Thursday, September 16, 2021

ٻٻر جي ٻيلن جهڙو سماج ۽ جهان آرا سومرو -ننگر چنا

ٻٻر جي ٻيلن جهڙو سماج ۽ جهان آرا سومرو

جھان آرا سومرو جي ڪھاڻي ڪتاب ”ماءُ منھنجو جندڙو تي تبصرو

ننگر چنا



سنڌي ڪهاڻيءَ جي آوازن ۾ عورتاڻو آواز ايترو سگهارو ناهي، جيترو هجڻ گهرجي. هُونءَ به اها صورتحال ڪا رڳو اسان سان لاڳو ناهي، پر اهڙي ئي حالت لڳ ڀڳ سڀني ٻولين سان آهي. سڀني ملڪن ۽ ٻولين ۾، اديبن جي ڊگهي قطار ۾، تمام گھڻن مردن سان گڏ ڪي ٿوريون مايُون ئي آهن. ائين ڇو آهي؟ اِنَ جا تمام گهڻا ڪارڻ آهن، پر اُنهن تي بحث اسان جو موضوع ناهي. تَنهِن هوندي به اسان جي ڪهاڻيءَ ۾ امر لال هنڱوراڻيءَ ۽ مرزا نادر بيگ سان گڏ مائي واساڻي ۽ پوپٽي هيراننداڻي به موجود آهن. ڊاڪٽر خالد سهيل پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڏاڍو سهڻو جملو لکيو آهي ته، ”مائِرُون خدا جيئن ٿينديون آهن.“ سو جڏهن عورت ڪائنات جي عظيم تخليقَ ۽ هر ڪهاڻيءَ جي مُنڍَ ‘انسانَ’ کي جنم ڏئي ٿي، تڏهن هُنَ وٽ نفسياتي، سماجي، مطلب ته هر طرح سان مطمئن هجڻ جا ڪارڻ به موجود آهن. اِنَ صورتحال هوندي به اسان سندري اُتمچنداڻي، بيگم زينت عبدالله چنا، خيرالنساء جعفري، ريٽا شهاڻي، نسيم ٿيٻو، نورالهدي شاھ، ماهتاب محبوب، نيلوفر جويو، سنڌيا شاھ ۽ شبنم گل کي ڇڏي سنڌي ڪهاڻيءَ جي عمومي سفر جي منزلن کي ڀلا ڪيئن ٿا ڳڻي سگهون!؟


انهيءَ سڄيءَ سَٿَ ۾ هڪڙي ٻي هستي محترمه جهان آرا سومرو به اچي شامل ٿي آهي. هِيءَ ڀيڻ لکندڙِ ته پُراڻِي آهي، پر صاحبِ ڪتابُ هاڻ ٿي آهي. هُونءَ به سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول جي حساب سان هي ٽاڻو (ايڪويهين صدي جا هي 17سالَ) سڀاڳو ئي ثابت ٿيو آهي. نه رڳو ڪهاڻين جا نوان ڪتاب پر ناول به اچي رهيا آهن، پر ڪيترائي پراڻا لکاري به نئين سِر ميدان تي آيا آهن. ڀيڻ جهان آرا سومرو به اهڙن ڪهاڻيڪارن مان آهي. سندس ڪتاب ”ماءُ منهنجو جندڙو“ تازو ئي سنڌي ڪهاڻيءَ جي لاءِ سُٺي سَنئوڻَ جيئن آهي. سندس چوڏهن ڪهاڻين تي مشتمل هيءُ ڪتابُ اهڙو ضرور آهي جو پڙهندڙَ کي ڪنهن به ريت اِهو احساسُ ٿيڻ نه ڏئي ته منهنجا پيسا پاڻي ٿي ويا. هُونءَ به منهنجو پنهنجو ذاتي خيالُ هِيءُ آهي ته جيڪڏهن ڪو به ڪهاڻيڪارُ (مرد توڙي عورت) پنهنجي سڄي عمر جي پورهئي ۾ اسان کي ڪي ٻه يا ٽي ڪهاڻيون به اهڙيون ڏئي وڃي، جيڪي سدابهارُ، منفرد، لازوالُ ثابت ٿي سگهن، انساني احساسن، امنگن، جذبن ۽ جولانين جو سچو پچو نقشُ هجن، نانساني جيون جو ليکو چوکو ائين پيش ڪري سگهن، جيئن اُهو آهي، تڏهن به اسان کَٽيو. ڪو به تخليقڪارُ جيڪڏهن انساني جيون جو عڪس حقيقت کان وڌيڪ سگهارو ڪري پيش ڪري سگهي ته پوءِ پڪ سان هُو تخليقڪار آهي. هُو CREATOR آهي، هُو RECREATION ڪري ته ٿو پر سندس ڪَمُ رِي ڪرِيئيشن کان مٿانهون آهي، تڏهن ئي اهو ڪِرِيئيشن سڏبو.

هِنَ ڪتاب ۾ توهان کي جتي ڪجهه ڪهاڻين ۾ ناصحاڻو رنگُ ملندو، عقيدي جو واسُ محسوس ٿيندو، نجم عباسيءَ وانگر پرچارَ ملندي، اُتي ئي اِهو به محسوس ٿيندو ته اهو رنگُ، فَنَ جي معيارن کي لتاڙي ڪو نه ٿو. مذهبَ يا نصيحت جو اهو ملمعو (قَلعِي) ڪٿي ڪٿي ڏاڍو ڀِچَندڙُ، ٺَهڪندڙُ ۽ ٽيڪو ڏيندڙُ آهي ته ڪٿي وري کُکَندڙُ به آهي. سرڪاري اسلامَ جا ڪجهه اَثرَ اسان جي ادبَ تي به پَوڻا ئِي آهن، انهيءُ جو نتيجو آهي جو صدين کان ”اَللهُ واهِي“ ۽ ”خدا حافظ“ چوندڙَ ڪردارَ هاڻي ”اَللهُ حافظ“ چوڻ لڳا آهن.

هِنَ ڪتاب جي ڪهاڻي، ”ڀَرِيم جو پاڻي" رٽائرمينٽ کان پوءِ جي زندگيءَ تي لکيل آهي. هيءَ مذهبي خيالن ۽ نصيحتن سان گڏ ”الدُنيا جيفت وَ طُلابها ڪلاب“ (دنيا ڍونڍُ آهي ۽ ان جا طالب ڪُتا آهن) جي مرڪزي خيالَ تي ٻڌل آهي يا ”سامي“ جي”مايا ڀُلائي، وِڌو جِيءُ ڀَرَمَ ۾“ جو تفسير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هِنَ ۾ هڪ مست کي ايترو پهتل ڏيکاريو ويو آهي جو ”پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري“ اڃا به ويچاري ٿي لڳي. ”سُوريائِي سيڄ“ وري افلاطوني عشق تي ٻَڌَلَ، مونس ۽ روما نالي ڪردارن جي ڪٿا آهي. غيرمعمولي ماڻهو ٿيڻَ يا هجڻَ جي ڦُونڊِ ۾ محبتن جي مُنڪَرَنِ جي ڪهاڻي. اهڙا ڪردارَ جن سان سنڌ ڀَرجندي پئي وڃي. ”ٿوهر جو وڻ“ مرداڻي حاڪميت جو اُهو شاخسانو آهي، جيڪو ڏهن هزارن سالن کا انيڪ رَنگِنِ ۽ رُوپَنِ ۾ جاري ۽ ساري آهي. نامرد مردَ سان پِريم ڪندڙَ بينا جِي درد ڪهاڻي. وڏيرڪي ڪُٽنبَ جي شمسَ جي بغاوت ۽ مردَ جي انا جي ڏَنگيل عورتَ (بختِ_شمسَ جي پهرين زال، نبلقيسِ شمسَ جِي ڌيءَ ۽ بينا شمسَ جي پيارَ ۾ پرڻيل زالَ) جِي ڪارَنهِن مليل قسمتن جي ڪهاڻِي.

”روئيندي سا رَتَ ڦُڙا“ نالي ڪهاڻي به پيارَ جي شادي ۽ غيرت جي نالي ۾ بيغيرتيءَ جو اهو داستانُ آهي، جنهن کي جرڳائي سَردارَ، ڪُوڙا غيرتي ڀائرَ، پِيئرَ، مُڙسَ ۽ مائٽَ، عدالتي سرشتو، مُلا جي شريعتَ، اهي سڀئي گڏجي کيس روڪي، اُنَ جو رُخُ موڙي، ڪنهن ماڻهپي واري موڙَ تي پُڄائي نه سگهيا آهن. جتي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان پڙهيلَ، سنڌ جا سياسي ڀوتارَ، ”ٽيلنٽيڊ ڪزن“ به ڪاروڪاريءَ جي ڪُڌي ڪاروبارَ ۽ ڪُرِيتِ کي ”اسان جي رسم آهي“ چئي قبولُ ڪندا هجن، اُتي هڪ پاسي هوندا آهن ملڪيت لاءِ لوڌي ڪڍڻ وارا سَئوٽَ، جيڪي پوءِ ”رَتُ دانگيءَ تي وَريلُ“ ڏيکارڻ لاءِ پلاند جا اعلانَ ڪندي پهچي ويندا آهن ته ٻئي پاسي نئين سنڌ جو ڪمزور نسلُ، اقليت ۾ تبديل ٿِي وَيل روشن خيالُ گروهه شهبازَ جي شڪل ۾ اڳيان ايندو آهي. وڏو گناھُ آهي محبتَ ڪرڻُ ۽ پيارَ جو پرڻو ڪرڻُ ۽ اِهو پاپُ رڳو هِنَ ڪهاڻيءَ جي صغريٰ ناهي ڪيو، پر هڪڙي قيامت آهي جيڪا ويهين صديءَ کان ٽَپِي، ايڪويهين صديءَ ۾ به جاري ساري آهي. هڪ پاسي اهڙي فوجَ ظفر موجَ آهي جيڪا هندن ۽ آدي واسين جي نياڻين کي مسلمانُ ڪري، پيارَ جا پَرڻا ڪَرائيندي ٿي وَتي، ٻئي پاسي اِهائي لوڌِ پنهنجين ڌيئرن ۽ ڀينرن جِي ازلي دشمن بڻيل آهي. ائين ئي “ ACR ” نالي ڪهاڻي هڪ نئين نقطئي نظر واري ڪهاڻي آهي. هِنَ ٿِيمَ تي وڌيڪ محنت سان شاندار عمارت بيهاري سگهجي ٿي.

جيڪڏهن مون کان ڪير پڇي ته هن ڪتاب جو مانُ ڪهڙي ڪهاڻيءَ کي چئون؟ ته مان بنان ڪنهن هٻڪ جي ”ٻَٻُرَ جو ٻيلو“ جو نالو کڻندس. اوڏَ مِٽيءَ جا ڪوڏَ، هن ڪهاڻيءَ جي تاڃي پيٽي جو وڌ ۾ وڌ چٽو رنگ آهن. هِنَ ڪهاڻيءَ جي پڙهڻ سان ”ڪافر“ ياد اچي وئي. سنڌ جي آدي واسين سان ڀيدَ ڀاوَ جي ورتاءَ تي نسيم کرل جي ماسٽر پيسَ کان پوءِ علي بابا جي ”ڀاڳان“، اختر جانوريءَ جي مختصر ڪهاڻي ”مسلماني"، انور شيخ جي ڪهاڻي ”سُرمائي“، منور سراج جي”گُرگلي“ ۽ گوبند مالهيءَ جو ناول ”شرم ٻوٽي“، جيڪو طبقاتي پس منظرَ ۾ لکيل آهي، پر تَنهِن جي نائِڪا باگڙياڻِي آهي، شاهڪار تخليقون آهن. ائين ئي ”ٻَٻُرَ جو ٻيلو“ به هڪ لاوارثَ، هٿ آيلَ اوڏَ ٻارڙي جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي رَنَ زالَ راستي پالي وڏو ڪري ٿي. نهڪ عورت جڏهن اَگلي اوڏَ کي پالِڻَ جو ٺيڪو کڻي ٿي، نتڏهن اَٻلا ناريءَ جي سامهون آهي سَڄو سماجُ. ٻاروتڻ کان وٺي زندگيءَ جي آخري بازيءَ جي کٽڻَ تائين، محبتَ نه ماڻي سگهڻ تائين، هِنَ ڪهاڻي جي مُک ڪردارَ جو اوڏ هجڻُ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي.

“عزتِ! تو ڇو نه ڳالهايو” زنابالجبر ۽ سا به نابالغ ڇوڪرِيءَ سان!! هيءَ ڪهاڻي اهڙي لڱ ڪانڊاريندڙ موضوعَ تي آهي، پر پڇاڙيءَ ۾ واعظاڻي شُغُلَ جي ڪري پوڻي پئجي ويئي آهي. ”ڪارو ڪاري“ هڪ رسم کان وڌيڪ ڪاروبارُ آهي ۽ سنڌيءَ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ڪهاڻيڪار هجي، جنهن هِنَ موضوع تي ڪهاڻي نه لکي هجي. پر جيتريون ”ڪاريون" ماريون وڃن ٿيون، اوتريون ئي ڪهاڻيون آهن. اهڙي ئي هڪ سُٺي ڪهاڻي آهي، ”ڪانڊين، ٽانڊين،ٻاٻرين!" پُٽَ هٿان ناحق قتل ٿيڻ جي صورتَ ۾ پيءُ ڌيءُ کي مقتولَ سان ڪاري ڪري، پُٽَ کي بچائڻ گهري ٿو. بلڪل اهڙي ئي ڪهاڻي اسانجي جديد ڪهاڻيڪارَ انور شيخ به لکي آهي. اُنَ ڪهاڻيءَ جو ٿيم به ساڳيو آهي، پر ٻِنهين جو لُطفُ ڌارَ ڌارَ آهي. انور شيخ جي ڪهاڻي ”دَردَ جو انگاسُ“ اهڙي ڪهاڻي آهي، پر انهيءَ نالي واري ڪتاب ۾ ”ڳاڙهي شلوار“ به اهڙي ئي ڪهاڻي آهي. ”آيل! آئوُن ڪيئن جيئندي“ ۾ هڪ اهڙي يتيم ڇوڪرِي آهي، جنهن جي پيءُ ٻي شادي ڪئي آهي، جيڪو قرضي آهي. نَئين زالَ جي چَوڻَ تي ڌيءَ کي ننڍي عمر، نابالغي وارِي عمر ۾ پَرڻائي ڇڏي ٿو. ڪَچِي وَهيءَ ۾ پيٽَ ٿيڻَ سان عورت (عورتَ جي نالي ۾ وحشت جي وَرِ چڙهيل ٻارِڙي) سان ٿئي ڇا ٿو ۽ علم ڪيئن جهالت آڏو هيڻو پئجي ٿو وڃي. اِنَ وارِتا جو بهترينُ پورٽريٽ آهي هيءَ ڪهاڻي.

هِنَ ڪتابَ جو مهاڳُ سنڌيءَ ٻوليءَ جي کاهوڙي ليکڪ سائين محمد علي پٺاڻ لکيو آهي. مجموعي طور تي عورتن ۽ ائين سماج جي اڪثريت (52 سيڪڙو آبادي) جي ڏُکَنِ ڏاکِڙَنِ، سُورَن ۽ صدمن جي عڪس بندي ڪندڙُ، جهان آرا سومرو جو هي ڪتابي شڪل ۾ آيل پوتاميلُ، اسان جِي ڪهاڻيءَ ۽ اسان جي ادبَ جي نَئِين ڏَسا جو نشانُ آهي. 14 ڪهاڻين، 220 صفحن تي ٻڌل هيءُ خوبصورت ڪتاب پيڪاڪ پرنٽر ڪراچي وارن ڇاپيو آهي.

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۱۶ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment