Sunday, July 26, 2015

هاف فِرائي - سجاد مهر

هاف فِرائي
ڪهاڻي
سجاد مهر
پيٽ ۾ بک جا چَڪَ، پيروءَ کي ڪو پهريون ڀيرو ڪو نه پيا ها، پر اهو ته هاڻي روز جو معمول هو. ڪيترو عرصو ڪمائي نه سگهڻ ۽ ويهي کائڻ کانپوءِ جڏهن گهر جا ٽپڙ ٽاڙي کُٽا ها ته ارشاد جا هَڏَ به تڏهن حرام ٿيا ها. گَهر ۾ ڪينَ هُجڻ ڪري وَري، بُکَ ۽ ڏُکَ به  مهمان ٿي اچي گهر ۾ ٽِڪيا هيس. حالتن اهڙو ته سوڙهو ڪيو هُيُن، جو ٿڻن تي پيل ٻن سالن جو معصوم پيرو کير نه ملڻ ڪري روئي روئي صفا غش ٿي پوندو هو. ماءُ جا آنڊا هُوءَ وَس ويندي ڪو نه گهٽائيندي هُئي پِن سنِ تي پيروءَ جي مڙئي پورت ڪندي هُئي، گهر ۾ جي ڪينَ هُجي ته اهڙي حالت ۾ هڪ اُبهم جي پالنا ڏاڍي ڏکي ٿي پئي ٿي.


ارشاد توڙي جو هَٿن پيرن جو سڄو هو پر قسمت شايد کوٽي سڪي جهڙي هُيس، جو پڙهيل لکيل هوندي به ڪا نوڪري نه ملي سگهي هُئس، ويچارو مڙئي مزوري ڪري ٻچا پاليندو هو. ارشاد جي جوءِ شاهل شڪل شبيهه جي چڱي، چمڪندڙ گول چهرو، ڊگها ريشم جهڙا وار، سنهڙي چيلهه، قد جي ڊگهي، کلي تي ڳٽن ۾ چُگهه پَونس. ارشاد کي پنهنجي سهڻي زال جو اونو ورائيندو هو، توڙي جو هو به ڏسڻ وائسڻ جو ايڏو ڪوجهو ڪونه هو. پر جڏهن کيسا خالي هجن ته پوءِ مردانگيءَ تي به مائينس جو ٺپو لڳي ويندو آهي.
شاهل، پنهنجي ٻچي جي اهڙي حالت ڏسي ارشاد کي اڪثر ڪمائي اچڻ جو چوندي هُئي، پر ارشاد هر دفعي اهو چئي چپ ڪرائيندو هُيس، ته صبر ڪر ڪوشش ۾ آهيان دعا ڪر ڪو ٻَڌو ڪم لڳي پوي ته تنهنجا سمورا ٿَڪَ لاهيندس. دُعا جي آسري انسان دنيا ۾ ڪيترو ٿو جي سگهي، پيٽ جي بک صلواتن سان ڪٿي ٿي دفع ٿي، ان لاءِ ته هَٿ پيرُ هَڻڻو پَوي ٿو. ارشاد کي اڳ ته ججهي مزوري ملي ويندي هئي، پر جڏهن کان بي پير ٻوڏ پنهنجا مهانڊا شهر ۾ ڏيکاريا ها ته ڄڻ بک به شهر ۾ لڏي آئي هئي، بکايلن جي فوج اچي شهر تي حملو ڪيو هو ته لڳو هو وسيلن کي وائرس لڳي ويو آهي... .
شاهل کان پيروءَ جو روڄ ڏٺو نه پئي ٿيو، سو هُن پٽ جي لاءِ پاڙي مان جُوسي جي واڙي تان مهيني جي اوڌر تي کير وٺڻ شروع ڪيو، جوسو جيڪو عمر جو اڌڙوٽ ڏسڻ ۾ ايندس پختو جهڙو باڊي بلڊر، منهن تي بي پاڙي وَل جيان ڏاڙهي مُڇن جو ڦٽي آيل جَهنگُ، عجيب اکين سان هڪ وار شاهل ڏي نهاري مَن ۾ شڪارَ پالي مهيني جي اوڌر ان اميد تي ڏنائيس ته مُڙس ڪاهِل اٿس، ڏئي نه سگهندو وجهه ضرور ملندو. جُوسو به گوالو هوندي پنهنجي سِر کير جو ڪر منڊل ڀري شاهل جو علل صبح سان در کڙڪائيندو هو، ارشاد  در جي کڙڪي تي ٻاهر ايندو هو ته جوسي جي منهن تي ٻارنهن وڄي ويندا ها، پر جڏهن شاهل جي نظر تي چڙهندي هُئي ته هُن جي هڪڙي مُرڪ سان مينهن ڏُهڻ وارن هٿن جا ٿَڪَ به لهي پوندا هُيس... ارشاد غيرتي هو ان ڪري جُوسي جو دَرُ کڙڪائڻ کيس سٺو نه لڳندو هو، پر ڇا ڪري موت جهڙي مجبوريءَ اچي پاسا ورتا هُيس. ان ڪري پُٽ جي پالنا لاءِ زهر جو ڍڪ ڀري ماٺ ۾ مرندو هو... ..
آخر انهي ئي مجبوريءَ هُن کي گهر مان تڙيو، روز روز جي مهڻن ۽ زال جي طعنن هن کي رزوگار ڳولهڻ تي راضي ڪري وڌو، هُن بوڇڻ ڪلهي تي رکيو ۽ روڊ تي رلندو رلندو شام ڪري ويٺو، بک پاسا ورايس، پاسي واري کيسي ۾ هٿ هنيائين ته ڏهين جي نوٽ منهن تي مُرڪ آڻي وڌس، اڌ چانهه پيئڻ جي عياشيءَ لاءِ سوچيائين، ڀر ۾ ئي هڪ ڇپرو نظر آيس جنهن ۾ اوائلي دور جي ڪاٺ مان ٺهيل بينچون پيون هيون. هڪ همراهه ريڙهيءَ تي چلهو رکي ٻاٽليءَ ۾ چانهه پچائي رهيو هو، بينچن جي ڀر ۾ پهتو ته مَکين جي ڪانفرس هلي رهي هُئي، هي به وَٽِ وٺي ويهي رهيو. ويهڻ سان بينچ چيڪٽ ڪيو  ته مکين ۾ ڀاڄ پئجي وئي، چيڪٽ تي چانهه پچائڻ واري ماڻهوءَ ڌيان هن طرف ڌريو. هن کيس اڌ ڪوپ جو اشارو ڏنو، ڀر مان هلندڙ گاني جي آواز کي ڪنائڻ لڳو؛
اسان نون عشق مريندا،
ڍولڻ وَل وَل قتل ڪريندا
ارشاد کي عشق کان چڙ هُئي، ڇو جو هو ڪڏهن ڀُلَ ۾ به ان جي ڀر مان ڪو نه گذريو هو ويتر جو پيءُ ماءُ ننڍي هوندي ئي شادي ڪرائي ڇڏي هيس ته وڃِي ٿيا سَت خير. همراهه پيٽ پالڻ ۾ ئي هٿيڪو. سو هن کي ”وَل وَل قتل ڪريندا“ واري جملي پاڻ ڏانهن ڇڪيو هو. هن کي جُوسي جي هِن جي جوءِ ۾ دلچسپيءَ ڄڻ ته جهوري وڌو هو. انهيءَ سوچ ئي ته هن کي هَٿ پير هڻڻ تي مجبور ڪيو هو ته هن لُوسيءَ جا پئسا لاهي گهر اچڻ کان جهليانس“... ... پيروءَ جي کير ۽ شاهل جي خواهشن تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ لڳو هو چانهه جي چُسڪيءَ نڙيءَ جو لنگهه اڃا مس لتاڙيو هوس ته جمعي جمعدار جو پٿر جهڙو پختو هَٿ هِن جي ڪالر ۾ اچي پيو.
هَلُ ڙي، اُٿي... ... ... چور، چورَ جا پُٽ، ڦُـرَ ڪَري آرام سان ويهي چانهيون ٿو پيئين... اُن لمحي ارشاد جي هَٿن مان ڪوپُ، ۽ پيرن هيٺيان زمين ڇڏائجي وئي، ٿاٻڙجندي اُٿي هٿ ٻڌندي جمعدار کي چيائين...
قبلا! اَسين مَزور ماڻهو. اسان جو ڦر ۽ ڌاڙي سان ڇا وڃي... جمعي جمـعدار اکيون ويتر ڪَرڙيون ڪندي ڪاوڙ مان چيس.
مون کي انڌو ٿو سمجهين، تنهنجي آڪهه کي سڃاڻان، سَتن پيڙهين کان پيراڊو رهيو هان، پير سِنگهي اَچي پهتو آهيان پُٽَ! سَڄي عمر ڪري چوريون هاڻي موچڙي اڳيان وري مُلان ٿو ٿئين... ..
ارشاد جي مُنهن تي مايوسيءَ جا ليڪا گهرا ٿيندا ويا. هيڏي هوڏي نهاريائين ڪا اُميد نظر نه آيس. ڪنهن کي دانهن ڏئي اهڙي دَرد جي. دانهن جا در ٻوٽجندي محسوس ڪيائين سوچيائين ته هاڻي ووءِ ووءِ ڪرڻ اجائي آهي. سو ارشاد به پاڻ جيان پنهنجي قسمت تي ڏوهه ڏئي خاموشي اختيار ڪئي، قانون جو هَٿ وري هن جي ڪالر ۾ اهڙو پيو جو گهلي اچي لاڪ اپ ۾ وڌائينس... .
گهاڻي جهڙو ٿاڻو ارشاد جون وايون بتال ڪري ويو. صوبيدار پنهنجي ڦِرندڙ ڪُرسيءَ تان اُٿي هڙني جوابدارن کي هڪ هڪ ڪري جاچڻ لڳو. پنج ئي ڏوهاري ڪنڌ جهڪايو رب جي رضا تي راضي ٿيا بيٺا هئا، صوبيدار جمعي جمعدار کان وڏي واڪي رڙ ڪندي پڇيو ته جمعدار هي سڀ ڦُورو آهن؟!! يا... ..
جمعدار خوشامندي انداز ۾ اڳتي سُري وڏي فخر سان چيو ته ”ها وڏا! هي سڀ وڏا بدنام ڏوهاري، شهر اندر ڦُرن ۽ ڌاڙن ۾ گهربل آهن. هِنن ته اسان جي رَتُ ۾ رات ڪئي آهي. ماڻهن جو ساههُ پي ڇڏيو اٿائون، هِڪ هِڪَ ڏوهاريءَ تي ڏهه ڏهه ڪيس آهن، خبر ناهي ڪيئن هر دفعي قانون جي گرفت مان نڪري ٿا وڃنِ. اسان ته جان جي بازي لڳائي اهڙا اشتهاري ڏوهاري پَڪڙيون ٿا، پر مارَ پوَي موبائيل فون کي جيڪا جُودَ ۾ هِنن کي آزاد ٿي ڪرائي ڇڏي... .“
وڏا! سَڳَ سوڌو آن اسپاٽ ڏوهه ڪندي جهَليا آهن، قرب ڪري مٿي ڪا سفارش ڪر ته اسان جي ڪارڪردگي ڪيش ٿي، مَري ويا آهيون سُڪيءَ پگهار ٿي... ...
صوبيدار ان مهل ئي پاڻ کان مٿي آفيسر ڏي فون کڙڪائي.. ڪجهه لمحن کان پوءِ صوبيدار جي اکين ۾ رَتُ لهي آيو، هن هڪدم پنهنجي آفيسر جي ڳالهه تي الرٽ ٿي سليوٽ ڪندي. انتهائي غصي واري انداز ۾ ڏوهارين ڏانهن ڏٺو... .جن ۾ ارشاد سڀ کان اڳيان جيل جي سلاخن ۾ هٿ وجهون ايندڙ فون تان ملندڙ حڪم جو حيرانيءَ سان انتظار ڪري رهيو هو... ..

صوبيدار وڏي اعتماد سان چيو؛ ”بس سائين ٺيڪ آهي. مان اوهان جو حڪم سمجهي ويم، هنن کي پنهنجي ڏوههَ جي سَزا ضرور ملندي. پوءِ کين پتو پوندو ته قانون جا هٿ ڪيترا مضبوط آهن. توهان رڳو ايترو فرمايو ته هِنن جي فُل فرائي ڪرڻي آهي، يا هاف فِرائي..“

No comments:

Post a Comment