Sunday, February 20, 2022

شڪُ - ممتاز لوهار

شڪُ

مختصر ڪهاڻي

ممتاز لوهار



”پر مان ائين ڇو ٿو سوچان.....!؟ مون کي ائين نه سوچڻ گهرجي..... مون کي پنهنجي زال تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي..... ٿي سگهي ٿو اهو اتفاق هجي..... مون کي اجايو وهم ٿي پيو آهي..... پر هُوءَ مون کي اوپري ڇو ٿي لڳي؟..... صرف هڪ ننڍڙي عجيب واقعي جي ڪري....! اها ڪا وڏي ڳالهه ته ڪانهي....! ڪيترا ئي ماڻهو ننڊ ۾ ڳالهائيندا آهن..... پر هُن ننڊ ۾ ڊاڪٽر حيدر جو نالو ڇو کنيو؟..... هُوءَ ڪٿي؟..... نه نه..... ائين نه ٿو ٿي سگهي..... ڊاڪٽر حيدر ته سٺو ماڻهو آهي..... هُو ته شادي شدهه به آهي..... ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟ آئي روزي ڪير موٽائيندو....؟ هي مان ڇا ٿو سوچيان....!! .....چُ..... هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي....!؟“


سگريٽ جو دونهون ڪمري ۾ پکيڙي هن ڀر ۾ ستل پنهنجي زال رضيه ڏانهن نهاريو، جيڪا ننڊ ۾ مرڪي رهي هئي.

”پڪ هُوءَ خواب ۾ ڊاڪٽر حيدر سان..... نه نه...... اهو منهنجو وهم آهي..... مون کي ڪهڙي خبر ته هوءَ خواب ۾ ڇا پئي ڏسي؟...... هُوءَ چپ چوري رهي آهي..... شايد ڊاڪٽر جو نالو وٺي رهي آهي.“

هُو پاڻ به چپن ۾ ڊاڪٽر جو نالو وٺي ٿو، پنهنجي چپن جي چرپر کي محسوس ڪرڻ ٿو چاهي، بلڪل ساڳي چُرپر.

”ها پڪ سان هوءَ خواب ۾ ڊاڪٽر سان گڏ..... هُو ٻئي خواب ۾ ڇا ڪندا هوندا؟..... بي شرم..... مڙس جي هوندي ٻين جا خواب ٿي لهي..... پر اُن ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه....!! ڀلا خواب به ڪنهن جي وَس ۾ هوندا آهن ڇا؟..... پر خوابن ۾ به اهو ئي ته هوندو آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هوندو آهي..... انتظار..... ارمان..... خواهشون..... حسرتون..... ضرورتون، اهي سڀ محروميون ته خوابن کي جوڙينديون آهن..... مان اجايو ڳالهه کي وڌايان پيو..... نه نه ڳالهه وڌايان ڪٿي ٿو؟..... اهو ته سچ آهي..... ڀلا ڪالهه رات رضيه ننڊ ۾ ڊاڪٽر حيدر جو نالو هر هر ڇو پئي کنيو؟..... ٿي سگهي ٿو خواب ئي اهڙو هجي...... ائين به ته ٿي سگهي ٿو ته هوءَ خواب ۾ ڪنهن خالي گهر ۾ هجي..... ۽ اتي ڊاڪٽر حيدر به گڏ هُجيس!..... منهنجي هوندي هُوءَ ڪنهن ٻئي مرد جا خواب ڪيئن ٿي ڏسي سگهي؟..... مون کي سنجيدگيءَ سان ان تي سوچڻو پوندو..... صبح جو کانئس ضرور پُڇندس..... پر هُوءَ ڇا سمجهندي؟..... ته مان هُن تي شڪُ ٿو ڪيان!..... پنهنجي زال تي شڪ!!..... ماڻهو ڇا چوندا؟..... ماڻهو ته مون کي چريو سمجهندا..... ته هڪ خواب جي ڪري....! صرف ننڊ ۾ نالي وٺڻ تي....!! لعنت آهي مون تي..... مان پنهنجي زال لاءِ ائين ٿو پيو سوچيان.....!! مان ڪيڏو نه شڪي مزاج آهيان..... پر ان ۾ شڪ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟..... سڀ ڪجهه ته منهنجي سامهون پيو ٿئي..... ڀلا ڪو به مڙس اهو برداشت ڪندو ڇا، ته هن جي زال ننڊ ۾ ڪنهن ٻئي مرد جو نالو کڻي؟..... اهو سڀ ڪجهه ائين ئي اتفاق ته ناهي..... ڪٿي ائين ته ناهي، هُوءَ ڏهين پندرهين ڏينهن بيماريءَ جو بهانو ڪري ڊاڪٽر سان ملڻ؟..... مان به چوان ته، ڊاڪٽر ڏي وڃڻ لاءِ ايترو پاڻ ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي!..... ڊاڪٽر به وڏو حرامي آهي، چيڪ ڪيئن ڪندو هوندس؟... ايگزيمينيشن ٽيبل تي سمهاري اسٽيٿو اسڪوپ هرو ڀرو سيني تي رکندو هوندس ته، جيئن آڱرين سان سندس نرم اڀار ڇُهي سگهي..... ڪميڻو..... پادرن جي لائق آهي..... خبر آهي انهيءَ جي به ..... شڪل مان ئي ائين لڳندو آهي، ڄڻ ڪلينڪ پنهنجي عياشي لاءِ کولي هجئين..... هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي؟..... مان هرو ڀرو ناڪاري ڇو ٿو سوچان؟..... هُو ته مهربان آهي..... انسان دوست آهي..... مون کان ته في ئي ناهي وٺندو..... في ڇو ناهي وٺندو!؟..... آخر مون سان ئي اها مهرباني ڇو؟..... پڪ سان ڪا ڳالهه ضرور آهي.“

هُو ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي ديوار تي گهڙيال ڏسي ٿو، رات جا ٻارهن ٿيا آهن.

”صبح ٿئي..... ڊاڪٽر ڏي ويندس..... ڇڏيندومانس ڪو نه..... پڇندومانس ضرور..... ته منهنجي زال ننڊ ۾ تنهنجو نالو ڇو ٿي کڻي؟..... هُو مون کي چريو ته نه سمجهندو؟..... مون کي ڪنهن دوست سان صلاح ڪرڻ گهرجي..... نه نه!..... دوست سان نه..... ائين ته بدنامي ٿيندي..... ڇا ڪجي.....؟؟ رضيه کي ننڊ مان اٿاريان؟..... پڇانس ته خواب ۾ ڇا پئي ڏٺائين؟..... پر ڇا هُوءَ سچ ڳالهائيندي؟!..... ٿي سگهي ٿو صحيح نه ٻڌائي..... واقعي به هي سڀ ڪجهه سچ آهي، يا منهنجو مٿو خواب ٿيو آهي؟“

وهاڻي هيٺيان نوزيم ٽيبليٽ ڪڍي هن زبان تي رکي، پاڻيءَ جو گلاس پي ويو. کيس ننڊ ئي نه ٿي آئي. هُن گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته ذهن تان اهو خيال لهي وڃي، پر ڦري ڦري ساڳيو خيال. ننڊ ڄڻ رٺل زال، مڃي ئي نه. هن ابتا انگ ڳڻڻ شروع ڪيا ته جيئن بوريت ٿئي ۽ ننڊ اچي.

”سئو، نوانوي، اٺانوي، ستانوي....... چاليهه، ايڪيتاليهه، ٻائيتاليهه، اڙي!!..... ڀُلجي ويس..... سُبتا پئي ڳڻيم.“

 وري سئو کان ٻيهر ابتا انگ.

”سئو.... نوانوي..... اٺانوي.........“

وهاڻي تان ڪنڌ کڻي ڪمري ۾ ڏٺائين، رضيه ڪو نه هئي، اٿي گهڙيال ڏٺائين، نوَ ٿيا هُئا، دانهن نڪري ويس.

”وڃ ڀيڻان!!..... وري اڄ دير ٿي وئي..... وري صاحب جا ساڳيا سوال..... جي؟..... اڄ وري ڇا ٿيو؟..... سائين جن سان ڪو نئون ايڪسيڊنٽ؟..... ۽ مان وري چُپ هوندس، ڪياڙي کنهي بنا جواب ڏيڻ جي پنهنجي ڪرسيءَ تي اچي ويهندسُ ۽ هُو وڌيڪ چڙي پوندو..... لعنت آ اهڙي نوڪريءَ تي..... پاڻ صاحب جو ڪو ٽائيم ٽيبل ئي ڪونهي..... باقي اسان تي ڏمرُ..... سڀ ئي اصول ماتحتن لاءِ..... هُون..... هيءَ رضيه وري ڪا ڏي وئي؟..... چانهه به نه ڏني اٿائين!“

برش کڻي باٿ روم ڏانهن ويو، کڙڪي ڏئي شاور هلائي اکيون بند ڪري گنگنائڻ لڳو. صابُڻ هڻندي کيس ياد آيو، رضيه سان گڏ وهنجڻ، صابڻ هڻندي، کيس ڀاڪر ۾ سوڙهو ڪرڻ، چميون ۽ ساڻائي. چاهيائين ته رضيه کي سڏ ڪيان، گڏ وهنجون.

”پر هوءَ هاڻي ڇو وهنجندي؟..... ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن..... هُن ته ڪو خيال به ناهي ڏيکاريو!..... اڳ ته ائين نه هوندو هو، هُوءَ پاڻ آڱرين تي ڪجهه ڳڻيندي هئي، چئي نه سگهندي هئي..... ۽ مان کلي کانئس پڇندو هئم، ڇا ٿي ڳڻين؟..... شرمائي چوندي هئي..... سهڻا! ..... اڄ ڪائون ڏينهن آ؟..... اچ جلدي ڪر..... ته پوءِ جيئن مان وهنجان.“

۽ هُو سندس سادگيءَ سان کلي پوندو هو. باٿ روم جي در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. هُن کڙڪي کولي، ٽوال هيٺ ٻڌي ٻاهر نڪتو، هُن رضيه ڏانهن نهاريو، جنهن وٽ هاڻي پيار ونڊڻ لاءِ ذري جو به خيال نه رهيو هو.

”ڇو رهندس.....! هُو ذليل ڊاڪٽر جو اٿس..... تڏهن ته هفتن جا هفتا هاڻ هُوءَ ائين ئي پاسو ڏئي سمهي ٿي پوي..... هاڻ ته هُوءَ آڱرين تي به ناهي ڳڻيندي؟..... اڳ سمهڻ مهل پنهنجي ڄنگهه منهنجي ڄنگهن تي ورائي ڀاڪر پائي سمهندي هئي..... ۽ هاڻ!!..... مڪار..... مڙس سان دوکو ٿي ڪري ..... ڇا سوچيو هئم....!! ڇا نڪتي؟!..... زالون ٿينديون ئي اهڙيون آهن..... مون به گهڻو پيار ڏئي مٿي تي رکيومانس..... مون کي اٿندي ئي ساڻس سختي رکڻ کپندي هئي..... مان پاڻ ذميوار آهيان..... ويجهن دوستن سان کيس ملائڻ..... پردو نه ڪرائڻ..... جاڏي ڪاڏي وٺي هلڻ..... هُن آزادي کي ڇُڙواڳي بڻائي ڇڏيو..... ڏس ته سھي، اٿس ڪو ذري جو به ڀئُه!“

ڪپڙا پائيندي هُن الماڙيءَ جي آئيني ۾ رضيه کي پئي ڏٺو. ڄڻ پرکڻ پئي چاهيائين.

”ڪيڏي نه ڳجهي آهي....! هيءَ ڇا ٿي سمجهي.....! ڄڻ مان سمجهان ئي نه ٿو....!! مان ڪيستائين اهڙي اذيت ۾ پيو پڄرندس؟..... اڄ کيس پرکيندس.“

هُن وياج تي ورتل مرڪ چپن تي آڻي رضيه کي چيو.

”تون ڏينهون ڏينهن وڃين ٿي ڪمزور ٿيندي..... اڄ وڃ ڊاڪٽر حيدر کي ڏيکاري اچ.“

رضيه جي چهري تي مرڪ تري آئي.

”مان!!..... ڇا ٿيو آهي مون کي؟..... ٻه ڏينهن اڳ ئي ته چيو هيئي ته مان هاڻ موٽي ٿي پئي آهيان...!! ۽ اڄ وري....!! نه نه..... مان ٺيڪ آهيان.“

هن چولي جي ڳچي کي ٺاهيندي ڦڻي کڻي، وار پئي سنواريا. هُو کيس تڪيندو رهيو، اندر ئي اندر ۾ چڙ منجهان ڪرٽون کائيندي سوچڻ لڳو.

”حرامزادي..... اندر ۾ ٽڙي پئي..... مٿاڇري پڪائي..... ڊاڪٽر جي ذڪر تي ڪيڏو نه خوش پئي ٿئي!..... نه نه مان غلط ٿو سوچان..... هُوءَ ان لاءِ به ته خوش ٿي سگهي ٿي، ته مان سندس ڪيڏو خيال ٿو رکان..... ها..... هُوءَ ان تي ئي خوش ٿيندي هوندي..... مان اجايو مٿس شڪ پيو ڪريان..... پر منهنجو شڪ درست به ته ٿي سگهي ٿو..... پر هُوءَ مون سان ايڏي بي وفائي ڇو ڪندي؟..... مُون هُن کي ڪهڙو ڏک ڏنو آهي؟..... مان ته هُن سان بي پناهه محبت ٿو ڪريان..... هر سک ته ڏنو اٿمانس..... اولاد....؟؟ ٻن سالن ۾ نه ٿي آهي ته ڇا ٿيو..... دير سان به ته ٿي ويندي آهي..... ٽيسٽون به ته ڪرايون اٿم..... ٻئي نارمل آهيون..... ائين ٿيندو آهي..... هُن جي ڀيڻ کي به ته پنجن سالن کان پوءِ ٻار ٿيو هو..... پر ان مسئلي تي ته اسان ٻُڌاءِ..... مون سان پيار اٿئي؟“

مُنهنجي چريائپ تي کلي چوندي آهي.

”پيار نه هجي ها ته هيئن چنبڙانءِ هان؟..... لت هڻي بيڊ تان نه ڪيرايانءِ هان؟“

۽ پوءِ ٻئي ٽهڪن ۾ پئجي ويندا هئاسين.

”جڏهن مون هن کان سواءِ ٻي ڪنهن به عورت لاءِ ناهي سوچيو ته، پوءِ هُوءَ ڪيئن؟..... نه نه..... اهو منهنجو اجايو وهم آهي.“

آفيس ويندي در کان بيهي ڪنڌ ورائي رضيه ڏانهن نهاريائين. سوچ ۾ پئجي ويو. رضيه کلي چيُس؛

 ”ٺيڪ آ سائين..... مان ڊاڪٽر حيدر ڏي وينديس..... بس نه؟..... هاڻي توهان آفيس وڃو..... ۽ ها..... ڪهڙي وقت واپس ايندءُ؟“

هو رضيه جي بدلجندڙ ڪيفيتن تي سوچيندو رهيو.

”هُن ڊاڪٽر حيدر ڏي وڃڻ لاءِ راضپو ڇو ڏيکاريو؟..... مان ٻيهر ته کيس چيو به ڪو نه..... پوءِ هن!؟..... هُون....!! ڪجهه آهي ضرور.“

رضيه ڏانهن ڏسي مرڪي چيائين؛

”مون کي شام دير ٿي ويندي، تون پاڻ هلي وڃجان ڪلينڪ تي.“

زور سان در سٽي هو ٻاهر نڪتو. خيال سهڪندڙ ڪُتي جيان سندس پويان هلندا آيا.

”ڇا ڪيان؟..... اڄ آفيس نه ٿو وڃان..... ڪلينڪ ٻاهران ٿو بيهان..... ڏسان ته هوءِ ڪيئن پاڻ ٺاهي ٿي اچي.“

هُو سڃاتل رستن تان ٿيندو، سوچيندو هلندو رهيو.

”هُوءَ ڪلينڪ ۾ ويندي ته ڊاڪٽر ڪيئن مرڪي کيس اندر چيڪ اپ روم ۾ وٺي وڃي سمهي پوڻ لاءِ چوندو..... ٻاهر پٽيوالي کي جهلي ڇڏيندو ته، اندر ڪنهن کي به نه ڇڏجان..... جيستائين مان پاڻ بيل نه وڄايانءِ..... ۽ حوس ڀريل نگاهن سان رضيه جي پوري وجود کي گوڊيندو..... هُن جي پوري جسم کي آڱرين جا ڇُهاءَ ڏيندو..... هُوءَ ڇا ڪندي؟ مرڪندي، اکيون بند ڪري ستل ئي رهندي..... پوءِ اٿي ٻئي ٻانهون ڊاڪٽر جي پويان ورائي کيس ڀاڪر ۾ سوگهو ڪندي..... هُوءَ آهي ئي سيڪسي..... مون کي ته هاڻي چپن تي چُمي ڏيڻ ئي ناهي ڏيندي..... ۽ ڊاڪٽر سان..... فرينچ ڪس جا مزا وٺندي هوندي، مون کي ته ڌڪي چوندي آهي، انگريزي فلمون ڏسي تون به انهن جهڙو ٿي پيو آهين..... مون کي ڪرڀ ٿي اچي..... بس ڳٽي تي چمي ڏي..... نه نه..... هيٺ نه..... منهنجا عرض ته بنا ٽڪلي جي لفافن جيان موٽي ملندا اٿم..... پر ڊاڪٽر کي هُوءَ ڪو نه روڪيندي هُوندي.“

هلندي هلندي هن آفيس وڃڻ جو ارادو بدلائي ڪلينڪ جو رخ ڪيو. ڪلينڪ جي سامهون ڪولڊ ڪارنر ۾ ويهي هن ٿڌو گهرايو. مٿان وري ٻي بوتل، ڪلاڪ ٿي ويس، هڪ رڪشا ڪلينڪ اڳيان اچي بيٺو..... اُها رضيه هئي، لون جو نئين وڳي ۾.

”اهو وري ڪڏهن ورتائين؟..... مون کي ته ڪو نه ڏيکاريو اٿئين!..... جڏهن به نئون وڳو وٺندي آهي ته ڏيکاريندي آهي..... ڪٿي اهو به ڊاڪٽر ته نه وٺي ڏنو اٿس!؟..... ڪيڏو پاڻ ٺاهي آئي آهي!..... ڪهڙي ضرورت هئي ايتري تياريءَ جي؟“

هُو ڏهن منٽن کان پوءِ اٿيو..... ڪلينڪ جو در ٽپيو..... پٽيوالي جي چهري تي پريشاني ڏٺائين.

”ضرور هن کي به خبر هوندي.“

پٽيوالي سان نظرون ملائيندي به کيس شرم پئي ٿيو.

”ڇا سوچيندو هوندو ته، مان پنهنجي زال کي سنڀالي ناهيان سگهيو....!! مون تي ٺٺول ڪندو هوندو..... پر ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟..... مان پنهنجي زال جي ڪارن ڪرتوتن جو ذميوار ته ناهيان..... ٻيو الائي ڪنهن ڪنهن سان اهڙو تعلق هوندس؟..... کير وارو؟..... ها، اهو به ته ڏنڊو ڏوڙو آهي..... ۽ هُو سبزيءَ جي ريڙهيءَ وارو؟..... اهي به وڏا آڙيڪاپ هوندا آهن..... پر انهن جو ڪهڙو ڏوهه...!! هي رنُون پاڻ ئي بي حيائي تي لهي اينديون ته انهن کي ڪير روڪيندو؟“

پٽيوالو کيس سوچن ۾ گُم ڏسي ڊريسنگ روم ۾ هليو ويو. هُو سوچڻ لڳو.

”اندر ڇا هوندو؟..... ڊاڪٽر ۽ رضيه..... ٻئي ڪهڙي حالت ۾ هوندا؟..... در کڙڪايان؟..... يا ائين ئي در کولي اندر وڃان؟..... سڀ ڪجهه پاڻ ڏسان؟..... اڄ سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ٿو ڏسان..... نيٺ هي دوکو ڪيستائين هلندو؟..... مون کي گهڻي دير نه ڪرڻ گهرجي..... ڪٿي پٽيوالو ڊريسنگ روم مان موبائيل تي ڊاڪٽر کي هوشيار نه ڪري وجهي.“

هُو سٽ سان در کولي اندر گهڙيو. ڳورو بدن ڄڻ ڪمري ۾ گهلي کڻي آيو هو. پل ۾ پگهرجي ويو هو. تڪڙا ساهه ٿي کنيائين. سامهون ڊاڪٽر جي ڪرسي خالي هئي. ڀر واري ڪرسيءَ تي رضيه اخبار پئي پڙهي، هڪو ٻڪو ٿي ويو هو، کيس تڪيندو رهيو. رضيه حيران ٿيندي پڇيس.

”تون هتي!؟..... ڇو!!..... آفيس نه وئين ڇا!؟“

هُن پاڻ ڪرسيءَ تي ڇڏي ڏنو. عجيب شرمندگيءَ جو احساس کيس ڄورن جيان چنبڙي ويو هو.

”سوچيم ته مان به ڊاڪٽر سان ملندو وڃان، ڪا صلاح وٺانس..... ڪٿي آ ڊاڪٽر؟“

هاڻ هن کي پنهنجي شڪ تي چڙ پئي آئي. چاهيائين پئي ته رضيه جي پيرن تي ڪري کانئس معافي وٺي، هُن اجايو شڪ پئي ڪيو. هرو ڀرو اُبتا سُبتا خيال پئي جوڙيائين. پنهنجو پاڻ کان ڪرڀ ٿي آيس، پاڻ کي ڏاڍو نيچ پئي ڀانيائين. شرمندگيءَ جو احساس لڪائي اٿيو.

”مان هلان ٿو.“

رضيه جي چهري ڏانهن نهاريائين. خوف، پريشاني، حيراني۽ سواليه نيڻ. هُو نيڻ ملائي نه سگهيو. تڪڙو در کولي ٻاهر نڪتو. ڪلينڪ مان نڪرڻ مهل پاڻ تي وڏي چڙ آيس.

”مان ايترو به ڪريل ٿي سگهان ٿو!؟..... لعنت آهي منهنجي اهڙي سوچ تي.“ ٻه وکُون کڻي بيهي رهيو.

”ڇڏينس اڄ  آفيس کي..... نه ٿو وڃان..... چڱو ٿيو جو ان وهم مان جند ڇُٽي..... لٿو ٽينشن .....اڄ رضيه کي وٺي هوٽلنگ ٿا ڪيون.“

هُو واپس ڪلينڪ ۾ داخل ٿيو. پٽيوالو ڪو نه هيو. ڊاڪٽر جي روم جو در ٻيڪڙيل هو، اندران ٽهڪن جا آواز، ڊاڪٽر جو ڳورو آواز.

”چڱو ٿيو جو پٽيوالي فون ڪري ٻڌايو..... نه ته اڄ خير نه هو.“ رضيه جا ٽهڪ.

”ها سهڻا!..... مون ته سمجهيو اڄ خير ناهي..... الائي ڇا ٿيندو..... چڱو ٿيو جو تون واش روم ۾ هليو وئين..... سچ پڇين ته مون کي ڏاڍو ڀَئُه پئي ٿيو..... ته ڪٿي هُو واش  روم جو در نه کولي ڏسي..... ائي الا!..... بچي وياسين!“

هُو بُت بڻجي ويو هو. سموري وجود جو ساهه ۽ سَتُ مٿي کان ٿيندو پيرن مان نڪري ويو هئس. هٿن مان ڊائري ڇڏائجي، در کي لڳي هيٺ ڪري پي هئس. ڊائري ٻيڪڙيل در کي اڌ کولي ورتو هئو. هن جي سامهون رضيه ڊاڪٽر جي ڀاڪر ۾ هئي. رضيه بند اکين سان ڊاڪٽر جي چپن جي رس چوسي رهي هئي. هُن جي وجود ۾ ڄڻ رت بدران زهر هو جيڪو رڳن ۾ رلجي ويو هو. ڊاڪٽر رضيه کي ڌڪو ڏئي پاڻ کان جدا ڪري ورتو هو. رضيه جو ٽهڪ سندس نڙيءَ جي صليب تي لٽڪي پيو هو. هُو چپ چاپ ٿيڙ کائيندو ٻاهر نڪري هليو ويو هو.


 

ليکڪ جو تعارف

اصل نالو: ممتاز علي لوهار

ادبي نالو: ممتاز لوهار

والد جو نالو: محمد سليمان لوهار

جنم تاريخ: ۷ آڪٽوبر ۱۹۶۷ع

جنم هنڌ: وارھ، ضلعو لاڙڪاڻو

تعليم: ايم اي سنڌي، ايم ايڊ

ڪرت: استاد

ذات: لوهار

رهائش/پتو: ايليمينٽري ڪاليج مين لاڙڪاڻو۔ نزد هاء ويز آفيس سرڪٽ هائوس روڊ لاڙڪاڻو۔

لکڻ جي شروعات: ۱۹۹۰ع

شاعري ۾ استاد: بخشل باغي

پسند جي صنف: غزل، نثري نظم، بيت، وائي

ڪهڙيون صنفون لکيل: بيت، وائي، نظم، هائيڪو، غزل

گهڻا ڪتاب ڇپيل:

۱۔اڻپورا وجود (ڪهاڻيون) ڪنول پبليڪيشن ۲۰۱۳

۲۔هڪجهڙو درد ( ترجمو: اوهينري جا افسانا) ڪنول پبليڪيشن ۲۰۱۷

۳.اڏوهي جئن ڏکڙا (ترجمو: ناول: ديمڪ) ڪنول پبليڪيشن ۲۰۱۸

۴۔ڪئنواس تي بارش (شاعري) ڪنول پبليڪيشن ۲۰۱۹

۵۔کليل دريء جو درد (ڪهاڻيون) ڪنول پبليڪيشن ۲۰۲۰

۶۔سمنڊ ڪناري ٻڏندڙ ٻيڙيون (ترجمو: چونڊ ڏيهي پرڏيهي افسانا) ڇپائي هيٺ ۲۰۲۲

 

(فيسبڪ تي ڪھاڻي سلسلو ڪڙي نمبر ۵ تان ۱۵ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment