Sunday, January 2, 2022

ناول ڪُتا تي مختصر راءِ

ناول ڪُتا تي مختصر راءِ

مير تقي عباس ٽالپر



جانورن جي ڪهاڻين (animal Stories) کي عالمي ادب ۾ هِڪ پنهنجو ئي مقام حاصل آهي. مان ناول "ڪُتا" کان اڳ ۾ مختلف "Dog stories" پڻ پڙهي چڪو آهيان جنهن ۾؛

۱)  "memories of a yellow dog" by o henry

۲)  Ava's apartment by Jonathan lethem

۳)  Garm - A hostage by Rudyard Kipling

۴)  The Emissary by Ray Bradbury

۵)  A dog's tale by Mark Twain

شامل آهن. اڃا ۱۵ کن ٻيون Dog stories پيون آهن جنهن ۾ Anton Chekhov ۽ Brad Watson سان گڏ ٻين عالمي ادب جي  ليکڪن جون لکيل Dog stories شامل آهن. هِڪَ اڌُanimal story لکڻ جي ڪوشش، مون به ڪئي آهي.


سچ پچ ته ادبي لڏي کان پري هجڻ جي ڪري، مون کي سائين رسول ميمڻ جي باري ۾ ڪا ئي ڄاڻ نه هُئي. سائين رسول ميمڻ کي مون پهريون دفعو پهرين خيرپور لٽريچر فيسٽيول ۾ ڏٺو. پوءِ جڏهن پڙهڻ شروع ڪيو ته بس پڙهندو ئي ويس. ناول "ڪُتا" ابابيل ميگزين ۾ نه پڙهي سگهيو هيس. هن مهيني جڏهن ڪتابي صورت ۾ آيو ته پڙهي ورتو.

ناول "ڪُتا" ۾ سائينءَ پنهنجي پٽ جي وڇوڙي جو احوال اهڙيءَ ريت بيان ڪيو آهي جو لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. عالمي ادب جون ڪجهه اينيمل اسٽوريز پڙهڻ کان پوءِ جڏهن هي ناول پڙهيو ته مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته سائين سنڌي ڪهاڻي کي عالمي معيار تائين کڻي ويو آهي. ان کي ڳوٺ جي گهٽين مان کڻي عالمي ادب جي main Street ۾ بيهاريو آهي.

هاڻي اڳتي سنڌي ڪهاڻي لکڻ وارن کي گهرجي ته ڪهاڻيءَ جو سفر اتان شروع ڪن، جتي سائينءَ ڇڏيو آهي. جيئن سنڌي ڪهاڻي صرف descriptive انداز ۾  لکڻ ۽ موضوع جي يڪسانيت مان ٻاهر نڪري، universal ڪهاڻي بڻجي سگهي. ڪتابن سان چاههُ رکندڙ دوستن کي هي ڪتاب پڙهڻ گهرجي.

ناول مان ڪجهه سٽون ونڊ ڪجن ٿيون.

۱) ڄمڻ سان هر انسان ڪافر هوندو آهي، پوءِ ماءُ جو مذهب اختيار ڪندو آهي.

۲) چون ٿا؛ پاڻيءَ کي رنگ نه آهي. پر ڏٺو وڃي ته پاڻي پاڻ رنگ آهي. بک جو رنگ ايڏو ته گهاٽو هوندو آهي جو بکايل ان رنگ ۾ لڪيل هوندو آهي.

۳) ڪتا اڪثريت ۾ هجن ته ڀونڪڻ کي ڏاهپ سمجهيو ويندو آهي.

۴) ڪتن جا مقابلا ماڻهن جي ويڙهه کان انڪري بهتر هوندا آهن جو ڪتن جي مقابلي ۾ مون ڪڏهن ڪتو مرندي ناهي ڏٺو ۽ ماڻهن جي مقابلي ۾ ماڻهو ائين مرندا آهن جيئن ڪتو مري ويو.

۵)  جيڪڏهن ڪتن کي نه ڇيڙيو وڃي ته ڪتن جا ايندڙ نسل گونگا پيدا ٿين.

۶) چورَ ڪتن جو رزق هوندا آهن. جيڪڏهن چور، چوري ڪرڻ ڇڏي ڏين ته ڪتا بي روزگار ٿي وڃن.

7) انسان جو جڏهن دنيا ۾ گذارو نه ٿيندو آهي ته پوءِ گذاري ويندو آهي، گذارو ڪرڻ لاءِ وقت سان گڏ گذرڻو پوي ٿو.

۸) جڏهن هڪ وقت گهڻا ڳالهائن ته سمجهه ۾ نه ايندڙ نئين ٻولي ٺهي پوندي آهي.

۹) دنيا ۾ ڪتن جا فارم آهن ۽ جن ملڪن ۾ ڪتا کاڌا وڃن ٿا، انهن ملڪن جا ماڻهو پنهنجي نظام سان وفادار آهن.

۱۰) نفس ڪتو آهي ۽ روزگار جي حصول لاءِ ڀونڪي ٿو.

۱۱) آفتون انسان جي مصروف وقت جو انتظار ڪنديون آهن.

۱۲) بوءِ، ڪُتي جي مادري زبان آهي.

۱۳)  جڏهن توهان وٽ ڪو مسئلو نه هُجي ته پوءِ موسم تي ڳالهائي سگهو ٿا.

۱۴) ڪتي جي دل، مالڪ جي بوٽ ۾ هوندي آهي. ان جي دل، بوٽ جي آواز سان ڌڙڪندي آهي.

۱۵) توهان جي ڪا شيءِ گم ٿي وڃي. توهان ان شيءِ کي ڳولهيو ته نظر ايندڙ شيون توهان کي گم ٿيل شيءِ جهڙيون نظر اينديون.

۱۶) ان (اڌ رنگي)  کي اڌ رنگو ان ڪري چوندا آهن جو ان ۾ اڌ رنگ زندگيءَ جو ۽ اڌ رنگ موت جو سمايل هوندو آهي.

 

(چنا لائبرري درٻيلو فيسبڪ پيج تان ۲ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment