کٿو
اڪبر لغاري
خبرون مڙئي خير. آئون تعلقي هالا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ايامن
کان رهندو آهيان. هيءُ ڳوٺ درياه بادشاھ جي کاٻين ڀر آهي. اباڻو ڌنڌو يعني مال چاريندو
آهيان. ماهيي مال جا مڙئي ٻه ٽي ڪن آهن. ٻيو ڀاءُ اٿم جيڪو رئيس جو سرڙيو هاري آهي.
گھر ۾ اناج هو آڻيندو آهي، کير پاڻي منهنجو. لسي پيو ٻچڙا پالي ويٺا هئاسون.
