Friday, February 4, 2022

اڌ بوتل - ابراھيم کرل

اڌ بوتل

مختصر ڪھاڻي

ابراھيم کرل



”ماني کائينداسين.“

جملي کي ڏسي، مون ھيڏي ھوڏي ڏٺو پر ھال ۾ مون کي ڪو به ڏٺل وائٺل نظر ڪو نه آيو. موبائيل چيڪ ڪيم. نمبر به نئون ھو. ڪالر آءِ ڊي ۾ وجھي ڏٺم پر رڳو پاڪستان پئي ٻڌايائين.

خير! وري دوستن سان ڪچھريءَ ۾ لڳي ويم. تيستائين ويٽر سلاد ۽ رائتو اڳيان رکي ويو. اڃا کيري جو پھريون ڳترو وات ۾ وڌم ته موبائيل جي اسڪرين تي ٻيو ميسيج ظاھر ٿيو.

”ايڏي بک لڳي ٿي ڇا؟!“


مون وري ھيڏي ھوڏي نھاريو پر منھنجون اکيون ڦري ڦري موٽي آيون.

”ڪير ٿو ٿي سگھي؟“ ذھن مان سوال اڀري آيو.

دوست مونکي ڏسي، ڪجھ محسوس ڪري ويا ھئا. نيٺ مون اٿي ھال جي در تائين وڃي ٻاھر به نھاريو پر اھڙو ڪجھ ڪو نه نظر آيو.

”ماني اڌ ۾ ڇڏي نه اٿبو آھي!“

ٽيون ميسيج ڏسي، مون کي پڪ ٿي ته ڪو منھنجي قريب آھي. گمان ٿيو ته ڪو دوست اھڙي حرڪت ڪري رھيو آھي. مون نظر ڊوڙائي پر سڀني جا موبائيل ٽيبل تي پيل ھئا. مان ٻاھران موٽي، سڌو واش روم ڏانھن ھليو ويس. جتي لڳل شيشي ۾ پاڻ کي غور سان ڏٺم. منھنجي رخ تي پريشانيءَ جي آثارن کانسواءِ ڪجھ ڪو نه ھو، ٽشو پيپر سان ھٿ اگھندو ھال ۾ داخل ٿيس ته وري چوٿون ميسيج اچي پھتو؛

”ماني کائڻ کانپوءِ ھٿ صاف ڪبا آھن!“

پڙھي ٿورو بيزار به ٿيس ته، ’ھيءَ ڪھڙي وارتا آھي، يا ڪھڙي مذاق آھي؟‘

پھتس ته سلاد چٽ ٿي چڪو ھو. آخري ڳترا بند گوبيءَ جا پليٽ ۾ پيل ھئا. سي کڻي وات ۾ وڌم ته دوستن وٺ ڪئي؛ ”ھي تون ڪھڙن چڪرن ۾ اچي پيو آھين، اڃا ڪو اچي پيو ڇا، جنھن جو انتظار ٿو ڪرين؟!“

”نه نه! بس مڙئي ائين، ڀاڄيءَ واري کي پارت ڪرڻ ويو ھئس.“

”ڇڏ يار! اسان تو سان ڪچھري ڪرڻ آيا آھيون ۽ تون وري وتين ٿو چڪر ڏيندو. پاڻھين ٺاھي پھچائيندا!“

اسان وري ڪچھريءَ ۾ لڳي وياسين. يونيورسٽيءَ جي دور جون ڳالھيون، ٽھڪ، ٽھڪڙا شروع ٿي ويا.

”ڪيڏو خوش آھين!“

وري پنجين ميسيج اچي ٺڪاءُ ڪيو، ته منھنجي مک تي وري مايوسي ڦھلجي وئي.

”ڪو مسئلو آھي ڇا؟“ دوست سوال ڪيو ته مان ڏڪي ويس.

”نه نه! ڪو مسئلو ڪونھي!“

”گھران ڪو ميسيج ٿو ڪري ڇا؟ ٻئي دوست مرڪي چيو.

ايتري ۾ ماني اچي وئي ته دوست جو سوال لئي مٽي ٿي ويو. پليٽون کڙڪڻ لڳيون. ھر ڪو ماني کائڻ ۾ جنبي ويو، ته مون به موبائيل کي کيسي ۾ رکي، ماني کائڻ شروع ڪئي.

ماني کائي اسان چانورن تائين پھتاسين ته ويٽر سامھون اچي بيھي رھيو؛ ”ڪنھن شيءِ جي ضرورت!؟ ڪولڊ ڊرنڪ، چانھ، وغيرھ؟!“

ھر ڪنھن پنھنجي پنھنجي پسند ٻڌائي. تڏھن به ويٽر بيٺو رھيو ۽ مون سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو؛ ”سر توھان ڇا وٺندا؟!“

”نه! مان ڪجھ به نه وٺندس!“

منھنجي جواب کان پوءِ ھو ھليو ويو.

ڪولڊ ڊرنڪ اچي وئي، ته مان اٿي واش روم ڏانھن ھليو ويس. ھٿ صاف ڪري موٽيس پئي ته وري ميسيج جو آواز آيو؛

”ھاڻي ٺيڪ آھي، ھٿ ھميشه پوءِ ئي ڌوئبا آھن، پر ڪولڊ ڊرنڪ ڇو ڪو نه ٿا پيئو، توڙي جو مونکي خبر آھي ته توھان کي شگر آھي، پر اڄ ته پيئڻي پوندوَ!“

مون ميسيج پڙھيو ته عجيب ڪيفيت ٿي وئي. آخر ڪير آھي جيڪو منھنجي لمحي لمحي کي نوٽ ڪري رھيو آھي، ۽ کيس اھا به خبر آھي ته مونکي شگر آھي.

مان ڏند کوٽڻي کڻي، وري در تائين ھليو ويس ته پويان مونکي ويٽر سڏ ڪيو؛

”سر اوھان جي ڪولڊ ڊرنڪ رکي اٿم!“

”پر مون ته منع ڪئي ھئي!“

”سر پوءِ به چيڪ ڪري وٺجو! پسند نه اچي ته واپس ڪري ڇڏجو. ان جا پئسا بل ۾ نه لڳائينداسين.“

مون ڦري اچي، پنھنجي سيٽ سنڀالي ته منھنجي آڏو ٽشوءَ ۾ ويڙھيل بوتل پئي ھئي. ٽشوءَ تي ھيپي برٿ ڊي لکيل ھو.

منھنجون اکيون کلي ويون؛ ”ھي ڇا؟!“

”پھرين اپريل ته منھنجي جنم جو ڏينھن آھي، ڪير اھڙي ھجت ڪري سگھي ٿو!!؟“

مون حسب روايت بوتل کي چيڪ ڪيو. سڀني ڏانھن نھار وڌي. صرف منھنجي بوتل تي پنڪ ٽشو ويڙھيل ھو. باقي دوستن جي بوتلن تي وائيٽ ٽشو ويڙھيل ھئا.

مون جڏھن بوتل ھٿ ۾ کنئي ته دوست کلڻ لڳا؛ ”او پيارا! اڄ ته بوتل ٿو پئين، جڏھن ته چانھ به ڦڪي پيئندو آھين!!“

مون بوتل کي منھن تائين آندو ته مونکي ھن جي خوشبوءِ کڻي وئي. ساڳيو اڌ، ساڳيا چپ، ساڳيو سرخيءَ جو ناسي رنگ، بوتل جي وٽ تي لڳل ھو. مان ويھ سال پوئتي موٽي ويس. ڀٽو ڀائيءَ جي ڪينٽين، پليٽ ۾ ھاف سلائيس، اڌ بوتل، ۽ ھن جا ٽھڪ منھنجي ذھن ۾ گونجڻ لڳا؛ ”نه پيئندين ته مٿان ھارينديمانءِ!“

مون ڍڪ ڍڪ ڪري، بوتل پئي پيتي ۽ منھنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ھئا؛ ”نازي تون ڪٿي آھين؟“

مون ڪنڊون پئي جاچيون. چھرا تروا ترورا ٿي ويا. مون جڏھن بل ادا ڪرڻ لاءِ ڪائونٽر تي ٻئي ٺونٺيون رکي، بل گھريو ته سامھون لڳل شيشي ۾ نھاريو. فيملي روم مان ھڪ فيملي اٿي. ھڪ نازيه ٻي نازيه ۽ ھڪ گنجو آفيسر پئنٽ کي مٿي ڪندي ٻاھر نڪتو، سڀئي ويٽر الرٽ ٿي ويا. نازي پنھنجي چادر جو پلئه ڏندن ۾ ڏئي، ننڍڙي پٽ کي چيچ مان پڪڙي، ٽيڏي اک سان نھاريندي لڙڪن ھاري نظر وجھي، مسڪرايو ۽ منھنجي سامھون ائين ھلي وئي، جيئن ويھ سال اڳ ھلي وئي ھئي.

پرچي اڳيان آئي، جنھن تي بل رکيل ھو، جنھن تي لکيل ھو صرف اڌ بوتل.

مان اڌواڌ ٿي پيس.

 

(ابراھيم کرل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۴ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment