Friday, September 10, 2021

ناول نگار ابن صفي - عقيل عباس جعفري

ناول نگار ابن صفي

جنھن جي تخليقي قوت ڪنهن سائنسدان کان گهٽ نه هئي!

عقيل عباس جعفري



اردو ادب ۾ ابن صفي جو هڪ منفرد مقام آهي. شروع شروع ۾ ادب جي نقادن کيس ايتري اهميت نه ڏني پر پوءِ سڀئي سندس قلم جا اسير بڻجندا ويا. ابن صفي جو قلمي سفر ۲۸ سالن تي محيط آهي. ان سفر دوران هُن اڍائي سئو جي لڳ ڀڳ ناول تخليق ڪيا، جيڪي جاسوسي دنيا ۽ عمران سيريز جي نالي سان شايع ٿيا. جنوري ۱۹۵۲ع ۾ جاسوسي دنيا جو پهريون ناول ”دلير مجرم“ ۽ آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾ عمران سيريز جو پهريون ناول ”خوفناڪ عمارت“ شايع ٿيا. اهو سلسلو هُن جي وفات تائين جاري رهيو، انهن ناولن ۾ هُن هڪ نئين دنيا ايجاد ڪئي، جنهن ۾ نت نوان طريقا ۽ ايجادن جي مدد سان ڏوهن جو خاتمو ڪيو ويندو هو.


سائنس سان تعلق رکندڙ مشهور ليکڪ عرفان جاويد پنهنجي ڪتاب ”عجائب خانه“ ۾ لکي ٿو ته ”حيران ڪندڙ طور تي اولهه ۾ ڪيترا ئي ناول ۽ افسانا سائنسي ايجادن جو سبب بڻيا آهن“. مارٽن ڪوپر ۱۹۷۰ع جي ڏهائي ۾ پهريون موبائيل فون ايجاد ڪيو. هو، هن ايجاد جو سهرو، هڪ ناول تي ٺهڻ واري ٽي وي سيريل اسٽار ٽريڪ کي ڏئي ٿو. ان آمريڪي سيريز هڪ پوري نسل (بشمول پاڪستاني نسل) کي متاثر ڪيو هو. ان ۾ ڪيترن ئي نون معروف ٿيڻ وارن اوزارن مان هڪ اوزار (Communicator) هو، اهو هڪ بي تار فون هو ۽ جديد موبائيل فونن جي اباڻي صورت هو.

فرانسيسي مفڪر ۽ ناول نگار جولز ورن کي ”سائنس فنڪشن جو پيءُ“ به چيو ويندو آهي، ان جي معروف ناولن ۾ ”زمين ڪي بيچ تڪ ڪا سفر، دنيا ڪي گرد ۸۰ روز مين ۽ سمندر ڪي نيچي هزار ليگز (فاصله پيما)“ وغيره شامل آهن.

جولز ورن پاڻيءَ هيٺ هلڻ واري هڪ اهڙي بحري جهاز جو تصور ڏنو، جيڪو بجليءَ سان هلندو هو. ان پاڻيءَ هيٺ هلندڙ جهاز جو نالو ”نوٽيلس“ رکيو ويو هو. ان تصوير سائمن ليڪ نالي ڇوڪري کي ايترو متاثر ڪيو جو هو اهڙي ايجاد ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ آخرڪار دنيا جي پهرين آبدوز ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سائمن ان جو نالو آرگوناٽ رکيو.

ابن صفي جي سوانح نگار راشد اشرف پنهنجي ڪتاب ”ابن صفي، شخصيت اور فن“ ۾ ابن صفي جي تحريرن تي مغربي اثرن جي عنوان تحت لکيو آهي ته ”ابن صفي پنهنجي ناول ’زمين ڪي بادل‘ جي پيش لفظ ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ڇڏي هئي ته هن جا (ان وقت تائين جا لکيل) ۸ ناول مغرب کان قرض ورتا ويا هئا.“

”منهنجو پهريون ناول ديرل مجرم هو، پهريون ناول هو ان لاءِ ڪنهن ٻاهرين سهاري جي به ضرورت هئي، جنهن ڪري ان جو مرڪزي خيال مغربي ادب کان ورتو ويو هو پر حميد ۽ فريدي منهنجا پنهنجا ڪردار هئا، ان کان علاوه جاسوسي دنيا ۾ اهڙا ناول ٻيا به آهن، جن جا پلاٽ مون انگريزيءَ مان به ورتا هئا. مثال طور پراسرار اجنبي، رقاصه ڪا قتل، هيري ڪي ڪان، خوني پٿر، انهن پنجن ناولن کان علاوه توهان کي منهنجن ۱۰۲ ناولن مان هڪ به اهڙو نه ملندو، جنهن جو پلاٽ منهنجو پنهنجو نه هجي. عمران جا سڀ ناول بي داغ آهن.“

محمد اسلم غازي جي مطابق ”ابن صفي آرٽس گريجوئيٽ هو پر ان جي قوت تخيل ڪنهن سائنسدان کان گهٽ نه هئي، پنهنجي ناول ۾ هُن اهڙين اهڙين عجيب مشينن ۽ اوزارن سان متعارف ڪرايو هو، جيڪي ۳۰-۴۰ سالن کانپوءِ واقعي دنيا اندر وجود ۾ اچي ويون“. مثال طور ستون جزيرو ۾ هُن آئيڊينٽي ڪاسٽ اڪوپمينٽ يعني شناخت ٺاهڻ جو اوزار پيش ڪيو، جنهن جي ذريعي ڪرنل فريدي منهن، اکين، نڪ ۽ چپن وغيره جي مختلف ساختن کي يادداشت جي سهاري گڏ ڪري ڏوهاريءَ جو خاڪو تيار ڪري وٺندو آهي. اڄ ڪلهه پوليس ۽ خفيه ادارا اها مشين استعمال ڪري گهربل ڏوهارين جي چهرن جا خاڪا روزانو اخبارن ۾ شايع ڪندا رهندا آهن.

هن ڪنفيشن چيئر يعني سچ ڳالهائڻ واري مشين جو تذڪرو پنهنجي ڪيترن ئي ناولن ۾ ڪيو، اهڙي طرح ”چاندني ڪا دهوان“ ۾ ابن صفي هڪ اهڙي ٽي وي پيش ڪئي هئي، جنهن جي تصوير هوا ۾ ڏسي سگهجي ٿي. تقريبن ۲۰-۲۵ سال پهرين هڪ فرانسيسي ڪمپني بمبئي جي گڙگئو چوپاڻي ساحل تي اهڙي طرح جو هڪ شو ڪيو هو، جنهن ۾ هوا ۾ تصويرون نظر اينديون هيون.

اِها حقيقت به آهي ته شاعر ۽ اديب وقت کان اڳ جا منظر چٽي وٺندا آهن. اهڙو ئي فَن اسان کي ابن صفي جي تخليقن ۾ ملي ٿو. جڏهن ته اِها به حقيقت آهي ته ادب جي سمنڊ، خاص ڪري اردو ادب ۾ پنهنجو نانءُ ڳڻائڻ انتهائي مشڪل آهي، ڇو ته هزارن جي تعداد ۾ ليکڪ نه رُڳو پاڪستان، پر هندستان کان علاوه دنيا جي ٻين مختلف مُلڪن ۾ به لکن ٿا، اُنهن ۾ پنهنجي شخصيت کي مڃرائڻ نهايت ڏکيو هوندو آهي. پر ابن صفي نه رُڳو پنهنجو پاڻ مڃرايو، پر اڄ سندس تخليقن جي اهميت سائنسي نظريي سان به ڏٺي وڃي پئي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۰ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment