Thursday, August 13, 2015

عطائي مٺل - جسڪاڻي

عطائي
مٺل جسڪاڻي
ڪمدار ڪرو جا ڪنهن ڪن ڪونه ڀريا هئا، پر هو واندڪائي ۾ هوٽل تي ويهي، خانگي ٽي وي چينل تان جيڪي خبرون ۽ گفتگو وارا پروگرام ڏسندو ۽ ٻڌنڌو هو، انهن جي ڪري ئي سندس ذهن ۾ آيو، سو وڏيري وڌل خان کي صلاح ڏنائين، ته ”ملڪ جو ماحول مٽيل پيو لڳي. ٿي سگهي ٿو ويجهڙائي ۾ مقامي چونڊون (بلدياتي اليڪشن) ٿين. اڄ ڪلهه ماڻهن جو ڌيان پڙهيل لکيل اميدوارن ڏانهن ويندو آهي. ان ڪري اهو نه سوچيو ته ڪو اوهان مون وانگر آُڱوٺي ڇاپ آهيو. سٺي صلاح وٺو ته حڪيم کان رڳو معجون وٺو، ياري رکو ڪنهن ڊاڪٽر سان ۽ پوءِ ڪڏهن ڊاڪٽر جي دعوت ڪريو، جنهن ۾ کيس چئو، ته جيڪي سندس دوست ڊاڪٽر هجن، لکيا پڙهيا هجن، انهن کي وٺيو اچي، ڪچهري به ڪجي، ماني به کائجي“.


وڏيري وڌل کي ڪمدار ڪرو جي صلاح وڻي، ان ڪري ڀر واري شهر ۾، جنهن ڊاڪٽر وٽ ايندو ويندو هو، ان کي ئي خاص مهمان ۽ سندس دوست ڊاڪٽرن کي عام مهمان طور سڏي، سندن دعوت ڪيائين، ته ڀلي پاڙي پتي ۾ خبر پوي، ته آئون به لکيل پڙهيل آهيان، منهنجا واسطا به لکيل پڙهيل ۽ ڊاڪٽر ماڻهن سان آهن. وڏيري اهو به ويچاري ڇڏيو هو ته ان دعوت جي بدلي بي اي نه ته اي بي جو سٽيڦڪيٽ (سرٽيفڪيٽ) به ڪڍائي وٺندو.
وڏيري وڌل جي منشي موچاري خان کي، جنهن ڏينهن کان دعوت جي خبر پئي، ان پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو، ته ان دعوت ۾ ايندڙ ڊاڪٽرن مان ڪو ته اهڙو ضرور هوندو، جيڪو سندس مرض سڃاڻندو. علاج ڪري، کيس وري به نوجوان ڪري ڇڏيندو. پوءِ مائي مرادان جي ملوڪ ڌيءَ ملوڪان سان لائون لهندو. ان ڪري دعوت واري ڏينهن وڏيرو ته آيل مهمانن سان اندر، ايئر ڪنڊيشن ڪمري ۾، ڪچهري ۾ مصروف هو، پر منشي موچارو ڪمري کان ٻاهر رڳو انهيءَ گهڙيءَ جي انتظار ۾ هو، ته ڪنهن مهل ٿو اهو ڊاڪٽر نڪري، جيڪو کيس مفت ۾ صلاح مشهورو ڏئي، ننڍو نيٽو نوجوان ٿو ڪري.
موچارو خان انتظار ڪندي، هاڻ بوريت جو شڪار پئي ٿيو. کيس ننڊ جا جهوٽا پئي آيا، ته اوچتو دروازو کليو. ان مان هڪ مهمان ٻاهر آيو. موچاري خان، يڪدم مهمان کي کڻي سوڙهو ڪيو. پنهنجي ماجرا ٻڌائي علاج پڇيائينس. جواب مليس؛ آئون ڊاڪٽر سڄڻ آهيان. منهنجي سنڌي ۾ پي ايڇ ڊي آهي. ان ڪري ڊاڪٽر ٿو سڏجان. تنهنجو علاج ڪرڻ وارو ڊاڪٽر اندر ويٺو آهي، ٻاهر اچي ته پڇجان.
ڪجهه دير کانپوءِ هڪ ٻيو ڊاڪٽر نڪتو. جنهن پنهنجو نالو ڊاڪٽر جعفر ٻڌايو ۽ چيائين ته هن جاگرافي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.
اهڙيءَ طرح ٽيون ڊاڪٽر تاريخ ۾، چوٿون معاشيات ۾، پنجون شماريات ۾، ۽ ڇهون ڊاڪٽر به  ڪنهن اهڙي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي هو. اهي سڀ ڊاڪٽر، وڏيري وڌل جي مکيه مهمان ڊاڪٽر جي خانگي اسپتال ۾ وڃي، ڪنهن مهل مفت جي اخبار پڙهي، ته ڪنهن مهل مريض نه هجڻ ڪري، ڊاڪٽر سان ڪچهري ڪري، مڙئي پيا وقت پاس ڪندا هئا.
منشي موچاري خان کي مهمانن جو ٽوٽل تعداد ياد هو، ان ڪري آخري ڊاڪٽر جي ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ئي مايوس ٿي چڪو هو. پر وڏيرو وڌل اڃا ”هُش ۾ خوش“ هو. هن جو خيال هو ته رڳو ماني کائي وٺن. سندس نمڪ پيٽ ۾ پوين، ته کين چئي ۽ پوءِ کيس بي اي جي نه ته اي بي جي ته ڊگري ڪٿان نه ڪٿان، ڪيئن به ڪري هٿ ڪري ڏيندا.
آخر انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. مهمانن ماني کائي ورتي. ڪنهن ڪهڙي ته ڪنهن ڪهڙي طعام جي واکاڻ پئي ڪئي. مجموعي طور وڏيري وڌل جي ته ايتري پئي واکاڻ ڪيائون، جو وڏيرو رکي رکي پريشان پئي ٿيو، ته آيا منهنجا مهمان ٿي، تعريف ڪنهن ٻئي جي ته نه پيا ڪن. جيئن کيس سندس تعريف ٿيڻ جي تصديق ٿي، ته وڏيري بهترين موقعو سمجهي، سڀني کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري، پنھنجو ”پيٽ جو سور“ اوريو.
مهمان ڊاڪٽرن جيئن وڏيري جي واتان بي اي نه ته اي بي جو ڊگري سرٽيفڪيت وٺي ڏيڻ جو ٻڌو، ته سڀني جو منهن پنا ڏئي لهي ويو... وڏيري به عمر جا 65 ورهيه، اوطاق تي پهرين سندس وڏڙن ۽ پوءِ پاڻ راڄن جا فيصلا ڪندي گذاريا، سو سمجهي ويو، ته هنن ڊاڪٽرن کان ٻوٽو ڪو نه ٻرندو. تنهن ڪري ٻيو ڪجهه نه سجهيس ته خاص مهمان کان پڇيائين؛ ”ڊاڪٽر ڏي خبر... تون ته اصلي ڊاڪٽر آهين يا...“

خاص مهمان اکيون هيٺ ڪري، ڦڪي مرڪ مرڪي وراڻيو؛ ”تر جا امير آهيو. اوهان سان ڪهڙو ڪوڙ. ننڍو هئس ته ابو ۽ پوءِ جلد امان به گذاري وئي. اسان جي پاڙي جي ڊاڪٽر کي ڪهل آئي، سو رکيائين اسپتال ۾ ٻوهارو ڪڍي، صفائي ڪرڻ لاءِ.... اتان پوءِ منهنجو به جهان ٿيو. جيستائين مرهيات حياتي هو، تيستائين صفائي ڪندو هئس. مريضن جي ملم پٽي ڪري، سئي هڻي، دوائون ۽ گوريون ڏيندو هئس. جڏهن مرهيات پاڻ مري ويو، پوءِ سوچم ته آئون ڇا ڪريان؟ ڪيڏانهن وڃان؟ بس شهر مان بورڊ لکرائي، اچي ويٺو آهيان. اوهان کي پارت بابلا...“

No comments:

Post a Comment