Sunday, January 30, 2022

ممتاز مهر تنقيدي ادب جو حوالو - نصير سومرو

ممتاز مهر تنقيدي ادب جو حوالو

نصير سومرو



ممتاز مهر سنڌي ڪهاڻي ۽ ادبي تنقيد جو اهم نالو آهي. خاص طور تنقيد ۾ نالو بطور حوالو چئجي ته اهو وڌاءُ نه ٿيندو. اُپکنڊ جو اڃا ورهاڱو نه ٿيو هو، هن سکر ۾ محمد سليمان مهر، جيڪو پوليس عملدار هو، جي گهر ۹ مارچ ۱۹۴۲ع تي جنم ورتو. ڀاڳوند چئبو، جو سکر توڻي ڪراچي جي شهري وايو منڊل ۾ تعليم ۽ تربيت جا موقعا نصيب ٿيس. شهري سهولتن مان لاڀ وٺندي، ۱۹۶۶ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪيائين. فلسفي ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان فلسفن، نظرين ۽ تنقيدي راين نه صرف آگاهي مليس، پر اهو ويچارڻ، ڳالهائڻ، لکڻ جي معقول انداز اختيارڻ ۾ ڪم آيس.


ڪتاب ’زندگي جو وهڪرو‘ ڪهاڻيون (۱۹۷۷)، ’ويچار’ ادبي تنقيد (۱۹۸۰)، ’سنڌي ڪهاڻي جي اوسر’ (تنقيدي جائزو/۱۹۸۳ع) ۽ ’جڏهن مان چوهٺ جو هوندس‘ ڪهاڻيون (۲۰۱۰ع) ۽ ٻيون به گھڻيون ڪهاڻيون ۽ مضمون مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ ڇپيل اٿس. ’ويچار‘ جو ٻيو ڇاپو ’نئون نياپو‘ طرفان ڇپجي چڪو آهي. کيس باقاعدي ماهوار سوجھرو ۽ روزاني عوامي آواز جي سنڊي مئگزين ۾ پڙهيو. هي سنڊي مئگزين شايع نه ٿو ٿئي، پر هن جي لکيل آتم ڪٿا ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿئي ته ان سان ادب جي اتهاس ۾ هڪ دستاويز جي هاڪاري واڌ ٿيندي. ٻيا به ٽڙ پکڙ کوڙ ليک هوندس، اهي سهيڙي ڇپرائجن ته جديد تحريڪي ادب ۾ خاطر خواھ واڌارو ٿي پئي. عالمي ادب سان جاڳرتا جو نئون سج شاخون ڪڍي ٿو. ممتاز موضوع جي چونڊ ۾ غير روايتي ۽ نئين حسيت جي اپٽار  ڪئي. غير روايتي لاڙو وقتائتي آواز جو پڙاڏو بڻڄي کونجڻ لڳو.

انگريزن جي ايامڪاري ۾ نوان سڌارا متعارف ٿيا. ادب ۾ به نون لاڙن جو اثر قبوليو ويو. نواڻ ۽ پراڻ ۾ فڪري ڪشمڪش جنم ورتو. انجمن ترقي پسند مصنفين جي طرز تي سنڌي ادبي سنگت وجود ۾ آئي. سنڌي ۾ اخبارون، رسالا ۽ اينٿالاجيز مغربي اسلوب وارا اشاعت هيٺ آيا. انهن ۾ ڏندڪٿائن ۽ ڌرمڪ پرچار بدران سماجواد  طرز جي افساني، ناول، ناٽڪ، آزاد نظم، انشائيه ۽ صحافت جا نوان تجربا شامل هئا. جديد ادب تي سياست جي اثر نمايان جاءِ والاري ورتي. جدليات يعني ’جدل‘ بمعنيٰ ’ويڙهه‘ جي پسمنظر ۾ نيون صفبنديون عمل ۾ آيون. پارليامان جي جمهوري جوڙجڪ وانگر ادبي ادارن ۾ به عهديدار چونڊن ذريعي مقرر ٿيڻ لڳا. هي طريقو اڃا تائين منڊڪائيندو رهي ٿو. البت ويڙهه جو تصور برقرار آهي، جيڪو ‘اليڪشن وڙهڻ‘، يا عدالتن ۾ ڪيس وڙهڻ’ جهڙن اصطلاحن مان بنهه چٽو نظر اچي ٿو. تنقيدي راءِ ڏيڻ سان نقاد تڪراري ٿيو پئي. ٻين ليکڪن جيان ممتاز مهر پنهنجي اصولي موقف ۾ تڪراري بڻجي ويو. تڪراري هئڻ جي ڪري مٿس هڪ راءِ حتمي ڏيڻ ممڪن ڪونهي. وجود جي اَوجودي احساس جو اظهار ڪيو اٿس. جهڙوڪ، ’ريل جي دٻي ۾ ڦاٿل هجي‘. ڦاٿل ماڻهو جو ڪهڙو ارادو هلندو. ان ڪري هُو ڪنهن هڪ نظريي جي خاني ۾ فٽ نه ٿو ٿي سگھي. ڪڏهن واد ڪڏهن اَواد. ڪڏهن آشا واد ڪڏهن نراشا واد، ڪڏهن ساميواد ڪڏهن نراجواد.!

سنگت ڪراچي پهريون هڪ شاخ هئي. پوءِ گلشن حديد، سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ۽ ملير شاخن کي الحاق مليا. اديب مختلف شاخن جي گڏجاڻين ۽ ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪندا هئا. سينئر اديبن مان ممتاز مهر گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو. اسي جو ڏهاڪو هو، هن جا تنقيدي مضمون انشائيه انداز ۾ لکيل پڙهيا هئا. سنڌيالاجي طرفان ڇپجندڙ سانئس مئگزين ۾ هن جو هڪ سانئسي مضمون پڙهيو، جيڪو وڻيو. سانئسي ۽ ترقي پسندانه لاڙو لاڙو مشترڪ قدر هو. ۱۹۸۹ع ۾ ڪراچي آيم ۽ سن ۲۰۰۰ع تائين صنعتي ذميدارين سان واڳيل رهيم. ۲۰۰۱ع کان ادب جي پڙ ۾ پير پاتو. سنگت شاخ گلشن حديد پاران هڪ ليڪچر پروگرام ڪوٺايو ويو هو، ان ۾ شرڪت ڪئي. ليڪچر غفور ميمڻ ڏنو ۽ صدارت انور پيزادي ڪئي، ممتاز مهر مک مهمان هو. کيس پهريون ڀيرو ٻڌو ته اثر اهو پيوم، ’هُو پنهنجي موقف ۾ چٽو ڪونهي‘. فرسٽ امپريشن از لاسٽ امپريشن چواڻي تحت فڪري مونجھارن، يا بدليل طرز تفڪر سبب اسي جي ڏهاڪي کان هن  وقت ۲۰۲۱ع تائين وچ ۾ سندس لکت متواتر يعني تسلسل ۾ نه ٿي ملي. ۲۰۱۰ع ۾ هن جي ڪهاڻي ’جڏهن مان چوهٺ جو هوندس‘ ماهوار سوجھري ۾ ڇپي جنهن مقبوليت ماڻي. هن ڪهاڻي جو آصف فرخيءَ انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ۽ آڪسفور يونيورسٽي پريس طرفان ڇپيل هڪ ڪتاب ۾ شامل ڪئي وئي. سوجھري ۾ هن جا تنقيدي خط ۽ جوابي خطن جو ڪافي چرچو رهيو. هن غفور ميمڻ جي ڪتاب تي ڇتي تنقيد ڪئي ۽ معاملو ذري گھٽ ڪورٽ  پهچڻ کان بچي ويو. هن جي تنقيد، امرجليل جي في البديع ڳالهائڻ توڙي بيباڪي سان لکڻ سان بحث شروع ٿي پئي ويا. جهڙي طرح عزيز ليکراج، ۽ لعل پشپ جي تنقيدي لکتن ۾ زمان مڪان جو سنڌو مٽجي ويندو هو، يا انگريزي تحريڪي اثرن هيٺ لکيل رومانوي شاعرن ۽ نقادن جون لکتون آزاد خيالي ۽ فڪري متڀيد جون عڪاس رهيون. هونئن ته مذاحمي ادب انگريزن جي ڏينهن کان سرجڻ شروع ٿيو هو، ورهاڱي کانپوءِ ون يونٽ خلاف شاگرد تحريڪ کي ٻوهي جو ڪم مذاحمتي ادب ڏنو. اسي جي ڏهاڪي جا پڇاڙڪن سالن ۾ جڏهن سوويت جي ڀڃ ٽٽ شروع ٿي ته سنڌي ادب ۾ به ڀرم جي ڀت ۾ ڏار پئجي ويا. بلند آهنگ ۾ سوويت انقلاب ۽ رد انقلاب جون مسخ ٿيل چهرو شيخ اياز پنهنجي نثر ۾ ڏيکاريو. ممتاز مهر جو جھڪاءُ شيخ اياز جي طرف هو.

ندي جي پاڻي جيان وقت گذرندو رهي ٿو. پاڻي، جيڪو گذري ٿو سو پاڻي ۽ جيڪو گذرندو سو پاڻي... پاڻي، پاڻي ئي رهي ٿو، وهي ٿو ڄڻڪي پاڻي ساڳيو هجي، پر هيءَ ساڳائپ سراب آهي. جڏهن ڪو پرين پيارو وڇڙي وڃي ٿو ته اهو سراب نظر ايندو آهي. ممتاز ۽ منهنجو ڀلوڙ دوست، روزاني هلال پاڪستان جو اڳوڻو سينئر رپورٽر ۽  ايڊيٽر بادل ۽ انڊس ڊائجيسٽ عمر الدين بيدار جي سنگت ۾ يادگار وقت گزاريو. هن جي ڪمي شدت سان محسوس ٿيندي آهي. ممتاز مهر به هلال ۾ ڪم ڪيو ۽ تڏهن کان بيدار صاحب سان ياراڻو هيس. تاج بلوچ وڇڙي ويو، سوجھرو سندس زندگيءَ ۾ ئي شايع ٿيڻ بند ٿي ويو هو. هن جو تنقيدي سڀاءُ تڪراري ۽ تک تنوار وارو هو. ٻه ڪڪڙ جتي هوندا وڙهندا، ڪڪڙيون سوين گڏ رهندي وڙهنديون ڪونهن. بيباڪ اديب هجي، يا ڪو اڳواڻ ڪجھ ڪندو مخالفت ۽ اُگرا نتيجا ڀوڳڻا پوندس. ان هوندي، ممتاز پنهنجي دڳ تان ٿڙيو ڪونهي. اردو جو ناميارو شاعر ۽ صحافي سرور جاويد بلا جو نقاد ۽ ٺھ ٺھ جواب ڏيڻ ۾ برجستو هو. هُو ڪورونا سبب چالاڻو ڪري ويو. آصف فرخي جي کٽ پڻ خالي ٿي وئي.  هو ممتاز جو ويجھو دوست هو. هن سندس ڪهاڻي ’جڏهن مان چوهٺ جو هوندس‘ انگريزي ۾ ترجمو ڪئي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان ڇپيل اينٿالاجي ۾ شامل ڪئي.

ادب جي ارتقا ٿئي ٿي. گڏيل هند وارو جديد ۽ ترقي پسند ورهائجي ويو. اهو هاڻي سرحد پار ’هندستاني ادب‘ ۽ پاڻ وٽ ’پاڪستاني ادب‘ سڏجي ٿو. اهڙي ۾ ممتاز سميت ڪنهن اديب جي فڪري وابستگيءَ کي هڪ ڇاپ هڻڻ ۽ کيس محدود ڪرڻ ڏکيو امر آهي. جدت، جديديت، ۽ مابعد جديديت مان سببن جي گھڻائي (Plurality of Causes) ڪارڻ هڪ اڻکٽ رنگارنگي ۽ گونا گونيت (Diversity) وارو لاڙو جنم وٺي چڪو آهي، جنهن جي قبوليت ۽ رد جا امڪان آزاد ارادي (فري وِل) جو ڪڙو کڙڪائين ٿا. ممتاز کي عوامي ادبي انجمن جي ويهڪن ۾، يا مشترڪ دوستن غلام مصطفيٰ لاکي ۽ ڊاڪٽر عاشق حسين بدوي سان ڪچهرين ۾ ٻڌو، توڻي سندس لکتن مان به پڌرو آهي ته هو ڪاڙ واس (Hedonism) ۽ نراج واد Anarchism جي ٻواٽي بيٺل آهي ۽ بس!

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۳۰ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment