Sunday, August 30, 2015

ظالم بادشاھ

ظالم بادشاهه
ٻالڪ ڪهاڻي

هڪڙو بادشاهه شڪار تي پئي ويو. ته واٽ تي هڪ ويران شهر ڏٺائين. ان ۾ ڪي وڻ بيٺا هئا، جن ۾ چٻرن جو جهيڙو لڳو پيو هو. بادشاهه چرچو ڪري وزير کان پڇيو ته؛ ”وزير، اهي چٻرا ڇا پيا چون؟


وزير عرض ڪيو ته؛ ”جيئندا قبلا هنن ۾ شادي آهي. ڪنوار جو پيءُ چوي ٿو ته منهنجي ڌيءَ کي چاليهه ڦٽل ڳوٺ ڏاج ۾ ڏي. گهوٽ جو پيءُ چوي ٿو ته هينئر چار ڳوٺ ڏاج ۾ ڏيان ٿو. اهي قبول ڪر. باقي لاءِ ڪجهه ڏينهن ترس. هن بادشاهه جي حياتيءَ جو ڌڻي تعاليٰ خير ڪري، چاليهه ڇا پر سؤ چوندين ته به حاضر ڪندس.“

بادشاهه ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ ان ڏينهن کان وٺي اهڙو ته عدل وارو ٿيو جو سڄي رعيت منجهانئس خوش رهي.

No comments:

Post a Comment