Thursday, July 23, 2015

کٿو - اڪبر لغاري

کٿو
اڪبر لغاري
خبرون مڙئي خير. آئون تعلقي هالا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ايامن کان رهندو آهيان. هيءُ ڳوٺ درياه بادشاھ جي کاٻين ڀر آهي. اباڻو ڌنڌو يعني مال چاريندو آهيان. ماهيي مال جا مڙئي ٻه ٽي ڪن آهن. ٻيو ڀاءُ اٿم جيڪو رئيس جو سرڙيو هاري آهي. گھر ۾ اناج هو آڻيندو آهي، کير پاڻي منهنجو. لسي پيو ٻچڙا پالي ويٺا هئاسون.


پاڙي ۾ڪچي مسيتڙي به آهي، جتي عيد نماز کان سواءِ زمو به پڙهون ته مولبي ٻارن کي سيپارو به پڙهائي. رمضان ۾ روزڙا رکون به کير ماني سان ته کوليون به کير ماني سان. کنگھ کرٽو ٿئي ته حڪيم صاب جي ستي ڦڪي، ٻيو ٿيو کئير. کرچ صڦا گھٽ. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ميلي ملاکڙي وڃون يا ڀٽائي جي چوڏهين تي. پر اسين ٻيئي ڀائر جڏهن به هالين وڃون تو ٻه پڙي اجرڪ ضرور وٺون، جيڪا اسان کي اٿندي ويهندي ڪم اچي.
بابو مرهيات جڏهن حيات هو ته اٺ به لڏيندو هو. هڪ دفعي بابو ٿر ويو ته اتان جي سوکڙي کٿو به وٺي آيو. هل بڻهان کٿا تنهنجي سونهن. اوڙو پاڙو ڏسڻ آيو. سستائي جو زمانو هو تڏهين به ڏيڍ سئو ملھ هوس. ماڻهو ته اعتبار ئي نه ڪن. کميسي کان جا شونق ته ڏسو! هيڏا ڏوڪڙ هڪ کٿي تي. مامو گلو ته کٿي تي صڦا هرکي پيو. چئي، ”کميسا ڏھ رپيا اتر وٺ ۽ کٿو مون کي ڏي.“ پر بابي کٿي وڪڻڻ کان ٺپ جباب ڏئي ڇڏيو. بابي مرھيات کان پوءِ اهو کٿو رهيو مون وٽ، جيڪو رڳو پوھ جي مهيني ۾ اوڍيندو هوس.
ڳپل وقت اڳ، اسان جي ڳوٺ ۾ به بجلي آئي، پوءِ ٽي وي آئي ۽ آخر ۾ کاري جهڙي هڪڙي شئي آئي، چونس ته الائي ڇا، پر ٽي وي تي ولائتي ماڻهو پئي ڏيکاري، پرايون زائڦائون پيون نچن. ڀاءُ مون وارو به اهي ٺٺريون وٺي آيو. مون واري ڀاڳ ڀري به سڄو ڏينهن منهن وجھيو ويٺي هجي ٽي وي ۾. اصل کير ولوڙڻ مهل به کيل ويٺي ڏسي. شام جو مينهيون چاري موٽان ته ويٺي قصا ٻڌائي. هڪڙي ڏينهن صڦا کش هجي. چي؛ اڄ ڪپور ۽ پريا پاڻ ۾ ملي ويا. مون چيو، تو سان کئير؟ اهي وري ڪير آهن؟ پنهنجي ست راڄيءَ ۾ اهڙا نالا ڪونهن. پوءِ کبر پئي ته اهي ماڻهو ٽي وي ۾ ڏٺا هئيائين.
ڀاڳ ڀري روز روز ڏسان ته نيون ڳالهيون پئي ڪري. ڪڏهن سرکيون ۽ پئونڊر پئي وٺي، ڪڏهن وري ڪپڙا عجيب طرح جا پئي سبرائي. کير مکڻ وڪڻڻ مان جيڪو ڏوڪڙ مليس سو سڀ شونقن ۾ پورو. آئون جھنگ جي بلا، ڇا ڄاڻان انهن شين مان.
رمضان آيو ته روزو رکڻ لاءِ الاءِ ڇا ڇا گھرايائين شهر مان. هڪڙي ڏينهن شام جو ٻيلي مان موٽان ته صوڦ، ڪيوڙا، نارنگيون پيون هجن. يا الله سائين خير. اهي شيون ته اسان رڳو کٿمي ڏيارڻ لاءِ وٺون. ڪير جهان ڇڏي ويو ڇا؟ کبر پئي ته روزو کولڻ لاءِ اهو سڀ ڪجھ گھرايو ويو آ. وڏي چاچي جي ڌي ڀاڳڀري، ڇا چوانس. اٺين ڏينهن هڪڙو پاڏو کپائڻو پيو. سمجھائڻ جي ڪوشش به ڪيم پر ڀاڳڀري ته صڦا ٻٻر تي چڙهي بيٺي هجي، ڪير لاهيس. پوءِ روز، ميوا، ٻاٽليون، ٻوڙ پلاءُ. ويهين روزي تي گھر ۾ ٽڪو پئسو کتم. زال چوي؛ ڏوڪڙ ڏي، رمضان مزمان آ، ويندو هليو، اڳئين سال يا نصيب. مون چيو؛ ڪيڏاهن ويندو، اهو مزمان هر سال اچي ٿو. منهنجي سانڀر ۾ ته ڪڏهن ڀيرو ڪون ڀڳو ٿس. مون وٽ ڏوڪڙ هجن ته ڏيان.
ٻئي ڏينهن اڃا وڏو اسر هو ته مينهين جا پينڍ ڪڍيم. مُلين جي ٻانگ مهل، بند به ٽپي ويس. شام جو وري دير سان آيس. ٻه ٽي ڏينهن ائين ڪيم. ستاويهين روزي تي سوير ڀرو گھر آيس ته گھر ۾ ساڳيا ميوا، شربتون ۽ ٻاٽليون پيون هيون. پڇيو مون به ڪو نه.

ادي کي چوان عيد نماز پڙهي جڏهن هڪ ٻئي کي مبارکون پئي ڏنيوسين ته منهنجي نظر مامي گلو تي پيئي، جيڪو بابي مرهيات وارو ٿري کٿو پهريو بيٺو هو.

1 comment:

  1. جھڙو ماحول، تھڙي ٻولي. لفظ ٿورا، ڳالھ پوري. ڳالھ کي سمجھائڻ جو نرالو انداز.

    ReplyDelete