Saturday, August 22, 2015

مڇي ۽ پلاءُ - منظور ڪوھيار

مڇي ۽ پلاءُ
منظور ڪوھيار
هڪڙو هيو ملان ۽ ٻيو هيو مستانڙو. ٻنهي جي پاڻ ۾ دوستي ٿي وئي. توهان جي ذهن ۾ اهو ضرور آيو هوندو، ته جيئن باھ ۽ پاڻيءَ جي دوستي نه ٿي ٿي سگھي؛ تيئن ملان ۽ مستانڙي جي دوستي به ممڪن ناهي. پر ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ، رب جي ذات جو ڪم آهي، توهان جو ناهي.
هڪ ڏينهن ملان چيو مستانڙي کي ته: ”اڙي حالَ مست! سڄو ڏينهن ويٺو ٿو فيس بوڪ تي مستيون ڪرين. ڪو گھم ڦر، ڪو دنيا جھان ڏس.“


اها ڳالھ مستانڙي کي دل سان لڳي. ٻئي ڄڻا ٺهي سنڀري، ڪل گھوڙي تي چڙهي نڪري پيا. هلندا هلندا اچي ڪينجھر ڪناري پهتا. ڇا ڏسن ته واھ جو نظارو لڳو پيو آهي. ڪرڙا پيا ٽپن، مهاڻا پيا نچن. ڦٿڪندڙ ڪرڙا ڏسي، ملان ۽ مستانڙي جي گگ ڳڙي پئي. ريسٽورينٽ ۾ ويهندي، ملان مستانڙي کان پڇيو؛ ”مستانڙا! مڇي کائيندين يا پلاءُ؟“
”جيڪو کارائين.!“ مستانڙي وراڻيو.
”نه هڪڙي ڳالھ ڪر. جي مڇي کانوان مان، ته پلاءُ کاءُ تون؛ پر جي پلاءُ کائين تون ته مڇي کانوان مان!“
ملان جي اها ڳالھ ٻڌي، مستانڙي عقل ويڙهايو، ته مڇيءَ ۾ هوندا ڪنڊا؛ ڀل ملان کي نڙيءَ ۾ لڳن. سو يڪدم چيائينس؛ ”مان پلاءُ کائيندس!“
ملان بيري کي سڏ ڪيو ۽ چيو؛ ”بيرا! منهنجي لاءِ تازو ڪرڙو تراءِ ۽ هن منهنجي دوست کي مڇيءَ جو پلاءُ کاراءِ!“
بيئري وراڻيو؛ ”مولوي صاحب! آرڊر اکين تي. ڪرڙو به تازو، سو به موراکو پيو آھي. اھو ته جھٽ ترجي ويندو. ڇو جو اسان وٽ تريل مڇي ٺاهڻ وارو ڪاريگر ته آهي، پر مڇيءَ ۾ پلاءَ ٺاهڻ وارو ڄاڻو ڪاريگر ڪونهي.“
ملان رڙ ڪندي، مستانڙي جي قسمت تي ماتم ڪيو ۽ دلداري ڏيندي چيائينس؛ ”هاءِ ڙي، مستانڙا! تنهنجي قسمت خراب... پر تون گھٻراءِ نه! تنهنجي پلاءَ جو بندوبست، مان ڪيان ٿو.“
ملان، مست کي آسري ۾ رکيو. مست، پلاءَ جي آسري ۾ ويٺو رهيو.
اڌ ڪلاڪ کانپوءِ مڇي ترجي، ملان جي ٽيبل تي آئي. ملان مڇيءَ ۾ بيدردي سان هٿ ڳنڍيا.
اتي مست پڇيس؛ ”ڀلا منهنجو پلاءُ؟“
”عبدالوهاب سهتي جو ڪتاب ’ورجيسون؛ پسمنظر ۽ ڪارج‘ پڙهيو اٿئي؟“ ملان، ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريندي پڇيس.
”نه!“ مستانڙي ويتر پريشان ٿيندي ورندي ڏنس. ۽ دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”واھ جو يار آھي. ھڪڙو پلاءُ نه کارائي، ٻيو وري مٿان ڏکين ڪتابن جا نالا پيو پڇي.“
”اهو پڙهندين ته پلاءُ پاڻهئي تيار ٿي ويندو.“ ملان ڪتاب جو حوالو ڏيندي، ڏَس ڏنس.
”جيسين پڙهان، تنهن کان اڳ پلاءُ تيار ڪرڻ جو نسخو ٻڌائي ڇڏ، ته مهرباني ٿيندي؛ جو بک ۾ پاھ پيو ٿيان.“ مستانڙي پنهنجين ڪکين تي هٿ رکندي احساس ڏياريس.
ملان مستانڙي کي سمجھائڻ لڳو؛ ”خيالي پلاءُ پچائڻ وارو محاورو ٻڌو ٿي، يا نه؟... “
”ها!“
”هاڻي جڏهن ان کي جملي ۾ استعمال ڪندين ته ٿي پوندي ورجيس. مثلًا: مستانڙي ’خيالي پلاءُ پچائيو به، ته کاڌو به... هاڻي جي اها ورجيس دهرائيندين، ته پلاءُ به تيار ٿي ويندو ۽ کاڄي به ويندو.“
اهو ٻڌي، مستانڙو خيالي پلاءُ پچائڻ ۽ کائڻ جي ورجيس ۾ لڳي ويو. پوءِ ته ملان ويو مڇي رهڙيندو.


1 comment:

  1. اڄڪلھ جا مستانڙا به اڳئين دور جي مستانڙن وانگر ’عقل جا کُٿَ‘ ڪونھن. سڀڪجھ ڄاڻن سڃاڻن ٿا.
    ’اٽو کاڌو ڪئي، مار پئي گابي تي.‘ وارو پھاڪو به ڄاڻن ٿا ته؛ ’ڏوھ ڪري ڏاڙھيءَ وارو، مار کائي مڇن وارو‘ واري ورجيس جي به خبر اٿن. مستانڙا ٿي ٿا وتائي وانگر جڳ جھان جي خبر رکن.
    اھڙي مستانڙي وانگر ھڪڙي مائي ھئي، جنھن جو مڙس مري ويو ھيو. سا ننھن کان ھر شيءِ پئي لڪائيندي ھئي. ويندي ننڍڙي پوٽي جو دڪو/ مکڻ به پئي لڪائيندي ھئي. ڏڌ ولوڙيندي، ھلڪو ڦلڪو مکن جو چاڻو ته ھپو ڪري، ڳھي ويندي ھئي. ھڪ ڏينھن ننھن چئي ڏنس؛ ”ماسي! ڏڌ ڪيترو به ولوڙين ٿي، چاڏيءَ ۾ مکڻ جو چاڻو ته ٺھي ئي ڪو نه ٿو.“
    ننھن کي چوڻ لڳي؛ ”ائي امڙ! ڪھڙا ٿي سور پڇين. مڙس مئي جا اٿم ويسورا! ويسورن ۾ اھا به ڄاڻ نه ٿي رھي ته مکڻ ڇنڊيندي چاڻو ٺاھيان ٿي يا ڳھان ٿي. چاڻو، چاڏيءَ ۾ ٿي وجھان يا وات ۾. امڙ ڪا خبر نه ٿي پوي.“
    تيئن مستانڙن کي به ڪڏھن ڪڏھن خبر گھٽ پوندي آھي ته خيالي پلاءَ جو آرڊر ڏئي، سچي پچي مڇي، پڇ ۽ ڪنڊن سميت کاڌائين يا پليٽ سميت چٽ ڪيائين. ڀل ملان کي ڪنڊا نڙيءَ ۾ اٽڪن. مستانڙو آھي، بنا ڪنڊي وارن ٻيرن جو مالڪ.
    پوءِ ملان ويچارو ڀلي ويٺو سڄو ڏينھن ڪنڊا ڪڍي.

    ReplyDelete