Sunday, February 20, 2022

پڪ ڏيو - دريا خان شنباڻي

پڪ ڏيو

(ننڍڙي ڪهاڻي ۵۹)

دريا خان شنباڻي



فون جي گهنٽي وڳي ته هن فون کنئي؛ “هيلو!”

“هيلو! سائين! مان شاعر نزاڪت ٿو ڳالهايان!”

“جي بابا! حڪم ڪيو!”


“سائين! ايندڙ ڇنڇر تي، مون سان دوست رهاڻ پيا ملهائن. ٻيو ته منهنجي شاعريءَ جي ڪتاب جي مهورتي تقريب به آھي. سو اوهان کي دل جي گهرائين سان دعوت آھي!”

“پر مون ته اوهان کي ڪڏھن پڙھيو ڪو نه آھي!”

“سائين اوهان جي شرڪت، مون لاء سعادت هوندي!”

“اوھ پيارا، ايترو پنڌ ڪري صرف شرڪت لاءِ اچان!”

“جي سائين! مهرباني ٿيندي!”

“پيارا مان معزرت ٿو ڪريان! صرف شرڪت لاءِ ڪو نه اچي سگهندس! باقي جيڪڏھن......”

“حڪم ڪيو سائين!”

“جيڪڏھن اسٽيج تي مٿي ويهاريندئو ته پوءِ ڪوشش ڪندس!”

“سائين اوهان هيڪر اچو ته سهي، پوءِ ان ڳالھ کي به ڏسي وٺنداسين!”

“نه پيارا، ڪچي ڳالھ نه ڪيو! پڪ ڏيو ته پوءِ هڪڙي رات سيڙائي وٺندس!”

“ٺيڪ آھي سائين.... پوءِ اوهان ڏي پنهنجو ڪتاب موڪليان ته جيئن ڏسي وٺو ها!”

“نه نه، ان جي ڪا ضرورت ناهي، پروگرام مهل ڏجو، سرسري نظر گهمائي اوهان ۽ اوهان جي ڪتاب تي ڳالهائي وٺندس.... پر ادا مٿي ويهارڻ لاءِ پڪ آھي نه!”

“ها سائين، اوهان کي مٿي ئي ويهاربو!”

“ٺيڪ آھي، ضرور اچبو!”

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment