Saturday, July 11, 2015

اوسيئڙو اشتياق انصاري

اوسيئڙو
اشتياق انصاري
"امان! درياهه ته صفا ڦاٽي ٿو ڦاٽي! پاڻي اچي موسي واري مياڻ سان لڳو آهي، رات ته اسان جي ڳوٺ جون ڀر واريون ڀڪون به ڪيري ڇڏيون اٿائين. لڳي ٿو ته هيل وري ڪچو ڇڏي، بند تي هلڻو پوندو."
دلبر درياهه تان تڙ ڪري موٽڻ بعد آلو انگوڇو لوڙهي تي وڇائيندي چيو.
"ابا! درياهه باشا آهي، باشا سان ڪهڙو مهاڏو ڏبو. پڻهين به چئي پيو ته هيل پاڻي ته نسوري قيامت ٿي اچي. وريل وارا ته ٽپڙ ٽاڙي کڻي ڳوٺ ڇڏي ويا. پنهنجا گهرڙا وري به پوٺي تي آهن، ڏسئون!"


ماڻهنس ائين چئي ماني کٽ تي رکندي دلبر کي چيو:"پٽ، هي ٻه گرهه نيرن کائي وٺ ته مان پڻهين کي اٿاري وٺان."
"او دلبر جا پيءُ... دلبر جا پيءُ... اٿي دلبر جي اسڪول جو وقت ٿيو آهي... کيس پار پهچائي آ."
خانوءَ اٿي گهڙي مان پاڻي جو ڪٽورو ڀري، ٻه ٽي ڇنڊا منهن تي هڻي، ونجهه ۽ چپو سنڀاليا. دلبر به ڪتاب ڪڇ ۾ ڪري هن جي ڪڍ لڳو.
درياهه ڀڪ تي پهچي، خانو پڳهه سان ٻڌل ٻيڙي ڇوڙي هري هري ونجهه سان ٻيڙي ڌڪي وهڪري ۾ آندي.
"مار! پاڻي ۾ ڇڪ ته ڏس، صفا ونجهه ٿو ٽوڙي، پٽ! ماستر کي چئي اچجانءِ ته جيستائين واءُ سڻائو ٿئي، اسڪول اچي نه سگهندس، هيڙي هيانوَ ڦاڙ وهڪري ۾ ٻيڙي ڀيڙڻ ماڻهو جي وس نه آهي."
ها بابا! امان ته اڄ به اسڪول وڃڻ کان جهلي پئي، امان کي به چئي آيو آهيان ته سائين کان موڪل وٺي ايندس، هونئن به ٻوڏن ڪري ڪچي جا اسڪول بند ڪندا آهن." دلبر ائين چئي ڪتاب اڳل تي رکي پيءُ جي مدد لاءِ هڪ پاسي کان چپو هلائڻ لڳو.
دلبر تر جو اڪيلو ڇوڪرو هيو، جنهن کي پيءُ پڙهڻ لاءِ اسڪول موڪليو هو، نه ته ڪچي جا گهڻا ٻارڙا ٻني ٻارو ڪري يا درياهه ۾ ڄار اڇلي. اڇيون ڏاڙهيون ڪري ڇڏيندا هئا، پر دلبر جو پيءُ خانو ٻيلي کاتي ۾ رکوالو هو، تنهن کي چئن ڌيئرن مٿان ڄايل اڪيلي پٽ کي پڙهائڻ جو شوق هو. جيئن ته ويجهو اسڪول درياهه جي پرينءَ ڀر هڪ واهڻ ۾ هيو، ان ڪري هر روز صبح جودلبر کي خانو ٻيڙيءَ تي درياهه پار ڪرائي ايندو هو، پوءِ خانو واپس اچي پنهنجي نوڪري ڏيندو هو. اسڪول جي موڪل مهل هو وري ٻيڙي تي پٽ کي کڻڻ ويندو هو.
ڪالهه کان وٺي درياهه ۾ وڏو چاڙهه هيو، ساري رات هنن درياهه جون جبل جيڏيون ڀڪون ڪرڻ جا آواز ٻڌا هيا. پاڻي جا ڌڌڪا آسماني ڪنگرين ۾ به ڏار وجهي رهيا هئا. رات کان برسات ڪري ڄڻ آسمان ۾ به کنڊ لڳل هو. هن مهل به چوڦير ڪوهيڙي سان گڏ، هوا جا گهرگهٽ هئا. درياهه جي لڙاٽيل پاڻي ۾ ڇولين مٿان ڇوليون هيون، ٻوڏ جي لٽ ڪري پاڻي ۾ ڄڻ ڪنهن سوين مڻ ميٽ مليو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو وڏو بنڊ يا پاڙ سوڌو پٽيل وڻ درياهه ۾ لڙهندو قيً آيو. پاڻي ۾ ڪيترائي جانورن جا ٿوٿريل بدبودار ڍونڍ ترندا ٿي آيا، ڪٿي وڏا کوهن جيڏا ڪن، واڳن وانگر وات پٽيو بيٺا هئا.
پيءُ ۽ پٽ وچ سير پهتا ته ٻيڙي ۾ ڄڻ آدمخور ڪنن جي وڪڙ ۾ اچي ويا. ڪڏهن ڪو ڪن ٻيڙي کي اهڙي ته ڊوهه پيو ڏي جو ٻيڙي جي تختن مان چيڪاٽ پيا نڪري وڃن، خونخوار ڪنن سان وڙهندي هنن جو ساهه مٺ ۾ هيو. لڳي پيو ته پاڻي جي پيٽ ۾ ڪيترائي مانگر مڇ پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن.
ڇوليون اڏي اڏي سٽڪا ڪري اچي ٻيڙي مٿان پيون ڪرن. اوچتو هڪ موتمار ڇولي اچي ٻيڙيءَ مٿان زپڪو ڪيو. ٻنهي ڄڻن جون چوٽيون وڃي تري ۾ لڳيون. خانو کي مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري ڀنواٽي وٺي وئي. هو لهرن ۾ لهي وڃي ها پر يڪدم هن پاڻ سنڀالي چپو هڻڻ شروع ڪيو. خانوءَ هڪل ڪري دلبر کي هوشيار ڪيو.
"پٽ.... خيال ڪري ويهه متان ڇولي گهلي وڃئي، پير مضبوطيءَ سان پاڇل ۾ ڦاسا”...."
سير ٽپيا ته واءُ ڪجهه سڻائو ٿيو. خانو هڪ ڊگهو ساهه ڀريندي چيو، "اهڙو زور آور پاڻي ڪڏهن نه ڏٺو آهي، اڄ ته مورڳو نيون هيائين."
بابا...! اسڪول کي ڇڏ، هل ته واپس هلون." دلبر درياهه جي دهشت ڏسي پاڻي مان ٻڪ ڀري نڙي آلي ڪندي چيو.
"نه پٽ... نه... نه.... صبح جو وقت آ، تيز هوا ڪري درياهه ڏمريل هو. ڏکيا ور وري آيا آهيون، اسڪول وڃ... گسائڻ سٺي ڳالهه نه آهي.....
"بابا، واپسي ۾ وري توکي درياهه تنگ ڪندو، اڪيلو ٻيڙي هلائي نه سگهندين، پريان کان مينهن جي ڪاراڻ به ڌوڪيندي ٿي اچي. ائين نه ٿئي ته گهر پهچڻ کان اڳ ئي مينهن رسي وڃي." ننڍڙو دلبر اهڙي ڀيانڪ ڪاراڻ ڏسي صفا دهلجي ويو.
"نه... نه.... مان پنجاهه سالن کان هتان جي گهٽ گهيڙن کان واقف آهيان. ٻيڙيءَکي لاٽ وجهندس. پار ماڇين واري پتڻ پهچي، اتان ڪپر سان ٻيڙي گهلي ڳوٺ ويندس، تون الڪو نه ڪر."
خانو ۽ دلبر هڪ ٻئي کي دلاسا ڏيندا، چپو هڻندا، نيٺ اچي پرينءَ ڪنڌيءَ پهتا. دلبر ڪناري تي لهي هٿ لوڏي سڀ سڻائي چئي اسڪول روانو ٿيو. خانو ايستائين پٽ کي پٺيرو ويندو ڏسندو رهيو، جيستائين ڪچي جي گهاٽي جهنگ ۾ هن جون نظرون ٻارڙي جو پيڇو ڪري سگهيون. خانوءَ وري درياهه کينئڻ شروع ڪيو. هن دفعي هن ٻيڙي کي واءُ سان وڃڻ ڏنو.
خانو سير ۾ هيو ته موسم خراب ٿيڻ شروع ٿيو. هوا جا ڄڻ ڪنهن رسا ڪڍي ڇڏيا. هوا، خوفناڪ طوفان جي شڪل وٺي پي وئي. خانو اهو ڏسي پوري طاقت سان چپو هڻڻ لڳو. آسمان ۾ ڪارن ڪڪرن ۾ به ٻاڪر ڪٽو هيو. درياهه به طوفان جا واڄٽ ٻڌي، مڇرجندو ٿي ويو. پري کان وائنر ڄڻ آسمان کي کي پٽيون ٿي آئي، ويتر وڄ جا ڪڙڪا آڪاس کي لوڏي پيا ڇڏن.
خانو کي وچ وهڪري ۾ ئي چوڦير، ڪڪرن جا ڪارا راڪاس گهيرو ڪري ويا. هن مٿان ڪرندڙ آسمان ۾ گوڙ گجگوڙ هئا. کنوڻين جا ڌڄا ڦتڪي رهيا هئا. اهڙو قهري منظر ڏسي، درياهي لهرن ۾ به ماتم مچي ويو. ڇوليون به هاءِ گهوڙا ڪري زور زور سان منهن مٿو پٽڻ لڳيون. خانو جي ڪشتي ڪاغذ جيان هوا جي جهٽڪن تي ڪڏهن هـُـت ته ڪڏهن هـِـت ٽپا ڏيندي پئي هلي. چپو هڻي هڻي هن اڌوڙٽ جا سنڌ ساڻا ٿي پيا. هڪ بولاٽيون کائيندڙ ڇولي، ٻيڙي مٿان پاڻ اڇلي ٻيڙي ۾ پيل ونجهه ۽ رسن کي پاڻ سان لوڙهي وئي.
خانو ڄڻ بي مهار اٺ تي ڪڏندو پي ويو، جيڪو درياهي ڀٽن ۾ جهل ئي نه پيو ڏي. مست موجن مڪڙي ۾ مانڌاڻ وجهي ڇڏيو هو. ڪڏهن مڪڙي کي ڊوهي ڪڙڪا ڪندڙ ڪنن ۾ ٿي هنيائون، ڪڏهن ڪو قهري ريلو ڪشتي سان ٽڪرائي کيس ٽوٽا ٽوٽا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هيو. ائين پيو لڳي ته ٻيڙي ڄاڻ ڇيتيون ڇيتيون ٿي پاڻ جا اجگر جهڙا ڦوهارا اڏي اچي خانو مٿان ٿي ڪريا. اهڙين غضبناڪ ڇولين ڪري، ٻيڙي ڄار ۾ ڦاٿل مڇي وانگر ڦٿڪي رهي هئي. چپو هلائي هلائي خانو جو پتو پاڻي ٿي پيو، هو ڄڻ پاڻي جي اوڙاهه ۾ ٽچڪي رهيو هو. ڪن به مٿس ڪا ڪهل نه پيا ڪن. هو آخر تائين مڙسان مڙسي درياهه سان سينو ساهيون وڙهندو رهيو. نيٺ هڪ هيبتناڪ ڇولي ٻيڙي کي ڀاڪر ۾ ڀري اک ڇنڀ ۾ اونڌو ڪري ڇڏيو. کٿ ٿيل خانو کي گهوگهاٽو اچي ويو. هن پاڻ بچائڻ لاءِ گهڻائي ٿاڦوڙا هنيا. آخر درياهه هن جو ست ساهه نپوڙي سندس مڙهه مڇين حوالي ڪري ڇڏيو.

اسڪول جي موڪل کان پوءِ هلڪي ڪڻ ڪڻ ۾ دلبر درياهه ڪنڌيءَ اکين جي ڇپرن تي هٿ رکيون، ڏور ڏور تائين ڦهليل ڌنڌ ۾ پيءُ جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪري رهيو هو.

No comments:

Post a Comment