Monday, August 17, 2015

چيخ - ڌيريندر اَسٿانا

چيخ
ڪھاڻي
ڌيريندر اَسٿانا/ديوناگراڻي
گهري اونداهيءَ ۾ ڊپ جيان چمڪندڙ اهو پل هئو، جڏهن ٻڌايو ويو ته؛ ڪُني گهر مان هليو ويو آهي.
هليو ويو آهي؟
ڪيڏانهن هليو ويو آهي؟
هليو ڪيئن ويو؟
ڀلا ڪُني گهر مان ڪيئن ٿو وڃي سگهي؟
سوال هئا جي مونکي چئني پاسن کان گهيري رهيا هئا ۽ مان انهن کان بچڻ جي واٽ ڳولهڻ لاءِ ڪڏهن زال جو چهرو ڏسڻ لڳندو هوس، ڪڏهن ماءُ جو، ڪڏهن پنهنجي پٽ جو ۽ ڪڏهن ديپڪ جو، جو اڃا تائين ڪم تان  واپس ڪين موٽيو هو.


مان دفتر مان گهڻو ڪري رات جو نوين وڳي تائين موٽندو هوس. ساڍي يارهين تائين کاڌو کائي ٻارهين تائين سمهي پوندو هوس. صبح جو ڇهين وڳي اٿڻ کپندو هو، پر اٺين وڳي اُٿيندو هوس. پوءِ هڙبڙ-هڙبڙ ۾ تيار ٿيندو هوس، ۽ نون ۾ پنج منٽ واري بس ۾ لٽڪي سفر ڪندو هوس. اها بس سڌو دفتر جي سامهون لاهيندي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ وقت ئي ڪٿي هوندو هو جو ماءُ سان ڳالهائي سگهان يا ڪنيءَ جي سار سنڀال لهان. فقط هڪ آرتوار هو، جنهن ۾ مان ماءُ سان ملڻ جي اها ادائگي نڀائيندو هوس. ليڪن اڄ مان هڪ اهڙي سوچنا سان ويڙهجي ويو هوس جو منهنجو سمورو شرير سناٽي سان گهيرجي ويو.
”ڪنهن ويل ويو؟“ مون آهستي پڇيو.
”ٻپهرن کان ئي ڪونهي!“ ماءُ جو آواز ائين خالي لڳو ڄڻ اُن آواز ۾ ڪُني ٿي ويٺو هوندو هو.
ڪُني هڪدم منهنجي پٺ وارو ڀاءُ هو، اٽڪل ٽيهن سالن جو. ان کانپوءِ ديپڪ پنجويهين سالن جو، ديپڪ ڪنهن پريس ۾ فوٽو ڪمپازيٽر هو. امان، ديپڪ ۽ ڪُني هڪ حصي ۾ رهندا هئا ۽ مان، منهنجي گهر واري ۽ پٽ ٻئي حصي ۾. گڏ جو گڏ ۽ ڌار جو ڌار رهڻ جي هيءَ ويوسٿا هر اُهو شخص چاهيندو آهي، ۽ زال سان گڏ-گڏ ماءُ کي به ڪجهه/ ڪجهه آزاد ۽ خوش ڏسڻ چاهيندو آهي.
پيءُ پنج سال اڳ، پنهنجي دفتر ۾ اوور ٽائيم ڪندي- ڪندي ميز تي لڙڪي ويو. جنهن جي خبر اسانکي پوءِ دير سان ملي ته هاڻ هو صرف مورتين ۽ يادگيرين ۾ ئي محفوظ رهي سگهندو.
”امان!“ ڪُنيءَ پنهنجي ڀاري، ڪڙڪ آواز ۾ پڇيو هو. ”امان ڊئڊي مري ويا؟“
”هتان دور ٿي وڃ.“ امان رڙ ڪئي هئي. ”منحوس! ان کان ته تون مري وڃين ها!“
”مان ڇو مري وڃان ها؟“ ڪُنيءَ پنهنجي اُنهيءَ آواز ۾ ودروھ ڪيو هو ۽ ”اجي مان ڇو مري وڃان ها“ جو جاپ ڪندي پڌر ۾ ڦيرا پائڻ لڳو، جتي پيءُ جو سرير آخري درشن لاءِ رکيل هو.
گهر جي ٻاهر، گهٽيءَ ۾ اوندھ وڌي رهي هئي. گهر جي اندر بجلي ٻري رهي هئي ۽ مان اڃا تائين امان، زال، پٽ جي وچ ۾ گهريل هوس، پنهنجي جلدي گهر اچڻ جي نشچيه کي بددعا ڏيندي ڏيندي.
”هن کي منهنجي بددعا لڳي ويئي.“ امان نه ڄاڻ اهو ڪنهن کي چئي ٻڌايو. ڄڻ هن جي آتما تي ان وقت ڪو ڌنڌ ڇانيل هو. هوءَ پنهنجي چنتا سان ڀريل اکين ۽ گهري جهرين سان ڪنهن گهري دکه ۾ ٻُڏي رهي هئي. مون زال ڏانهن شڪايت ڀريل لهجي سان نهاريو.
”مان ته سڄي ڪالونيءَ جو چپو، چپو ڇاڻي آئي آهيان، ڪٿي ڪو نه مليو.“ زال پنهنجي صفائي پيش ڪندڙ سوچنا ڏني. ”هاڻي ته پوليس ۾ رپورٽ لکائڻ کپي.“
پوليس! منهنجو چهرو ڪنهن اڻڄاتل آتنڪ جي ياد ۾ ڄمي ويو. پوليس، عدالت ۽ اسپتال مونکي انهن پٽيل آتمائن جي ياد ٿا ڏيارين، هڪ دفعو جي چنبڙي وڃن ته ماڻهو دنيا کان ٻاهر هليو وڃي، جيئن ڪُني هليو ويو آهي. پهرين دنيا کان ٻاهر، ۽ هاڻ گهر جي سرکشا کان به ٻاهر. بک، ٿڌ، گار، نفرت ۽ پٿرن جي کاهيءَ ۾. گول-گول گهمندو، رتو ڇاڻ چهري کي اُگهندو، دک ۽ پيڙا کان مات کائيندو!!
ڄڻ هڪ چيخ اُٿي هجي ۽ ڇت جي اوندھ ۾ وڃي ڪري گم سم لٽڪي پئي هجي. مان پگهر سان تر هيس.
جڏهن ڪو ئي نه هوندو آهي، تڏهن خبر پوندي آهي ته انهن جو هئڻ ڪيترو ارٿپورڻ آهي. جيستائين پيءُ هو، بس هو. جڏهن نه رهيو ته احساس ٿيو ته هن جي نه هئڻ تي ڪيترن دکن ۽ يادگيرين سان منھن ٿيڻو ٿو پوي. جڏهن ڪُني هو، بس هو، هاڻي نه آهي ته گهر جي ذرڙي-ذرڙي ۽ يادين ۾ موجود آهي.
اهو ۲۳ فيبروري جي شام ۽ رات جي ميلاپ جو سمو هو، جڏهن مونکي سوچنا ڏني ويئي ته ڪُني گهر ڇڏي هلي ويو آهي. اڄ مارچ جي ۱۵ تاريخ گذري رهي آهي. ڪُنيءَ کي وئي ايڪويهه ڏينهن ٿي ويا، ايڪويهه ڏينهن گهر کان ٻاهر؟
ڇا ڇا نه ٿيو هنن ايڪويهن ڏينهن ۾؟ پوليس ۾ رپورٽ درج ٿي ويئي. اخبار ۾ گم ٿي وڃڻ جي رپورٽ ڇپجي چڪي. دوردرشن تي سندس چهرو ڏيکاريو ويو. ديپڪ ۽ ان جو دوست شهر جي ڪنڊ، ڪنڊ ڇاڻي آيا. ديوي، ديوتائن جي مندرن ۾ وڃي ڏيئا ٻاريا ويا. جوتشين کان صلاح ورتي ويئي. هاڻ فقط ايترو ٿيندو هو ته منهنجي زال روز صبح جو اخبار ۾ اڻ سڃاتل مردن جي شناخت ڪندي، ماءُ کان ٻيا ٻيا سوال پڇندي هئي. پر اما هئي جا اُميد جي هڪ ننڍڙي ٽاريءَ کي چنبڙي ويٺي هئي. امان کي ائين ڪڏهن به ڪين لڳو ته ڪُني ٿڌ، بک يا ٽرڪ سان ٽڪرائجي مري سگهي ٿو.
مونکي نٿو لڳي ته ٻن سمرٿ ڀائرن جو اسمرٿ ۽ گهٽ دماغ وارو ڀاءُ هيئن مرندو، لاوارث! امان اُميد جي ٽاريءَ تي لٽڪيل پنهنجي آسٿا جو هڪ ڇوڏو اُڇليندي هئي ته مونکي لڳندو هو ته امان جو هيءُ يقين مونکي اپراڌ جي سرد، سخت ۽ پٿريلي قيد خاني ۾ پيو ڌڪيندو هو، جو مون ڪيو ئي ڪو نه هو. ڪنيءَ جي شڪل کي ياد ڪندي ڪندي، مان خود پنهنجي سڃاڻپ وڃائي رهيو هوس.
”خبر پئجي وڃي ڪه هو مري ويو آهي ته ان جو سنسڪار ته ڪري ڇڏيون ها..“ ڪڏهن ڪڏهن ماءُ ايئن به چوندي هئي، ”مري وڃي ها ته مُڪتي ته ملي ها. ٻه چار ڏينهن روئي ويهي رهون ها. آخر تنهنجو پيءُ به ته مئو هو نه؟ مرندا ته سڀ آهن، پر هيءَ ڪا ڳالهه ٿي جو گم ٿي ويو. هيءَ ته عمر ڀر جي پيڙا ٿي نه؟ جي جيئرو آهي ته خبر ناهي ته ڪيئن هوندو؟“
امان بڙبڙائيندي ۽ زال اُن کان وڌيڪ اڪيرتا سان اخبار جي پنن ۾ ڪنيءَ جي موت جي خبر ڳوليندي هئي.
”ويچارو مري ويو هوندو!“ هڪ ڏينهن پتنيءَ افسوس ظاهر ڪندي چيو هو، ”جهڙو به هو منهنجو ته گهڻو ئي ڪم ڪندو هو، پاڻي ڀرڻ، ڪڻڪ پيھائي اچڻ، اُن جي نه هئڻ جي ڪري ڪيتري دشواري اچي ويئي آهي!“
دشواري؟ مونکي لڳو دشواري نه، سڄي گهر ۾ ڄڻ ماتم ڇانئجي ويو آهي.
”ڀائي صاحب! هڪ ٻيڙي ڏيو.“ روز صبح جو دفتر وڃڻ وقت هو پنهنجي ڀاري، ڪٺور آواز ۾ پنهنجي اها هڪ فرمائش کڻي منهنجي سامهون ايندو هو. هاڻ ڪيترو خالي خالي ٿو لڳي؟
هاڻ ڇت تي به لڳاتار هن جي ڀاري قدمن جي اچ وڃ ٻڌڻ ۾ نه ايندي آهي. مڪان جي پنهنجي حصي ۾ ديپڪ هاڻ رات جو چپ چاپ ليٽيو پيو هوندو آهي. پهرين ڪُنيءَ کي زور زور سان دڙڪا ڏيڻ ۽ دڙڪي تي ڪُنيءَ جي چيخڻ چلائڻ جو آواز ايندو هو.
”جان سان ماري ڇڏيندوسانءِ. مان تو کان وڏو آهيان. ڇا پاڻ کان وڏن سان هيئن ڳالهائبو آهي.“ ان تي ديپڪ ۽ امان زور سان کلي پوندا هئا. وري امان لاڏ سان چوندي هئي؛ ”ڪُنيءَ سان چڱيءَ طرح ڳالهائيندو ڪر ديپڪ! ڀلي ڪجهه به هجي، هو آهي ته تنهنجو وڏو ڀاءُ. پاڳل ٿيڻ کان اڳ تو کي هنج ۾ کڻي گهمائيندو هو.“ وري مڪان جي ٻئي حصي ۾ يادين جي رنگبرنگي هڙ کلندي هئي ۽ ان مان ڪجهه ڪجهه حصا ڪنن تائين پيا ايندا هئا. جيستائين مان سمهي نه پوندو هوس.
هاڻ مڪان جو ٻيو حصو هر وقت سناٽي ۾ ٻڏل رهندو آهي. هاڻ ديپڪ جي آواز سان گڏ ڀاءُ جي آواز کي به اڌ رنگ لڳي ويو هو. جڏهن ڪُني پاڳل ٿيو هو ان وقت اسين ڀلا ڪٿي هئاسين. مان ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. جڏهن هو پاڳل ٿيو ته گهڻن سالن جو هو؟ شايد ڏهن سالن جو. فيل ٿي موٽيو هو. بابا ڪمر مان بيلٽ لاهي هن کي ڪپهه وانگر پڃي ڇڏيو. ڪيترا ئي ڏينهن سڄي شرير تي نشان درد جي ٽيس ۾ ڀريا پيا هوندا هئا.
”جڏهن مان پڙهڻ ويهندو آهيان ته مونکي اڪثر تنهنجي چيخ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.“ هو امان کي گهڻائي ڀيرا چوندو رهندو هو. امان جي چيخ تن ڏينهن ۾ رات جو نيم سان پنهنجي درد جو اظهار ڪندي هئي. بابا، امان کي مارڻ لاءِ هر رات ڪو نه ڪو بهانو ڳولهي ئي وٺندو هو. مان ۽ ديپڪ ان جي هن درد جي آھ کي ٻڌڻ جا عادي ٿي ويا هئاسين، پر ڪُني ڪڏهن ڪڏهن صبر جا سڀ ڪنارا ٽوڙي بابا سان وڃي ٽڪرائيندو هو. نون- ڏهن سالن جي اُنهيءَ ننڍڙي عمر ۾ عادت جي وس بابا هنساڀاوَ جي اسٿتيءَ ۾ هن کي ماريندو هو.
گهٽنائون جڏهن گهٽجنديون پيون آهن، ان وقت ايتريون رهسيه ميه نه لڳنديون آهن جيترو گهٽجي وڃڻ کانپوءِ يادين ۾ لڳنديون آهن. اڄ ياد ٿو ڪريان ته سوچي ڪري ڪانڊراجي ٿو وڃان، ته بابا ڪُنيءَ کي ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ ڪيترا ڪٺن وسيلا ڪيا! پر ڪُني هو جو هن جي آتما ۾ امان جي چيخ ڄمي ويئي هئي ۽ بابا هو جو هر ممڪن ڪوشش ڪري هن کي ماءُ جي چيخ کان مڪت ڪرائڻ ٿي چاهيو ۽ پنهنجي هن اپراڌ لاءِ معافي به گهرڻ ٿي چاهي. هن وڌندڙ عمر جي اپراڌ جو بوجهه ئي رهيو هوندو جو هو پنهنجي دفتر جي ٽيبل تي اچانڪ ئي گذاري ويا. شايد ڪُنيءَ جي آتما سان چنبڙيل چيخ انهن جي سهن شڪتيءَ تي ڀاري پئجي ويئي هوندي.
”ڪير هن کي کارائيندو هوندو؟“ ڪُنيءَ کي وئي پنجويهه ڏينهن گذري ويا هئا، جڏهن امان هڪ ڏينهن وجهه وٺي مونکان پڇيو.
”امان!“ مان دنگ رهجي ويس، ”ڇا تو کي اڃا به لڳي ٿو ته هو جيئرو آهي؟“
”مري وڃي ها ته مونکي پتو پئجي وڃي ها؟ ماءُ آهيان، مان هن ڪمزور دماغ جي، منهنجي ڪري ئي ته هو پاڳل ٿيو هو!“ امان ڪُنيءَ جي چيتنا سان چنبڙيل چيخ کي، اهڙيءَ پيڙا سان ياد ڪيو جو مان برف ٿي ويس.
پنجويهين ڏينهن بعد يعني ۱۹ مارچ جو ڪُني موٽي آيو. رات جو ۹ وڳا هئا. کٽ کٽ ٿي. ٻڌي دروازو کولڻ مان ئي هليو ويس. ڪُني هو!!
”ڀائي صاحب هڪ ٻيڙي ڏيو!“ مونکي ڏسندي ئي هن پنهنجي ڀاري، ڪڙڪ پر ڪمزور آواز ۾، پنهنجي سڪيلڌي فرمائش سامهون رکي.
”ڪٿي هليو ويو هئين تون؟“ حيرت منهنجي اکين ۾ گهر ڪندي رهي. هو ڪُني ئي هو، ٺيڪ ٺاڪ هو. هو زنده هو ۽ هن کي ڪجهه به نه ٿيو هو.
”مان؟ ڪيڏانهن نه.“ ڪُني پنهنجون آڱريون مروڙڻ لڳو.
”تو کي خبر آهي، تون پنجويهن ڏينهن کان پوءِ آيو آهين؟“ مون هن کان ڪجهه ڄاڻڻ جي خيال کان سوال ڪيو.
”مان؟ نه ته ڀائي صاحب مونکي هڪ ٻيڙي ڏيو!“ هن وري پنهنجي فرمائش رکي.
هن کان ڪجهه پڇڻ اجايو هو. مون هن کي اُميد جي ننڍڙي ٽاريءَ سان چنبڙيل امان جي حوالي ڪري ڇڏيو.
پوءِ هڪ ڏينهن هن امان کي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن هن کي وري امان جي چيخ ٻڌڻ آئي ۽ هو بر وقت گهر موٽي آيو. پورا پنجويهه ڏينهن هڪ وچتر ماڻهوءَ بک، ٿڌ، اُڃ، ننڊ، ٻيڙي، گار، نفرت سان ڪيئن منهن ڏنو. اهو راز اڄ به پوري گهر جي لاءِ هڪ رهسيه آهي.
انهيءَ کانپوءِ، ڪيترا ڏينهن اسين انهيءَ ڳالهه جو اندازو لڳائيندا رهياسين ته هو ڪٿي سمهيو هوندو؟ ڇا کاڌو هوندائين؟ حاجت لاءِ ڪٿي ويو هوندو؟ هن کي ته ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه چاليهه ڀيرا پاڻي پيئڻ جي عادت آهي، ۽ پاڻي پيئڻ کانپوءِ پيشاب تي وڃڻ جي سنڪ سوار هوندي هيس! هن جي جسم تي ڪنهن طرح جي رهنڊ به ڪين هئي. فقط ڏاڙهي وڌي ويئي هئي ۽ خميص پائجامو ميرو ٿي ويو هو.
گهر هاڻي پهرين جيان ڪُني جي حاضري ۾ رڌل رهيو. پر شروع شروع ۾ هن جا پنجويهه ڏينهن، جي منهنجي لاءِ رهسيه سان ڀريل هئا، سي پوءِ منهنجي اندر دک وانگر ڀرجي ويا.
مونکي اهو پنهنجي جيون جو وڏي ۾ وڏو دک لڳي چڪو هو، ته مان هن سخت ۽ بيدرد دنيا ۾ پنجويهه ته ڇا، هڪ ڏينهن به ٻاهر رهي نه سگهان ها، هيئن هن طرح نه ٿيو.
توهين رهي سگهندا؟
ڇا مون جيان توهانکي به چيخون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن.


No comments:

Post a Comment