Sunday, January 30, 2022

مُئي پُڄاڻان - جعفر شاهاڻي

مُئي پُڄاڻان

ڪهاڻي

جعفر شاهاڻي



گهر جي اڱڻ وچ ۾ پيل کٽ مٿي ٽُڪ واري رلِيءَ تي حاجي سڳوري جي ٿڌي بُت چوڌاري ويجهن مٽن مائٽن ۽ سندس خاندان جي مردن ۾ سوڳ جو عالم هو ۽ ورانڊي ۾ ويٺل عورتن جو روڄ راڙو ڪيتري وقت کان جاري هو... ٻاهر حاجي سڳوري جي اوطاق تي ماڻهن جي هَڻ هَڻان، وٺ وٺان ۾ ڪن شاميانو پئي لڳايو، ڪنهن پَٽ پئي ميڙيو، ڪنهن پاڻي پئي ڇنڊڪاريو، ڪنهن وري ناديون پئي صاف ڪيون، ڄڻ ڪنهن ڪاڄ جي تياري پئي ٿي.


چند ڪلاڪن کان پوءِ اوطاق تي ننڍين وڏين گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جو ڪو انت نه هو. هر ڪنهن جي ڀَڄ ڀَڄان هئي متان مُئي پُڄاڻان سندس پروٽوڪول ۾ ڪا ڪمي ڪوتاهي نه رهجي وڃي.

حاجي صاحب ماڻهو ڏاڍو پيارو ۽ ديندار هو.

ديندار هو الاءِ نه، پر پئسي وارو ضرور هو.

ٻه حج ڪيائين ۽ عمرن جو ڳاڻيٽو نه هئس.

ڪجهه ڏينهن پهريان سندس طبيعت خراب ٿي، ڪراچيءَ تائين کڻي ويا پر نه بچيو. ماڻهن ۾ اهي ڳالهيون به هلندڙ هيون ڦڦڙ ختم ٿي ويا هئس ۽ ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو، پر ڳوٺ وارن ڪڏهن بيماري جو ڪين ٻڌو.

وڏا ماڻهو ڪٿي ٿا ننڍن ماڻهن سان اهڙيون ڳالهيون ڪن.

خير! هر ڪنهن کي هي جهان ڇڏڻو آهي.

اوطاق تي جنازي نماز کان ڪري قبرستان تي به ماڻهو سوڳ يا رسمي سوڳ ۾ هئا.

پر... نقاش سوڳ بجاءِ اونهين سوچ ۾ گُم هو، ڳالهه الاءِ ڪهڙي هئي؟

مقام سوڳ ۽ روڳ جو هو يا شايد نقاش ئي حاجي سڳوريءَ جي افعالن جو اکين ڏٺو گواهه هو ۽ ٻيا ماڻهو ٻهروپيا هئا.

مرڻ وارو مري ويو، پوءِ به ماڻهن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون هيون.

قرآن جي سورت، درود بخشڻ وارا ڪي ٿورا ماڻهو باقي سندس گڻ ڳائڻ وارا هئا.

دفنائڻ مهل به قبرستان جي چؤديواري ٻاهران مين گيٽ وٽ ماڻهن جي پيهه پيهان هئي ۽ گاڏين جو تعداد ڳڻپ کان مٿي هو.

نقاش جي دل چاهيو رڙيون ڪري ماڻهن کي ٻڌائي، اوهان جنهن حاجي سڳوريءَ جي موت تي ايڏا سوڳوار آهيو اهو سيرت ۽ صورت جو بدڪردار ۽ بدصورت هو.

خبر سڀني اوڙي پاڙي وارن، مٽن مائٽن ۽ تَر جي پڳدارن کي به هئي، پر پئسو جو هئس سو سڀئي سلامي ڀرڻ آيا هئا، جيئن وڏا چوندا آهن؛ “زندهه هاٿي لک جو، ته مئل هاٿي سوا لک جو!”

پر... پر... ماڻهن کي ڪير سمجهائي، هاٿي ۽ آدم ۾ فرق اشرف المخلوقات جو هو ۽ آهي.

دل چاهيو ڊاڍُون ڪري ماڻهن کي متوجهه ڪري، لاش دفنائڻ نه ڏي پر زماني جي رسمن اڳيان قيد رهيو.

سامهون نظر ڦيريائين قبرستان جي لوهي سيخن واري دروازي مان ايس پي جي گاڏي ڀر ۾ چار پنج محافظ بيزاري وارو تاثر ڏيندي ڪو سگريٽ ڦوڪي رهيو هو، ڪو وري مين پڙي وات ۾ هنيو ڪڻڪ جي فصل ۾ بيٺل عورتن کي ڏسندينءَ گگون ڳاڙي رهيو هو.

احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ هيڪر خيال آيس سندس جنازي نماز تي نه وڃي پر گهر وارن اچي تپايس سو کيس مجبورن اچڻو پيو.

نقاش پوءِ به پنهنجي خيالن ۾ گم سم ۽ ماڻهن جي چهرن کان مختلف سندس چهرو، جنهن کي ڪو پرکي سگهيو الائي نه پر ان جي کيس ڪا ڳڻتي نه هئس.

ڪانڌين جي ميڙ ۾ جيترا وات اوتريون ڳالهيون... ڪنهن وٽ دنياداري جون ڳالهيون، ڪنهن وٽ سندس ڪردار جا گڻ وڌيڪ، اوگڻ گهٽ... ڄڻ سڀني جو پيءُ مري ويو هجي.

ڪو غريب مري ها ٻه چار ويجها عزيز ۽ چند ڳوٺ وارا قبرستان تي باقي سارو خير.

ڪانڌين جي هجوم ۾ هرڪو پنهنجي مُنهن ڀُڻ ڀُڻ ڪندي ڄڻ سوڳ ۾ بي حال هو.

نقاش جي سوچن وري پلٽو کاڌو.

شروع  کان ئي منجهس فيصلي جي سگهه نه هئي، ٺلهو ماڻهن پُڇ ٻڌي مَهري ڪَيس.

نه، هو سچ ۾ وڏو ماڻهو هو!

ڇا ۾؟!

ڳالهائڻ ٻولائڻ ۾؟

واعدي وفا ۾؟

ننگن تان نثار ٿيڻ ڪري؟

اوکي ويل ڪنهن جي مدد ڪرڻ ڪري؟

يا مقبرا ٺهرائي، مزارن تي قرآني سورتن سان چادرون اوڍائڻ ڪري؟!

آخر اهڙو ڪهڙو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو اٿس جو مُئي کان پوءِ به ماڻهن جو ميلو اٿس ۽ لڳي ٿو سندس قبر تي جلد مقبرو به جُڙندو.

نقاش جي خيالن جو سلسلو ٺهندو ڊهندو، ڊهندو ٺهندو رهي ٿو ته پاسي ۾ بيٺل ٻن همراهن جي گفتگو جو آواز سندس ڪنن تي پوي ٿو.

“چون ٿا ڪووڊ__۱۹ ڪري حاجي سڳورو فوت ٿيو آهي.”

“اڙي! ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟!

“بابلا! تو کي ڪهڙي خبر مون کي پڪي رپورٽ آهي.”

“نه ير؟”

“قسم سان!”

“تو صفا ڊيڄاري ڇڏيو!”

“ڳالهه به ڊڄڻ جي آهي!”

“سو وري ڪيئن؟”

“مون سان هٿيڪي ماڻهو ڳالهه ڪئي همراهه کي ڪرونا وائرس پورو ڪري ڇڏيو. ايستائين جو جنهن مولوي غسل ڏنو ان کي مخصوص لباس پاتل هو، غسل تي بيٺل همراهن کي ماسڪ ۽ هٿن تي گلوز به هئا، بس رڳو خوف ڦهلجڻ ڪري ڳالهه لڪايو ويٺا هئا، متان ماڻهو جنازي تي نه اچن.”

“وڃ! توبهه توبهه!”

“پوءِ ڏاڍي بُري ٿيس!”

“بري ٿيس يا چڱي، پر اصل ڳالهه اها اٿئي.”

“سچ ٿو چوين ڪو ننڍڙو ڪين هيو ۽ چون ٿا اها بيماري ننڍن ٻارن ۽ سٺ سالن کان مٿي جي عمر وارن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ آهي.”

“خير! موت برحق آهي، ڳالهه کڻي ڪيترو به لڪائين، پر اهو ثابت ٿي گذريو هر شيءِ فاني آهي.”

نقاش سندن ڳالهيون ٻڌي ويتر ڪُن ۾ ڦيريون پائيندڙ پاڻي جيئن ڦيريون پائيندي سندس سوچن وري ساڳي هنڌ اچي بريڪ هنيو.

چڱو ٿيو ڌرتيءَ تان بوجهه لٿو!

بس ناليءَ جو حاجي هو باقي هُيو پوري ڏهه مهينن، ڏهه ڏينهن جو!

مون مسڪين کي رولي دربدر ڪري ڇڏيائين.

ويندي ويندي گهڻن کي رنجائي ويو، صرف مُنهن جي پڪائي ڪريو گهڻا ماڻهو سندس بخشش لاءِ هٿ کنيو بيٺا آهن.

اهڙي اچڻ ۽ بخشش مان فائدو ڪهڙو؟

دنياوي ڏيک آهي!

۽ ان دولت جو ڪهڙو فائدو جو ماڻهو حقوق العباد کائي وڃي قبر ڀيڙو ٿئي ۽ خدا کيس بخشائڻ جي توفيق نه ڏي.

يقينن اها وڏي بدنصيبي آهي.

ڪوري اسٽامپ تي صحيح ڪرائي، ڪهڙي خبر مون سان ايڏو وڏو دوکو ڪندو.

ڪو ڌاريو ائين ڪري ها ڏک نه ٿئي ها.

خدا جو ڏنو سڀ ڪجهه هئس، پوءِ به مون مسڪين کان ٻني ڦري ڌيئرن کي ڏنائين.

اهڙي رٻَ ڀلي هجي ها ته وهائن ۾ واپري ها پر ڌيئرن مڻڪو ڀڄي وڌس.

پنهنجي ڳوٺ مان ناٺين کي لڏائي، منهنجي ٻني ورهائي ڌيئرن کي ڏنائين پر سمجهه ۾ نه ٿو اچي بابا جو وڏو همدرد ۽ هڏ ڏوکي ڪيئن هيو؟

يقينن انهي وقت بابا ۾ مفاد هوندس پر آئون ٻار جو هئس سو ڪهڙي خبر ته بابا سان ڇا جي ڪري همدردي هئس؟

پر... مون سدائين منافقت ۾ گهيريل ڏٺس.

رڳو ڏاڙهي رکيو پيو گهمندو هو باقي گهر ۾ به ٽڪي برابر نه هلندي هئس.

جوڻس پنهنجين انائن ڪري ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه ڇڏيس پر پوءِ به پيو لُورِ لُورِ ڪندو هو.

پڇاڙي جو خوار به گهڻو ٿيو پر جوڻس صفا آڙي ڪاپ هئس.

نه رڳو مون کي دربدر ڪيائين پر منهنجي نسلن کي به دربدر ڪيائين سو آئون بخش ڪريانس يا نه ڪريانس؟؟؟

نقاش پنهنجو پاڻ کان سوال ڪري وجهي ٿو.

کڻي ڪو فرق پوي يا نه پوي، پر مون کان پنهنجو تڏو ڦري بي گهر ڪيائين سو آئون بخش ڪريانس، نه ڪريانس_ نه ڪريانس يا ڪريانس؟!

سندس اولاد مغفرت لاءِ قرآن، درود پڙهائي خيراتون ڪندو غريبن کي ڪپڙا، سامان سرڙو ملندو، پوءِ تون ڇا ڪندينءَ؟

آئون اڳئين جهان ۾ به احتجاج ڪندي سندس گچيءَ مان جهلي خدا سامهون پاڻ سان ٿيل ناانصافي بيان ڪندس!

سندس پُٽ وڏا اڪابر اٿس!

ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟!

هو سرياند آهن ۽ تون مفلس.

هُو دنياوي حساب سان کڻي مالدار هو، پر خدا اڳيان مون جهڙو، مون جيان هوندو!

هوندو، نه هوندو__ نه هوندو، هوندو!

سوچون گهڻي دير تائين جيئن جو تيئن حاجي سڳوري جي اردگرد گهمنديون رهنس ٿيون... اوچتو سندس ٻانهن ۾ ڪنهن اچي هٿ وڌو. هڪ پل ۾ الاءِ ڪٿان کان موٽندي، ڪنڌ مٿي کڻي ڏسي ٿو، گهڻا ڪانڌي به ٽڙي پکڙي واپس وڃي چڪا هئا ۽ ڪي ٿورا ماڻهو ئي وڃي قبرستان ۾ بچيا هئا. حاجي صاحب جي ڀاءُ جو هٿ نقاش جي ٻانهن ۾ هو ۽ سندس پُٽ پويان جُهڪيل ڪنڌ سان هوريان هوريان اچي رهيو هو.

ٽڙيل پکڙيل ڪانڌين کان پرڀرو هڪ جاءِ تي ويهندي حاجي سڳوري جي ڀاءُ نقاش سان مخاطب ٿيندي چيو، “ادا... نقاش! مون ادا وڏي کي بخش ڪري ڇڏيو آهي... ڪيائين مون سان به گهڻي... پر مرڻ کان پوءِ ساڻس ڪهڙيون رنجشون رکان؟”

نقاش ڪا به ورندي نه ڏنس. سندس پُٽ جُهڪيل ڪنڌ مٿي کڻندي کيس چيو، “ادا اسين مڃون ٿا بابا توهان سان ڏاڍائي ڪئي ۽ هاڻ هُو هن جهان ۾ ناهي رهيو سو آئون ۽ چاچا توهان کي عرض ٿا ڪريون پليز... پليز بابا کي معاف ڪريو جيئن سندس قبر ڪشادي رهي.”

اها ڳالهه ٻڌندي ئي نقاش گِهري سوچ ۾ پئجي ويو ته کين ڪهڙي ورندي ڏيان... ايتري ۾ حاجي صاحب جي نوڪر سندس پُٽ ويجهو پهچندي اچي کيس چيو؛ “صاحب! توهان جو دوست، پنهنجي ضلعي جو اڳوڻو ڊي سي صاحب تعزيت لاءِ اوطاق تي پهتل آهي ۽ سندس خواهش آهي توهان سان به مليو وڃان...”

وري نقاش سان سندن ڪا ڳالهه ٻولهه ٿئي يا آزيون نيازيون ٿين، تنهن کان اڳ ئي نقاش گوڏن تي هٿ رکي اُٿڻ جي ڪئي ته حاجي سڳوري جي پٽ نقاش جي ٻانهن ۾ جهليندي کيسي مان ڪجهه نوٽ ڪڍي سندس هٿ جي تَرِيءَ تي رکيا... نقاش گهڙي کن سندس مُنهن ۾ ڏسندي، زوردار ٿڦڙ وهائي سَٽَ ڏئي اٿندي، پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو... حاجي سڳوري جي پُٽ ۽ ڀاءُ، هڪٻئي سان نظرون ملائي کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيا ته اسان سان جو ٿيو سو ٿيو پر آخرت ۾ حاجي سڳوري جو الاءِ ڇا ٿيندو؟!

**

(ڏھاڙي هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment