Thursday, February 3, 2022

ھڪڙو سکڻو ڍانڍو ماڻهو- خالد فرهاد ڌاريوال - ننگر چنا

ھڪڙو سکڻو ڍانڍو ماڻهو

(پنجابي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: خالد فرهاد ڌاريوال

سنڌيڪار: ننگر چنا



مولوي صاحب سج لٿي جي نماز پوري ڪئي ته ٻه ڄڻا جوزف کي وٺي اچي حاضر ٿيا. ڏهاڙيءَ جي ابتڙ  اڄ مسيت جو اڱڻ ماڻهن سان ڀريل هيو. جوزف کي ڏسي اُتي موجود ماڻهن مان هرهڪ جو مُنھُن جرڪي پيو. لڳي ائين پيو ته جوزف هاڻي هاڻي وهنجي آيو آهي، ڇوته سندس وارن مان پاڻيءَ جا ڦُڙا ٽِمي رهيا هيا. هُو ويٺو ته مولوي صاحب ڳالهه چوري؛

“ڇا تون جائي به اسلام قبول ڪرڻ گهرين ٿو؟”

“هائو.” جوزف پوري همت سان ورندي ڏني.



“تو چڱيءَ ريت سوچ ويچار ڪري ورتو آهي نه؟... تون ڪنھن جي ڊَپَ ڊاءَ جي ڪري ته ائين ناهين ڪري رهيو نه ؟ ... ڪا لالچ يا لوڀُ ته ڪونه پيو اُڀارَئي؟”

جڏهن مولوي صاحب جي هر سوال جي ورندي جوزف پوري سچائي ۽ ارڏائي سان پئي ڏني ته اتي موجود هر ماڻهوءَ جي مُنھَنِ جي چَمَڪ تِھائين وڌي پئي وئي.

“مذهب مَٽائڻ کان پوءِ توکي تڪليفون به اچي سگهن ٿيون، سَھندين؟”

“هائو، سائين!”

“۽ تنھنجا ٻار ٻچا؟”

ايتري ۾ تڪبير جي نعرن مسيت ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڏنو ۽ ٻارن ٻچن بابت پڇيل سوال نعرن جي پڙاڏن ۾ اڻ ٻڌو ئي رهجي ويو هو. هُونءَ به سندس زال ٻارن کي وٺي پنھنجي پيڪين ويل هئي.

ڳوٺ جي هيٺئين پاسي عيسائين جا ڪجهه گهرهيا. عيسائين جي اُنَ پاڙي کي ٺَٽِي چيو ويندو هو ۽ سموري ٺَٽِي ۾ رڳو هڪڙو جوزف ئي ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو هو. هُنَ جي ٻين هڪجيڏن کي ڪم ٿورو گهٽ ئي ملندو هو. هڪ ڏينھن ڪم ڪندا هيا ته وري چار ڏينھن واندا ويٺا هوندا هيا. پر جوزف نوجواني جي ٽاڻي کان ئي زميندارن وٽ ڪم ڪندو ايندو هو ۽ هاڻي توڻي جو پوکي راهي جو گهڻو ڪم مشينن سان ئي ڪيو ويندو هو پر زميندارن هُنَ کي ڪم کان جواب نه ڏنو هو. ٻنهين ڌرين جي گڏيل سھڪار سان پوکي راهي جو ڪم ڀلو هلي رهيو هيو. هر ڇھن مھينن کان پوءِ جوزف کي سندس ڪم جي عيوض سال کن جو اَنُ ملي ويندو هو ۽ هُو اِنَ ۾ ئي سَرهو هو.

هُو پنھنجي ڌُنَ جو پڪو هو ۽ اڌڙوٽ عمر ۾ به مٿاکٿا ڏئي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو ۽ سندس زال جيني به وڏي همت واري مائي هئي. اَنَ جا ٻه کوڙا ڇڄَ سان ڇنڊڻ کان پوءِ به نه ٿڪجندي هئي. چئن ٻارن سان سندس آڳر ڀريل ڀريل لڳندو هو. دير سان ڄمڻ واري اولاد مان سڀني کان وڏو سموئيل اٺن ورهين جو هو، پوءِ سال کن جي وٿيءَ سان ڊينيئل، جيمس ۽ پطرس هيا.

ائين ڏسڻ ۾ ته جوزف به هاري ڪونه لڳندو هو. اڃا به ڪيئي ڀيرا زميندار فِيقي جي مائٽن وٽان آيل ماڻهو فِيقي سان ڪم ڪندي جوزف کي به ، “او چوڌري! ڪھڙا حال اٿئي؟” چئي ويھندا هيا. سندن خيال ۾ کيت ۾ ڪم ڪندڙ اِهو همراھ به ڪو جاٽ زميندار ئي هيو. ٻاهرين ماڻهو کي جوزف ۽ فِيقي ۾ فرق جي سُڌَ تڏهن پوندي هئي، جڏهن ماني کڻي ايندڙ فِيقي جي زالَ مانين جي کاري مان وٿيءَ تي ويٺل جوزف کي بنان پنڊيءَ جي مانيءَ مٿان ڀاڄي رکي ڏيندي هئي ۽ فِيقو لسي واري گَڏون کي ٻُوٿَ ٿي چاڙهي ڍَوَ تي پي، باقي بچيلَ لسي جوزف جي ٻُڪَ ۾ اوتيندو هيو.

اهڙن موقعن تي ڪيئي ڀيرا پاڻ کي ذليل ٿيندو ڏسي جوزف پنھنجن وڏڙن جي حوالي سان ٻڌائيندو هو، “پوئتي چوٿين پيڙهيءَ ۾ اُهي به مسلمان ئي هيا. منھنجي پَڙَ ڏاڏي هٿان ڪو خون ٿي پيو ۽ هُو انگريزن جي راڄ ۾ ڦاسيءَ کان بچڻ جي لاءِ اسلام ڇڏي عيسائي ٿي ويو هو.” هُو رومال سان لسي هاڻا هٿ اُگهي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندو هو، “ائين هُو ڦاسي کائڻ کان ته بچي ويو، پر پنھنجن وڏن جي ميراث کان هٿ ڌوئي ويٺو ۽ سندس ڀائرن هُنَ جي مذهب مَٽائڻ جو لاڀُ وٺندي کيس ملڪيت مان بي دخل ڪري ڇڏيو هو ۽ تڏهن کان اسان زميندارن وٽ ٻيلپو ڏيندا ٿا اچون.” جوزف واتان ڪيئي ڀيرا ٻُڌل انهيءَ ڳالهه کي ماڻهن ڪڏهن هڪ ڪٿا ڪھاڻيءَ کان وڌيڪ اهميت نه ڏني هئي.

پر اها ڳالهه هئي سچي. ڏيکاءَ خاطر عيسائي ٿيڻ وارو جوزف جو پڙ ڏاڏو سماجي طور تي عيسائي برادري ۾ اهڙو ڦاٿو جو وري نڪري نه سگهيو ۽ سندس مرک کان پوءِ سندس اولاد پڪي عيسائي بڻجي چڪي هئي ، جيڪا پيڙهين کان وٺي ڌار ڌار ڳوٺن ۾ پنھنجي ڏاڏاڻڪي ڌنڌي سان لڳل هئي. جنھن جو هڪ مثال جوزف هيو.

اوچتو انهيءَ جوزف جي مَنَ ۾ مسلمان ٿيڻ جي سَڌَ جاڳي پئي هئي ۽ هاڻ هُو مسيت ۾ ويٺو مولوي صاحب جي انهن سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو.

“چڱيءَ ريت سوچي وٺ، تون جنھن مذهب ۾ اچي رهيو آهين ، انهيءَ مان وري موٽڻ ممڪن نه اٿئي. ڪٿي ائين نه ٿئي جو سڀاڻي مَنُ بدلجي وڃئي!؟”

هُو اِهو سڀ ڪجهه ويچاري پوءِ ئي ته مسيت ۾ آيو هوندو، پر پوءِ به جڏهن مولوي صاحب جي پاران چڱيءَ ريت ٺَڪي ٺوڪي اها پڪ ڪئي ته جوزف پنھنجي شوق تان پوئتي نه هٽندو تڏهن سندس مُنھُن قبلي ڏي ڪري ڇڏيائين. جوزف کي قبلي مُنھَن ويٺل ڏسي مسيت ۾ موجود ماڻهو هڪدم ماٺ ٿي ويا. انهن کي لڳو ته ڄڻ قبلي مُنھِن ويٺل جوزف جون تارون ڪٿي پري ڪنھن پويتر ڌرتيءَ سان جُڙي رهيون آهن. ماڻهن مٿان هڪڙو عجيب اثر ٿي رهيو هو.

“پڙھ ڪلمو!” مولوي صاحب ماٺ کي ڀڳو.

“لا... اِلاه...” هُو هوري هوري هڪ هڪ لفظ پڙهڻ لڳو.

“لا ... اِلاه....” جوزف به سندس واٽ وٺي هلڻ لڳو.

“نعره تڪبير!” ڪلمو پورو ٿيو ته اتي موجود ماڻهن مان ڪنھن زور سان نعرو هنيو.

“الله اڪبر!” جي پڙاڏي ۾ هِنَ ڀيري هڪ نئون آواز به گڏيل هو. جوزف جو پنھنجو آواز.

“مبارڪون!”

“مبارڪون!”

ماڻهو مٿس پَلٽجي پوڻ تي هيا پر مولوي صاحب اٿي پوڻ وارن ماڻهن کي ويھي رهڻ جو چيو، ڇوته اڃا “ايمان جون صفتون” پڙهڻُ رهيل هيون. جوزف “آمنت بِاالله” کان وٺي “تصديق بِالقلب” تائين مولوي صاحب سان گڏوگڏ ورجايو ۽ اهو پڙهڻ کان پوءِ هاڻ هُو پورو مسلمان بڻجي چڪو هو.

“مبارڪون!”

“مبارڪون!”

ماڻهو جوزف کي مسلمان ٿيڻ جون واڌايون ڏئي رهيا هيا. تَنھن کان پوءِ مولوي صاحب ٿوري دير واعظ ڪيو ، جنھن ۾ هُنَ ٻڌايو ته جوزف هاڻي توهان جو ديني ڀاءُ بڻجي چڪو آهي ۽ هي ناتو رَتَ جي رشتي کان وڌيڪ مٿانهون آهي. پڇاڙيءَ ۾ هُنَ تاريخ مان اسلامي ڀائيچاري جا ڪجهه مثال به پيش ڪيا.

اُهي ماڻهو جَن هڪ زماني تائين جوزف کي ڪڏهن پنھنجي پاسي ۾ به ويھڻ نه ڏنو هو، سي ساڻس ڀاڪر پائي ملي رهيا هيا. هرهڪ جي ورتاءَ منجهه هُنَ لاءِ ڀائيچارو ۽ پنھنجائپ هئي.ماڻهو هُنَ کي ماني کائڻ جون دعوتون ڏئي رهيا هيا. هي اُهي ئي ماڻهو هيا جَن هُنَ کي سدائين پاڻ کان وٿيرڪو رکيو هو. جوزف جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه نئون به هيو ته حيران ڪندڙ به.

جوزف لاءِ هاڻ اهو مناسب نه هو ته هُو پراڻي نالي کي چنبڙايون وَتي، تنھنڪري سندس نانءُ مَٽائڻ ضروري ڄاتو ويو. هُو مسيت مان ٻاهر نڪتو ته يوسف هيو. جوزف اندر ئي ڪٿي مسيت ۾ تڪبير جي نعرن هيٺ دٻجي چڪو هو.

هاڻ ڪيئي لک پيغمبر هُنَ جا پنھنجا هيا ته هڪ لک کان وڌيڪ اصحابي ۽ اَڻَ ڳڻيا اولياء به. سڄي دنيا ۾ پکڙيل ماڻهو هاڻ سندس مِٽَ هيا. “ڪيئن ۽ ڇو؟” انهيءَ ڳالهين جي هُنَ کي ڪا گهڻي ڄاڻ نه هئي. هُنَ کي سَرهائي بس انهيءَ ڳالهه جي هئي ته حضرت علي هاڻ سندس پنھنجو هو. ابوحنيفو سندس امام هو ۽ بغداد وارو پِيرُ به هاڻي غير نه رهيو هو.

اهڙي قسم جا عجيب ۽ غريب احساس سندس دل ۾ پيدا ٿيندا رهيا. هاڻ چئني پاسي ڄڻ ته سندس مائٽي ٿي وئي هئي، هڪ نئون لاڳاپو بڻجي ويو هيس. ائين سوچڻ کيس سٺو پئي لڳو. هُنَ کي مزو ايندو هو پر سوچيندي سوچيندي سُئي جڏهن “ڇو؟” ۽ “ڪيئن؟” تي وڃي اَٽڪي بيھندي هئي ته هُو سوچڻ ڇڏيندو هو.

مولوي صاحب جوزف کي چيو هو ته هاڻ هُو هڪ عظيم اسلامي ورثي جو مالڪ آهي. هِنَ ڌرتيءَ جو هجڻ جي باوجود سندس پاڙون هڪ پاڪ ڌرتيءَ ۾ کتل آهن. جوزف جڏهن سوچيندو هيو ته هتان جي مٽي جو پرديس جي مٽيءَ سان ڪھڙو سڱ سياپو ٿي سگهي ٿو؟ سندس دل جون تارون ايڏو پري ڪيئن ٿيون جُڙي سگهن؟ ته سندس  سوچ جي سُئي ٻنهين علائقن جي وچ واري وٿيءَ تي اٽڪي بيھي رهندي هئي ۽ هُو سوچڻ ڇڏي ڏيندو هو.

ائين سوچيندي هن کي پنھنجي ايمان جو وڻ لُڏندي محسوس ٿيندو هو، جنھن جون پاڙون اڃا پاتال ۾ نه لڳيون هيون.

ماڻهن جو ورتاءُ هُنَ لاءِ حيران ڪندڙ هو. ماڻهو هُنَ کي واٽ ويندي سڏ ڪري پاڻ وٽ ويھاري ۽ پنھنجي حقي جو نَڙُ هٿ ۾ ڏئي پيئڻ جي دعوت ڏيندا هيس. ڪيئي ماڻهو سندس هٿ مان حُقو وٺي ڪَشَ به هڻي وٺندا هيا. اِهو وَرتاءُ هُنَ لاءِ نئون هيو ته حيران ڪندڙ به. اهو سڀ ڪجهه اڳ ۾ ڇو نه هيو؟ هُو سوچيندو هو ۽ ڪلمو پڙهڻ جي باوجود انهيءَ ورتاءَ جي بنياد کي وساري ويھندو هو.

پنھنجي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ مِٽجندڙ وٿيءَ کي ڏسي جوزف ڪيئي ڀيرا هَٻَڪ به محسوس ڪئي هئي.

“اهو ورتاءُ اڳ ۾ ڇو نه هيو؟” هُو ڳَھلو سوچيندو هيو.

“منھنجو ته ڪجهه به ناهي بدليو؟!”

“اڳ جھڙو ئي ته آهيان!”

“ٻاهران ته ڪجهه به نظر ڪونه ٿو اچي ڪنھن جو!”

“آدمي ته بس آدمي ئي هوندو آهي.”

پر ڪي ماڻهو عيسائي هوندا آهن، ڪي هندو، ڪي مسلمان، سک ۽ يھودي. جوزف انسانن جي اها ونڊ وساري ويھندو هو ۽ ماڻهن جي ميل ملاپ ۽ ورتاءَ جو ڪارڻ ڄاڻڻ جو جتن ڪندو هو ۽ ڪٿي نه ڪٿي سُئي ڦاسائي ويھي رهندو هو.

۽ جيڪڏهن ڪٿي انهيءَورتاءَ جي پويان خودغرضيءَ کي هُو ڄاڻي وٺي ها ته اهو علم جوزف لاءِ ڪيڏو نه پِيڙا ڏيندڙ هجي ها.

ٺَٽِيءَ کان ٻاهر هڪ ٽولو جيترو هُنَ جي ويجهو ٿيندو ويو، ٺٽيءَ ۾ ٻيو ٽولو ايترو ئي کائنس پري ٿيندو ويو. ٺَٽِيءَ وارن پنھنجن ماڻهن کي جوزف سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ تي روڪ هڻي ڇڏي هئي. هُنَ انهن جو ڌرم جو تياڳي ڇڏيو هو. انهيءَ ڪري ماڻهن کي هُنَ تي ڪاوڙ هئي. هُتي ماڻهو هُنَ کان خفا هيا، ٺَٽِيءَ وارن جِي ٻين مسلمانن سان گڏ ڳالهه ٻولهه هئي پر جوزف سان اصلي نه هئي. هنن کي ٻين مسلمانن سان ڳالهائيندي ٻولهائيندي ڏسي جوزف کي انهيءَ ٻچاپڙائپ تي ڏک ٿيندو هو.

جوزف هاڻ ڪڏهن ڪڏهن ئي ٺَٽِيءَ ويندو هو. هُو گهڻو تڻو زميندارن جي حويليءَ ۾ پيو هوندو هو. هونءَ به سندس زال هتي ڪونه هئي.

۽ هڪ ڏينھن سندس زال ٻارن کي وٺي پيڪن کان ڳوٺ موٽي آئي.

ڌرم مَٽائڻ واري ڳالهه کيس اتي ئي معلوم ٿي وئي هئي. اها خبر ٻڌي سندس ڀاءُ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي هئي. هُو جوزف جو ڪم پورو ڪرڻ لاءِ وڃڻ وارو ئي هيو پر سمجهو ڇوڪرو هيو ان ڪري گهر جي وڏڙن سمجهائي راضي ڪري ورتس ته؛

“تون پھريون ماڻهو ناهين جنھن کي اِنَ ڪري ڪاوڙ لڳي هجي. خداوند يسوع مسيح کي صليب تي چاڙهڻ وارن جو اڄ نانءُ نشان ئي مِٽجي  وڃي ها ڇو ته توکان وڌيڪ ڪاوڙ ڪرڻ وارا ٿي گذريا آهن. پر نه! آدمي کي ماري ڇڏڻ سان نظريا ناهن مرندا، مخالف طبقي جو انت آڻي ڇڏڻ سان ڪڏهن مذهب ختم ناهن ٿيا.”

۽ اها آخري ڳالهه ڄڻ ته هُنَ جي دل ۾ ڇَپجِي وئي. هُو تاريخ کان واقف هو ۽ ڄاڻندو هو ته هندوستان مان ٻڌمت کي اکيڙي ڇڏڻ جا جتن سڄي دنيا ۾ انهيءَ جي پکڙجڻ جو ڪارڻ بڻيا هيا.

جينيءَ جي موڪلائڻ مھل سندس ابي امان چيو هيس، “تون هُنَ جي زال آهين. جوزف کي سمجهائجانءِ، متان هُو موٽي اچي. نه ته جيڪو فيصلو اُتان جي چرچ ڪندي ، انهيءَ تي عمل ڪرڻو پوندئي. خبردار! جوزف جي ڳالهين نه اچي وڃجانءِ. هُو ته غير هو، تون اسان جو رَتُ آهين. اسان تنھنجي بدلجي وڃڻ جي اميد نه ٿا ڪري سگهون، وڃ ڌيءَ! خداوند تنھنجو ڌنار آهي.”

۽ جڏهن جينيءَ جوزف کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُبتو هُو جينيءَ کي سمجهائڻ لڳو هو ، “خدا ڪنھن کي ناهي ورهايو. ۽ وري اصل وٿ ته انسانيت آهي.” ڪڏهن  ڪڏهن هُو وڏي سمجهه واريون ڳالهيون ڪرڻ لڳندو هو.

پر جينيءَ مايوس ٿي مشنريءَ کي چئي ڇڏيو هو ته، “جوزف تي منھنجي ڪنھن به ڳالهه جو ڪو اثر نه ٿو ٿئي.”

پوءِ هڪ ڏينھن مشنري جا ماڻهو جوزف جي گهر اچي پھتا. جيني ۽ چارئي ٻار به موجود هيا. اها پنچايت ڏسي ٻه چار مسلمان به جوزف سان گڏ ٿي بيٺا. مشنريءَ چِٽَن لفظن ۾ چئي ڇڏيو هو ته جيني تي هاڻ جوزف جو ڪو به حق ناهي ۽ اڄ کان پوءِ ٻنهين جي وچ ۾ مڪمل عليحدگي آهي.

جوزف ڏي ويل ٿورن سمجهه ڀرين سموئيل ۽ ڊينيل کي مسلمانُ جڏهن ته جيني وٽ ويٺل ٻنهين ننڍڙن ٻارن کي عيسائي مڃي ورتو ويو.

جتي ٺَٽِيءَ ۾ جيمس ۽ پطرس کي هڪ کان وڌ هڪ پيار ڪرڻ واروا موجود هيا اُتي ٺَٽِيءَ کان ٻاهر سموئيل ۽ ڊينيل کي چاهڻ وارڻ جي به ڪا کوٽ نه هئي. اُنهن ٻنهين ٻارن کي مولوي صاحب شھر جي ڪنھن مدرسي ۾ ڇڏي آيو هو، جتي هُو پڪ سان سموئيل ۽ ڊينيل مان اسماعيل ۽ دانيال ٿي ويا هوندا.

عيسائي ۽ مسلمان جي اها ورڇ ۽ فرقُ ٻارن جي سمجهه کان مٿانهون هو. ٻارن مٿان اِنَ جو اُگرو اثر ته پوڻو ئي هيو پر خود جوزف تي به ڏاڍو برو اثر پيو. هڪ ئي ماءُ جي ڪک مان ڄمڻ وارن ٻارن جو هڪٻئي جي لاءِ پرائو ٿي وڃڻ جوزف کي ڏاڍي تڪليف ڏيندو هو.

گهر توڻي جو جوزف جينيءَ کي ڏئي ڇڏيو هو، پر هُوءَ ڪجهه ڏينھن پنھنجي ڀيڻ وٽ رهي ٻيھر پنھنجي پيڪين موٽي وئي هئي.

کُليل اکين جي سامهون وکري ويل ڪٽنب کي بعد ۾ جوزف ڪيئي ڀيرا بند اکين سان گڏ ڪري ڏٺو. ڏينھن جي اوجَر ۾ جدا ٿيل هڪ ئي گهر جا ڀاتي رات جو سپني ۾ ڏيئي جي لاٽَ ۾ گڏ ٿيندا هيا. سپني ۾ هُو گهڻو ڪري ٻارن کي ، “ايڪو پتا ايڪس هم ٻارس” واري نصيحت ڀرئي “آدم” جي ڪٿا ٻڌائيندو هو.

جوزف مڙئي ڪجهه سرس سوچڻ لڳو هو. انهيءَ حساب سان سندس سُئي به گهڻي اَٽڪڻ لڳي هئي. هُو زميندارن جي حويليءَ ۾ ليٽيو  سوچيندو رهندو هو ۽ سُئي اَٽڪي پوڻ تي سوچڻ ڇڏي ڏيندو هو. هُو وري سوچڻ لڳندو هو، سُئي ٻيھر اَٽڪي پوندي هئي ته وري سوچڻ ڇڏي ڏيندو هو. هن کي ننڊ ئي نه ايندي هئي، جيڪڏهن ڪٿي اک لڳي به ويندي هيس ته عجيب غريب سپنا ڏسڻ ۾ ايندا هيس.

هڪ رات هُنَ سپني ۾ ڏٺو ته جيني رڌڻي ۾ ماني پچائي رهي آهي. ٻار چُلهه جي چوڌاري ويٺا تئي تان ماني لھڻ جو اوسيئڙو ڪري رهيا آهن. ماني پنڊيءَ ۾ رکجڻ کان اڳ ئي ٻارن جهپڙي ورتي ۽ جنھن جي هٿ ۾ جيڪو ٽڪر آيو سو کڻي وٺي ڀڳو. تڏهن دانيالَ پطرس کي ٿَڦ وهائي ڪڍي ۽ رَڙِ ڪري چوڻ لڳس، “هَٿ نه لاءِ ، منھنجي ماني پليت ڪري ڇڏيئي، پليت ڪنھن جاءِ جا!” جوزف جي اک کلي وئي. هُو “ هَللوياھ! هَللوياھ!” چوندي، ڇِرڪ ڀري اُٿي ويٺو هو. بي ڌيانيءَ ۾ پنھنجي اڳئين خدا جو نانءُ جپيندي هُنَ کي ڪجهه ياد اچي ويو ته هُو ڪنڌ کي ڇنڊڪا ڏئي “لاحول ولا” پڙهڻ لڳو هو.

هڪ ٻي رات هُنَ سپني ۾ پاڻ کي ڪيترن ئي ڪُپيرين واٽن  ۾ گهيريل پاتو. هُو سپني ۾ انهن دائرن مان ٻاهر نڪرڻ جو دڳ ڳولي رهيو هو. هُو جڏهن هلي هلي سَھڪي پيو تڏهن هُنَ ڀت ٽَپي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هُنَ ٽَپو ڏنو ته سندس هٿ وڃي ٻِيڙَ ٻَني ۾ پيو . پر ايتري دير ۾ ڪنھن سندس ٽنگَ سُڪ جهلي ورتي. تڏهن جوزف جي اک کلي پئي. هُنَ ڏٺو ته کيس اُڀَ ساهي وٺي وئي هئي ۽ هڪ ڄنگهه کٽ کان هيٺ لڙڪي رهي هيس.

ڪجهه ٽاڻي کان پوءِ ڪنھن موقعي تي جيني ڳوٺ آئي. جوزف کي سُڌَ پئي ته هُنَ ڪنھن ريت جينيءَ کي ڪمدارن جي حويليءَ جي پويان ، رات جي وڳڙي ۾ سِرِينھَن جي وڻ هيٺان ملڻ جي منٿ ڪئي.

رِٿيل ٽاڻي کان اڳ ئي هُو سِرِينھَن جي وڻ هيٺان وڃي ويٺو ۽ هوا ۾ پکڙيل سِرِينھَن جي گُلن جي مٺڙي سڳنڌ کي ساهن وسيلي اندر ڳِھندو رهيو. ڊگهي انتظار کان پوءِ هُنَ چانڊوڪيءَ ۾ هڪ پاڇي کي پاڻ ڏي وڌندي ڏٺو ته هُو اٿي کڙو ٿيو. اها جيني هئي، جيڪا هاڻ سندس ڀرسان اچي بيٺي هئي.

سندن وچ ۾ ماٺ جو پھاڙ بيٺو هو. هماليه جيترو اوچو پھاڙُ.

“جيني!” ماٺ جي پھاڙَ تان هڪ پٿر کسڪيو.

“ها!” انهيءَ پھاڙَ جي گڦا مان آواز آيو.

“تون موٽي ڇونه ٿي اچين؟”

“تون به موٽي آ.”

هڪ ڀيرو وري ڇانئجي ويل ماٺ کي جوزف جي آواز ڀڳو؛

“جيني!”

“جيءُ!”

“توکي ياد آهي؟”

“ڇا؟”

“جڏهن فادر تنھنجو هٿ منھنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو هو ته جنھن رشتي ۾ اڄ توهان ڳنڍيا آهيو، اهو هڪڙو اَڻ ڇِڄَندڙ رشتو آهي. ڪنھن هڪ پاسي کان ڇنڻ جي ڪوشش جي باوجود جيئري هجڻ تائين توهان ٻئي هڪ آهيو.”

“ها،م ياد آهي.” “پوءِ اڄ اهو تنھنجو رشتو ڪاڏي ويو؟”

“اهو سڱ جوزف ۽ جيني جي وچ ۾ هو ۽ هاڻ تون يوسف آهين.”

“منھنجو ڪجهه به نه بدليو آهي. ڏس، مان اهوئي ماڻهو آهيان. جيني! منھنجي دل ۾ اڄ به تنھنجي لاءِ اوترو ئي پيار آهي، جيترو اڳ هيو.”

جوزف اڳتي وڌي جينيءَ جو هٿ پڪڙڻ چاهيو،جيڪو هُنَ پري اُڇلائي ڇڏيس. جيني سڄي هٿ جي اشھد آڱر سان پنھنجي ڇاتيءَ تي صليب ٺاهيندي چيو؛

“مان جوزف کي سُڃاڻان، يوسف کي نه.”

۽ پوءِ هُوءَ اوندھ ۾ گم ٿي وئي.

جوزف پٿر وانگر ڌرتيءَ ۾ کُپيو، ڪيتري دير تائين ماٺ بڻيو سوچيندو رهيو. سوچ جي سُئي جوزف ۽ يوسف جي فرق تي اچي بيھي رهي، پر پوءِ به هُو سوچيندو رهيو. يوسف ۾ گم ٿي ويل جوزف کي ڳوليندو رهيو. ڳوليندو رهيو. ۽ پوءَ انهيءَ ڳولا ۾ هُو پاڻ به ڪٿي گم ٿي ويو.

صبح جو ڳوٺ وارن ڏٺو ته هُو پاڳل ٿي چڪو آهي. هاڻ هُو نه مسلمان هو ۽ نه ئي عيسائي. ٺَٽِيءَ ۾ ۽ ٺَٽِيءَ کان ٻاهر هاڻ هُو ٻنهين ٽولن جي لاءِ هڪ جھڙو هو، ڇو ته پاڳل نه عيسائي هوندو آهي نه مسلمان. هُو ته بس پاڳل ئي هوندو آهي. هڪ هڪڙو سکڻو ڍانڍو ماڻهو.

 

(هڪ نئين مسلمان ٿيل جي عجيب وارتا جيڪا ماھوار ”سڦلتا“ جي فيبروري ۲۰۲۲ع جي پرچي ۾ پڻ ڇپيل آھي)

No comments:

Post a Comment