Sunday, February 6, 2022

منزل جي ڳولھا - ڪمال جنبلات

منزل جي ڳولھا

(مختصر ڪھاڻي)

ڪمال جنبلات



سھڻي جڏھن پاڻ لاھور گھمڻ ھليا ھياسون ۽ رات لاھور جي پرل ڪانٽينينٽل ھوٽل ۾ گذاري ھئيسون. مونکي لائيٽ بلو ڪلر جو ٽو پيس پاتل ھو، جنھن تي ڳاڙھي رنگ جي ٽاءِ لڳل ھئي. تون بليو ڪلر جي جينز پينٽ جي مٿان بليڪ ڪلر جي ھاءِ نيڪ شرٽ پاتي ھئي، مٿان وري بليو ڪلر جي جينز جيڪيٽ پائي، منھنجي ٽاءِ سان ميچنگ ڪرڻ لاء تو ڳاڙھي رنگ جو اسڪارف ڳچيءَ کي ويڙهي، سندس ٻئي پلوَ اڳيان لڙڪائي ڇڏيا ھيا. ۽ تو ڳاڙھي رنگ جي لپسٽڪ لڳائي ھئي. وارن جون ٻه چڳون اڳتي ڇڏي، باقي وار پوئتي ڇڏيا ھيا. پينٽ شرٽ ٽائيٽ ھجڻ ڪري، تنھنجو ڇاتيون اڳتي ۽ پولھ وري پوئتي نڪري پئي ھئي. مٿان وري پينسل ھيل جوتو پائڻ ڪري، ھيل جي ٽڪ ٽڪ ٽڪ تي سڀئي ماڻھو توڏانھن متوجھ ٿي رھيا ھيا. منھنجي سڄي ھٿ ۾ ٽرالي بيگ ھيو، جنھن کي مان گھلي رھيو ھيس ۽ ٻيو ھٿ منھنجي پينٽ جي کيسي ۾ ھو. تون اچانڪ منھنجو کٻو ھٿ کيسي مان ڪڍي، پنھنجي ھٿ سان ملائي ڇڏيو ھو ۽ پنھنجي ٻي ھٿ سان بار بار اڳيان ڪريل وارن کي ڪن ۾ ڦاسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھي ھئين.


اڳيان ھلياسين ته گيٽ تي ھڪ سڪيورٽي گارڊ اسان کي مشين وسيلي چيڪ ڪيو ۽ چيو؛ “جائين سر!”

ٿورو اڳيان ھڪ گارڊ کوجي ڪتو جھلي بيٺو ھو، جنھن  اسان جي بيگ کي سنگھيو ۽ اڳتي وڃڻ لاء چيو. تون ڪتو ڏسي منھنجو ھٿ ڇڏائي، منھنجي ٻانھن ۾ پنھنجي ٻانھن جو وڪڙ ھڻي، مونکي چنبڙي پئي ھئين. مان تو ڏي ڏسي کلي پيو ھيس، ۽ تون ٽھڪ ڏئي پنھنجو ڪنڌ منھنجي ڪلھي تي رکيو ھو. پاڻ ساڳي حالت ۾ ھلندي سڄي ھٿ تي وڪڙ کائي سٽ پنڌ جي ھلياسين ته ھوٽل جي مين انٽرنس منجھان ھوٽل ۾ داخل ٿياسين، واڪ ٿرو گيٽ مان ٻئي ڄڻا گذرياسين، بيگ کي مشين مان گذاريوسين ۽ وري ساڳي انداز ۾ ھلڻ لڳاسين. ھوٽل جي لان ۾ ھڪ پاسي شيشن مان ٻاھريون منظر ظاھر پئي ٿيو ۽ ٻئي پاسي ديوار تي خوبصورت پورٽريٽ ۽ وڏا وڏا آئينہ لڳل ھئا، ھر آئيني وٽان گذرندي تون پاڻ کي ڏسي وڌيڪ ٺاھي ھلڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئين. ۽ مون کان پڇيو ھيئي؛

“ڪئين ٿي لڳان”

مون چپ ڀڪوڙي چيو ھو؛ “صفا سيڪسي”

تون مرڪي چيو ھو؛ “ڪنا”

ٿورو اڳيان ھڪ پورٽريٽ لڳل ھو. جنھن ۾ ھڪ ڇوڪري ڇوڪرو ھڪ ٻي کي ڀاڪر پائي وڃي رھيا آھن، پسمنظر ۾ ھڪ ڊگھو ۽ اڻ کٽندڙ سنسان رستو، سج الھي رھيو آھي، شفق تي رتي لالاڻ آھي، آسمان تي اوندھ راتاھو ھڻڻ لاء تيار بيٺي آھي، منزل جو ڪو پتو کرو ناھي، پيار جا ٻه راھي وڃي رھيا آھن ۽ بس وڃي رھيا آھن. تون پورٽريٽ ڏسي، سراپا بت بڻجي بيھي رھي ھئين. پورٽريٽ جي منظرن ۾ ائين غائب ٿي وئي ھئين، ڄڻ ڪٿي ڪا منزل ڳولھي، انھن پيار جي پانڌيئڙن کي اتي رسائڻ پئي گھرين. ۽ ڪجھ به نه ملڻ کان پوءِ تنھنجي چھري تي مايوسي ڇانئجي وئي ھئي.

مون معاملي جي نزاڪت کي سمجھندي ٽھڪ ڏئي چيو ھو؛

“ڇا ٿي ڏسين ماسي! ڇو بتي ئي گل ٿي وئي ٿي؟”

مان پيار مان تو کي ماسي سڏيندو ھيس ۽ تون جواب ۾ مونکي ھا ماما چوندي ھئين. ۽ پاڻ کلي پوندا ھياسين پر ھن ڀيري منھنجي ٽھڪن جو تو تي ڪو به اثر نه ٿيو ۽ تو ڏکاري لھجي ۾ پورٽريٽ تي ھٿ رکي سواليه نظرن سان چيو ھو؛

“جاويد جتي ھي رستو کٽي ٿو اُتي به ڪا منزل ڪونھي؟”

“سھڻي ضروري آھي ڇا ھر پيار منزل کي رسي؟”

“ان جو مطلب ته پيار رڳو رڻ ۾ رلڻ جو نالو آھي؟” تنھنجي چھري تي ڏک جا ڪڪر ڇانئجي ويا ھيا.

“سھڻي چون ٿا ته منزل تي رسڻ کان پوء پيار پنھنجي معني وڃائي ويھندو آھي. ان ڪري منزل جو متلاشي پيار ئي پنھنجي جوھر ۾ حقيقي پيار ھوندو آھي.”

تون وڏو ٽھڪ ڏئي مونکي چيلھ ۾ ڀاڪر وڌو ھو ۽ مان تنھنجي ٽھڪن پٺيان موجود لڙڪن کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڏسي ورتي ھئي.

ٿورو اڳيان ھڪ خوبصورت آرٽيفيشل وڻ رکيل ھو جنھن ۾ گلابي، نارنگي ۽ سائي رنگ جا گل ۽ پن لڳل ھيا، تون ان کي ڏسي چيو ھو؛

“وائو..... ھتي فوٽو ڪڍنداسين”

پوء تون مختلف پوزن سان فوٽو ڪڍرايا ۽ مان تنھنجي فوٽوگرافي ڪئي ھئي. آخر ۾ اسان سيلفي ھڻي اڳتي ھلياسين. کٻي پاسي ھوٽل جي لابي ۾ رسيپشن طرف آياسين. مان رسيپشن تان ڪمرو بڪ ڪرائڻ ويس. تون لابي ۾ ھيڏي ھوڏي ڏسي بيحد خوش ٿي رھي ھئين، رسيپشن جي بلڪل سامھون چار ڪيپسول لفٽون ھيٺ مٿي اچي وڃي رھيون. ائين لڳي رھيو ھيو ڄڻ ريڊ ڪارپيٽ تي ڪي نرتڪيون ڪيٽ واڪ ڪري رھيون ھجن. لابي مان ھوٽل جا سڀئي فلور ظاھر ٿي رھيا ھيا. ڇت ۾ وڏا وڏا جھومر ۽ بلبن جي روشني ائين لڳي رھي ھئي ڄڻ ستارن سان جڙيل آسمان ھيٺ لھي آيو ھجي. ھلڪي بانسريءَ جي ڌن ماحول کي وڌيڪ رومانٽڪ بڻائي رھي ھئي... مان روم وٺي توکي سڏ ڪيو ھو ته ڊنر ڪھڙي ريسٽورنٽ ۾ ڪبو، مارڪو پولو، ڪوھ نور، شڪورا يا چائنيز، ٿائي وغيره.؟ تون فٽافٽ چيو ھو “چائنيز چائنيز..... نه نه ڪوھ نور ڪوھ نور”

مان ڪوھ نور ريسٽورنٽ ۾ بفيٽ ڊنر بڪ ڪرائي توکي چيو ھيم؛

“ھلئون ڪمري ۾”

تو چيو ھو؛ نہ مان ھتي ٽڪ ٽاڪ ٺاھيندس. تنھنجي پينسل ھيل جوتي جي ٽڪ ٽڪ جي ڪري ھتي ويٺل سڀ ماڻھو بہ توڏانھن متوجھ ٿي رھيا ھيا. پر ھوٽل جي دلفريب منظرن ۽ ٽڪ ٽاڪ جي شوق ۾ تون ايترو مگن ھئينءَ جو تو کي ڪنھن جي بہ پرواھ ڪو نه ھئي.

 مان ويجھو اچي تو کي شرارتي انداز ۾ چيو ھو.

“سڀ ماڻھو تنھنجي پولھ کي ڏسن ٿا”

تون مختلف ادائن ۾ پوز ھڻندي چيو ھو؛

“اڙي ھل ڏسڻ ڏين، مونکي ڪنھن جي پرواھ ڪونھي”

آخر تون جڏھن ٽڪ ٽاڪ ٺاھي ٿڪجي پوين ٿي ته پوء اسان روم ڏي ھلڻ لڳاسين

“ڪھڙو ڪمرو آھي” تون پڇين ٿي.

“707“

”مطلب“

“ستون فلور؟”

“ھا ستون فلور”

پاڻ لفٽ پڪڙي ڪمري ۾ اچون ٿا

ڪمري جي شروع ۾ ئي ھڪ ٽي وي لائونج ھو، جتي صوفا سيٽ ۽ ھڪ ڪرسي ھڪ ٽيبل رکيل ھئي. سوفا سيٽ جي سامھون اڻونجواھ انچ جي ايل اي ڊي ٽي وي لڳل ھئي، جنھن جي ڀرسان ننڍڙي دروازي مان بيڊ روم شروع ٿئي ٿو، جتي ماسٽر بيڊ رکيل ھو، جنھن جا پاوا جنڊيءَ سان گھڙيل ھيا. بيڊ جي پيرن کان سامھون واري ديوار ۾ ھڪ وڏي سائيز جي ٽي وي لڳل ھئي. ڪنڊ ۾ ھڪ ٽيبل رکيل ھئي، جنھن تي ھڪ ڇٻي ۾ ٻه ڪيلا ۽ ھڪ صوف رکيل ھو. ان جي ڀرسان ڊريسنگ ٽيبل رکيل ھئي، جنھن تي ڊان اخبار، ھيرالڊ ۽ ڪجھ ٻيا رسالا، ھوٽل جا بروشر رکيل ھيا، بيڊ جي مٿن کان ٻنھي پاسي ٽيبل ليمپ رکيل ھئي. سڄي ھٿ کان واش روم جو دروازو ھو. تون بيڊ روم ڏسي وري حسب عادت چيو ھو؛

“وائو...... خوبصورت يار”

تون مون کي بيساختہ چنبڙي پئي ھئين، ۽ چميون ڏيڻ شروع ڪيون ھيون. مان به توکي زور سان ڀاڪر پائي لپ ڪس ڪئي ھئي. تون ٽيبل تان صوف کڻي ان کي چڪ ھڻي ٻاتڙائي چيو ھو؛

“بيھ مان واش روم ڏسان”

دروازو کلڻ سان سامھون شينڪ لڳل ھئي جتي شيونگ ڪٽ، مائوٿ ڪٽ، صابڻ، شيمپو، باٿ جيل، ۽ لوشن رکيل ھيا، ان جي مٿان وڏو آئينو لڳل ھيو، ڀرواري ديوار ۾ ھيئر ڊرائير مشين لڳل ھئي. ڀرسان ننڍي وڏي سائيز جا ٻہ ٽوال رکيل ھيا، کاٻي پاسي باٿ ٽب لڳل ھو ان جي مٿان چوڪنڊو شاور لڳل ھو، ٽب جي ڀرسان ڪمبورڊ لڳل ھو، تون وري حسب عادت ٻئي ھٿ ڳٽن تي رکي وائو ڪري چوين ٿي؛ “انتھائي خوبصورت واش روم.... “

ڪجھ ٽائيم ڪمري ۾ ترسڻ کان پوء اسان ڪوھ نور حال ۾ ڊنر ڪرڻ ھلياسين. تون منھنجي ٻانھن ۾ پنھنجي ٻانھن جو وڪڙ ھڻي ساڳي انداز ۾ ھلي رھي ھئين ۽ ھوٽل جي خوبصورتي تي ڳالھائي رھي ھئين پر پورٽريٽ جو منظر تنھنجي حواسن تي عڪسجي ويو ھو، تنھنجو مسڪرائيندڙ چھرو اندران صفا اداس پئي لڳو. ڪوھ نور حال ۾ پھچي پاڻ ھڪ ٽيبل تي ويٺاسين مون پڇيو؛

“ڇا کائبو؟”

“تون ڇا کائيندين؟”

“جيڪو تون چوندينءَ...”

“ھل ڏسئون ٿا ڇاھي؟”

“ٺيڪ آھي ماسي سلاد منھنجي مرضيءَ جو باقي ماني تنھنجي مرضيء جي.” مون مزاحيه انداز ۾ چيو ھو

“ھا ماما ٺيڪ آھي”تو ٽھڪ ڏئي چيو ھو

پوء اسان رشين سلاد ڪجھ کيرا، گجرون ۽ رائتو کڻي اچي ٽيبل تي رکيا. ٻي پليٽ کڻي ان ۾ ڪجھ سيخ ڪباب، چڪن گرين ٻوٽي، مٽن ھانڊي ۽ ڪجھ نان کنئياسين، تون ھڪ پليٽ ۾ چڪن برياني کنئي پاڻ ٽيبل تي ويٺاسون. مان گرھ ڀڃي کائڻ جي ڪوشش ڪئي ته تون منھنجي ھٿ کي روڪي چيو؛

“ائين نه ائين نه.”

پوء تون ھڪ گرھ ٺاھي منھنجي وات ۾ وڌو ۽ مان ساڳيو گرھ تنھنجي وات ۾ وڌو. ڀرسان ويٺل ھڪ جپاني جوڙو اسان کي ڏسي کلي پيو ھو. ائين اسان ماني کائي ڪجھ مٺاڻ کاڌو ھو. تو کي ڪسٽر گھڻو وڻيو ھو، مون کير مڪس کاڌو ھو. ماني کائي پاڻ ٻاھر نڪري ھوٽل گھياسين سومنگ پول، جم، برانڊيڊ شاپس ڏٺاسين. تو چيو؛ “ڪيڏو وڏو ۽ ڪيڏو سٺو ھوٽل آھي، ڪوھ مري وارا ھوٽل ايترا سٺا ڪو نه ھيا.... “

مان چپن اندر ئي چيو ھو؛ “ھمممم“

تون منھنجي نقل ڪندي ٽي چار دفعا “ھممممم ھممممم” ڪيو ھو ۽ اسان ٻئي کلي پياسين.

آخر ۾ اسان ڪمري ۾ آياسين، سليپنگ گائون پائي بيڊ تي آھلي پياسين ۽ ھڪ ٻي کي ٻکجي وياسين.

ٿڪجي پوڻ کان پوء منھنجي سيني تي ٻانھن رکي تو چيو ھو؛ “جاويد ڇا واقعي پيار منزل تي رسڻ کان پوء پنھنجي لذت وڃائي ويھندو آھي”

“عشق جي امام مرشد لطيف ته ائين ئي چيو آھي منزل سان عشق ته لازمي ھوندو پر منزل جي حاصل ٿيڻ يا نه ٿيڻ سان عاشقن جو ڪو سروڪار ناھي ھوندو، ھو بس منزل ڏانھن روان دوان ھوندا آھن ۽ منزل سان ئي عشق ڪندا آھن، تڏھن ئي ته چيائين وڏا طالع تن جا مارڳ مرن جي”

منھنجو جملو ٻڌي تون خاموش ٿي وئي ھئين ۽ پوء چيو ھيئي؛ “ڇا پاڻ شادي نه ٿا ڪري سگھئون؟”

“پر سھڻي اھو ته پاڻ ٻنھي جو گڏيل فيصلو آھي”

“ھا بلڪل جاويد پر ڪيستائين اسان ائين لونگ رليشن ۾ رھنداسين؟”

“جيسيتائين پاڻ چاھيون”

“پر مان چاھيان ٿي ھاڻي اسان کي شادي ڪرڻ گھرجي”

“شادي؟ مطلب نڪاح؟”

“ھا نڪاح”

“سھڻي نڪاح جو مطلب سمجھين ٿي”

“ھا سمجھان ٿي اسان ٻنھي جي رضامندي”

“پوء اھا ھاڻي ناھي ڇا؟”

“ھا آھي پر سماج؟”

“ڇا مطلب سماج؟ “

“سھڻي ڪبير سان نڪاح ڪري گھاريل تنھنجا پنج سال، توکي سماج موٽائي ڏيندو؟ تنھنجي ڪنوارپ، تنھنجي جواني جا خوبصورت ڏينھن ان سماجي ٻنڌڻ تباھ ڪري ڇڏيا، ڇا سماج وٽ تنھنجي تباھي جو ڪو ليکو چوکو آھي؟”

“نہ” تون نھن ڪري خاموش ٿي وئي ھئين، تنھنجون اکيون ڀرجي آيون ھيون.

“ڏس سھڻي پاڻ خاندان ذاتي ملڪيت ۽ رياست جو آغاز پڙھيو ھيوسين نہ، ان ۾ ڪامريڊ اينگلز ٻڌائي ٿو ته ڪيئن قبيلا گڏيل طور رھندا ھئا، قبيلي جي ھر عورت سان ھر مرد سيڪس ڪري سگھندو ھيو. اھا ڪنھن جي بہ ملڪيت نه ھوندي ھئي، پوء اڳتي ھلي ماءُ ڀيڻ ۽ پوء ٻين رت جي رشتن جي تميز پيدا ٿي ۽ خاندان جي شڪل سڌرندي سڌرندي ھڪ عورت ھڪ مرد تي اچي پڳي. پر اڄ ته اھو شادي جو ادارو انتھائي ناڪام ترين ادارو بڻجي چڪو آھي. سھڻي تو کان وڌيڪ ڪير بھتر ڄاڻي سگھي ٿو ته شادي جو ادارو ڪيترو ناڪام ادارو آھي؟”

“کوڙ شاديون ڪامياب به آھن جاويد اھڙي ڳالھ به ناھي”

“ٻاھرين ڏيک ۾ اھو ائين لڳي رھيو ھوندو آھي پر اوھان جوھر ۾ ڏسندا ته اوھان کي اڻ ڳڻيا ڪمپرومائيزز نظر ايندا، ماڻھو پنھنجي خواھشن ۽ جذبن جو ھر روز ڳلو ڪپي ٿو. روحاني طرح ماڻھو مرڻ ڪنڌيءَ تي پھچي ٿو ۽ زنده لاش وانگر گھمندو رھي ٿو. عورت ته جھڙوڪر جيئري دوزخ ۾ آھي. سھڻي ڏيک ۽ جوھر ۾ فرق ھوندو آھي”

“پر مان چاھيان ٿي پنھنجو گھر ھجي، پنھنجا ٻار ھجن”

مان ٽھڪ ڏئي چوان ٿو “منھنجو ھڪ صحافي دوست آھي جيڪو چوندو آھي ٻار پيدا ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي، دنيا ۾ کوڙ ٻار آھن ڪو نه ڪو ٻار ايڊاپٽ ڪري وٺنداسين، ڪھڙو مسئلو آھي؟”

“پر مان چاھيان ٿي اسان جو پنھنجو ٻار ھجي”

“سھڻي مون توکي چيو ھو پاڻ شادي ڪيون ته تو ئي چيو ھو مونکي شاديءَ کان چڙ آھي مان لونگ رليشن ۾ رھڻ گھران ٿي”

“ھا پر ھاڻي مان شادي ڪرڻ گھران ٿي”

“پر ھاڻي مان شادي ڪرڻ نه ٿو گھران” مون وڏو ٽھڪ ڏئي چيو ھو

تون روئي پئي ھئين، مون توکي پرچائيندين چيو ھو

“اڙي يار مان ڀوڳ ٿو ڪريان، ٺيڪ آھي پاڻ ان تي ڊسڪس ڪنداسين، ان ۾ روئڻ جي ڪھڙي ڳالھ آھي، ۽ ھاڻي سمھڻ گھرجي ٽائيم گھڻو ٿيو آھي، صبح وري واپس به ھلڻو آھي”

تون مونکي زور سان ڀاڪر پاتو ھو ۽ مان ٻانھن پوئتي ورائي بتي بند ڪري ڇڏي ھئي. محسوس ڪيو ھيم ته تون مسلسل منھنجي چھري ۾ گھوري رھي آھين.

لاھور کان واپسي تي تنھنجا سڀ نمبر بند ٿي ويا ھيا، فيس بڪ، انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ، سنيڪ وڊيو سميت سڀ اڪائونٽ بند ٿي ويا ھيا. آفيس، گھر، مٽ مائٽ مطلب ڪھڙو ھنڌ آھي جتي تو کي نه ڳولھيو ھيم پر تنھنجو ڪو پتو نه پيو. اٺ سال گذرڻ کان پوء به مان مسلسل تنھنجي ڳولھا ۾ آھيان... تون ڪٿي آھين سھڻي...... مان ان پورٽريٽ واري رستي تي منزل ڳولھي ورتي آھي.

 

(فيسبڪ پيج ”ڪھاڻي رنگ سلسلو- ڪڙي نمبر ۵” تان ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

 

ليکڪ جو تعارف

نالو: ڪمال جنبلات

لاڙڪاڻو

ايم اي (اردو)

ڪھاڻيڪار

پيشي جي لحاظ کان مئنيجر

مارڪسزم جو شاگرد

رزاق سھتو جي طرفان سندس نالي بابت ڪمينٽ ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ پاڻ ڪمينٽ ۾ پنھنجي باري ۾ لکي ٿو؛

”سائين لک قرب. منھنجو نالو ڪمال جنبلات آھي. جيم کي پيش ايندو ۽ نون خاموش ٿيندو؛ جُنبلات. منھنجو نالو نسبتي آھي. لبنان جي سوشلسٽ ليڊر ڪمال جنبلات کان متاثر ٿي رکيو ويو ھو. سندس دروز قبيلي سان تعلق ھو. تمام وڏا جاگيردار ۽ قبيلي جا مذھبي پيشوا ھيا. لنڊن ۾ پڙھڻ ڪري جنبلات کي ڪي ڪامريڊ لڳي ويا جن ھن کي خراب ڪري وڌو. پڙھائي پوري ڪرڻ کان پوء ھي واپس لبنان ويو. پيشوائيت ڇڏيائين، زمين ھارين ۾ ورھايائين، پر ان شرط تي ھر ماڻھو پنھنجا ٻار پڙھائيندو ڇوڪرا ڇوڪريون ٻئي. پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين ادارا کولي ڏنائين جتي مفت تعليم ڏني ويندي ھئي. ۽ انھن کي ھٿياربند ٽريننگ پڻ ڏني ويندي ھئي. ۽ پوء جڏھن ھڪ دور آيو ته ھي دروزي لبنان ۾ وڙھيا ۽ سندن جدوجھد آھي دنيا جي انقلابين کي متاثر ڪيو. ان ڪري مونتي اھو نالو رکيو ويو.“

No comments:

Post a Comment