Friday, January 28, 2022

زنجيرَ - حميد رازي - ننگر چنا

زنجيرَ

(پنجابي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: حميد رازي

مترجم: ننگر چنا



هُو پوئين پَھر آرام ڪري اُٿيو ئي مس هو جو ڪورٽَ جون سَمَنون پُڄائڻ وارو همراھ اچي ويو. حسن ڪمال ڏاڍو سوچيو پر هُنَ کي سمجهه ۾ نه آيو ته اها سَمنَ ڇو آئي آ؟ هُو گذريل هڪ ورھيه کان لائين لڳل هيو. ۽ هُنَ اهڙو ڪو ڪم به ته ناهي ڪيو جو هُنَ ڏي سَمنَ اچڻ لڳي، سَمَنَ تي پنھنجو نانءُ پڙهي هُنَ کي اندازو ٿيو ته سندس اسٽاف جي ڪنھن ماڻهوءَ بھاولپور ۾ سندس خلاف ڪيس ڪيو آهي. هُنَ سوچيو ته لاهور کان بھاولپور وڃڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي. هڪ ڏينھن اڳ ۾ بھاولپور وڃڻو پوندو ته جيئن مھل تي عدالت تي پھچي سگهجي. وري ڪنھن وڪيل سان به ملڻو پوندو. جي ڪنھن چڱي هنڌَ تي سندس بدلي ٿيل هجي ها ته سرڪاري گاڏي به ملي وڃيسِ ها ۽ علاقائي دفتر ۾ سندس خدمت چاڪري به ٿئي ها. پر هُو ته هاڻ لائين لڳل هو. انهيءَ ڪري هُنَ کي بھاولپور وڃڻ ڏکيو لڳي رهيو هو. پر هُنَ انهيءَ جو حل به ڪڍي ورتو هو. هُنَ سَمَن آڻڻ واري همراھه کي ٻه سَوَ رُپيا ڏنا ته هُو سَمنَ تي لکي ڇڏي ته، “حسن ڪمال لاهور ۾ موجود ناهي، ڪراچي ويل آهي، ٻُڌڻيءَ کان پوءِ ايندو.”



عمر دين انهيءَ ڏينھن يارهَنِ ٻارهَنِ سَمنن جي تعميل ڪرائي هئي ۽ ٻن ٽن هزارن جي ٻوهڻي ڪري ورتي هيائين. هُو حسن ڪمال جي گهران نڪري سڌو ويجهي بازار ويو، هُنَ ريڙهي واري کان کوڙَ سارو ميوو ورتو ۽ ريڙهي واري به سُٺا ڏوڪڙَ ورتس. عمر دين جڏهن به هِنَ علاقي جي سَمنن جي تعميل ڪرائڻ ايندو هو، تڏهن انهيءَ ريڙهيءَ تان فروٽ ضرور وٺندو هو. هُو بَھا نه ڪرائيندو هو. ائين ريڙهيءَ وارو به سَرهو رهندو هو ته عمر دين به. عمر دين پنجَنِ سَونِ جو نوٽ ڪڍي ڏنو ۽ گهر ڏي هلي پيو. اڃا بازار مان نڪتو ئي مَسَ هو جو سُڌَ پيس ته ريڙهين وارن ۾ ٻاڪرڪُٽو مچي ويو آهي، ڇو ته وَٽَ ۽ اَگهه چڪاسڻ وارو عملو اچي ويو هو. ريڙهي وارن ۾ ڀاڄڙ پئجي وئي. پر اصغر ريڙهي واري پنجَنِ سَوَنِ جو نوٽ  ڪڍي انسپيڪٽر جي هٿ ۾ ڏنو. انسپيڪٽر هيڏي هوڏي لوڻو هڻڻ بنان ئي نوٽ اڳئين کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. پنجَنِ سَونِ واري نوٽ جو اڳيون ڀاڱو کيسي مان ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو. بازار ۾ هورا کورا پکڙجي وئي هئي. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته ريڙهين وارن لاءِ قيامت اچي وئي هجي. محمد شاھه به پنھنجي ريڙهي هڪ ڪُنڊَ ۾ بيھاريندو هو. عملي هُنَ جي ريڙهي کنئي ۽ کڻي ٽرڪ ۾ وڌي. ڪجهه ٽماٽا ۽ تُوريون ٽرڪ مان ٻاهر وڃي ڪريون. محمد شاھه جو رنگ ڪاراٽجي ويو هو.

“اڙي او خانا خرابَ! جيڪي پيسا چئو ڏيانوَ ٿي، هِنَ کي ڇڏي ڏي ها. اسان وٽ پيسو ناهي، اسان جو مال کڻي ٿِي.” عملي منجهان ڪنھن ڪجهه نه چيس ۽ محمد شاھه جو رنگ تھائين وڌيڪ ڪاراٽجي ويو. هُنَ “مورُ اووَر” کان پوءِ گهڻو ڪجهه پشتو ۾ چئي ڏِنُنِ. بازار ۾ هر پاسي ڦِسي پيل زردالو پيا هيا ۽ اَنبن مان رَسُ وَهِي رهي هئي، جنھن مٿان مکين ميلو مچائي ورتو  هيو.

انسپيڪٽر اسلم ڏاڍو ڀَريو تُريو گهر پھتو. پر گهر پھچندي ئي هُنَ جا هٿ پيرَ ٺَري ويا. ڇو ته سندس زال ۽ پُٽَ کي ڪالرا ٿي پئي هئي. شايد هُنَن بازار مان ڦُريل هنداڻا ۽ گدرا گهڻا کائي وڌا هيا. اسلم لاءِ ميوو کائڻ ته هُونءَ ئي ممڪن نه رهيو هو. ڊاڪٽرن کيس ڪيئي ميوا کائڻ کان روڪي ڇڏيو هو. لڳي ٿو ته هُنَ پنھنجي جيون جي ميون واري ڪوٽا تڪڙي پُوري ڪري ڇڏي هئي. پر هُو ڪڏهن ڪڏهن ڪيلو ۽ انب کائي وٺندو هو.

انسپيڪٽر اسلم پنھنجي زال ۽ پُٽَ کي وٺي ڊاڪٽر نديم جي ڪلينڪ ڏي هليو ويو. ڊاڪٽر نديم جي ڪلينڪ ڇَڙو دڪانداري ئي هئي، جيڪا سُٺي هلندي هيس. ڊاڪٽر نديم کيس ڪيئي ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ چيو ۽ انهيءَ ليباريٽري ڏي موڪليائينسِ جنھن ۾ ٿيل هر ٽيسٽ تي سندس ڪميشن مقرر ٿيل هئي. ٽيسٽ ڪرائڻ جو نقصان اهو ٿيس جو سندس زال کي ڪيئي ٻيون بيماريون به نڪري پيون. هاڻ هُو ڊاڪٽر نديم جو پڪو گراڪ بڻجي ويو هو. ڊاڪٽر نديم جي ڪلينڪ تي هُو لَکُ رپيا کَنُ لُٽائي چڪو هو ۽ سندس حال هيڻو ٿي چڪو هو. بازار مان قسمين قسمين لُٽيل شين واپرائڻ جي ڪري هنن کي ڀانت ڀانت جون بيماريون ٿي پيون هيون.

ڊاڪٽر نديم ڏهاڙي جي نِيَم وانگر بريف ڪيس ڀري ٻاهر نڪري رهيو هو جو انڪم ٽيڪس انسپيڪٽر شفيق اچي سندس اڳ ورتو. “ڊاڪٽر صاحبَ! مائينڊ نه ڪجو، هي توهان جا انڪم ٽيڪس ۽ ويلٿ ٽيڪس جا نوٽيس آهن. توهان کي ٽِن ڏينھَنِ جي اندر اندر ڏھه لک رپيا جمع ڪرائڻا آهن.” ڊاڪٽر نديم کي پگهر اچي ويا. هُنَ کٻي هٿ سان عينڪ لاٿي ۽ سڄي هٿ سان انهيءَ جا ڪاوا اُگَهڻ لڳو.

ڊاڪٽر نديم کي جنھن مھل سرڪاري اسپتال هجڻ گهربو هو تنھن مھل هُو ڪلينڪ تي هوندو هو ۽ هُنَ اسپتال ۾ ڄار وڇائي ڇڏيو هو، جٿي مريضن کي ڦاسائي ڪلينڪ آڻي ڪُھَندو هو.

ڊاڪٽر نديمَ هر ڳالهه جو بندوبست ڪري رکيو هو. هُنَ ڪلينڪ ٺاهڻ کان اڳ پنھنجا پيسا سَھُري جي نانءَ تي بينڪ ۾ جمع ڪرايا ۽ پوءِ هُنَ کان “قرض” وٺي ڪلينڪ ٺھرايائين. ائين ئي ڪلينڪ جي سازسامان لاءِ هُنَ ريڪارڊ ۾ لکي رکيو هو ته اُهي پيسا هُنَ پنھنجي ڀاءُ کان، جيڪو دبئيءَ ۾ رهندو آهي، قرض ورتا آهن. ڊاڪٽر نديم الله کان ايڏو نه ڊڄندو هو، جيڏو هُو انڪم ٽيڪس وارن کان ڊڄندو هو. جڏهن کان ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف وارن حڪومت مٿان ٽيڪسون وڌائڻ لاءِ زور وڌو هو، تڏهن کان انڪم ٽيڪس کاتي وارن جون موجان هيون.

ڊاڪٽر نديم ٻئي ڏينھن نَوين بجي کان اڳ انڪم ٽيڪس جي آفيس وڃي نڪتو. هُنَ هڪ وڪيل ڪري ڇڏيو هو، جيڪو انڪم ٽيڪس ڪمشنر جو ڄاڻ سُڃاڻ وارو هيو. هُو ٻئي ڄڻا انڪم ٽيڪس ڪمشنر فاروق صوفيءَ سان مليا. سندس مسئلو حل ٿي ويو. ڪُل ٽن لکن ۾ ڪم ٿي ويو. ٻه لک حڪومت جي کاتي ۾ ۽ هڪ لک ڪمشنر فاروق صوفيءَ ۽ انڪم ٽيڪس انسپيڪٽر شفيق جي لاءِ.

ڪجهه ٽاڻي کان سي بي آر ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون هيون، انهن جي ڪري ڪمشنر فاروق صوفيءَ کان وٺي انسپيڪٽر شفيق تائين سڀئي پريشان هيا. اڳيان وري نوڪرين جي به ڪا خبر نه ٿَي پئي، ڇو ته کاتن ۾ پرائيويٽ ماڻهن جو عمل دخل وڌندو پَئي ويو. ڪمشنر صوفي فاروق ۽ انسپيڪٽر شفيق ڪيتري وقت کان وٺي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي مجيد مجوڪا جي “هِٽ لسٽ” تي هيا. مجيد مجوڪا هنن جي خلاف نقلي درخواستون ڪرايون ۽ هڪ اڌ اصلي ڪيس به سندس هٿ لڳي ويو هو. هاڻ انسپيڪٽر شفيق تي مصيبت اچي ڪِري. هُو ڏهاڙي ايف آءِ اي جي هيڊ ڪوارٽر حاضريون ڀريندو هيو. مجيد مجوڪا ڪمشنر فاروق صوفيءَ جي خلاف ايڪشن کڻڻ جي لاءِ پنھنجي ڊائريڪٽر سان ڳالهه ڪئي، پر ڊائريڪٽر کيس جَهلي ڇڏيو، ڇو ته ڊائريڪٽر ۽ فاروق صوفي سِول سروسز اڪيڊميءَ ۾ بيچ ميٽ هيا. مجيد مجوڪا انسپيڪٽر شفيق جي سموري ملڪيت جو وچور هٿ ڪري ورتو هو ۽ هُنَ کي ڏيکاري به ڇڏيو هيو. شفيق جو مجوڪا سان ملڻ ضروري ٿي پيو هو. هڪ ڏهاڙي شفيق مجوڪا جي گهر وڃي حاضر ٿيو ۽ ڏَھه لک ڏيڻ کان پوءِ جند ڇُٽَسِ.

مجيد مجوڪا چوندو هو ته هاڻي مون کي نوڪري ڪرڻ جي گهرج ناهي، حڪومت مون کي نوڪريءَ مان ڪڍي به ڇڏي ته مان ٻارن سان گڏ آمريڪا هليو ويندس. مان پنھنجن ٻچن کي لکائي پڙهائي سياستدان بڻائيندس. مجيد کي انهيءَ سيٽَ تي ڪم ڪندي پنج سال ٿي ويا هيا. هڪ ڏهاڙي هُو دفتر ۾ ويٺو هو جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل کيس پنھنجي دفتر سڏايو. ايڊيشنل ڊي جيءَ سڌي ڳالهه ڪَيَسِ.

“مجوڪا! هِنَ حڪومت جو سڀ کان تيز وزير عتيق گُجَر تنھنجي پويان پيل آهي. ٻن ٽن ڏينھن ۾ انهيءَ جو ڪو بندوبست ڪر.”

“سَر! مون انهيءَ جي خلاف گذريل حڪومت ۾ ڪيئي انڪوائريون ڪيون هيون.”

“اها ڳالهه ڇڏ، مون کي سڀ خبر آهي. بس ٻن ٽِن ڏينھن ۾ پنھنجي جِندُ ڇَڏاءِ نه ته مان مجبور آهيان.”

مجيد مجوڪا ٻئي ڏينھن ئي پنھنجي جند ڇڏائي ورتي. عتيق گجر جي ڌيءَ جي وهانءَ تي هُنَ هڪ ڪروڙ ڇَني ۾ ڏنو. انهيءَ ڏينھن عتيق گجرَ ايڊيشنل ڊي جيءَ کي مجوڪا جي خلاف ايڪشن کڻڻ کان جهلي ڇڏيو. مجوڪا عتيق گُجَر جي خلاف سمورو ريڪارڊ کڻي لاڪر ۾ رکائي ڇڏيو ۽ حڪومت مَٽجڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو.

وڏي وزير وٽ عتيق گُجَر جي ڪرتوتن جون سڀ خبرون هيون. ايجنسين وڏي وزير کي سڀ رپورٽون پھچائي ڇڏيون هيون. وڏو وزير عتيق گُجَر جي خلاف ايڪشن کڻڻ چاهي پيو، پر هُو ائين نه ڪري سگهيو. ڇو جو هڪ ته گُجَر سندس وزارت جو سڀني کان تيز وزير هو ۽ ٻي ڳالهه ته سڄي ملڪ ۾ سندس مائٽيون هيون، هُنَ جي ڪُٽنب جا پنجويھه ايم پي اي، ايم اين اي هيا. وڏو وزير گُجَر جي خلاف ايڪشن کڻي پنھنجي حڪومت ختم نه پيو ڪرڻ چاهي.

ايندڙ ڏينھن وڏي وزير ٽي ويءَ تي تقرير ڪئي ۽ زور ڏئي چيو؛ “ڪرپشن جي خلاف اسان جو جھاد جاري رهندو.”

جڏهن ٽي ويءَ تي اها تقرير هلي رهي هئي، حسن ڪمال، اصغر ريڙهي وارو، انسپيڪٽر اسلم، انسپيڪٽر شفيق، ڪمشنر فاروق صوفي، ڊاڪٽر نديم، مجيد مجوڪا، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ۽ عتيق گُجَر پنھنجن پنھنجن گهرن منجهه ٽي ويءَ اڳيان ويٺا هيا ۽ کِلي رهيا هيا، جڏهن ته عمر دين پنھنجي گهر نه هيو. هُو سَمَنن جي تعميل ڪرائڻ جي لاءِ ٻاهر ويل هيو.

*

(حميد جي رازي جي ڪتاب “ڌنڌ” (ڪوهِيڙُ) مان ترجمو ڪئي. اهو ڪتاب نومبر ۲۰۰۳ع ۾ ‘پنجابي مرڪز’ لاهور پاران ڇپيو، سنڌي ترجمو ماهوار ”سورمي“ ڪراچيءَ ۾ جنوري ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل.)

No comments:

Post a Comment