Showing posts with label اوسيئڙو، اشتياق، انصاري،. Show all posts
Showing posts with label اوسيئڙو، اشتياق، انصاري،. Show all posts

Saturday, July 11, 2015

اوسيئڙو اشتياق انصاري

اوسيئڙو
اشتياق انصاري
"امان! درياهه ته صفا ڦاٽي ٿو ڦاٽي! پاڻي اچي موسي واري مياڻ سان لڳو آهي، رات ته اسان جي ڳوٺ جون ڀر واريون ڀڪون به ڪيري ڇڏيون اٿائين. لڳي ٿو ته هيل وري ڪچو ڇڏي، بند تي هلڻو پوندو."
دلبر درياهه تان تڙ ڪري موٽڻ بعد آلو انگوڇو لوڙهي تي وڇائيندي چيو.
"ابا! درياهه باشا آهي، باشا سان ڪهڙو مهاڏو ڏبو. پڻهين به چئي پيو ته هيل پاڻي ته نسوري قيامت ٿي اچي. وريل وارا ته ٽپڙ ٽاڙي کڻي ڳوٺ ڇڏي ويا. پنهنجا گهرڙا وري به پوٺي تي آهن، ڏسئون!"