا فقير محمد ڍول لکي ٿو ته هي ڪتاب اظهارن جو سلهاڙيل آهي هن ۾ انوکا خيال آهن نسيم بلوچ لکي ٿو اکين جوڪمال آهي جو شاعري جهڙي لطيف ۽ ڪومل جذبن جي ڦٽڻ جي شروعات ئي اکين سان شروع ٿي اکين جي انتظاري جي صورت ۾رهندي ئي آئي آهي آغا جان آغا جن لکيو ته هر ماڻهو جو پنهنجو نظريومزاج هجي ٿو شاعري هڪ اهڙو سحر انگيز اظهار آهي جيڪو افسردگي ۾ به راحت ڏئي ٿو سائين مٺل شاعري مضمون ڪهاڻيون ناول ۽ ادب جي انيڪ صنفن تي عبور رکي ٿو سائين مٺل متفرق نگار آهي ماضي حال مستقبل تي گهري نظر رکي هر موضوع کي پنهنجي شاعري ۾ سجايو. آهي سائين مٺل جسڪاڻي جن لکن ٿا مون ڪڏهن به شاعر هجڻ جي دعوي نه ڪئي پر ڪي چند مون کي شاعر سمجهن ٿا غزل ۾ هڪ بند آهي ته

سدا ساٿ رهندو حياتي سڄي

اسان يار هڪ ٻئي جا آهيون ڌڻي

سائين مٺل.ڪڏهن به ساٿ نه ڇڏيو آهي هر وقت مشڪل ۾ گڏ رهيو آهي محبوب کي ياد ڪري دل جو آواز پني تي لکندي لکن ٿا ته

آ شام صبح ۽ رات و ڏينهن

هر پل ۾ سڄڻ تنهنجي سار آ هي

وائي واري حصي ۾ عجب منظر نظاري ڪندي لکن ٿا

روشن روشن راتين ۾

چنڊ ڪتيون تارا نڪتا

ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا

ڪرونا جنهن هڪ ٻئي کان ڌار ڪيو اتي لکن ٿا

ڪرونا لاڪ ڊائون ۾

تون ڪٿي آهين پيارا

ڪرونا لاڪ ڊ ائون ۾

هڪ نظم ۾ وڏي ڳالهه ڪندي اسان کي چون ٿا

گهڻو رخو سوچيو

سوڙهن گهرن ۾ رهي

محدود نه ٿيو

سائين جن ٽنڊو ڄام کي پنهنجو ڪيو نوڪري اتي ڪئي رهي اتي ٿو اهو سائين جن جو وطن ٿي ويو آهي پاڻ پنهنجي وطن جي محبت ۾لکن ٿا ته

ٽنڊي ڄام کي ڇڏي نه وڃبو

ٽنڊي ڄام مان لڏي نه وڃبو

همدرد ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ سٺو عمل آهي جيڪي ٻين جي زخمن کي ولوڙين ٿا درد تڪليف ڏين ٿا اتي چون ٿا

ڦٽن تي پها رکڻ سکو

لوڻ ٻرڪڻ

اڪثريت کي اچي ٿو

اسڪول جي استاد کي ياد ڪندي چوي ٿو ته

اسڪول ۾ سائين چوندو هو جيئن

پڇ ڪتي جو سڌو ٿيندو نه تيئن

هڪ هنڌ لکن ٿا ته

مون ۾

۽ تو ۾

فرق ٿورو

بس ايترو

جيڪو

سمجھ ۾اچي نه پيو

بيڪ ڪور تي جعفر جاني لکن ٿا ته پروفيسر مٺل رمزيت جو شاعر آهي هو زندگي جي حقيقتن انفرادي توڻي اجتماعي پيڙائن کي علامتي سطح تي رمزيت جي رومال ۾ ويڙهي پيش ڪرڻ جو هنر.ڄاڻي ٿو انداز بيان سڌو سادو هلڪو ڦلڪو ۽ سليس آهي پر هو خيال جي سطع تي وڏي مهارت سان هلڪا اڻ لکا علامتي نشان ئي قاري جي چيچ پڪڙي سندس شاعري جي موضوعاتي وسعت ۽ جديد حسي ادراڪ جي گهرائيء سان روشناس ڪرائن ٿا ڪتاب جو ملهه ٽي سو روپيا آهي جيڪوامرتا ڇاپ گهر ۱ باسم چيمبرس حيدر چوڪ حيدر آباد تان ملي سگهي ٿو.

 

(ڏھاڙي “آجيان” شڪارپور ۾ اڱارو ۲۵ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب “چوٿين اک” تي هڪ نظر

عبدالله جروار

مٺل جسڪاڻي حساس مزاج معاشري تي گهري نظر رکندڙ ۽ ان جي چڱاين لڱاين کي پنهنجي لفظن ۾ اظهارڻ تي وڏي دسترس رکن ٿا. ڪٿي ڳالھ کي سڌو چوڻ ته ڪٿي رومال ۾ ويڙهي ڳالھ ڪرڻ، مٺل جو ئي ڪمال آهي. ھن جنهن ماحول ۾ جنم ورتو، اهو زرعي ڳوٺاڻو ماحول هو، پر “سون تي سهاڳو” تڏهن لڳو جڏھن زراعت کي سائنسي انداز سان پڙهي لکي ان قابل ٿيو، جو زراعت بابت پڙهائيندي پڙهائيندي خبر ئي نه پئي عمر عزيز جو چڱو خاصو حصو گذري ويو.

مٺل جسڪاڻي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان گڏ لکڻ جو ڪم به جاري رکيو، جو تواتر سان سوين مضمون اخبارن ۽ سوشل ميڊيا ذريعي سندس پڙهندڙن تائين پهتا، جن جو موضوع زراعت سان گڏ سماج، روزمره جي زندگي سان لاڳاپيل شيون ۽ مسئلا رهيا. انهن سمورين ڳالهين کي اظهارڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه آهي. پر مٺل جسڪاڻي کي پنهنجي جذبن ۽ احساسن کي، پنهنجن لفظن ۾ خوبصورت انداز سان اظهارڻ تي قدرت حاصل آهي. سندس ڪافي ڪتاب مختلف موضوعن تي شايع ٿي چڪا آهن.

“چوٿين اک” ڪتاب مٺل جسڪاڻي جي شاعري جو ڪتاب آهي. الله پاڪ هر انسان کي جسماني لحاظ کان ٻه اکيون عطا ڪيون آهن، جن سان دنيا جون رنگينيون ڏسبيون پسبيون آهن. ڏاھن ٽين اک علم کي سڏيو آهي. مٺل هن ڪتاب “چوٿين اک” جو فلسفو پيش ڪيو آهي. ان کي سمجهڻ، ڏسڻ پسڻ لاءِ مٺل جي دل جهڙي حساس دل ۽ ذهن هجڻ لازمي آھي. اسان جي دماغ جهڙي ٿلهي دماغ ۾ اهي ڳالهيون مڙئي گهٽ ويهنديون آهن.

خير، مٺل جسڪاڻي جو تازو ڇپيل ڪتاب “چوٿين اک” بهترين ڪتاب آهي. خوبصورت ٽائيٽل تي خوبصورت آرٽ جنهن ۾ هڪ اک عيان آهي. جيڪا ڪتاب جي عنوان کي اجاگر ڪري ٿي. ڪتاب جي ارپنا به گهڻ رخي آهي. مطلب سڀئي خوش. شاعر به خوش، شاعري ڪرڻ جا خواهشمند توڙي پڙهندڙ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندڙ به خوش. واھ واھ سائين واھ.

“اداري طرفان نوٽ” فقير محمد ڍول جي تحرير، جنهن ۾ ڪتاب جو تعارف خوبصورت لفظن ۾ ڪرايو آهي. نسيم بلوچ جو لکيل “مهاڳ” جنهن جو عنوان به دل لڀائيندڙ “چوٿين اک سان اک ٽيٽ” آھي. نسيم بلوچ خوبصورت انداز سان مهاڳ لکيو آهي. مهاڳ پڙهڻ سان پڙهندڙ جو ڪتاب پڙهڻ ڏانهن تجسس وڌي ٿو. “مٺل پنهنجي رمز ۾ ڀلو” جي عنوان سان سائين آغا جان آغا، جنهن کي آئون مرشد سڏيندو آهيان، بهتر نموني نباهيو آهي. آغا جان جو مٺل جسڪاڻي سان گهڻو ويجهڙائي جو تعلق رهيو آهي. ڪتاب مان ڪجهه چونڊ اسم:

شاعري جو آ پنڌ پري،

ڪهاڻيون ڪوهين ڏور،

مضمون مور نه ويجهو،

ناول جو به نبيرو ڏکيو،

وات هڻڻ جنهن سکيو،

مٺل کي اوهان ڇڏيو

مٺل پنهنجي رمز ۾ ڀلو.

ان کان اڳ “پنهنجي پاران” معنيٰ ليکڪ پاران بقلم خود صاحبِ ڪتاب “شاعريءَ جو پنڌ پري ۽ ڏاڍو ڏکيو آھي” عنوان سان ڪتاب بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

ڪتاب ۾ شايع ٿيل پهريون غزل به ڏک کي ڇڪيندڙ آهي. خاص طور تي هي سٽون:

ڪٽيو آ سدائين ڏکن جو سفر،

نه قسمت اسان جي سوا تو بڻي.

سدا ساٿ رهندو حياتي سڄي،

اسان يار هڪ ٻئي جا آهيون ڌڻي.

ٻئي غزل ۾ پنهنجن کي تنبيھ جو انداز اختيار ڪري ٿو:

ڌاريو نه ٿيندئي پنهنجو،

پنهنجن ۾ ئي اجهو آڏ،

ٻئي کي وڻندئي غلامي،

نه وڻندو چم نه وڻندو هڏ.

ڪتاب جي غزل جو، هنن سٽن ۾ ڌرتي جو درد سمايل آهي:

مري ڪو موذي ويري مري،

پر هتي پيو ’مٺل‘ مري.

ھڪ ٻئي غزل جو ھڪ بند آھي:

مون ڏي نهاري پنهنجو منهن نه ڦٽاءِ،

مون سان ڪو ٻيو ئي ملي کلي پوندو!

مٺل جسڪاڻي شاعري ۾ ڪٿي ڄڻ دريا کي بوتل ۾ بند ڪيو آهي. جيئن هنن سٽن ۾ لکي ٿو:

پري آن تون،

ڇا جي ڪاڻ؟

پيار جي پرڻ ۾،

درد سڀ ڇاڻ.

خوشامدي ماڻهو جي اندر جي ڪاراڻ کي محسوس ڪندي هڪ ھنڌ لکيو اٿن:

منھان مٺڙا اندر ڪارا،

’مٺل‘ ماڻهو ڪسارا نڪتا،

 ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا.

 سنڌ جي ريتن رسمن موجب آيل کان خبرون، حال احوال ورتو ويندو آهي. عام طور تي آيل کان پڇيو ويندو آهي. “ڏي خبر خير جي” وراڻي سان شاندار وائي پڻ ڪتاب ۾ شامل آھي. جنهن کي بنا ساهي پڙهڻ تي دل چاهيندي آهي.

“ڳالهيون آهن ڳچ”، جيڪي ڪرڻ، سلڻ، لکڻ ۽ چوڻ کان رهي ويل آھن. اھا به ڪمال جي ھڪ وائي آهي.

گذريل ٻن سالن کان ملڪ جي عام و خاص، سرڪاري غير سرڪاري ادارن جي ملازمن تي ڪورونا وائرس سوار آهي. مٺل جسڪاڻي به ڪورونا ۾ ٿيل لاڪ ڊائون جي ڏکيائين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ تحرير ڪيو آهي.

جدائي جھوري پئي،

منهنجا ’مٺل‘ موچارا،

 ڪورونا لاڪ ڊائون ۾...

ٻي شادي جي شوقينن تي لکيل وائي به خوبصورت رنگ ۾ لکيل آهي:

پيو رلين ڪڏهن هن در، ڪڏهن هن در،

نه نوڪري، نه ئي ڪا زمينداري،

 شوق آ ٻي شاديءَ جو..!

عجيب ماڻهو آهين يار ’مٺل‘

 نه ڳڻتي ڪا، نه ڪا ذميواري،

 شوق آ ٻي شاديءَ جو..!

“سڌري وڃو سڌري وڃو” جي عنوان سان ھڪ نظم موجوده سماج جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو. سماج ۾ هڪ اڻ ڄاتل خوف جو ۽ غير يقيني کي، هن نظم ۾ جامع انداز سان لکيو اٿن. ان جون ڪجھ سٽون آھن:

ڪنهن ڪنهن کان ـ

انصاف ملڻ جو پڇندئو،

ڪنهن ڪنهن کان ـ

پڇڻ جي جرعت ڪندئو،

اهڙو پڇڻ جو ـ

اوهان کي حق ڪنهن ڏنو،

پنهنجي سر جو خير گهرو،

سڌري وڃو، سڌري وڃو...

مجموعي طور تي ڪتاب “چوٿين اک” ۾ مٺل جسڪاڻي شاعري جي ڪجھ صنفن تي چڱي طبع آزمائي ڪئي آهي. شاعري ۾ لفظن جا بي بها موتي جڙيل آهن. يقينن سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هن ڪتاب کي اهم مقام حاصل ٿيندو.

 

(مڊ ويڪ اسپيشل، ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ اربع ۲۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

چوٿين اک جي ساڃاھه به پاڻ سان ملڻ ئي آھي

عبدالرسول عباسي

ھي سوشل سائنس جو موضوع آھي، انجنيئرنگ ناھي، جنھن ۾ ٻه ۽ ٻه چار ٿين، ھن ۾ پنج به ٿيندا آھن ۽ ٽي به ٿيندا آھن ۽ ٻاويھ به. ميٿاميٽڪ، جيوميٽري، ٽرگنامينٽري، وغيره ۾ ٽي ڊائمينشنس ٿيندا آھن، ڊيگھ، ويڪر ۽ اوچائي، ۽ چوٿون ڊائمينشن ميٽا فزڪس، مافوق العقل، مافوق الطبعيات واري گس تان ملندو، سو معافيءَ سان گڏ سائنس ۽ روحانيت جي ذڪر ڪرڻ جي اجازت وٺندس.

اک الٽي ڌار، وؤن الٽو عام کان،

جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وھ اوڀار،

منجهان نوڪ نهار، پر پٺيرو پرينءَ ڏي. (شاھ)

اکئين ڏٺي، ڪنين ٻڌي پوءِ به سوچ ويچار ڪجي. ڇا سينس آرگنس دوکو کائيندا آھن؟ ڇا اک دوکو ڏيندي آھي، رڃ ۾ پاڻيءَ جودوکو ٿيندو آھي، اک ۾ رٽينا ڪلر رجسٽر ڪندي آھي، لامحدود ڪلر ويريئيشنس مان رٽينا فقط ڪجھ سئو ئي رجسٽر ڪري سگھندي آھي. ساڳيو حال ٻڌڻ ۽ ڇھڻ جو آھي.

مـُئي ھاٿيءَ تي مامرو، اچي پيو انڌن.

پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛

هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا. (شاه)

ذھن به ھڪ گورک ڌنڌو آھي. لاشعور ۽ تحت الشعور پنھنجي ڌنڌي ۾ لڳل ھوندو آھي، جنھن جي شعور کي ڪا ڪل ئي ناھي ھوندي! اھا ساڃاھ الٽي اک سان ئي ممڪن آھي، پر جي اھي پاڻ ۾ ٺھي پون!!! ۽ جي اسان ڀٽائيءَ سان ٺھي پئون ۽ جي اسان پاڻ سان ٺھي پئون، ته چوٿين اک جو اسرار افشان ٿي سگھي ٿو.

مانواري مٺل صاحب به انھن جي ڳانڍاپي جي گس ڏانھن اشارا ڪيا آھن. ھن ئي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته “نه ڪو لفظ لکبو نه ڪو لفظ ڳالھائبو” (ص ۵۲). خاموشيءَ ۾ اھو راز ظاھر ٿيندو آھي ۽ مرن کي به ماٺ لڳي ويندي آھي، پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائڻ سان، پاڻ سان ٺاھ ممڪن آھي ۽ چوٿين اک جي ساڃاھ به. خاموشي معنيٰ پنھنجو پاڻ سان ملڻ، اسان نان سينس قسم جي ڊوڙ ۾ رڌل آھيون، جنھن جي خبر به ناھي ته ڇو پيا ڊوڙون، سو پاڻ سان ملڻ جو وقت ئي ناھي، چپ کي منفي عمل سمجھيو ٿو وڃي. جيتوڻيڪ جن گھڻو گھڻو ڪيو، انھن ڪھڙا ڦاڙھا ماريا آھن، سواءِ تباھيءَ ۽ برباديءَ جي، اھائي الٽي اک آھي، اھائي چوٿين اک آھي.

ڪنھن کي تون ٿو وڻين،

ڪنھن کي آئون ٿو وڻان،

ڪو توکي وڻي،

ڪو ٿو مون کي وڻي،

ڪو ڪنھن کي ٿو وڻي،

ڪو ڪنھن کي ٿو وڻي،

سڀ ٿا ھڪ ٻئي کي وڻون. (ص: ۵۵)

ھي ھڪ مڪمل مثبت خيال آھي، نفرت جي گنجائش ڪانھي، پيار ئي پيار آھي، پيار مثبت خيال آھي ۽ حالت اھا آھي ته ماڻھوءَ کي پنھنجو پاڻ به نٿو وڻي. ان ڪري جو خبر ئي ناھي ته اسان آھيون ڇا؟ پاڻ مٿان تھ، ليئر چاڙھيو گھمون بصر جي ڇلڪن وانگر ۽ انھن کي پاڻ پيا سمجھون! جيتوڻيڪ اھو پاڻ ڪا ٻي شئي آھي، جنھن سان خاموشيءَ وسيلي ئي ملي سگھبو آھي.

سائين مٺل ٿو چوي “اڄ کان اوھان کي، اڳوڻو ’مٺل‘ نه ملندو” (ص ۶۳) ڇو جو پاڻ سان ملڻ لاءِ رول، پوزيشن وغيرھ جي ليئرس کي لاھڻ کانسواءِ پاڻ جي خبر پئجي نه سگھندي ۽ پوءِ غلطان ڪندا آھيون ۽ پاڻ کان نفرت ڪندا آھيون. سو مٺل ٿو چوي، “جھڙو ۽ جيئن به آھيان، آئون مطمئن آھيان” (ص ۶۹). اھو بالڪل پازيٽو ٿاٽ آھي، پنھنجو پاڻ اثبات ۾ ملندو آھي. نفيءَ ۾ نه، مثبت سوچون جوڙڻ سان سول انرجي وڌندي آھي ۽ منفي سوچن سان ڊپليٽ ٿيندي آھي. پيسفل ۽ پاورفل سول سان ئي چوٿين اک تائين پھچي سگھجي ٿو.

خوف منفي خيال آھي، خوف اتان ايندو آھي، جنھن کي خوفزدھ ڪندا آھيون، ھڪٻئي کي درد ڏيندا آھيون جو خوفزدھ ھوندا، خوفذدھ ڇو ھوندا آھيون؟ ڇو جو اڻڄاڻ ھوندا آھيون ته ڪير آھيون، ڇا آھيون؟

ڪجھ پڇڻو اٿئي ته تون ـ

آرسيءَ جي سامھون بيھي،

ان ۾ جيڪو توکي نظر اچي،

تنھن کان پڇ،

اھو ئي تنھنجي،

ڪري سگھي ٿو ـ

بھتر رھنمائي... (ص: ۷۲)

آرسيءَ ۾ پسجندڙ عڪس کي اسان مان سمجھندا آھيون، جيڪو مان نه پر منھنجو جسم ھوندو آھي، ڄمڻ کان پوءِ سڀ کان پھريان اسان جسم حاصل ڪندا آھيون. جنھن کي اسان پنھنجي سڃاڻپ سمجھندا آھيون، جڏھن ته اسان جسم جي ھر ھڪ حصي کي منھنجو چوندا آھيون، منھنجو جسم، منھنجا رشتا، منھنجو عھدو، منھنجو مذھب، منھنجي نيشنلٽي، ھر شئي جنھن کي مان چوندا آھيون، جيڪو حقيقت ۾ منھنجو ھوندو آھي، مان انھن کان قطعي الڳ ھوندو آھي. انھيءَ غلط تصور سان لاڳاپيل ھئڻ کي انا چئبو آھي، اھو غلط بليف سسٽم آھي، معني اسان سڀ اھڙيون غلطيون بار بار، لڳاتار ڪندا رھندا آھيون. “سوچ مٽبي ارادا بدلبا” (ص ۷۴)، “ھر سوچ سوچيندڙ جي محتاج آھي” (ص ۸۱).

اسان ۵۰ کان ۶۰ ھزار سوچون روزانه جوڙيندا آھيون جن ۾ پازيٽو، نگيٽو، را ۽ ويسٽ سوچون ھونديون آھن. سوچ احساس کي جنم ڏيندي آھي، احساس عمل تي اڪسائيندو آھي، عمل جي ورجاءَ سان بھيوير يا عادت جڙندي، اھا ئي ڊيسٽني يا مقدر ھوندو آھي. جيڪڏھن سوچون مثبت نه ھونديون ته پاڻ سان ملي نه سگھبو جو گھربل سگهه نه ھوندي. سول انرجي، مثبت سوچ، پاڪيزگي، معصوميت، امن، پيار، خوشي، شفقت، صبر، برداشت، احترام روح جا بنيادي ڪريڪٽرس آھن. جڏھن ته نفرت، غم، غلطيون، بيپرواھيون، ساڙ ۽ بغز نيگيٽو ٿاٽس آھن.

خوشبوئن ۾،

پليو آھيان آئون،

انڪري مون تائين،

بدبوءِ گھٽ پھچندي آھي. (ص ۷۸)

وڌيڪ مثبت سوچن جي ڪري اسان جي چوڌاري ھڪ اورا جڙندي آھي، جيڪا مظبوط ھوندي آھي. جنھن مان نيگيٽو ٿاٽ ڪراس ناھي ڪري سگھندي. ساڳي نموني منفي سوچن جي اورا مان مثبت خيال نه ٽپي سگھندو. پاڪيزگي، معصوميت، امن، پيار، خوشي، شفقت، صبر، برداشت، احترام جون سوچون جي نٿو جوڙي سگھان، ته نفرت، غم، غلطين، بيپرواھين، ساڙ، بغز جون سوچون جوڙڻ جو به حق ناھي.

ايشيا، برصغير ۽ خاص ڪري سنڌ جي حڪمت يا وزڊم ۾ فقير جي ڊيفينيشن مطابق فقير جي ڄمڻ جو مقصد سروائيو ناھي سرو آھي. خدمت ۽ فقير جي ڪنھن به عمل مان ڪو به ڊسٽرب ناھي ٿيندو. فقير خيال سان جنگ ناھي ڪندو، رايل وي سان اکيون اکين سان ملائي محسوسات حوالي ڪري ڇڏيندو آھي، بليم ناھي ڪندو، ڪمپلين ناھي ڪندو، ڪنھن جي معاملي ۾ ٽنگ ناھي اڙائيندو، ڪنڊ جھليو خاموشيءَ سان بيٺو غور سان ڏسندو رھندو آھي، باخبر ھوندو آھي ته ٽاريون ڪيئن ۽ ڪيڏانھن پيون لڏن. پنھنجا ڪم ڪاريون ڪندي، پنھنجي رستي تي ھلندو رھندو آھي، جي ڪير ساڻ ھلي ٿو ته ٺيڪ نه ته اڪيلو ئي ھلندو رھندو آھي، پورٽيبل جنت ڪلھي تي کڻي ڳائيندو وڄائيندو، نچندو ڪڏندو، ھلندو رھندو آھي.

 

(ڏھاڙي “سوڀ” ڪراچي جي ادارتي صفحي ۾ ڇنڇر ۲۹ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

“چوٿين اک” ۾ ڇا آھي؟

(جيڪو پڙھندو، ان کي خبر)

علي محمد درد سولنگي

محبتن مان موڪليل، پرپٺ جي يار مٺل جسڪاڻي جي “چوٿين اک” (شاعريءَ جو مجموعو) طالب حسين سولنگيءَ ھٿاران مليو. ھر ڀيري جيان ھي محبتون به من جي مھراڻ م ڇولين جيان ڇلنديون ۽ گلاب جي گل جيان مھڪنديون رھنديون... ڪتاب مان ڪجھ اسم اوھان سڄڻن جي سامھون رکجن ٿا.

* مون توکي سمجھڻ جي

ڪوشش ڪئي آھي گھڻي،

تو ڪڏھن ويچاريو آھي:

مون لاء پرين.!؟

*وزن اھا شيءَ آھي

جيڪا،

ٻورا ڦاڙيو ڇڏي.

*پڙھڻ کان اوھان کي

ڪھڙو تپ ٿو وٺي؟

* ڦٽن تي پھا رکڻ سکو،

لوڻ ٻرڪڻ،

اڪثريت کي اچي ٿو.

* ھر دفعي

نئين ڳالھ

نئون آۂيڊيا

مان کڻي ايندم

ڪم وڃي

اوھان پاڻ ڪريو.

* تون عقل ڪل

مڃان ٿو

مان ٺپ چريو،

جند ڇڏ،

پنھنجو گس وٺ.

* لاڪ ڊاۂون

ء تنھنجي يادن

چانھ جو

موالي ڪري ڇڏيو آھي.

* ڪير به

ڪجھ به

ڪنھنجي چوڻ سان

ڪنھنجي لکڻ سان

ٿي نه سگھندو آھي.

* منھنجو ٿئين ھا

ته ٻنھي لاءِ سٺو ھو،

ھاڻي ڏسبو ته

ڪيئن ٿي تنھنجي گذري؟

ڪيئن ٿي منھنجي گذري؟

* ڪاش!

پاڻ جيان ٻئي کي به

جيئڻ جو حق ڏيون.

* ياد ڪر

پنجٽيھ سال پوۂتي وڃ

ٽنڊو ڄام جي حوالي سان

توکي ڪجھ ياد آيو؟

ڀلا ٻيو ڪجھ نه سھي،

توکي “مٺل جسڪاڻي” ياد آيو.

اسان کي اڻ ڏٺل يار مٺل جسڪاڻي ياد آھي، ياد رھندو. ھن کي ياد آھي الاۂي نه... ان جي، ھڪ ان کي، ٻي الله کي خبر ۽ ھن “چوٿين اک” ۾ ٻيو به گھڻو ڪجھ آھي. اھا ھڪ مٺل کي ٻي اداري کي ٽئين ڪتاب پڙھندڙ کي خبر، ته “چوٿين اک” ۾ ڇا آھي؟ جيڪو ڪتاب پڙھندو، ان کي، ان جي خبر پوندي، باقي جنھن جي اکين اڳيان اھو ڪتاب نه آھي، ان جون ٻه اکيون به ڄڻ ته...

ڪتاب پڙھڻ جھڙو آھي. ضرور پڙھجو. مھرباني.

 

(روزاني آجيان شڪارپور سنڌ ۾ ۰۳ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


مٺل جسڪاڻيءَ جي شاعري جي ڪتاب تي تبصرو

مٺل جسڪاڻي جي “چوٿين اک”

اقبال بلوچ

سنڌ جي سدا مهڪندڙ سرسبز ڌرتي سدا مرڪندڙ ۽ مهڪندڙ ماڻهن سان مهڪي ۽ مرڪي پئي، هي ڌرتي ادبي ستارن سان سدا روشن ۽ جرڪندي رهي آهي. ڪن ماڻھن جا ايترا رخ ٿين ٿا جنجو تعارف ڪرائڻ يا هن تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ٿو. سنڌ جو سدا بهار ۽ هميشه منهن تي سجيل مرڪ وارو شخص “مٺل جسڪاڻي” به سنڌ جو اهو تاريخي شخص آهي، جنهنجي جي شخصيت جا ڪيترا ئي پهلو، نالي وٺڻ سان سامهون اچي ٿا وڃن. هو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي جنهن جو هر رخ شروع ٿئي ٿو ۽ ڪو به رخ ختم نٿو ٿئي. هڪ تاريخ رقم ڪندڙ جي ادبي رخ ڏانهن ويندي هنجي نئين آيل ڪتاب شاعري جي مجموعي “چوٿين اک “ جي ذڪر ڏانهن ويندس. جيڪو هاڻ ويجهڙائي ۾ مشهوري ماڻيندي منهنجي هٿن تائين پهتو. سچ ت ڪتاب جيستائي هٿن تائين نه پهتو تيستائين بي چيني ۽ آند ماند هئي ۽ جڏهن پهتو ت هڪ ويهڪ ۾ پڙهي سڪون حاصل ڪيم۔

“چوٿين اک” سندس شاعري جو پهريون مجموعو آهي، جنهن تي ليکڪ پنهنجي هن شعر ۾ ٻڌائي ٿو ت “چوٿين اک” ڪهڙي ٿيندي آهي.

هر لمحو گذري پيو،

هڪ مڪمل ۽ ڪامل استاد بنجي،

جيڪو روشن ڪري پيو،

ماڻهو جي ڄڻ،

اک چوٿين،

جيڪا نه کلندي آهي،

ڪنهن به روايتي استاد کان.۔۔

مٺل اسان کي سوچڻ کان ڄڻ بچائي ورتو ت اها “چوٿين اک” ڪهڙي ٿيندي آهي، ڇو جو “ٽي اکيون” ت اسان اڳ ۾ ٻڌيون هيون۔

سنڌ جي ادبي دنيا جي مقبول ماڻيندڙ شخص “مٺل جسڪاڻي” جو هي ٽيون ڪتاب شاعري جو مجموعو آهي، هن کان اڳ سندس ٻ ڪتاب “ سفر بخير” ۽ ڪهاڻين جو مجموعو “برسات ۽ ٻوڏ” شهرت جي بلندين تائين پهچي جڳ مشهوري ماڻي چڪا آهن ۽ سندس “چوٿين اک” جي شهرت ۽ مڃتا مان سائين ضرور مطمئن ٿيو هوندو ۽ دل خوش ٿي ويئي هوندس. آء ڪتاب جي مواد تي نظر وجهندي ڪجھ شاهڪار نثري نظمن جو ذڪر ڪندس.

شاعري جي هن مجموعي ۾ ڪجھ غزل، گيت، وايون ۽ گهڻو ڪري نثري نظم شامل آهن، زندگي جي روزمره جي ڳالهين، رونما ٿيندڙ مسئلن، تلخ تجربن ۽ گهڻن مشاهدن کي “مٺل جسڪاڻي” آسان ٻولي ۾ شاعري جو روپ ڏيئي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن، سٺي ليکڪ جو اهو ئي ڪمال آهي جو زندگي جي هر روز جي ڳالهين کي لفظن جو روپ ڏيندو آهي، ڪتاب پڙهندي ائين محسوس ٿئي ت هي ڳالھ ٻڌل آهي يا فيس بوڪ ۾ پڙهيل آهي، اسان هر روز ڪيتريون ئي ڳالهيون مذاق ۾ يا کل ڀوڳ ۾ هڪ ٻئي کي چوندا آهيون ڪمينٽس ذريعي يا پوسٽ ذريعي، انهن ڳالهين کي، انهن لفظن کي ڪو شاعري جو روپ ڏي يا ڪهاڻي جي روپ ۾ آڻي ت اهو ڪمال گهٽ ماڻهن وٽ هوندو آهي پر سنڌ جي بهترين گهڻ رخن کان لکندڙ اديب ۽ شاعر “مٺل جسڪاڻي” وٽ اهو ڪمال ضرور آهي.

ڪتاب ۾ شامل پهرين غزل ۾ هو ياد جون ويريون ورائيندي ڪنهن کي ياد ٿو ڪري،

اسان کي لڳي سڪ آهي گهڻي،

اچو يار هاڻي اسان ڏي کڻي.

جيئڻ ۽ مرڻ جا ڪيئي واعدا،

“مٺل” کي اها ڳالھ ڏاڍي وڻي.

هڪ ٻي غزل ۾ به ساڳيو سڪ جو اظهار ڪجھ هيئن آهي.

توڙي جو تون ملين نه ٿو،

پوء به آهين مون سان گڏ.

“مٺل” سان ت مرڪي مل،

ٻين جي ٻيلي پچر ڇڏ.

سٺي موسم ۽ محبوب جو پاڻ ۾ سونهن ۽ سڳنڌ ڀريو رشتو آهي، “مٺل” جي هن غزل ۾ به ظاهر ٿئي ٿو.

الئي ڇو ستايو آهي صنم،

ججهو بيزار ڪيو آهي موسم.

پنهنجن دل وارن کي ڪجھ ميار هيئن ٿو ڏي.

مٺڙا مٺڙا جيڪي سمجهيم،

اندران سڀ کارا نڪتا

ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا.

*********************

سچن سان گڏ ڪوڙا جيڪي،

اهي ئي بس دل وارا نڪتا،

ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا.

سرائڪي ٻولي هڪ مٺي ٻولي آهي، جيتري ڳالهائڻ ۾ سولي ۽ مٺي زبان آهي، لکڻ ۾ اوتري ئي ڏکي آهي، هن ڪتاب جو شاعر پاڻ به سرائڪي زبان ڳالهائيندڙ آهي. هڪ سرائڪي شاعري لکي آٿس، سرائڪي لفظ پڙهي ت ڏسو، ڪيترا مٺا ٿا لڳن۔

تيڏي پيار دا حساب ڏيوڻا پوسي،

جڏهن سو وقت آسي.

*************

جنهن وچ تيڏي پيار ديان ڳالهيان،

بس اهڙا ئي ڪتاب ڏيوڻا پوسي،

جڏهن سو وقت آسي.

*******************

“ڪرونا ۽ لاڪ ڊائون” جو وقت ڪنهن کان نه وسرندو جنهن هر انسان کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ورتو، هر ماڻهو کي وحشيت ۽ ڊپ ڏيئي گهرن ۾ قيد ڪري بند ڪري ڇڏيو، ڪيترن اديبن هن موضوع تي ڪتاب لکي ڇڏيا، “مٺل جسڪاڻي” تي به هن بري وقت جو اثر پيو. قيد ٿيل ماحول ۾ پنهنجي پرين کي هن لفظن سان ياد ڪيو آهي.

ڪرونا لاڪ ڊائون ۾،

تون ڪٿي آهين پيارا.

هڪ وار ئي هليو اچ،

تڪيان پيو ٿو چارا.

مل اچي مٺل سان،

ٿي ساه جا سهارا.

ڪرونا لاڪ ڊائون ۾.۔

*****************

ٻي شادي ڪرڻ جو سهانو خواب هر مرد جو رهيو آهي، جنهن جي تعبير چاهيندي به سڀني مردن کي نه ملي سگهي آهي، “مٺل جسڪاڻي” هيٺين شعر ۾ ۾ ڄڻ انهن مردن جي ترجماني ڪئي آهي، جيڪي ڪنهن حال ۾ نه هوندي به ٻي شادي جو شوق رکن ٿا.

نه ڪا توبهن، نه ئي ڪا زاري

شوق آ ٻي شادي جو.۔ !

لائق ت تون نه هئين پهرين جو،

پهرين زال به مائٽن پاري،

شوق آ ٻي شادي جو.۔۔۔ !

**********************

شاعري جي هن مجموعي ۾ گهڻي شاعري نثري نظمن تي مشتمل آهي، نثري نظم جي اها ئي خصوصيت آهي جو شاعر شاعري ڪندي، تمام ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالھ ڪري ويندو آهي. ڪجھ اهڙا نثري نظم به آهن جيڪي ست اٺ اکرن تي مشتمل آهن، جن ۾ وڏو ميسيج ڏنل آهي ۽ پنهنجي جڳھ تي شاعري به آهي.

ننڍڙن نظمن ۾ وڏي ڳالھ ڪري وڃڻ، يا روزمره جي ڳالهين، روز جي رونما ٿيندڙ واقعن ۽ حقيقتن تي شاعري جو روپ ڏيڻ هڪ شاعر جو ئي ڪمال هوندو آهي، انهي ڪماليت کي “مٺل جسڪاڻي” خوب نڀايو آهي. ڪي نثري نظم ت ڪمال جا نظم آهن جيئن “سڌري وڃو سڌري وڃو”،: “آئون مٺل آهيان”، “ماڻهو جي وس ۾ ڇا آهي”، “تون ۽ مان”، “سٺا ماڻهو سٺيون سوچون” ۽ “ٽائيٽل نظم چوٿين اک” پر سڄي ڪتاب ۾ مون کي جنهن نثري نظم سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو اهو نظم آهي “جيئڻ جو حق” جنهن ۾ شاعر پنهنجن ننڊڙين ڳالهين سان هر قسم جي مزاج رکندڙ ماڻهو کي شاعري جي سولن ۽ مٺي انداز سان پيغام ڏيئي ويو آهي.

مجموعي طرح “مٺل جسڪاڻي” جهڙي طرح گهڻ رخي لکندڙ اديب جي حيثيت رکي ٿو، اهڙي ئي حساب سان هي شاعري جو مجموعو “چوٿين اک” آڻي ڄڻ ادبي ميدان ۾ پڙهندڙن جون دليون کٽيون آهن.

ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي بهترين، عوامي ۽ مزاحيه شاعري ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪندڙ محترم “نسيم بلوچ” پنهنجي منفرد عنوان “چوٿين اک سان اک ٽيٽ” پنهنجي منفرد انداز سان لکيو آهي، مون کي لڳو ت نسيم بلوچ پنهنجو لکيل مهاڳ شارٽ واري انداز ۾ لکيو آهي جهڙي طرح هنجي لکڻ جو انداز آهي، هو اڃا ڪجھ ٻه صفحا وڌيڪ لکي ها، ائين لڳو ڄڻ ڪا ڳالھ اڌ ۾ رهجي ويئي. بهرحال جيڪو ب لکيو اٿس بهترين لکيو اٿس.

“آغا جان آغا” سنڌ جو سريلو شاعر ۽ اديب آهي هنجي لکڻ جو انداز به منفرد آهي، هن ڪتاب ۾ هنجو لکيل پيش لفظ “مٺل پنهنجي رمز ۾ ڀلو” هڪ جاندار انداز ۾ لکيو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جي بهترين شاعر “جعفر جاني” بيڪ ٽائيٽل تي مختصر پر جامع لکيو آهي.

“امرتا پبليڪيشن” کي هن بهترين مجموعي آڻڻ تي دلي واڌايون ڌيندس، يقينن امرتا سٿ جون هن ڪتاب آڻڻ ۾ ذاتي ۽ دلي ڪوششون ورتيون هونديون۔

آخر ۾ آئون محترم مٺل جسڪاڻي کي مجموعي طرح ٽين ڪتاب ۽ شاعري جي پهرين مجموعي “چوٿين اک” جي اشاعت تي لکين مبارڪون ڏيندي دعائون ڪندس ته سنڌ جي هن بهترين قلمڪار جو قلم سدا لکندو رهي ۽ سندس لکڻين کي سدا سوڀ ملندي رهي. قلم جي سگھ اڃا وڌندي رهي. سندس ڪتابن کي امرتا ملندي رهي، اميد ته سندس هي ڪتاب به پڙهندڙن جي دلين ۾ جاء والاري هوندي ۽ ادبي کيتر ۾ پنهنجو مقام ماڻيندو. آمين

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ آچر ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

“چوٿين اک”

ادبي ڪارج کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي

نم مھيسر

شاعري جو آ پنڌ پري

ڪھاڻيون ڪوھين ڏور

مضمون مور نه ويجھو

ناول جو به نبيرو ڏکيو

وات ھڻڻ جنھن سکيو

مٺل کي اوهان ڇڏيو

مٺل پنھنجي رمز ۾ ڀلو

جھڙيون سون سريکيون ۽ سھڻيون سٽون سرجيندڙ سھڻو سائين مٺل جسڪاڻي پنھنجي نالي جيئن مٺڙو ۽ من موهيندڙ ماڻھو آهي. جنھن سان به ٻاجھ مان ٻه ٻول ٻولي ته مون وانگر ڪئين مٿس مستان ٿيو پون. منھنجي ساڻس پھرين ملاقات پياري استاد سائين برڪت علي ڪريمي ابڙي جي فرزند جي شادي ۾ نصرپور ۾ ٿي ان وقت مون کي ايئن لڳو ڄڻ ساڻس ورھين جو واسطو ۽ سالن جي سڃاڻپ ھجي .. اھڙي ته کليل دل سان ھجتون، ڀوڳ چرچا گلن جھڙي گفتار جو سچ پچ ھميشه لاءِ ٻڌو ٻانهون بڻائي ويو.

مون کيس صرف فيس بڪ سارو ئي پڙھيو آھي. منھنجي مجبوري اھا آھي جو فيس بڪ تي ڪا شيء يا لکڻي مون کي ايترو مزو نه ڏيندي آهي، جيترو لطف انداز ۽ محظوظ ڪتاب ڪندو آھي. سو مون سان پيار ڪندڙ فقير محمد ڍول جا لک قرب ۽ وڏا وڙَ جنھن ھن مھيني واري ماھوار امرتا سان گڏ سائين مٺل جسڪاڻي جي “چوٿين اک” به ڏياري موڪلي. سو منھنجي لاءِ ڄڻ ته عيد ٿي وئي. پھرين فرصت ۾ “چوٿين اک“ کوليم ڇا ڏسان يار!. اصل نرالو وکر وھايل ھو. ڇا ته فلسفو ويھي لفظن ۽ خيالن ۾ اوتيو اٿائين!! ڇا ته راڻي جي رمز آ!! سادگيءَ سان سماج جي ڪمزورين کي ھلڪي ڦلڪي مزاح جي رنگ ۾ رنگي اھڙو ته تاڃي پيٽي جي اڻت ۾ اڻيو اٿس، جو ذرو به زوق رکندڙ پنھنجا ٻئي ھٿ مٿي تي رکي سوچڻ تي مجبور ٿي سندس وسعت ۽ جدت پسنديءَ کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگھندو.

ڇا ٿو ڪري سگھان؟

آئون آھيان،

ھڪ عام،

معمولي ماڻھو....

اوھان کي جيڪڏھن،

خوش نه ٿو ڪري سگھان،

اوھان کي رنجائڻ جو به،

مون کي،

ڪو حق ناھي ..

چوندا آھن ته سچ چوڻ، سچ ٻُڌڻ ۽ سچ برداشت ڪرڻ دنيا جو ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم آھي. مٺل سائين ھڪ ڏاھو ۽ استاد ماڻھو آھي. پر آئون چوندس ته استادن جو به استاد آھي. پاڻ معاشري ۽ سماج کان چڱيءَ طرح واقف آهي. ته اسان وٽ ڪير به سڌو سنئون سچ چوڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ تيار نه ھوندو آھي. ان لاء يا ته چريو ٿيڻو پوندو آهي جو چرين تي ڪھڙي ميار يا ڀوڳن چرچن جو سھارو وٺڻو پوندو آهي .

مٺل سائين به اھا ئي واٽ ورتي آهي ھلڪڙيون ھلڪڙيون چھنڊڙيون ھڻي مامرن کي منھن ڏنو آهي.

جيئن:

پاڻي سڀني کي گھرجي

ڪن کي پيئڻ لاء

ڪن کي من جي مير ڌوئڻ لاء

ڪن کي جيئرو رھڻ لاء

ڪن کي ٻڏي مرڻ لاءِ

پاڻ سڀني کي گھرجي.

جيڪا پيڙا ۽ ڪيفيت کانئس شعر لکرائي ٿي. پڙھندڙ به اوترو ئي ان ڀوڳنا ۽ پيڙا مان گذري ٿو. سندس پڙھندڙ ڪڏھن روئڻھارڪو ھوندي به کلي ڏي ٿو ته ڪڏھن کلندي کلندي به روئي ويھي ٿو. اھا سندس خيالن ۽ لفظن جي ڪاريگري، ڏات ۽ ڏاھپ وارو ڏانٔ آھي، جو ھن جي شاعريءَ ۾ تخليقي عڪس پاڻ مرادو جڙي پون ٿا. ھي ھڪ جداگانه اسلوب رکندڙ شاعر آهي. ھي شاعري ڪري نه ٿو پر ھن کان شاعري ٿي ويندي آهي.

خوش ھوندي ڏک جو اظهار ڪر،

ڏک۾ ھوندي خوش ھجڻ جو چئو،

ڪنھن کي تون انت نه ڏي،

ظاھري طور شاعر ٿي گذار.

ھن جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ۽ خيال اسان جي سنڌي شاعريءَ۾ ھزارين ڀيرا استعمال ٿيل آھن. پر ان جي باوجود ھتي اھي عام رواجي لفظ ۽ خيال اھڙي ته با معني انداز ۾ ڪم آندل آهن. جو ائين ٿو لڳي ڄڻ ته انھن جو اھڙو خوبصورت استعمال پھريون ڀيرو ٿيو آهي يا ائين کڻي چئجي ته ھن وٽ ھڪڙو اھڙو فن (Art) آھي. جنھن سان ھو دل کان دل تائين پهچڻ جو رستو ٺاھي وٺندو آهي. جيئن دنيا جا سمورا فاتح صرف سرحدن ۾ قيد ٿيل ملڪ ته فتح ڪري سگهن ٿا پر دليون نه!! دلين کي فتح ڪرڻ جي اھا حڪمراني ڪنھن به سڪندر جي مقدر ۾ نه رھي آھي ۽ نه رھندي. پر مٺل سائين جا اڪثر شعر دلين۾ ڌڙڪن پيدا ڪندڙ ۽ جادوئي اثر رکن ٿا. تخليقي حسن، انفراديت ۽ سندس سڃاڻپ بڻيل انوکي اسٽائل دلين کي فتح ڪري ورتو آهي.

مرڪي مل مونسان تون، منھنجا اي مٺل

ھي تنھنجو جھوريل جاني جيء پوندو.

 يا

پيار جي پرڻ ۾،

درد سب ڇاڻ.

ڪر ڪو قرب،

يار مٺل ساڻ .

مٺل سائين اسان جا ماڻ، ماپا، ريتون، رسمون ۽ قدر جيڪي ھاڻ مٽجي يا بلڪل ختم ٿي چڪا آهن جيئن اسان جي ڳوٺاڻي اوطاق، جتي سموري ثقافت جا رنگ اجاگر ۽ زنده ٿيندي پئي آيا اھا تقريبن پنھنجو دم ڌڻي حوالي ڪري چڪي آھي. مٺل سائين ان جي ھڪ رنگ کي انوکي ۽ پر اثر انداز ۾ جيڪا خبر چار ۽ حال احوال وٺبا ھئا ان جي ھڪ جھلڪ پسائي آھي.

ڪھڙا آھن حال پرين !

 ڏي خبر خير جي.

منھنڙو نه ڏيکاريئي،

ويا گذري سال پرين!

 ڏي خبر خير جي .

قرب ڪونھي ڪو ڪٿي،

ڪيئن ٿيو ڪال پرين !

 ڏي خبر خير جي.

بھرحال سموري سماج جون سٺايون ۽ مَٺايون، ڪرب ۽ درد اسان کي محسوس ڪرائڻ ۾ بلڪل ڪامياب ويو آهي ۽ پنھنجا شاعراڻا تجربا اسان اڳيان پيش ڪيا اٿس. انھن جي ادبي ڪارج کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي.

منھنجي سائين مٺل لاءِ بس اھا دعا آهي ته چوٿين اک جھڙيون اکيون ڏيکاريندو رھي .

 

(روزاني آجيان شڪارپور، سومر ۰۷ فيبروري ۲۰۲۲ع)


 

 

ڪتاب “چوٿين اک”

طالب حسين سولنگي

ڪتاب “چوٿين اک” هن ڪتاب جو ليکڪ مون ناچيز جي لفظن جو محتاج ناهي، نه ئي مان اهڙن لفظن جو چونڊ ڪري سگهندس، جيڪي لفظ هن ليکڪ جي شخصيت تي پورا لهي سگهن!

مان هن ليکڪ کي مختلف طريقن سان ڏٺو آھي، مان شاگرد بڻجي هن کي هڪ بهترين استاد طور ڏٺو، مون عام ماڻهون بڻجي، هن کي هن جي اندر ۾ هڪ وڏي دل ۽ وڏو انسان هوندي ڏٺم، مون سائنس کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ته، مون هن کي هڪ وڏو سائنسدان پڻ ڏٺو، مون علم زراعت پرکڻ شروع ڪيو ته، تڏھن به هن کي زرعي ماهر طور ڏٺم، طور

۽ مون جڏھن ادب جي دنيا ۾ پير پاتو تڏھن به هن ئي شخصيت کي ليکڪ ڏٺم، ۽ پوء مون هن شخصيت کي زندھه لائبريري جو نالو ڏنو، تنهن جو اصل نالو پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي آھي!

سر مٺل صاحب پاڻ سڄي عمر علم زراعت ۽ سنڌ جي زراعت جي خدمت ۾ ئي گذاري آھي، ۽ اڄ به پاڻ ڪيترن ئي ماڻهن جو حوصلو پڻ بڻيل آھن..

هونئن ته سندس جا ڪيترائي سائنسي ڪتاب، مضمون، انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولي ۾ لکيل آھن، پر پروفيسر صاحب سنڌي ادب ۾ پڻ خوب پاڻ ملهايو آھي!

ڪتاب “سفر بخير” ۽ “برسات ۽ ٻوڏ” پڻ سندس ادبي خدمتن جو اعليٰ ۽ زنده مثال آھن! ان کانپوءِ سندس تازو آيل شاعري جو ڪتاب، “چوٿين اک” پڻ ھن وقت پڙهندڙن جي توجھه جو مرڪز بڻيل آھي.

مون کي اعزازي ڪاپي طور مليل پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي جو هيءۡ ڪتاب شاعري جي ٽن صنفن تي مشتمل آھي، تن ۾:

غزل، وايون ۽ نظم لکيل آھن.

هڪ غزل هي به دل سان لڳو ته:

اچ تون هاڻ،

ملون پاڻ.

پيار جو تون ڏي،

اڻ ميو ماڻ.

هجون ڇو نه،

هڪٻئي ساڻ.

پري آن تون،

ڇا جي ڪاڻ.

پيار جي پرڻ ۾،

درد سڀ ڇاڻ.

ڪر ڪو قرب،

يار 'مٺل' ساڻ.

هڪ وائي ۾ موجوده دور جي سچ کي پيش ڪندي لکي ٿو ته:

مٺڙا مٺڙا جيڪي سمجهيم،

اندران سڀ کارا نڪتا،

ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا!

سچن سان گڏ ڪوڙا جيڪي،

اهي ئي بس دل وارا نڪتا،

ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا!

روشن روشن راتين ۾،

چنڊ ڪتيون تارا نڪتا،

ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا!

جيڪي به هئا جوڌا جوان،

سي ئي هينئين هارا نڪتا،

ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا!

منهان مٺڙا اندر ڪارا،

'مٺل' ماڻهون ڪسارا نڪتا،

ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا!!

۽ هڪ نظم هي به اٿس ته:

شعوري طور،

نفرت جو ٻج ڇٽڻ،

ٻج جي آبياري ڪرڻ،

ڦٽل سلي کي سنڀالڻ،

خواهش وري۔

پيار جي فصل جي!

هن ڪتاب جو مهاڳ، سانگهڙ جي مزاحيه شاعر نسيم بلوچ لکيو آھي، پيش لفظ آغا جان آغا، ۽ بيڪ ٽائٽل جعفر جاني لکيو آھي.

۱۲۵ صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت فقط ۳۰۰ روپيه رکي وئي آھي، ۽ هيء ڪتاب امرتا پبليڪيشنس حيدرآباد پاران ڇپيو ويو آھي!

 

(روزاني آجيان شڪارپور سنڌ، اڱارو ۸ فيبروري ۲۰۲۲ع)


 

ڪتاب “چوٿين اک” ۾ اکين ڇا ڏٺو؟

ڊاڪٽر رضا چانڊيو

پروفيسر مِٺل جسڪاڻي کي پيار ۾، ڪتاب جي حوالي سان ميار وارو ميسيج ڪيم ته تُرت جواب ڏيڻ کانپوءِ فون ڪال ڪيائين ۽ اڌ ڪلاڪ جي اندر، خود ڪتاب سميت منهنجي ڪلينڪ تي پُهچي ويو. ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ان سان گڏ حيرت به ٿي ته کيس ڀانئڻ، نڀائڻ ۽ ڪنهن جي دل رکڻ جو ڪهڙو نه سهڻو سليقو ۽ ڏانءُ آهي. ھونئن به مٺل جسڪاڻي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ سنڌي ٻوليءَ جو هي ناميارو سدا بهار ليکڪ، اديب، دانشور، سماج سڌارڪ، شاعر ۽ زرعي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ، انسان دوست، سڀني جو خيرخواه ۽ بهترين انسان آهي. ڪنهن به موضوع تي لکڻ، هن لاءِ ڪوبه مسئلو نه آهي.

وقت ۽ حالتن تي گهري نظر رکڻ وارو، وسيع مُشاهدي ۽ مطالعي جو مالڪ، هزار اختلافن ۽ ناانصافين جي باوجود، پاڻ سنڀالڻ، خود کي به سچ چوڻ جو حوصلو رکندڙ، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ وارو، باشعور ۽ بااخلاق هميشه اجتماعي سوچ رکڻ وارو، زماني سان هلڻ ۽ هر موضوع تي لکڻ جي مهارت ۽ ڏانءُ ڪو هن کان سکي! ڪتاب جي نالي مان ئي سندس سوچ جي گهرائي جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، وقت ۽ حالتن مان سبق پرائي، جيڪو “چوٿين اک” رکي ٿو، اهڙو سڄاڳ ليکڪ مونکي گهٽ ۾ گهٽ ٽنڊوڄام ۽ ان جي پسگردائي ۾ نٿو سُجھي!

ٽنڊو ڄام ۽ مٺل ڄڻ هڪ ٻئي جي سڃاڻ آهن. ٽنڊوڄام ۾ في الحال مٺاس جي حوالي سان، هڪ سنڌڙي انب مشهور آهي ۽ ٻيو آهي- مٺڙو مٺل جسڪاڻي! فيس بُڪ هُجي، ڪا اخبار هُجي يا رسالو، هر هنڌ سندس ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ذڪر ضرور ملندو! سندس دوستيءَ جو تمام وسيع حلقو آهي. گهر، مٽ مائٽ، سنگت ساٿ، دوست احباب، سڀنيءَ سان نيازمندي سان نڀائڻ لاءِ کيس جس هجي! الاءِ ڪيئن ٿو هر هنڌ پورو پوي!؟

هر تخليقڪار جي پنهنجي سوچ لوچ، پڙهڻ پرکڻ جي اک، علمي صلاحيت سان گڏوگڏ فڪر ۽ احساس ٿين ٿا. جنهن مان ڪا تخليق ٻج جيان ڦٽي نکري نروار ٿئي ٿي. جيتري گهري سوچ ۽ فڪر هوندو تخليق به ايتري جاندار، پختي ۽ پُر اثر بڻجندي. هر ليکڪ پنهنجي تجربي، فن ۽ مهارت جي آڌار تي، ڀرپور اظهار لاءِ، ڪو شاعري جي چونڊ ڪري ٿو. ته ڪو وري نثر، ڪالم يا ڪهاڻي جي صورت ۾، پنهنجا ويچار ونڊي ٿو.

مٺل سائين جو تازو ڇپيل ڪتاب “چوٿين اک” شاعري جو مجموعو مُنهنجي هٿ ۾ آهي. امرتا جي طرفان ڇپيل ۱۲۵ صفحن جي هن ڪتاب ۾ ۸ غزل، ۹ وايون ۽ ۱۳۹ ننڍا وڏا نثري نظم شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ محترم نسيم بلوچ صاحب، پيش لفظ آغا جان آغا صاحب ۽ بيڪ ٽائيٽل تي محترم جعفر جاني جون ڪجھ سٽون لکيل آهن، ڪتاب جو خُوبصورت ٽائيٽل محترم عبدالرسول عباسي جي طرفان ٺاهيل آهي. اداري پاران غير روايتي شاعر جي غير روايتي شاعري جي عنوان سان، محترم فقير محمد ڍول پنهنجا ويچار ونڊيا آهن. “چوٿين اک” جي سِري هيٺ ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت ۳۰۰ روپيه رکي وئي آهي. مٺل سائين هن ڪتاب ۾، پنهجي خيالن جو اظهار، شاعري جي روپ ۾، بهترين انداز ۾ ڪيو آهي. حالانڪ سندس چوڻ آهي ته “شاعري جو پنڌ پري ۽ ڏاڍو ڏکيو آهي، مون ڪڏهن به شاعر هجڻ جي دعويٰ نه ڪئي آهي.”

سندس پهريون ڏنل غزل مون کي ته تمام گهڻو سٺو لڳو.

اسانکي لڳي سڪ آهي گهڻي،

اچو يار هاڻي، اسان ڏي کڻي.

سدا ساٿ رهندو، حياتي سڄي،

اسان يار هڪ ٻئي جا، آهيون ڌڻي.

ٻئي غزل جو پهريون بند به واهه جو آهي.

توڙي جو تون ملين نه ٿو،

پوءِ به آهين، مون سان گڏ...!

يا هن غزل جون هي سِٽون ته پڙهي ڏسو، جيڪو پيار ڪري ٿو سو ڪهڙين بيقرار ڪيفتين، اذيتن ۽ پيڙا مان گذري ٿو جو کيس هڪ پل به پرينءَ کان پري رهڻ مُشڪل ٿيو پوي.

ٿيو توسان جڏهن کان پيار آهي،

مو سان گِدري واري ڪار آهي!

سوا تنهنجي پرين، نٿي مُنهنجي سري،

مون توکي چيو هر بار آهي.

هاڻ توهان ئي ٻڌايو، ڪير چوندو ته مِٺل سائين پختو شاعر ڪونهي. ڪڏهن ڪڏهن سائين سنجيده قسم جي مزاق به ڪندو آهي. حليم طبيعت رکندڙ، ڪڏهن ڪڏهن نياز نوڙت ۽ نماڻائي ۾ خود کي گهٽ ڪري پيش ڪرڻ به اعليٰ ظرف جي نشاني آهي. مِٺل سائين جون وايون به بيمثال آهن.

ڪهڙا آهن حال پرين،

ڏي خبر خير جي،

قرب ڪونهي ڪو ڪٿي،

ڪيئن ٿيو ڪال پرين،

ڏي خبر خير جي.

سؤ اوڻيتاليھن نثري نظمن ۾ سائين مِٺل جسڪاڻي صاحب، پنهنجي گذريل زندگيءَ جا مُشاهدا، تجربا ۽ اکين ڏٺا منظر، حق تلفين، ناانصافين، بي رحم روين، نينهن، عشق، سِڪ، کريون ڳالهيون، سچ، ڏک، حيرتون، حسرتون، سوچ، حال مستقبل، جيئڻ جو حق، سبق، نصيحت، ٽنڊوڄام سان پيار ۽ نه ڇڏڻ جو وچن واعدو، نصيب ۽ مقدر جھڙن موضوعن تي ويچاريو آهي. سڄو ڪتاب سون آهي، پڙهڻ وارن کي خريد ڪري ضرور پڙهڻ گهرجي. آخر ۾ مٺل سائين لاءِ اهو پيغام، ڏيندس ته: “تمام سٺو ٿا لکو، توهان لکندا رهو ۽ اسان پڙهندا رهون، مونکي هي ڪتاب تمام گهڻو وڻيو.”

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

مٺل جسڪاڻي جي شاعري ۾ لفظن جا بي بها موتي جڙيل آهن

ڪتاب “چوٿين اک” تي هڪ نظر

عبدالله جروار

مٺل جسڪاڻي حساس مزاج معاشري تي گهري نظر رکندڙ ۽ ان جي چڱاين لڱاين کي پنهنجي لفظن ۾ اظهارڻ تي وڏي دسترس رکن ٿا. ڪٿي ڳالھ کي سڌو چوڻ ته ڪٿي رومال ۾ ويڙهي ڳالھ ڪرڻ، مٺل جو ئي ڪمال آهي. ھن جنهن ماحول ۾ جنم ورتو، اهو زرعي ڳوٺاڻو ماحول هو، پر “سون تي سهاڳو” تڏهن لڳو جڏھن زراعت کي سائنسي انداز سان پڙهي لکي ان قابل ٿيو، جو زراعت بابت پڙهائيندي پڙهائيندي خبر ئي نه پئي عمر عزيز جو چڱو خاصو حصو گذري ويو.

مٺل جسڪاڻي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان گڏ لکڻ جو ڪم به جاري رکيو، جو تواتر سان سوين مضمون اخبارن ۽ سوشل ميڊيا ذريعي سندس پڙهندڙن تائين پهتا، جن جو موضوع زراعت سان گڏ سماج، روزمره جي زندگي سان لاڳاپيل شيون ۽ مسئلا رهيا. انهن سمورين ڳالهين کي اظهارڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه آهي. پر مٺل جسڪاڻي کي پنهنجي جذبن ۽ احساسن کي، پنهنجن لفظن ۾ خوبصورت انداز سان اظهارڻ تي قدرت حاصل آهي. سندس ڪافي ڪتاب مختلف موضوعن تي شايع ٿي چڪا آهن.

“چوٿين اک” ڪتاب مٺل جسڪاڻي جي شاعري جو ڪتاب آهي. الله پاڪ هر انسان کي جسماني لحاظ کان ٻه اکيون عطا ڪيون آهن، جن سان دنيا جون رنگينيون ڏسبيون پسبيون آهن. ڏاھن ٽين اک علم کي سڏيو آهي. مٺل هن ڪتاب “چوٿين اک” جو فلسفو پيش ڪيو آهي. ان کي سمجهڻ، ڏسڻ پسڻ لاءِ مٺل جي دل جهڙي حساس دل ۽ ذهن هجڻ لازمي آھي. اسان جي دماغ جهڙي ٿلهي دماغ ۾ اهي ڳالهيون مڙئي گهٽ ويهنديون آهن.

خير، مٺل جسڪاڻي جو تازو ڇپيل ڪتاب “چوٿين اک” بهترين ڪتاب آهي. خوبصورت ٽائيٽل تي خوبصورت آرٽ جنهن ۾ هڪ اک عيان آهي. جيڪا ڪتاب جي عنوان کي اجاگر ڪري ٿي. ڪتاب جي ارپنا به گهڻ رخي آهي. مطلب سڀئي خوش. شاعر به خوش، شاعري ڪرڻ جا خواهشمند توڙي پڙهندڙ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندڙ به خوش. واھ واھ سائين واھ.

“اداري طرفان نوٽ” فقير محمد ڍول جي تحرير، جنهن ۾ ڪتاب جو تعارف خوبصورت لفظن ۾ ڪرايو آهي. نسيم بلوچ جو لکيل “مهاڳ” جنهن جو عنوان به دل لڀائيندڙ “چوٿين اک سان اک ٽيٽ” آھي. نسيم بلوچ خوبصورت انداز سان مهاڳ لکيو آهي. مهاڳ پڙهڻ سان پڙهندڙ جو ڪتاب پڙهڻ ڏانهن تجسس وڌي ٿو. “مٺل پنهنجي رمز ۾ ڀلو” جي عنوان سان سائين آغا جان آغا، جنهن کي آئون مرشد سڏيندو آهيان، بهتر نموني نباهيو آهي. آغا جان جو مٺل جسڪاڻي سان گهڻو ويجهڙائي جو تعلق رهيو آهي. ڪتاب مان ڪجهه چونڊ اسم:

شاعري جو آ پنڌ پري،

ڪهاڻيون ڪوهين ڏور،

مضمون مور نه ويجهو،

ناول جو به نبيرو ڏکيو،

وات هڻڻ جنهن سکيو،

مٺل کي اوهان ڇڏيو

مٺل پنهنجي رمز ۾ ڀلو.

ان کان اڳ “پنهنجي پاران” معنيٰ ليکڪ پاران بقلم خود صاحبِ ڪتاب “شاعريءَ جو پنڌ پري ۽ ڏاڍو ڏکيو آھي” عنوان سان ڪتاب بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

ڪتاب ۾ شايع ٿيل پهريون غزل به ڏک کي ڇڪيندڙ آهي. خاص طور تي هي سٽون:

ڪٽيو آ سدائين ڏکن جو سفر،

نه قسمت اسان جي سوا تو بڻي.

سدا ساٿ رهندو حياتي سڄي،

اسان يار هڪ ٻئي جا آهيون ڌڻي.

ٻئي غزل ۾ پنهنجن کي تنبيھ جو انداز اختيار ڪري ٿو:

ڌاريو نه ٿيندئي پنهنجو،

پنهنجن ۾ ئي اجهو آڏ،

ٻئي کي وڻندئي غلامي،

نه وڻندو چم نه وڻندو هڏ.

ڪتاب جي غزل جو، هنن سٽن ۾ ڌرتي جو درد سمايل آهي:

مري ڪو موذي ويري مري،

پر هتي پيو ’مٺل‘ مري.

ھڪ ٻئي غزل جو ھڪ بند آھي:

مون ڏي نهاري پنهنجو منهن نه ڦٽاءِ،

مون سان ڪو ٻيو ئي ملي کلي پوندو!

مٺل جسڪاڻي شاعري ۾ ڪٿي ڄڻ دريا کي بوتل ۾ بند ڪيو آهي. جيئن هنن سٽن ۾ لکي ٿو:

پري آن تون،

ڇا جي ڪاڻ؟

پيار جي پرڻ ۾،

درد سڀ ڇاڻ.

خوشامدي ماڻهو جي اندر جي ڪاراڻ کي محسوس ڪندي هڪ ھنڌ لکيو اٿن:

منھان مٺڙا اندر ڪارا،

’مٺل‘ ماڻهو ڪسارا نڪتا،

 ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا.

 سنڌ جي ريتن رسمن موجب آيل کان خبرون، حال احوال ورتو ويندو آهي. عام طور تي آيل کان پڇيو ويندو آهي. “ڏي خبر خير جي” وراڻي سان شاندار وائي پڻ ڪتاب ۾ شامل آھي. جنهن کي بنا ساهي پڙهڻ تي دل چاهيندي آهي.

“ڳالهيون آهن ڳچ”، جيڪي ڪرڻ، سلڻ، لکڻ ۽ چوڻ کان رهي ويل آھن. اھا به ڪمال جي ھڪ وائي آهي.

گذريل ٻن سالن کان ملڪ جي عام و خاص، سرڪاري غير سرڪاري ادارن جي ملازمن تي ڪورونا وائرس سوار آهي. مٺل جسڪاڻي به ڪورونا ۾ ٿيل لاڪ ڊائون جي ڏکيائين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ تحرير ڪيو آهي.

جدائي جھوري پئي،

منهنجا ’مٺل‘ موچارا،

 ڪورونا لاڪ ڊائون ۾...

ٻي شادي جي شوقينن تي لکيل وائي به خوبصورت رنگ ۾ لکيل آهي:

پيو رلين ڪڏهن هن در، ڪڏهن هن در،

نه نوڪري، نه ئي ڪا زمينداري،

 شوق آ ٻي شاديءَ جو..!

عجيب ماڻهو آهين يار ’مٺل‘

 نه ڳڻتي ڪا، نه ڪا ذميواري،

 شوق آ ٻي شاديءَ جو..!

“سڌري وڃو سڌري وڃو” جي عنوان سان ھڪ نظم موجوده سماج جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو. سماج ۾ هڪ اڻ ڄاتل خوف جو ۽ غير يقيني کي، هن نظم ۾ جامع انداز سان لکيو اٿن. ان جون ڪجھ سٽون آھن:

ڪنهن ڪنهن کان ـ

انصاف ملڻ جو پڇندئو،

ڪنهن ڪنهن کان ـ

پڇڻ جي جرعت ڪندئو،

اهڙو پڇڻ جو ـ

اوهان کي حق ڪنهن ڏنو،

پنهنجي سر جو خير گهرو،

سڌري وڃو، سڌري وڃو...

مجموعي طور تي ڪتاب “چوٿين اک” ۾ مٺل جسڪاڻي شاعري جي ڪجھ صنفن تي چڱي طبع آزمائي ڪئي آهي. شاعري ۾ لفظن جا بي بها موتي جڙيل آهن. يقينن سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هن ڪتاب کي اهم مقام حاصل ٿيندو.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ سومر ۱۴ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب “چوٿين اک” مان...

چونڊ: عاجز ڇٽو

ھڪ ٿيندو آھي ڪتاب پڙھڻ، ٻيو ٿيندو آھي ڪتاب پڙھي بي رِيا رايو ڏيڻ، ٽيون ٿئي ٿو ڪتاب مان چونڊ ڪرڻ. ڪتاب مان چونڊ جا ڀلي ته ڪھڙا به سبب ۽ رخ ھجن، آئون سمجهان ٿو ته چونڊ ۾، چونڊ ڪندڙ جي جذبن جي به عڪاسي ٿئي ٿي، ان جي اندر جو اظھار به ٿي سگهي ٿو. اڏيرولال اسٽيشن جي نوجوان شاعر عاجز ڇٽي جي ھيٺئين فيس بوڪ پوسٽ، مون لاءِ اتساھيندڙ آھي، اوھان به پڙھو. (مٺل جسڪاڻي)

چونڊ اسم ھيٺ ڏجن ٿا.

۱. وائي:

ڪهڙا آھن حال پرين

 ڏي خبر خير جي

منهنڙو نه ڏيـکاريئي

ويا گذري سال پرين

 ڏي خبر خير جي

ڪونه پيو ڪو پل گذري

اکيون ٿي ويون لال پرين

 ڏي خبر خير جي

قرب ڪونهي ڪو ڪٿي

ڪيئن ٿيو ڪال پرين

 ڏي خبر خير جي

مـٺـل سـان ٿـي مـٺـل

مٺل سان نه ڪر تال پرين

 ڏي خبر خير جي

۲. نثري نظم ـ۱

پاڻ

جڏهن به

پاڻ ۾ ملنداسين

تفصيل سان ڳالهائينداسين

 

نثري نظم ـ ۲

تون بادل ڏسي

ڀلي خوش ٿي

مارو پڌري پٽ آھن

منهنجا ٿا ڏيل ڏڪن

نثري نظم ـ ۳

هڪ لفظ آھي ماٺ

ٻيو لفظ آھي مصلحت

تون ٻڌاءِ

ماٺ ڀلي يا مصلحت.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ اربع ۱۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ڪتاب “چوٿين اک” جو جائزو

اظھر امر

“ڇوٿين اک” ڪتاب جو ٽائيٽل ئي مزيدار آهي، ڪتاب جو ٽائيٽل پڙهڻ کان پوء هڪ سوچ ۾ گم آهيان، ليکڪ کي اُهو خيال ڪئين آيو جو هن پنهنجي ڪتاب جو نانء “چوٿين اک” رکيو؟..

انسان جون اکيون ٻه، جيڪي دنيا جي هر منظرڪشي کي پنهنجي اکين ۾ پَسن ٿيون، ۽ ٽئين اک تعليم آهي، جنهن جي ڪري توهان /اسان کي ڄاڻ جا خزانا حاصل ٿين ٿا.

هي “چوٿين اک” عجيب/ تعجب ڏياريندڙ نالو آهي! خير “چوٿين اک” ڪتاب جو تخليقڪار اڳ ئي ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي. جيڪو منهنجي نظر ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج ڪونهي..

ڪتاب “چوٿين اک” شاعري تي مشتمل آهي، جنهن ۾ غزل، نظم، نثري نظم ۽ وائيون شامل آهن. شاعري جي جهان ۾، هر ماڻهو جي ذهن ۾ ايندڙ خيال، جڏهن ڪورن ڪاغذن تي اُتارجن ٿا. تڏهن شاعري جي ڪنهن نه ڪنهن صنف جي ڪا نه ڪا تخليق جُڙي پوي ٿي.

ٿيو توسان جڏهن کان پيار آهي،

مون سان گدري واري ڪار آهي.

غزل جي مطلع واري سٽ ڪمال جي آهي، شاعر سان هميشه گدري واري ڪار هوندي آهي..

آ شام صبح ۽ رات و ڏينهن

هر پل ۾ سڄڻ تنهنجي سار آهي.

صبح شام ڪنهنجي ياد اچڻ کي سار چئجي ٿو، جيڪا من ۾ هڪ تڙپ پيدا ڪندي آهي.

اچ تون هاڻ

ملون پاڻ..

ڪيڏا نه خوبصورت خيال آهن، تون اچ تي ملڻ ٿيندو..

هجون ڇو نه،

هڪ ٻئي ساڻ.

ھڪ ٻئي سان گڏ هجڻ سان ئي محبتون وڌن ٿيون، تڏهن شاعر اڳين بند ۾ لکي ٿو...

ڪر ڪو قرب

يار “مٺل” ساڻ

مٺل سان قرب جي ڪجي ته مٺل سڄو پنهنجو ٿي وڃي. قرب جي ڳالھ ھيئن ڪري ٿو:

لڳي ٿو چوڏهين گذري وئي،

چنڊ ديرون ٿو ڪري!

هنن سٽن پڙهڻ کان پوء خيال جاڳي ٿو، چوڏهين تائين چنڊ جلد ۾ اڀري ٿو، پندرهن ڏينهن کان پوءِ چنڊ پوئين رات جو اڀري ٿو..

مري ڪو موذي ويري مري،

پر هتي پيو “مٺل” مري!

هي خيال به ڪمال جا آهن،.. رب پاڪ مٺل کي وڏي حياتي ڏي.

“مري” لفظ ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ ٻين خيالن لاءِ استعمال به ٿئي ٿو. جئين ڪو ڪنهن تي قربان وڃي/ گهور ٿئي/ جنهن جو نالو ئي مٺل هجي..

ص ۳۵ تي مٺل جي پهرين وائي، جيڪا پڻ دلچسپ آهي:

مٺڙا مٺڙا جيڪي سمجهيم

اندارن سڀ کارا نڪتا.

ڪيئن چوان ڀلارا نڪتا.!

وائي جي ٿلھه واري سٽ جيڪا توهان سان ونڊ ڪيم ۽:

مُنهان مٺڙا اندر ڪارا

مٺل ماڻهو ڪسارا نڪتا،

ڪئين چوان ڀلارا نڪتا.

انھن سٽن کان پوءِ ذهن ۾ هڪ خيال تري ٿو. واقع به دنيا ۾ کوڙ اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي اندارن ڪارا آهن.

ٻاهران ماکي کان وڌ مٺا، اندر ۾ کوٽا هوندا آهن. تنهن جو مثال توهان سڀني سان ٿيل واقعن ۽ حادثن ۾ پتو پيو هوندو.

بھرحال شاعر جا خيال تمام سٺا آهن.

ص ۴۰ تي جيڪا وائي شامل آهي، اُها ڪورونا وائرس توڙي لاڪ ڊائون جي عڪاسي تي آڌاريل آهي. جنهن جو هڪ بند توهان سان ونڊ ڪجي ٿو.

ڪورونا لاڪ ڊائون ۾،

تون ڪٿي آهين پيارا!

ڪورونا لاڪ ڊائون ۾...

هي هڪ حقيقت آهي، ڪورونا وائرس لاڪ ڊائون ۾ کوڙ ماڻهو ڳچ وقت تائين گهرن ۾ بند رهيا.

مٺل جسڪاڻي جي زبان سرائيڪي آهي، جنهن جي ڪري هُن هڪ وائي سرائيڪي ۾ پيش ڪئي آهي.

ص ۴۱ جنهن جا ڪجهه بند ونڊ ڪجن ٿا:

تيڏي پيار دا حساب ڏيوڻا پوسي،

جڏهن سو وقت آسي،

تئين جو چاهيا مَئين ڀي چاهيا،

پڇي ته بس جواب ڏيوڻا پوسي.

جڏهن سو وقت آسي.

هي وائي سڀني کان بهترين ۽ دلچسپ آهي، هن وائي جو هر بند مزيدار آهي.

غزل ۽ وائين کان پوءِ نظم، ڪتاب جو حصو آهن، جن کي نظر مان ڪڍون:

لکجن،

لَڇڻَ لکجن

پر ڪنهن جا؟

ڀاءُ جا،

يا دوست جا؟

نظمن ۾ ننڍڙن ننڍڙن خيالن ۾ تمام وڏيون ڳالهيون آھن، جن مان ڪي چند ونڊ ڪجن ٿيون. اڳيان پڙهندڙ هنن سٽن کي ڪهڙي نظر کان پڙهي ٿو، پر لکندڙ پنهنجي من جي ڳالھ چند لفظن ۾ ڪيو ڇڏي.

گهڻ رُخو سوچيو

سوڙهن گهرن ۾ رهي

محدود نه ٿيو.

دنيا جي تنگ دور جي عڪاسي، هنن سٽن ۾ سمايل آهي، شهرن جي سوڙهن گهرن ۾ رهندڙ ننڍڙيون فيمليون، فيملين جا اختلاف، گهرن جي چار ديوارن تائين محدود ڪيو ڇڏين.

شعوري طور،

نفرت جو ٻج ڇٽڻ،

ٻج جي آبياري ڪرڻ،

ڦُٽل سَلي کي سنڀالڻ،

خواهش وري،

پيار جي فصل جي!

هي ننڍڙا خيال ڪورن ذهن کي کولي ڇڏيندا، پراڻا ذهن جن ۾ بوسو ۽ ڀاڻ ڀريل هوندو، تن کي اهڙيون ڳالھيون تمام گهڻي وقت کان پوءِ سمجھ ۾ اينديون..

ڪتاب “چوٿين اک” جي مطالعي کان پوءِ اُها خبر ضرور پئي، ته مٺل زرعي ماهر ڏاهو اديب هجڻ سان گڏ سٺو شاعر به آهي. سندس ڪجهه ڪتاب اڳ به پڙهيم. هي سندس ڪتاب “چوٿين اک” شايد سڀني ڪتابن کان بهترين آهي..

هي ڪتاب امرتا پبليڪيشن طرفان پڌرو ڪيو ويو آهي، هن ڪتاب جي ارپنا انهن سڀني ڏات ڌڻين کي، جيڪي شاعر هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، ٻيو جيڪي شاعر ٿيڻ جا خواهشمند آهن.

جن کي شاعري وڻي ٿي، جن کي شاعري سمجهه ۾ اچي ٿي، جيڪي شاعري کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، انھن کي ارپيل آھي “چوٿين اک”.

ڪتاب جي سُونهن سٽاءُ ۾ اداري طرفان فقير محمد ڍول، مهاڳ ۾ نسيم بلوچ، پيش لفظ ۾ آغا جان آغا، پنهنجي پاران پاڻ مٺل جسڪاڻي بيڪ ٽائيٽل جعفر جاني، اميد ته رايو قبول پوندو. دوستن لاءِ آخري ميسيج ته ڪتاب پڙهو، ڪجهه سکو، ڪجهه سيکاريو.

 

(صفحو “اظھار اوھان جو”، روزاني “ھلال پاڪستان” ڪراچي، آچر ۶ مارچ ۲۰۲۲ع)


 

 

چوٿين اک

علي نواز آريسر

شاعري رُوح کي راحت ڏيندڙ اُها صنف آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي اندر کي اظھاري ٿو، پنهنجي غمن کي تاري ٿو، پنهنجي خوشين کي ونڊي ۽ ورهائي ٿو. شاعري جڏهن به من جي آڳر تي لھي ايندي آهي ته نه رُڳو شاعر جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳندي آهي، پر سندس آڱريون به رقص ڪرڻ لڳنديون آهن، ۽ سندس اندر جون سموريون حسرتون ۽ سڄي پِيڙا قلم ۾ لھي ايندي آهي، جيڪا ڊائريءَ جي پيٽ تي وِڇائجي ويندي آهي، جيڪڏهن اُنھي درد کي نه اظھارجي ته ماڻهو پيڙا ۾ مري کپي وڃي. هونئن ته شاعريءَ جا ڪيترائي قسم آهن، پر منهنجي نظر ۾ شاعري درد جو اظھار، محبت جي ونڊ ۽ پيار جي پالوٽ آهي، اهڙي پالوٽ اسان جي پياري مٺل جسڪاڻيءَ جي قلم مان اڪثر ٿيندي ئي رهي آهي، جيڪا اسان فيس بوڪ جي دنيا کان ويندي اخبارن ۽ پوءِ ڪتابن جي صورت ۾ پڙهندا رهندا آهيون.

مٺل جسڪاڻي بنيادي طور زرعي ماهر آهي، ايئن کڻي چئون ته هُو هن زرعي سماج جو ذميدار فرد آهي، جنهن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي صلاحون ۽ تدبيرون اڪثر هونديون، وٺڻ لاءِ هن سماج جي هر فرد جو پيار هن جي ڪُل ميراث آهي. مٺل جسڪاڻي، جيڪو هن دور جي جنريشن گيپ کي ختم ڪندڙ شايد آخري انسان هُجي، ڇو ته جيتريقدر مون ڏٺو آهي ته، اسان جو اڌ کان گهڻو حلقو اهڙي ته بيماريءَ ۾ ورتل آهي، جو اُهو پاڻ کان سڀني کي گهٽ سمجهندو آهي ۽ پاڻ کي عقل ڪُل سمجهڻ ئي ان جي فطرت ۾ رت جيان شامل ٿي چُڪو آهي، اُن جي باوجود نئين پيڙهي تيزيءَ سان اُسري رهي آهي.

“چوٿين اک” مٺل جسڪاڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ هُن پنهنجي اندر جا خيال اوريا آهن، پنهنجي من اندر جي ڀاونائن کي اظھاريو آهي، پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار جو پرچار ڪيو آهي، پنهنجي مٽيءَ هاڻن جي محبت کي سميٽيو آهي ۽ پنهنجي جنم ڀُوميءَ سان اٽوٽ محبت کي سامهون آندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هيءُ ڪتاب مون پهرين ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪيو آهي، نه ته اڪثر ڪتاب پڙهندڙ کي ٿڪائي وجهندا آهن، پر هن ڪتاب جي راوني، ٻوليءَ جي سگهڙائپ مون کي ڪٿي به هڪ هنڌ بيهڻ لاءِ مجبور ڪونه ڪيو، منهنجي خيال ۾ جيڪو ادب اڳتي وڌڻ لاءِ اُتساهه پيدا ڪري، اُهو ئي سماج کي تبديل ڪري سگهي ٿو ۽ اسان جي سنڌي سماج جا بنياد آهن ئي شاعريءَ تي رکيل، ڇاڪاڻ جو اسان جي سنڌ سدائين حملي آورن جي بُوٽن هيٺيان لتاڙبي رهي هي ۽ اسان جي لائبريرين کي ساڙي ڀسم ڪيو ويو آهي، ان صورت ۾ اسان وٽ جيڪا تاريخ لکي وئي آهي، اُها صرف ۽ صرف شاعريءَ ذريعي ئي لکي ويئي آهي.

سَهجي به ته آخر ٻڌايو ڪيترو،

ڪهڙو ڪهڙو سَهبو آهي سِتم!

آئون مٺل جي مٿين ٻن سِٽن سان اتفاق ڇو نه ڪريان، اسان هن وقت تائين ڪيترو سَٺو آهي ۽ اسان کي اڃا ڪيترو سَهڻو پوندو، اسان جو ڏوهه فقط اهو آهي جو اسان دنيا جي هن گولي تي پهريان سُڌريل ماڻهو آهيون يا وري ايئن چئون ته اسان هن دنيا کي شعور سان همڪنار ڪندڙ پهرين قوم آهيون ۽ جي اهو اسان جو ڏوهه آهي، ته پوءِ اسان نه پنهنجي ماضيءَ کي پُٺي ڏينداسين ۽ نه پنهنجي حال کان مُنهن موڙينداسين، اهي سِتم پيا سَهبا، اهي ڏورڻا پيا ڏوربا.

مٺل پنهنجي شاعريءَ ۾ هن سماج جا اُهي موضوع کڻي آيو آهي، جيڪي اسان کي هر روز ڪٿي نه ڪٿي مُنهن مقابل ٿين ٿا، هتي آئون هيءُ سٽون ونڊ ڪريان ٿو، جن ۾ اڇوتو خيال مٺل ڪيڏو نه شاندار نموني پيش ڪيو آهي:

طبيبن کي ڪجهه،

 چئي نه ٿو سگهجي،

دل جي عالمي ڏينهن تي به،

 دل بيهو رهي!

دل جي عالمي ڏينهن تي دل جو بيهه رهڻ ايئن آهي، جيئن مزدورن جي عالمي ڏينهن تي سواءِ مزدور جي باقي سڀني کي عام موڪل هوندي آهي. تصور جي اُڏام ايئن ئي ته هوندي آهي، خيال جي گھرائي ئي ماڻهوءَ کي وڏو يا ننڍو تخليقيڪار بڻائيندي آهي.

لفظ قيمتي آهن،

لفظن جو استعمال سِکو.

مون ڪجهه ڏينهن پهرين طارق قريشيءَ جي هڪ ڪهاڻي پڙهي، جيڪا ان ئي نُڪتي تي ٻڌل هئي ته لفظن جو استعمال دُرست ڪريو، ڇاڪاڻ جو لفظ ئي آهن، جن کي مهانتا آهي، پوءِ اُهي دُعا جي صورت ۾ هجن يا گار جي رُوپ ۾.

ڪجهه پُڇڻو اٿئي ته تون،

آرسيءَ جي سامهون بيهي،

ان ۾ جيڪو توکي نظر اچي،

تنهن کان پُڇ،

اهو ئي تُنهنجي،

ڪري سگهي ٿو،

بهتر رهنمائي.

اسان ڪڏهن ان ڳالهه تي غور به ڪونه ڪيو هوندو، بلڪ ايئن چوان ته اسان ڪڏهن پوئتي مُڙي پنهنجي ڪمين ڪوتاهين تي سوچيو به نه هوندو، اسان ڪڏهن آرسيءَ جي اڳيان وار سنوارڻ کان سواءِ بيٺا ئي ڪونه آهيون، اسان ڪڏهن پنهنجي پاڻ کان سوال ئي ناهي ڪيو ته اسان جنهن رستي تي سفر ڪري رهيا آهيون، اُهو ڪيتري قدر مُثبت آهي. مٺل پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي اصلاحي ڳالهيون به ڪيون آهن، مثال طور:

ڦَٽن تي پَھا رکڻ سِکو،

لُوڻ ٻُرڪڻ،

اڪثريت کي اچي ٿو.

يا وري

تنقيد کان پهرين،

اصل تحرير ته پڙهو!

پڙهڻ کانسواءِ،

راءِ ڇو ٿا مڙهيو.

يا وري

وزن اُها شئي آهي،

جيڪا،

ٻورا ڦاڙيو ڇڏي!

هتي مٺل ڪهڙي وزن جي ڳالهه پيو ڪري! زبان جي وزن جي يا ڳالهه جي وزن جي، ڇاڪاڻ جو ماڻهو ڳالهائڻ مهل اهو قطعي ڪونه سوچيندا آهن، اُنهن جي ڳالهه جو وزن يعني اهميت ڪيتري آهي، يا وري ڪڏهن ڪڏهن لفظن جي چُونڊ اهڙي ڪري ويهندا آهن، جو اُها ڳالهه پنهنجي اهميت وڃائي ويهندي آهي يا وري سامهون واري کي رَنجائي وجهندي آهي.

ماڻهن کي آئون،

 کِلائڻ به چاهيان ٿو،

پر سوچيان ٿو؛

پاڻ تان،

ماڻهو ڇو کِلائجن!

مٺل جي مٿين ڳالهه سان آئون سئو سيڪڙو متفق آهيان، ڇاڪاڻ جو اسان سڀني جي اندر ۾ اها ئي شئي هوندي آهي ته خوشيون ونڊجن ۽ ورهائجن، ماڻهن جي چهرن تي مُرڪون وکيرجن، پر جنهن سماج ۾ اسين رهون ٿا، اُهو اسان جي انهي فطري جذبي کي به مذاق ۾ اُڏائي ڇڏيندو، اهو سوچي اسان اڪثر خاموش ٿي ويندا آهيون.

منهنجي جي صلاح وٺين،

تون ڪنهن کان به نه پُڇ.

’مٺل‘ جي دوستيءَ جو،

حلقو ڏسي وٺ!

اهو سچ آهي ته ماڻهوءَ جي پرک اُن جي اُٿڻي ويهڻي، اُن جي دوستي، واسطن ۽ تعلقاتن مان ئي پوندي آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪو ماڻهو جھڙي سنگت سان هلندي نظر ايندو، اُن جي ڪردار جي پرک به اُنهيءَ طرح ٿي سگهندي.

مجموعي طور مٺل جون هيءُ شاعراڻيون ڳالهيون/صلاحون اسان سڀني جي لاءِ اُتساهيندڙ آهن، باقي شاعريءَ جي بحر وزن تي آئون ان ڪري به ڪونه ٿو ڳالهايان جو مٺل پنهنجي شاعريءَ بابت ڪنهن به خوشفهميءَ ۾ مبتلا رهيو ئي ڪونهي، هُن اُهو لکيو آهي، جيڪو هن جي آسپاس ٿئي پيو يا جيڪو هُو محسوس ڪري سگهيو ۽ ڪنهن احساساتي جذبن تي اعتراض ته شايد خلقڻهار وٽ به نه هجي.

امرتا پبليڪيشن پاران ۱۲۵ صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ۳۰۰ رُپيا رکي ويئي آهي.

 

(حوالو: ھند مان شايع ٿيندڙ “سپون” (تاثرات پرچو)، مارچ ۲۰۲۲ع، ص: ۵۰ ۽ ۵۱)




”چوٿين اک“

ٻين تمام شاعرن سان گڏ مون کي به منسوب ٿيل آهي

وسيم سومرو

ڪالھ شام ڪا چوٿين آک مون دريءَ کان ليئو پائيندي ڏسي ورتي، واھ واھ هي شعري اک بيحد خوبصورت هئي، اڄ ان چوٿين اک کي وري ڏسي رهيو آهيان، هيءَ شعري اک منهنجي پياري ڀاءُ مٺل جسڪاڻيءَ تخليق ڪئي آهي، جنهن کي امرتا پبلڪيشن ڇپيو آهي، جن ڪڏهن منهنجو طويل هائيڪو نظم پاڻي ڇپيو هو.

هي شعري ڪتاب چوٿين اک ٻين تمام شاعرن سان گڏ مون کي بہ منسوب ٿيل آهي، انتساب جا لفظ ڪيڏا نہ معني خيز آهن :

انهن سڀني جي نانءِ

جيڪي شاعر هجڻ جي دعوي ڪن ٿا

جيڪي شاعر ٿيڻ جا خواهشمند آهن

جن کي شاعري وڻي ٿي

جن کي شاعري سمجھ ۾ اچي ٿي

۽ جيڪي شاعريءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

سو منهنجا بيحد پيارا ادا سائين مٺل جسڪاڻي اوهان جي شعري چوٿين اک پڙهڻ شروع ڪئي اٿم جيئن پڙهي پوري ڪندس، ان چوٿين اک جي جهاتي جهاتيءَ تي ان ساڳئي پيار سان لکندس، جنهن پيار سان اوهان اها چوٿين شعري اک تخليق ڪئي آهي. في الحال اوھان کي مبارڪون ۽ ٿورا ان معني ۾ تہ اوھان جو ڪتاب منهنجي بيحد پياري پرين پريتم قاضيءَ هٿان مليو، دير آيد درست آيد.

 

(روزاني ”چنڊ نيوز“ ڪراچي، اربع ۰۹ مارچ ۲۰۲۲ع)


مٺل جسڪاڻي جي شعري مجموعي ”چوٿين اک“ جي مھورتي تقريب جو اکين ڏٺو احوال!

فقير محمد انڙ

س ا س شاخ ٽنڊوالهيارجي پنڌرھن وار ادبي اصلاحي تنقيدي گڏجاڻي اڄ، جمعو 1اپريل 2022ع تي شام 04 وڳي شاه ڀٽائي لائبريري لڳ شاه ڀٽائي آٽوز  رستم ٽائون، ٽنڊو آدم روڊ،  ٽنڊوالهيار ۾، ٽنڊي ڄام مان ڪھي آيل مٺل جسڪاڻي جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنھن ۾ مٺل جسڪاڻي، حبيب رسول ڏاهري، سعيد مڱڻهار، مشتاق لغاري، فقير محمد انڙ، عبدالرحيم عبد ڪنڀار، حامد علي لغاري، منٺار لاشاري، ابصارمٺل، ايم حنيف لغاري ۽ شنڪر ڀيل شرڪت ڪئي. اڪرام حيدر بہ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيو.

گڏجاڻي ۾ پروفيسر علي حسن خاصخيلي جي وڇوڙي ۽ ادب دوست استاد سائين عبداللہ جروار جي گهرواري جي وفات تي ڏک جو اظھار مغفرت لاءِ دعا گهري وئي.

ھن گڏجاڻي ۾ حامد علي لغاري، عبدالرحيم عبد ڪنڀار، سعيد مڱڻهار، حبيب رسول ڏاهري ۽ مشتاق لغاري سندن نڪور تخليقون تنقيد لاءِ پيش ڪيون. جن تي شريڪ ٿيندڙ شاعرن، اديبن ۽ دوستن سميت پنھنجون تخليقون پيش ڪندڙن بہ ڀرپور ڳالھايو.

گڏجاڻي جي آخر ۾ صدارتي راءِ ۾ وقتي صدر چيو تہ بھترين اصلاحي ادبي گڏجاڻي ۾ شرڪت تي دل خوش ٿي.

گڏجاڻيءَ جي پڄاڻي تي ايم حنيف لغاري، منٺار لاشاري ۽ ٻين دوستن جي خواھش کي مانُ ڏيندي، مٺل جسڪاڻي جي شاعري جي مجموعي ”چوٿين اک“ جي مھورت به ڪئي وئي.

گڏجاڻي جي ڪاروائي فقير محمد انڙ ۽ عبدالرحيم ”عبد“ ڪنڀر ھلائي.

(ٿورا نہ ٿورا س ا س شاخ ٽنڊوالھيار سٿ جا، خاص ٿورا فقير محمد انڙ جا، قرب ايم حنيف لغاري ۽ منٺار لاشاري جا، جن ”چوٿين اک“ جي مھورت جي رٿ ڏني، رٿ قبول ڪندڙن جا بہ قرب. روزاني ”پاڪ ڌرتي“ سٿ جي بہ مھرباني، جن ھي رپورٽ ڇاپي، اتساھہ بخشيو.)

(ڏھاڙي ”پاڪ ڌرتي“ لاڙڪاڻو، آچر ۳ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

مٺل جسڪاڻي جي چوٿين اک!

ڊاڪٽر سومار کوسو

مون، مٺل جسڪاڻي، جيڪو اسانجو استاد ۽ وڏو آھي، جو ڪتاب ”چوٿين اک“ پڙھي پورو ڪيو. سندس وڏا وڙ جو ڪتاب جي ڪاپي به دوستن ھٿان ڏياري موڪلي ھئائين. سائين جون ھونئن ته ڪوڙين ڪايائون آھن، پر اڄ سندس ڪتاب تي ٻه اکر چوڻ ٿو چاھيان. سائين جي اھا خوبي آھي ته ھو سدائين لکندو رھي ٿو. ان لاءَ اجھي ۽ ٻجھي ٿو. جنھن ڪري سندس مطالعو ۽ مشاھدو سرس آھي.  ھونئن ته سندس پوري شاعري پرمغز آھي پر سندس غزلن جون ڪي سٽون پڙھڻ دوران دل سان لڳيون، سي سليندس:

ھميش آئون آيو ھان،

ھڪ وار ھلي آ پير ڀري.

وڏي معنيٰ واريون ٻه سٽون، جن ۾ ھو شايد چوڻ چاھي ٿو ته تاڙي ھڪ ھٿ سان نه وڄندي، ٻنھي پاسن کي پھل ڪرڻ گھرجي.

ان ساڳي غزل جي آخري سٽ:

مري ڪو موذي ويري مري،

پر ھتي پيو مٺل مري.

ھن ۾ ھو چوڻ چاھي ٿو ته ڪو چڱو ماڻھو نه مري ته ڪو موذي ھجي ڪو ويري ھجي.

سندس ئي غزل جي زباني:

مون ڏي نھاري پنھنجو منھن نه ڦٽائي،

مون سان ڪو ٻيو ملي ۽ کلي پوندو.

ھن ۾ ھو وڏي واڪ چوي ٿو ته ڪارِ جھان دراز آھي، جي تون ناھين ته به جھان وڏو آھي، جن سان گڏجي وڏا ٽھڪ ڏبا ۽ صحت جو به خيال رکبو.

ھي ڪيڏو نه لاکيڻو بند آھي ته:

پيار جي پرڻ ۾،

درد سڀ ڇاڻ.

ڪيڏي وڏي نصيحت آھي ته پيار ئي پاڻ وٽ رک، باقي دردن کي دور ڪر.

وري اڳتي ھلي چوي ٿو ته:

جيڪي به ھئا جوڌا جوان،

سي ئي ھينئين ھارا نڪتا.

مٿين سٽن ۾ ھاڻوڪي پسمنظر ۾ چوي ٿو ته جن ۾ اميدون ھيون، جن کي ڪوپو ۽ ڪلنگي وارو پئي سمجھيو، انھن ئي دل لاھي وڌي آھي ته باقي ٻين تي ڪھڙي ميار.

پيار ۽ پريت جي ڀينگ ٿيڻ تي اڇلجي اٿي ٿو ته:

قرب ڪونھي ڪو ڪٿي،

ڪيئن ٿيو ڪال پرين،

ڏي خبر خير جي.

دوستن ۽ پيارن کان سائنسي انداز ۾ پڇي ٿو ته ايڏي محبتن جي اڻاٺ ڪيئن ٿي، انھي جا سبب ڳوليو جيئن سدِباب ڪري سگھجي.

شاديون ڪرڻ وارن کي به ڪنبيھ ڪري ٿو ته سوچي سمجھي ڪريو، اٿو ڪو گھرگھاٽ، ڪو ڳنڌڻ پانڌڻ، ڪو اٽو لٽو يا رڳو شادين تي زور. اھڙو خيال مون پھريون دفعو ڏٺو آھي.

لفظ ڪيترو اھم آھن. ڪنھن بابت لکي ٿو ته لفظ قيمتي آھن، انھن جو صحيح استعمال اھم آھي. لفظ ئي کٽ تي يا پٽ تي ويھاريندا آھن.

تبديلي جو ذڪر به ڪھڙي نه سھڻي انداز ۾ ڪري ٿو ته:

تاريخ بدلجي چڪي آھي،

ان ڪري سڀاڻي کان نه،

اڄ کان اوھان کي،

ساڳيو مٺل نه ملندو.

مطلب ته تبديلي کي ئي بقا آھي..

سوالن جوابن لاء اشارو ڏيندي چوي ٿو، ته ٻين کان سوال پڇڻ کان پھرين، پاڻ آئيني اڳيان بيھي، پنھنجو پاڻ کان پڇ ته پاڻ ڪيتري پاڻي ۾ آھين.

ڪورونا کان بچڻ لا۽ ھڪ نظم ۾ ترڪيبون ٻڌائي ٿو ۽ زبردست ڳالھ ڪري ٿو ته پٽون ۽ پاراتا وبا کي ڪجھ نه ڪندا، پر اوھان جو شعور انھن وابائن کان بچائي سگھي ٿو.  سندس شاعري ڪافي سيکارڻ واري آھي، آئون تہ ھڪ عام ماڻھو آھيان. بس مٿس ڪچو ڦڪو لکيو اٿم.

 

(ڏھاڙي ”سوڀ“ ڪراچي ۾ سومر ۲۵ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


’چوٿين اک‘ صليب تي

ڪٿاڪار: امداد سهتو

چون ٿا ته اکيون ”روح جون دريون“ آهن. جيڪي انساني جسم جو مرڪزي حصو به آھن. ھيء صرف ڏيک ڏيڻ جي حد تائين محدود ناھن، بلڪ ان کان سواءِ هن جا مختلف قسم جا ۽ رنگا رنگ ڪردار آھن. عشق کي بيان ڪرڻ ۾ ھنن جو ڪردار اڃا به دلچسپ ٿيو وڃي. دنيا جي شاعرن، محبوب جي اکين کي ۽ انھن جي خوبصورتيءَ کي نئين رنگ ڍنگ سان بيان ڪيو آهي. جيئن شيخ اياز چيو آهي

ڪي، ڪي اکيون اوپريون، توڙي ڄاڻ سڃاڻ-

ڪي، ڪي اکيون آرسيون، جن ۾ نينهن نياڻ-

ڇڪجـي پنهنجــو پـاڻ، جُڙجــي وڃــن جـــيءَ ۾-

يا وري شاهه لطيف اکين کي ميار ڏيندي فرمايو آهي

اکيــــن ڪيــــن ڪمايـــو رت نه رنائــــــون

وينــــــدي پريـــــن کـــــي بيٺــــي ڏٺائــــــون

تن اکين کي آئون ڪجل ڪهڙو پائيان

اکيون ڪنهن جي اکين ۾ هڪ نظر درد، ايذاءُ، جوش، خوشي، بوريت، نشي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون ظاهر ڪري سگھن ٿيون. پر ان کان اڳ اکين جي درجه بندي کي به سمجهڻ ضروري آهي.

پهرين اک. هيءَ انساني جي پنهنجي اک آهي، جنهن جو ڪم آهي اردگرد جي کان نظر ايندڙ دنيا جي روشني جمع ڪرڻ. انهن کي اعصابي تحريڪن ۾ تبديل ڪندي آهي، پوءِ آپٽڪ اعصاب انهن سگنلن کي دماغ تائين پهچائيندا آهن، جيڪي هڪ تصوير ٺاهيندا آهن ۽ اهڙي طرح نظر ايندا آهن.

ٻين اک. ڪو ٻيو شخص ڪجھ چيڪ ڪري ته اوھان ڇا ڪري رھيا آھيو، انھن جي جاچ ڪري ته اوھان ڇا ڪري رھيا آھيو ۽ پنھنجا خيالات پيش ڪري . اھڙي جاچ ڪرڻ لاء اکين جو ٻيو جوڙو ھميشه فائديمند رھيو آھي.

ٽين اک. جنھن کي دماغ جي يا اندوري اک چيو ويندو آھي، جيڪا اعليٰ شعور، اندروني دائرن ۽ خالي جگھين ڏانھن وري ويندي آھي. روحانيت ۾ ٽين اک کي اڪثر روشن خياليءَ جي حالت جي علامت سمجهيو ويندو آهي.

چوٿين اک. چوٿين اک جو ھڪ دلچسپ تصور آھي. هيءَ انساني جسم ۾ شامل ته نه هوندي آهي پر مان اھو سمجھان ٿو ته ”چوٿين اک“ شعوري سفر جي اضافي تبديل شدہ حالت جي نمائندگي ڪري ٿي. هن کي روحاني اک به چيو ويندو آهي.

مٺل جسڪاڻي جيڪو گهڻ رخي شخصيت آهي، ان جي شعوري سمنڊ ۾ چوٿين اک جو ڄار وڇايل آهي، سندس شعور ۾ جيڪي خيال جون مڇيون اچن ٿيون ته يڪدم انهن کي توري تڪي يا اڻ تريو ئي پڙهندڙن تائين پڄائي ٿو. مٺل جا ويچار هر ماڻهوءَ کي سولا سمجهه ۾ نه اچڻ جهڙا آهن، مون کيس فرمائش ڪئي ته ڇو ته انهن کي نسيم بلوچ جهڙو ماڻهو وڌيڪ بهتر سمجهي سگهي ٿو، ان ڪري انهيءَ ڪتاب جي سهيڙ ۽ مهاڳ نسيم بلوچ جي ذمي لڳايو. نسيم بلوچ جي روح کي به سٽ آئي ۽ هن پاڻ مرادو سيٽ ڪري مٺل کي اوچتو سرپرائيز ڏنو. حالانڪه هن ڪتاب کي سهيڙڻ خود مٺل جي وس ۾ به نه هئو، نسيم هن ڪتاب کي سهيڙڻ دوران خود به ذهني ڪيفيتن ڀڃ ڊاهه جو شديد شڪار رهيو، ان دوران پنهنجي مٿان آپگهاتي حملا به ڪيا هئا. پر مالڪ سندس کي پنهنجي حفاظت ۾ رکيو. آخر هيءُ ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويو، جنهن جو سهرو گهڻي حد تائين نسيم بلوچ ڏانهن وڃي ٿو. حقيقت ۾ ته هن ڪتاب جي ارپنا نسيم بلوچ ئي لهڻندڙ آهي.

هيءُ ڪتاب ” چوٿين اک“ جڏهن کان مٺل جسڪاڻي مونکي موڪلي ڏنو ته منهنجي دل چاهيو ته جهٽ ۾ تاثر لکي وٺان، پر ڪجهه اڻٽر مصروفيتن سبب ڪجهه دير ٿي وئي. هن ڪتاب مون مٺل کي خود احتسابي ڪندي ڏٺو آهي. اها خود احتسابي جڏهن نانگ وانگي ڪر کڻي ٿي ته هو لکي ٿو.

رکي رکي دل گهرندي آهي،

هڪ هڪ ڪري،

سڀ ڪجهه لکي ڇڏيان...

مٺل جسڪاڻيءَ جون اکيون پنهنجي ثقافت جي هڪ عنصر مهمان نوازيءَ جي لاءِ هر وقت وڇاڻل هوندا آهن. جنهن جي اظهار لاءِ هو چوي ٿو.

اسان کي لڳي سڪ آهي گهڻي،

اچو يار هاڻي اسان ڏي کڻي

ساڳئي ئي غزل ۾ هو چوي ٿو ته پنهنجي ناتو هيءُ ڪو وقتي ناهي پر اسين هڪٻئي جا حقيقي مالڪ به آهيون.

سدا ساٿ رهندو حياتي سڄي،

اسان يار هڪ ٻئي جا آهيون ڌڻي

جيئن ته مون مٺل جسڪاڻيءَ جي ڪتاب ۾ ڏٺو آهي ته هن وزن پويان خيالن کي مار ناهي ڏني، هن خيالن جو ترو اوچو رکيو آهي. هن غزل سان گڏ وايون به خوب لکيون آهن.

هڪ هنڌ هن وائيءَ ۾رشتن جي نڀاوَ تي زور ڏيندي چوي ٿو ته رشتن کي ائين اڌ ۾ ڪڻڪ جي ڪچن سنگن وانگي لڻي اڇلي نه ڇڏجانءِ، نه ئي ڪچن ڌاڳن ۾ ٻيرن جي هار وانگر پوئي ني ڇڏي ڏجانءِ.

ڪچا سنگ نه لڻجانءِ او ڇوري

ڪچا سنگ نه لڻجانءِ

ڪچا ڌاڳا نه تڻجانءِ او ڇوري

ڪچا سنگ نه لڻجانءِ او ڇوري

شاهه لطيف جو سر حسينيءَ جو بيت آهي.

 ڳوليان ڳوليان مَ لَھان شالَ مَ مِلان ھوت،

مَنَ اَندَرِ جي لوچَ، متان مِلڻَ سين ماٺِي ٿِئي.

اهڙي طرح مٺل جي اندر ۾ به اهڙا اڌما اٿن ٿا، هو چوي ٿو ڪيتريون ڳالهيون آهن، جيڪي ڪرڻ، لکڻ، سلڻ، چوڻ، هلڻ، رکڻ کان رهجي ويون آهن.

ڳالهيون آهن ڳچ

الو ميان،

ڳالهيون آهن ڳچ

ڪرڻ کان رهجي ويل،

ڳالهيون آهن ڳچ،

سلڻ کان رهجي ويل،

ڳالهيون آهن ڳچ،

مٺل جسڪاڻيءَ ڪورونا جي وبائي مرض جي تنهائيءَ ۾ به دل گهرين جي خبر وٺڻ جي خوب ڪوشش ڪئي آهي.

ڪورونا لاڪ ڊائون ۾

تون ڪٿي آهين پيارا!

هڪ وار ئي هليو اچ،

تڪيان پيو چارا،

ڪورونا لاڪ ڊائون ۾.

يا وري.

لاڪ ڊائون

۽ تنهنجي يادن

چانهه جو موالي،

ڪري ڇڏيو آهي.

مٺل کي ڪڏهن ڪڏهن ٻين کي پنهنجي شناخت ڏيکارڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي ڇو ته هو پاڻ کي خوب سڃاڻي ٿو.

مٺل کي به جي،

مٺل جي خبر نه هوندي،

ٻئي ڪنهن کي ڀلا،

مٺل جي خبر هوندي.

مٺل جي شاعريءَ ۾ مارئيءَ جا ورلاپ به آهن.هن حب الوطنيءَ جي هن جذبي کي هن طرح بيان ڪيو آهي.

ٽنڊي ڄام کي ڇڏي نه وڃبو،

ٽنڊي ڄام مان لڏي نه وڃبو،

ٽنڊي ڄام کي جيڪي ڇڏي ويا آهن،

ٽنڊي ڄام مان جيڪي لڏي ويا آهن،

جتي جتي به ويا آهن،

ٻڌو آهي خوش نه آهن.

اڳتي هلي ساڳئي نظم ۾ لکي ٿو.

ٽنڊي ڄام ۾ ئي جيئبو،

ٽنڊي ڄام ۾ ئي مربو.

مٺل جسڪاڻيءَ وٽ لفظن جو قدر به آهي۽ استعمال جو ڏانءُ پڻ آهي. هو لفظن جي ڪاٿو هن ريت لڳائي ٿو.

لفظ قيمتي آهن،

لفظن جو استعمال سکو

لفظن کي استعمال ڪري سگهندڙ،

ڪڏهن ڪونه ٿئي ڏکيو.

لفظن جو جنهن به کٽيو کاڌو،

اهو سدائين رهيو سکيو،

لفظن جو استعمال سکو،

لفظ قيمتي آهن.

هو هڪ ماهر زراعت واري ڪردار کان پنهنجن ويچارن ۾ باخبر رهيو آهي، هن پنهنجي آبزرويشن کي لفظن ۾ ائين آندو آهي.

آئون به انهن سان سهمت،

جيڪي چون ۽ لکن ٿا،

زراعت، ادب نه آهي،

ادب، زراعت نه آهي،

پر منهنجي خيال ۾،

زراعت ۾ ادب هئڻ گهرجي.

مٺل غور سان پڙهندو آهي،

پڙهي پرائڻ چاهيندو آهي،

تخليقڪار کي،

زرعي زهر ياد اچي ويندا آهن.

گاهن لاءِ آهن گاهه مار زهر،

جيتن لاءِ ٿا ملن جيت مار زهر،

ڦنگي لاءِ موجود آهن ڦنگي مار زهر،

نيماٽوڊ لاءِ ميسر نيماٽوڊ مار زهر،

بيڪٽريا لاءِ اينٽي بايوٽڪ،

تنهنجي نازن ۽ نخرن لاءِ،

روز روز جي فرمائشن لاءِ،

آئون ڳوليان ڇا،

اهو ملندو ڪٿان؟

هن ڪتاب ۾ چوٿين اک صليب جي مٿان آڻي مٺل جسڪاڻيءَ پنهنجي سمجهه، شعور آهر هر خيال کي کرائيءَ سان بيان ڪيو آهي.


(ماھوار ”ھزار داستان“ حيدرآباد جي اپريل ۲۰۲۲ع واري پرچي ۾ (ص:۹۷ کان ۹۹) تي ڇپيل)


اڀياس ڪتاب چوٿين اک

رمز جو راڻو: مـٺل جسڪاڻي

محمد عمر عاقلاڻي ميمڻ

ڪڏهن ڪڏهن انسان کي ڪنهن کان اوچتو خوشي ملي پوندي آهي، تڏهن دل خوشي وچان سرشار ٿي پوندو آهي، اها خوشي مون کي مٺل جسڪاڻي وٽان اوچتو ياد ڪرڻ تي ملي. جڏهن هن امرتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪندڙ ڪتاب ڇوٿين اک پڙهڻ لاءِ موڪليو. جنهن کي منهنجي ٻن اکين ڏسي مٿس اڀياس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪتاب وارو هي گلدستو مٺل جسڪاڻي موڪليو، ۽ ان مٿان اڀياس ڪرڻ جو موقعو به فراهم ٿيو، هوئين به اهو منهنجو اخلاقي فرض آهي ته هن ڪتاب مٿان ٻه اکر لکان، شاعري جو هي گلدستو بهترين ٽايٽل ساڻ، 125 صفحن تي مشتمل آهي، ڪتاب جو مهاڳ نسم بلوچ لکيو آهي، پيش لفظ کي آغا جان آغا لکيوآهي، پنهنجي پاران ۾ سر مٺل نسيم بلوچ، عبدالرسول عباسي، آغا جان آغا جا ٿورا مڃيا آهن، واقعي  اڄ ڪلهه ڪير ٿو ڪنهن لاءِ وقت ڪڍي اون ڪري ٻه اکر لکي،اندر اداري پاران سر کي (رمز جي راڻي) جي نانءُ سان متعارف ڪرايو ويو آهي، سر مٺل جو جهڙو نالو آهي اهڙا ئي پاڻ ماکي جيان مٺڙا آهن، سندس شاعري واري سوچ پڻ متاثر ڪندڙ آهي، هن ڪتاب اندر جهه سٽون قابل غور ۽ اصلاح ڪندڙ آهي، سر لکن ٿا ته،

هر لمحوگذري پيو،

هڪ مڪمل ۽ قامل استاد بنجي،

جيڪو روشن ڪري پيو، ماڻهو جي ڄڻ ڇوٿين اک،

جيڪا نه کلندي آهي،

ڪنهن به روايتي استاد کان،

استاد کي پيءُ جو درجو مليل آهي، جيڪو شاگرد کي گلاب جي گل جيان پوکي ٿو سندس سار سنڀال ڪري ٿو، ان کي معاشري ۾ اٿڻ ويهڻ جي قابل بڻائي مڪمل انسان بڻاي ٿو.

هڪ ٻي هنڌ پاڻ لکيو اٿن،

جئين روئي ڪري ٿو رڙيون ڪو،

ڄڻ منهنجي اندر ڪو ٻار آهي،

هر انسان جو حال، ماضي  ۽ مستقبل هي، سر مٺل هت هڪ بهترين نياپو پڻ ڏبنو آهي جنهن کي ڪير سمجهي، ڄڻ منهنجي اندي ڪو ٻار آهي، ٻار جي فطرت رکندڙ مٺل جسڪاڻي ٻڌائي پيو ته هر انسان اگر ٻارمون جيان بار ٿي پوي ته ڪيڏو نه سٺو ٿي وڃي، جئين ٻار جي اندر معصوميت، ٻالڪ پڻو هوندو آهي پنهنجي اندر به اهو ئي ٻار پئيدا ڪيو، جنهن جي اندر نه ساڙو آهي، نه نفرت، بس محبت هو بکايل هوندو آهي واه مٺل واهه، 

ٽئي هنڌ لکيو اٿن،

طبيبن کي ڪجهه چئي نٿو سگهجي،

دل جي عالمي ڏيهن تي به،

دل بيهو رهي.

ها بلڪ هت به هڪ حقيقت ظاهر ٿئي پئي ته طبيب طالب جي فڪر ڪين ٿا ڄاڻين، انهن کي ڪهڙو پتو بيمار جي مرض جو، هوئين اڄ ڪلهه انهن طبيبن جو انگ گهڻو آهي، جن کي طالبن جي مرض جو پتو ئي ناهي، ڪهڙي ڪهڙي صنف تي اڀياس ڪندي ٻه اکر لکان، اوهان جو ادبي پوريهو ٻيلي منهنجي لکڻ، سوچڻ، لوچڻ کان مٿاهون آهي،

 صفحي 62 تي سر جي ٽنڊوڄام شهر سان عقيدت ۽ محبت واضع ٿيل آهي، جت پنهنجي اندر جو احساس پنهنجي اکرن ۾ هن ريت ڪئي اٿن ته،

ٽنڊي ڄام کي ڇڏي نه وڃجو،

ٽنڊي ڄام مان لڏي نه وڃجو،

ٽنڊي ڄام کي جيڪي ڇڏي ويا،

ٽنڊي ڄام مان جيڪي لڏي ويا،

جتي جتي  به ويا آهن.

ٻڌو آهي خوش نه آهن،

ٽنڊوڄام کي سارين ٿا،

لڙڪ پٺيان لڙڪ هارين ٿا،

ٽنڊي ڄام ۾ ئي جئيبو.

ٽنڊي ڄام ۾ ئي مربو.

واه سر مٺل واهه، جت اوهان پنهنجي پوري حياتي ڏني ان ماڳ سان محبت جو اظهار واقعي سوچيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ آهي، اوهان پنهنجي پوري ڄمار هن شهر ۾ گهاري آهي، اوهان ساڻ ڪي ئي يادون ڪڍ هونديون، جيڪي شايد ڪجهه وڍ وجهندڙ هونديون ته ڪي اوهان جي دل کي سرشار ڪندڙ هونديون، اها ئي اوهان جي ايمانداري، سچائي، محبت، عقيدت شهر ٽنڊيڄام سان من کي موهي ٿي، هن ڪتاب اندر اوهان جا اهي سمورا احسان ڏسڻ، پڙهڻ، پرکڻ وٽان ملي رهيا آهن، هر انسان پوريهت آهي، پر قلمي پورهيو ڪندڙ پوريهت هاڻ معاشري ۾ گهٽبا ٿا وڃن، ڪارڻ ڪهڙو آهي شايد سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ اسان وٽ بيت، نثر، نظم، غزل، گيچ ختم ٿي ويا آهن، هرڪو لکي نٿو يا هر ماڻهو وٽ وقت ناهي رهيو، پر ڪجهه قلمي پوريهت پنهنجو اهو ادبي پورهيو ڪرڻ نٿا وسارين، هڪ اديب جو ڪم ئي معاشري اندر چڱاين، براين جي عڪاسي ڪندڙ آهي، اهو عڪاسي وارو گڻ، الڪو ۽ سوچ هر ماڻهو وٽ ناهي، نثر ته سموري تباهه ٿي چڪي آهي، ڪتاب گهرن ڏانهن اڄ ڪلهه ڪنهن جو به لاڙو ناهي، مهانگا جوتا، مهانگا ٽچ موبائيل وٺڻ کي اڄ ڪلهه جو ماڻهو اوليت ڏئي ٿو باقي ڪتاب جيڪو اوهان جي هيڪلائي جو بهترين دوست ۽ ساٿي آهي، ان ڏانهن ڪو ڌيان ئي نٿو ڌري. خير مون ڳالهه پئي ڪئي ڪتاب جي ته راوي جو هي قلمي پوريهو قابل تعريف آهي، هن ڪتاب جي سڀ کان خاص ڳالهه اها آهي ته هن ڪتاب جو ٽائيٽل فائينن آرٽ جي مڃيل هستي عبدالرسول عباسي ٺاهيو آهي، جنهن جي هٿن ۾ واقعي جادو آهي، لي آئوٽ تي ڪم فقر محمد ڍول ڪيو آهي، فقير محمد ڍول پڻ ڪنهن به سڃاڻپ جا محتاج ناهن، امرتا پبليڪيشن جا ڇپاندڙ سمورا ڪتاب معياري رهيا آهن،  ڪنهن به ڪتاب جو ڪو ملهه ناهي هوندو، ڇاڪاڻ ته ڪتاب اڻ مول هوندا آهن، پر هن مهانگائي واري دور ۾ هي ڪتاب 300 سئو رپين ۾ اوهان کي ائين سمجهو مفت ۾ ملي ويندو، آخر ۾ ڪجهه سٽون هن ڪتاب جي لکندڙ جي نانءُ اميد ته اوهان پڙهندڙن کي وڻنديون. مڻئي ٻه اکر مون کي به لکڻ ايندا آهن سو لکان پيو.

واهه مٺل جهڙو تنهنجو نالو مٺو،

تهڙا آهن تنهنجا قول، ٻول مٺا.

اڄ مون کي پتو پئجي ويو،

ماڻهو مليا توکي هوندئي کٽا.

ڪي واٽ تي هوندئي  مٺا ،

ڪي وچ سفر ۾ هوندئي رٺا،

اکين مان مينهن ناهي وسيو ،

تڏهن ڇوتين اک مان لڙڪ وٺا.

ادبي شوق رکندڙن ڏانهن هي نياپيو هڪ ڀيرو هن ڪتاب جو ضرور اڀياس ڪيو اوهان جي زندگي شايد نه بدلجي پرزندگي ڇا آهي، حقيقت ڇا آهي، يا دنيا ڇا آهي، انهي جو پتو اوهان کي پئجي ويندو.

 

(صفحو ”اظھار اوھان جو“، روزاني ”ھلال پاڪستان“ ڪراچي، اڱارو ۱۷ مئي ۲۰۲۲ع)


 

شاعراڻي اک ۽ سماجي حالتن جا عڪس

ڪتاب: چوٿين اک (شاعري)

شاعر: مٺل جسڪاڻي

تجزيو ڪندڙ: سرمد کوسو

مٺل جسڪاڻي جو انداز شھري گھٽ ڳوٺاڻو وڌيڪ ٿو لڳي. شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل ٻولي ۽ لھجو عام فھم ۽ سادو آھي. جيڪو هڪ عام پڙھندڙ کي به پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿو.

ٻه اکيون ته عام آهن ٽئين اک جو به گهڻن کي درس ملي ٿو. اکيون چار به ٿين ٿيون پر اِها خبر انهن کي هوندي، جن جون اکيون چار ٿيون هيون! اکين جو ذڪر اُن ڪري نڪتو آهي جو منهنجي هٿن ۾ مٺل جسڪاڻي صاحب جي شاعريءَ جو ڪتاب "چوٿين اک" آهي.

هونئن ته مون مٺل جسڪاڻي صاحب جو ڪافي نثر پڙھيو آھي، پر سندس شاعري هن مجموعي جي صورت ۾ مون پڙھي آهي. شاعري ۽ شاعر جي هر ڪنهن وٽ پنهنجي پنهنجي وصف آهي. ڪي شاعر هوندي به شاعر ناهن سڏائيندا ۽ ڪي شاعر نه هوندي به شاعر سڏائيندا آهن. شاعري ڪنهن لاءِ جذبن جو هڪ بي ساخته وهڪرو آهي، ته ڪنهن لاءِ پنهنجي نفيس احساسن جي اظهار جو ذريعو! مشهور فلاسافر افلاطون ته شاعري بابت چوي ٿو ته "هر ڪوڙ جي ماءُ شاعري آهي."

مٺل جسڪاڻي صاحب هن ڪتاب جي ارپنا به شاعرن کي ڪئي آهي. جيڪي شاعر هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا ۽ جيڪي شاعر ٿيڻ جا خواهشمند آهن. هن ڪتاب ۾ غزل، وايون ۽ نظم ڏنل آهن. هاڻي انهن صنفن جي به هر ڪنهن وٽ پنهنجي پنهنجي وصف آهي ۽ انهن صنفن جا قِسم به هر ڪنهن وٽ پنهنجا پنهنجا آهن. جيئن گهڻا نقاد ته نثري نظم کي شاعري مڃن ئي نٿا ۽ نه ئي اھڙيون سِٽون لکندڙ کي شاعر!

هاڻي هر ڪنهن کي حق کي آهي ته ويهي شاعريءَ جي ماپ تور ڪري، پر اِها حقيقت آهي ته مٺل جسڪاڻي هن ڪتاب ذريعي ڏاڍيون اهم سماجي حقيقتون وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪري ويو آهي. سندس اندازِ بيان ۽ موضوعن مان سندس گهڻ پاسائين مشاهدي کي بخوبي ڏسي سگهجي ٿو. مثال طور: اڄڪلهه هر ٻيو ماڻهو ڏاهپ جو تاج پايو هلي، اُتي مٺل جسڪاڻي چوي ٿو:

”مون کي ڏاهپ نه کپي،

سمجهه ۽ ساڃاهه جي،

ضرورت اٿم جَجهي....“

يا وري هيءَ ڳالھ اهڙن ئي ڏاھن لاءِ ڪئي اٿائين ته:

”تون عقلِ ڪُل،

مڃان ٿو،

آئون ٺُپ چريو،

جند ڇڏ،

پنهنجو گس وٺ.“

شاعري جي هن ڪتاب ۾ شاعر، شاعرن کي به آئينو ڏيکاريو آهي:

”آئون ماڪوڙو، ٽنڊڻ،

تون هاٿي، ڊائنوسار،

مهرباني ڪري پڙهه،

تون ٻولي سِک پهرين،

پوءِ ڀلي شاعري ڪر.“

جيڪي ماڻهو سُکيا سهنجا جا آهن، انهن لاءِ برسات مزيدار آهي پر جيڪي غريب پڌري پَٽ پيل آهن، انهن لاءِ برسات ته ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي ھوندي. اهڙي صورتحال جي هنن سِٽن ۾ عڪاسي ٿيل آهي:

”تون بادل ڏسي،

ڀلي خوش ٿي،

مارُو پڌري پَٽ آهن،

منهنجا ٿا ڏيل ڏڪن!“

مٺل جسڪاڻي اسان سڀني کي اِها به گذارش ڪري ٿو ته وسيع سوچ ۽ ذهن جو مظاهرو ڪيو، پنهنجي سوچن ۾ ننڍڙا نه ٿيو:

” گهڻ رُخو سوچيو،

سوڙهن گهرن ۾ رهي،

محدود نه ٿيو.“

مٺل جسڪاڻي صاحب جي هن ڪتاب ۾ اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي تلخ حقيقتون بيان ڪيل آهن. جيڪي پڙهڻ سان چئي سگهجي ٿو ته، هي ڪتاب اسان جي سماجي حالتن جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. مٺل جسڪاڻي جو انداز شهري گهٽ ڳوٺاڻو وڌيڪ ٿو لڳي. شاعري ۾ استعمال ٿيل ٻولي ۽ لهجو عام فهم ۽ سادو آهي. جيڪو هڪ عام پڙهندڙ کي به پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿو.

هن ڪتاب جو مهاڳ نسيم بلوچ جو لکيل آهي. بئڪ ٽائيٽل جعفر جاني جو لکيل آهي ۽ ۳۰۰ رپين جي قيمت سان ڇپايو امرتا پبليڪيشن آھي.

 

(ڪاوش دنيا، ڪاوش ڪتاب، آچر ۲۶ جون ۲۰۲۲ع ص:۱۶)

No comments:

Post a Comment