Sunday, January 30, 2022

من اندر جون ڳالهيون - عابد مظهر

من اندر جون ڳالهيون

(ڪهاڻي-مجموعي “گم ٿيل محبتون” ۾ پنهنجي پاران طور لکيل)

عابد مظهر



زندگي ۾ ڀل ڪيتريون به مشڪلاتون اچن پر پوء به زندگي ڏاڍي سندر آهي ساروڪن جو ٻيو عقيدو آهي ته زندگي جو فرض سڃاڻڻ ۽ ان کي نڀائڻ سکي ٿو بنائي هن عظيم انسان جو ٽيو عقيدو آهي ته ظلم، نفرت ۽ بي انصافي سان دنيا ۾ ڪڏهن به روحاني، اخلاقي ۽ مادي خوشحالي ڪونه ايندي سک ڏانهن فقط هڪ شاهي واٽ آهي پيار جي.....


مٿيان عقيدا اڄ به منهنجا رهبر آهن،مان جڏهن مايوس ٿيندو آهيان ته ماڻهن جي نفرت کي ڊسٽ بن ۾ اڇلائي بنجر دلين کي محبت جو پاڻي ڏيندو آهيان۽ انهن مان پيار جي سلن نڪرڻ جو اوسيئڙو ڪندو رهندو آهيان پر خبر ناهي ٿورن مفادن لاء آخر ماڻهو سڄڻ مان دشمن بنجي ٻئي جي جيون کي آڙاھ بنائڻ جي ڪوشش ڇو ڪندو آهي مون ته اهڙي قسم جا کوڙ ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي مختلف تجربن مان گذرندي به وڇونء واري صفت نه ڇڏيندا آهن جڏهن ته سک ڏانهن ويندڙ هڪ ئي واٽ آهي پيار جي ها فقط پيار جي.....

مون ته سچ به هر وقت رياضت جي سڀني عبادت گاهن ۾ پيار کي پنهنجو فرض سمجهي هر ڪنهن سان مختلف روپن ،۾ پئي  ورهايو آهي ۽ اها ڪوشش پئي ڪئي آهي ته هڪ سچي صوفيء جيان دل جي سڀني ڪدورتن کي ڪپي ڪوري صاف ڪري ڇڏيان.

منهنجون هن ڪتاب ۾ ڏنل ڪهاڻيون به اهڙن ئي احساسن مان سرجيل آهن جن مان ڪجھ ڄام شوري جي ٿڌڙين راتين جون لڳندڙ هوائن ۽ اتان جي نه وسرندڙ يادن مان سرجي شايع ٿي چڪيون آهن، انهن يادن جو جڏهن به مونسان ڪو ذڪر ڪندو آهي ته من جي ويران مندر ۾ گلاب ڦٽي پوندا آهن، ها مان اهو به اعتراف ڪندو هلان ته انهن پيارين يادن سان گڏ مان انهن دوستن کي به نه وساري سگهيو آهيان جن سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي ڪالونيء جو بنياد اوڻيه سو اٺهتر اوڻاسي ڌاري وڌو هو انهن دوستن جا نالا آهن بلبل کورواهي، ماٺيڻو اوٺو، نياز پنهور، شوڪت شورو، ظفر حسن، خان محمد پنهور، عبدالقادر جوڻيجو، امداد حسيني. سچ ته مان هن شاخ جو به ٿورائتو آهيان جنهن ۾ مان عابد سيوهاڻي جي نالي سان لکيو ۽ عابد مظهر بنايو. 

انهن دوستن کان سواء مان ڄام شوري ۽ حيدر آباد ۾ جن سان شامون گذاريون آهن اهي ته وسرڻ جهڙا آهن ئي ڪو نه، اهي آهن سائين نثار حسيني، نصير مرزا، خدابخش ابڙو، اڪبر جسڪاڻي، ساغر سميجو، طارق عالم،اخلاق انصاري زوار نقوي ابراهيم ترڪ شفيق حيدري ابراهيم خشڪ شفيع چانڊيو ۽ نياز پنهور جنهن سان ته منهنج روح جا رشتا اڄ به تازي نڪتل مکڻ جهڙا آهن، هنن دوستن جو نانء وٺندي اڄ به من بنست رت جي گلڙن جيان ٽڙي پوندو آهي.انهي عرصي ۾ اياز گل ۽ ادل سومرو اچي ويندا هئا ته ڄامشوري ۽ حيدر آباد گهمڻ جو مزو ئي ٻيڻو ٿي ويندو هو پر سچ ته مونکان زوار نقوي جا اهي ڪوڙ ته وسرڻ جا آهن ئي ڪونه جيڪي هو مونکي اسڪوٽر تي پويان ويهاري سڄي حيدر آباد گهمائيندي گاڏي کاتي ۾ هڪ عدد عشق جي ڳالھ مرچ مصالحه وجهي ٻڌائيندو هو جڏهن هن جا ڪوڙ ٻڌي بور ٿيندو هئس ته هلڪي کنگهڪار ڪندو هئس ،هو پٺيسن مڙي مونکي ڏسندي  پنهنجي مخصوص انداز سان  چوندو هو اڙي سائين عابد مظهر آهين ڇا!  مائٽ معاف ڪجانء اهي سڀ ڪوڙ هئا.

پر هي ڇا مونکي لکڻو پننهنجي بابت هو ۽ لکان ويٺو پنهنجي آتم ڪهاڻي جو ڪو حصو پر خير آهي، منهنجي ڪجھ ڪهاڻين جو  جنم ڄام شوري جي ڌرتي تي  ٿيو هو جنهن جي وک وک تي منهنجي سجدن جا نشان آهن ۽ ڪجھ ڪراچي جهڙي مشيني  زندگيء ۾ سرجيون آهن هن شهر ۾ احساسن جون ڳالهيڳن گهٽ ٻو پئسن جون ڳالهيون وڌيڪ ٿينديون آهن، هت جي ماڻهن کي مان جذبن جي ڪتر جي مشين سڏيندو آهيان، شڪر ٿيو جو  نصير مرزا اهڙي ماحول مان جان ڇڏائي هليو ويو. جيڪڏهن هي به هتان جو ماڻهن جهڙو ٿي وڃي هان ته مونکي ته ڏاڍو ڏک ٿئي هان، منهنجيون ڪهاڻيون انفرادي احساسن جو تجزيو آهن يا مجموعي احساسن جي  ڪرب مان تخليق ٿيل آهن، اهو فيصلو پڙهندڙن تي ٿو ڇڏيان.

آخر ۾ مان ٿورائتو آهيان پنهنجي محترم استاد دوست ڪراچي يونيورسٽي جي چيئر مين سليم ميمڻ صاحب جو جنهن پنهنجي انيڪ مصروفيتن مان وقت ڪڍي پيش لفظ لکي ڏنا ان کان سواء مان ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جو جنهن. منهنجي اندر جي ستل ليکڪ کي نئين سري سان لکڻ جو اتساھ ڏياريو هن ڪتاب کان اڳ منهنجي ڪچن ڦڪن مضمونن جو ڪتاب پڪا ۽ پيرون شايع ڪرايو ۽ مونکي مايوسي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو هر وقت جو جتن پئي ڪيو آهي  اهڙي طرح مان پنهنجن استاد ڊاڪٽر اياز قادري صاحب جو به گهڻو احسان مند آهيان جنهن وقت به وقت شاھ لطيف چيئر ۾ ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ڪرائي منهنجي ڪهاڻين تي تنقيدي نظر پئي وڌي آهي. ٿورائتو آهيان راز شر جو جنهن هي ڪتاب شايع ڪرائي پڌرو ڪيو ۽ پيار ٿو ڪيان پنهنجي ڀلوڙ تنقيد نگار ممتاز مهر سان جنهن منهنجي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل جي حامي ڀري لکيو. شاھ لطيف جو هيٺيون بيت اهڙي قسم جي گڻائتن ماڻهن لاءِ چيل آهي؛

 نيل سلامن سپرين، لک سلامن لوء

پهرين ڏجان پر کي پر کي ڏجان پوء

جو ڳڻن سين ڳڌوءِ تنهن بندي ٿي بندگيون ڪيون.

 

(عابد مظهر جي پهرئين ڪهاڻي مجموعي “گم ٿيل محبتون” (ڇاپو پھريون: ۱۹۹۱ع) ۾ پنهنجي پاران لکيل/ سندس فيسبڪ ٽائيم وال تان ۹ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment