Sunday, February 6, 2022

خيالن جي خوشبوءِ - غفار سومرو

خيالن جي خوشبوءِ

(مختصر ڪھاڻي)

غفار سومرو



هو هر روز جيان، اڄ به سمورو ڏينهن سرڪاري دفتر ۾ چاڪيءَ جي ڏاند جيان گهاڻو گيڙيندي، آڱرين ۾ اٽڪيل بال پين سان فائيلن جو پيٽ ڀريندي، سانجهيءَ جو موڪل وقت ڄڻ پنهنجي پٺن تان مڻين منهن بار لاھي، هيڪل وياڪل ۽ ٿڪل، ڊسمبر جي ٿڌڙي اداس شام جو گهر، اڱڻ جي عليحده پاسي اڏيل پنهنجي ڪمري ۾ پهتو.


بوٽ جوراب لاهي، ڪپڙا مٽائي، واش روم مان هٿ منهن ڌوئي، رليڪس ٿي، ڪاٺ جي پلنگ تي پير ڊگهيري، ويهاڻي تي سر رکي اکيون بند ڪري سمهي پيو.

ٻارنهن باءِ ٻارنهن جو ننڍو پڪو ڪمرو، اٽيچ باٿ روم، ڇت ۾ بجليءَ جو پکو، ڪمري جي اندر اولاهين پاسي ديوار ۾ ٺهيل چئن خانن وارو ريتي ۽ سيمنٽ جو ڪٻٽ، نون پراڻن ڪتابن سان ڀريل، گڏ ئي هڪ عدد رائٽنگ ٽيبل ۽ ڪرسي رکيل.

ٽيبل مٿان مطالعي هيٺ ڪجھ نوان ڪتاب. نئين سال جي آسماني ڪلر جي ڪور واري ڊائري. ٺڪر جي گلاس ۾ مختلف ڪلرس جون پينسلون، بال پين ۽ ضروري اسٽيشنري جو سامان. ٽيبل تي ڪتابن سان گڏ کوڙ سارا سفيد پنا. اوڀارين ديوار بلڪل خالي، سندس جيون جي گذريل چاليھ سالن جيان.

چند گهڙين بعد، ڪمري جو ٻيڪڙيل دروازو آھستگي سان کليو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ جي ننڍڙي نياڻي، جنهن کي گهر ۾ سڀ گڏي چئي پڪاريندا هئا، سا اچي سندس ڀرسان بيٺي.

هن منهن تي رکيل ٻانهن ورائي، ٻوٽيل اکيون کولي، مرڪي گُڏيءَ کي ڏٺو ۽ پوءِ ستي ئي ٻئي ٻانهون ڊگهيري، کيس کڻندي، پنهنجي سيني تي ويهاريو. سندس ننڍڙن گلابي هٿڙن تي مٺيون ڏئي، پڇڻ لڳو؛ ”اسان جي گڏي ڪيئن آھي!؟“

گڏي ننڍڙو گول گول وات کولي، ڳاڙھسرا چپڙا مچڪائي، ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ وراڻيو؛ ”بابا گڏي ٺيڪ آھي!“

هن ٻنهي هٿن سان سندس نرم ملائم ڀورڙن وارن واري مٿي کان وٺي، کيس پنهنجي ويجهو ڪيو ۽ هن جي نراڙ تي هڪ وڏي چمي ڏني.

گڏي سندس سفيد وارن ۾ آڱريون ڦيريندي، چوڻ لڳي؛ ”بابا بابا! اڄ تنهنجي ڪمري ۾ هڪڙي سهڻي مائي آئي هئي. امي کيس چانھ به پياري هئي!“

”اڇا!“ هو سندس معصوميت سان ڀريل ٻول ٻڌي چوڻ لڳو؛ ”پڪ اها مائي اسان جي گڏيءَ کان ته سهڻي ڪو نه هوندي! ائين نه!“

گڏي نڪ تي آڱر رکي، ڪجھ سوچيندي چيو؛ ”سهڻي ته ڪو نه هئي پر بابا هوءَ گڏيءَ کان الاهي وڏي هئي!“

هو اٿي ويٺو ۽ گڏيءَ کي پنهنجي جهوليءَ ۾ جهلي پڇڻ لڳو؛ ”اها سهڻي مائي، ڪير هئي ڀلا!؟“

”امي چئي پئي؛ پنهنجي مائٽياڻي آھي!“ گڏيءَ معصوميت وچان وراڻيو.

هو سندس جواب تي مرڪي پيو ۽ کيس سيني تان لاهي، پلنگ تي ويهاري، پاڻ اٿي ڪٻٽ  جو هڪ طاق کولي، بسڪيٽ ۽ چاڪليٽ آڻي، کيس هٿن ۾ ڏنائين.

تنهن وقت سندس ننڍي ۽ آخري ڀيڻ، هڪ ٽري ۾ پاڻيءَ جو گلاس ۽ چانھ کڻي اندر آئي ۽ پلنگ جي سائيڊ ٽيبل تي رکڻ لڳي ته هن ڀيڻ کان پڇيو؛ ”اڄ ڪير مهمان آيا هئا!؟“

سندس ڀيڻ شرارت وچان مرڪي، اول کيس پيار ۽ رحم ڀري نگاھ سان ڏٺو ۽ پوءِ وري سندس لکڻ پڙھڻ واري ٽيبل ڏانهن ڏسڻ لڳي ته سندس نظرون ڀيڻس جي نظرن جو پيڇو ڪنديون، ٽيبل تي رکيل مختلف شين کي ڏسڻ لڳيون.

هن چانھ جو ڪپ کڻي، ڍڪ ڀريندي تجسس وچان ڀيڻ کان ٻيهر پڇيو؛ ”چري ڇوڪري! ٻڌاءِ نه ڪير آيو هو؟ جنهن کي اوهان منهنجي ڪمري ۾ ويهاريو هو!؟“

ھوءَ وري به ٽھ ٽھ ڪري کلڻ لڳي ۽ پوءِ کل روڪيندي چوڻ لڳي؛ ”اسان ٿورو ئي کيس تنهنجي ڪمري ۾ ويهاريو هو. هوءَ ته پاڻ ئي دروازو کولي، اندر اچي ويٺي هئي!“

”ڪير هئي!؟“ هو نظرون کڻي، چؤطرف ڪمري جو جائزو وٺڻ لڳو. هر شيءِ ساڳي جڳھ تي صحيح سلامت هئي. پر الاءِ ڇو کيس ڪا نواڻ سُجهي رهي هئي. ڄڻ ڪنهن تازا خوشبودار گل، اتي ئي ڪٿي لڪائي رکيا هجن.

گڏي، آڱرين تي لڳل چاڪليٽ، پنهنجي چپن سان چٽيندي چيو؛ ”بابا! چيو ته مان ئي ته پنهنجي مائٽياڻي آئي ھئي. ٻيو ڪير ايندو!“

گڏيءَ جو جواب ٻڌي، هو هلڪو مرڪي پيو ۽ سندس ڀيڻ به کلندي ڪمري مان نڪري وئي. هُو ڀيڻ کي واپس ويندو ڏسي، هڪ ڀيرو ٻيهر ميز ڏانهن حيرت مان ڏسڻ لڳو ته سندس نظرون رائٽنگ ٽيبل تي رکيل شين تي ٽِڪَ ٻڌي، بيهي رهيون.

ڪيترا ئي پل، هو سوچن جي سمونڊ ۾ غوطا کائي، ٻڏندو ترندو رهيو. سندس ننڍڙي ڀائٽي، چاڪليٽ ۽ بسڪٽ کائي، آڱريون چٽيندي ڪمري منجهان هلي وئي هئي. اوچتو سندس ذهن جي کڙڪيءَ مان ڪو خيال پَرَ ڦڙڪائي، ڀڙڪو ڏيئي اڏامي اٿيو ۽ هو پلنگ تي پير لڙڪائي، ويهي رهيو.

جهٽ گهڙيءَ ۾ ڪمري جو وايومنڊل، خوشبوءِ خوشبوءِ خيال ٿي، سندس من کي معطر ڪرڻ لڳي پيو ته سندس اداس نيڻن ۾ روشنيءَ جا ترورا لهي آيا ۽ خشڪ چپن تي اڻ لکي مرڪ ڦهلجي ويس. دل ۾ رهجي ويل هڪ خوبصورت ياد، ڪھاڻيءَ جي مڪمل صورت اختيار ڪري، هن جي خيالن ۾ هُرڻ لڳي هئي. 

هو فڪشن رائيٽر هو. هن ڪيتريون ئي شاهڪار ڪهاڻيون لکيون هيون، جيڪي مختلف ادبي رسالن، ڪتابي سلسلن ۽ اخبارن جي ادبي پيجن تي نمايان جڳھ والاري چڪيون هيون. تازو ئي ٻاراڻي ادب تي، سندس هڪ ڪتاب ڇپجي، مڃتا ماڻي چڪو هو.

هو اٿي، رائٽنگ ٽيبل جي ويجهو آيو ۽ ڪرسيءَ تي ويهي، ٽيبل مٿان رکيل سڀني شين کي ڌيان سان ڏسڻ لڳو. ڪهاڻي لکڻ لاءِ ڪتابن سان گڏ رکيل کوڙ سارن پنن مان هڪ ٻه پنا سوري، اڳيان ڪري رکيائين ۽ ٺڪر جي گلاس مان هڪ پينسل کڻي، شارپنر سان گورو ڪڍڻ لڳو. تنهن مهل امالڪ سندس نظر، هلندڙ سال جي آسماني ڪلر جي ڊائريءَ تي کپي وئي، جنهن جي آخري ڪجھ صفحن اندر گلابي پوائنٽر رکيل هو. هن پينسل ۽ شارپنر رکي، هڪدم ڊائري کڻي ورتي ۽ ڊائري کولي ڏسڻ لڳو. ڊائريءَ جي اڄوڪي تاريخ واري صفحي تي، ڪاٺيءَ واري پينسل سان ڪچن ڦڪن اکرن ۾ ھڪ مختصر تحرير پڙھندي، هو مرڪي پيو. پر جڏھن سندس نيڻ تحرير لکندڙ جي نانءَ تي آيا ته ٽِڪَ ٻڌي بيهي رهيا. کيس لڳو؛ ڄڻ اوچتو ڪنهن سندس سيني جي ساڄي پاسي دل واري جڳھ تي، زور سان مڪ وهائي ڪڍي هجي. سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل جي رفتار، هڪدم وڌندي ڀانئيائين ۽ سندس اکين جي پڇڙين مان ازخود ماڪ ڦڙن جهڙا ڳوڙھا ڳڙي پيا.

هڪ پل ۾ هو هڪ هڪ ڏينهن، هڪ هڪ مهينو، هڪ هڪ سال جي ڏاڪڻ جو ڏاڪو لهندو، ڪيترا ئي سال پُٺِتي موٽي پيو. سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ سنڌو، ڄڻ پٺتي وري پيو هو. جيڪو ڪچو پڪو سڀ سرسبز ڪندو، آباد ڪندو ٿي ويو ته ڪٿي وري گهڻو ڪجھ ٻوڙيندو، پنهنجي گجگوڙ ڪندڙ ميرانجهڙي پاڻيءَ ۽ لٽ سان، سڀ ڪجھ لوڙھيندو ٿي ويو.

هن کي چڱيءَ پَرِ ياد هو. تنهن سال هو فرسٽ ييئر جي امتحان جي تياري ڪري رهيو هو. سالياني امتحان ۾، باقي وڃي ڪي ڏينهَن بچيا هئا ۽ شهر کان پري ناناڻي ڳوٺڙي مان سندس ماسات، شهر جي گرلس اسڪول ۾ نائين درجي جو امتحان ڏيڻ لاءِ وٽن آيل هئي. ماءُ جي چوڻ تي، هو کيس پاڻ سان گڏ ويهاري، روز شام جي خاموش پهرن ۾ امتحان جي تياري ڪرائڻ لڳو هو. هڪ شام، ڪمري کان ٻاهر جهڙ ڦڙ جهات لڳائي اچي بيٺو ۽ پوءِ سنهيون سنهيون بوندون برسي رهيون هيون ۽ گلن ٻوٽن جو مُکُ چمي رهيون هيون.

سڀاڻي واري آخري پيپر جي تياري ڪندي، هو ٻئي پنهنجي پنهنجي ڪاپين تي نيري بال پين سان هڪ ٻئي جو نانءُ لکي رهيا هئا ۽ پنھنجي دلين جي تيز ڌڙڪنن کي قابو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا.

ھوءَ ڪاپيءَ ۾ منهن وجهي ويٺي هئي ۽ چئي رهي هئي؛ ”سڀاڻي آخري پيپر ڏيئي آ ڳوٺ هلي وينديس!“

هيءُ ڪاپي تان نظرون هٽائي، سندس خوبصورت نيڻن ۾ ڏسندي، رڳو ايترو چئي سگهيو هو؛ ”نه وڃ هتي ئي رهو پئه!“

ھوءَ ڦڪي ۽ اداس مرڪ، مرڪندي چوڻ لڳي؛ ”اهي ڪجھ ڏيهاڙا به بابا کان وڏي ڪوشش سان پني آئي آھيان. هو وڌيڪ هتي ڪيئن ٿو رهڻ ڇڏي!“

هڪ ٿڌو ساھ کڻي، هو ماٺ وچان پنهنجي ڪاپيءَ تي لکيل سندس نانءَ کي ڏسندو رهيو هو.

”پر مان اينديس مٿئين سال، هڪ ڀيرو ٻيهر امتحان پاس ڪرڻ...“ ھوءَ سندس اکين ۾ نهاريندي چئي رهي هئي.

”وڏو ڊگهو آھي هڪ سال جو عرصو! تو بن، تو سواءِ هاڻ باقي حياتي مٿي جو بار ٿي پوندي!“ هن سندس لکيل نانءَ مٿان ٻيهر پين گهمائيندي، وڌيڪ گهرو ڪندي وراڻيو.

”پوءِ اچجانءِ نه ڳوٺ، پنهنجي ماسيءَ سان ملڻ!“ هن گلاب پنکڙين جهڙن چپن تي شرارتي مرڪ سجائيندي چيو. موٽ ۾ هيءُ به هلڪو مرڪي پيو ۽ سندس نيڻن ڏانهن ڏسندي چيائين؛ ”ماسيءَ سان به ۽ ماسات سان به!“

هو وسڪاري کان پوءِ مٽيءَ جيان مهڪي پئي ۽ ڪاپيون ڪتاب سهيڙي ٿيلهي ۾ رکڻ لڳي.

اها رات هو سمهي ڪو نه سگهيو هو ۽ پوري رات پاسا ورائيندي، ڪتابن جا ورق ورائيندو رهيو هو. فجر جي ٻانگ ٻڌي، هو اٿيو ۽ وضو ساري، نماز پڙھڻ لاءِ اندر ورانڊي ۾ وڃڻ لڳو هو ته سندس نظرون اڱڻ تي قطار ۾ رکيل آخري کٽ ڏانهن اڏري ويون. جنهن تي ھوءَ چهري کان سواءِ باقي، پوري بدن تي چادر ويڙھيو، مٺي ننڊ ۾ صبح جي ماڪ وهنتل گل جيان لڳي رهي هئي. خوبصورت چهري تي، ڪارن وارن جي چَڳَ، نانگ جيان ڄڻ، پهرو ڏيئي رهي هيس.

هو بي اختيار، هلڪا قدم کڻندو، سندس کٽ ويجهو پهتو ۽ ساڄي هٿ جي اشهد آڱر سان سندس چهري تان وار هٽائي، ڪيتري دير مٿان بيهي، سندس خوبصورت چهري جي زيارت مان مشرف ٿيندو رهيو هو.

آخري پيپر ڏيئي، ھوءَ جيئن ئي واپس گهر پهتي ھئي ته سندس وڏو ڀاءُ کيس ڳوٺ وٺي وڃڻ لاءِ پهتل هو. مانجهاندو ڪري، ڪپڙا ڪتاب سهيڙيندي، جڏھن ھوءَ وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي، تڏھن هو اچي سندس ڀرسان بيٺو ۽ کيس انتهائي پيار وچان ڏسندي هٿ ۾ جهليل ڪجھ رسالا ۽ ميگزين، جن ۾ سندس ڪهاڻيون ڇپيل هيون، کيس ڏنائين ۽ چيائينس؛ ”ماسات! هي ڪتاب ضرور پڙهجانءِ! ايندڙ سال امتحان لاءِ تنهنجا سٺا مددگار ٿيندا!“

ھوءَ شڪرگذار نيڻ کڻي، کيس ڏسندي رهي ۽ پوءِ رسالا ۽ ميگزين، سندس هٿ مان وٺي، ٿيلهي ۾ رکي، ڀاءُ سان گڏجي هلڪا قدم کڻندي هلي وئي هئي.

ھوءَ پنهنجي ڳوٺ ڇا هلي وئي؟ هن لاءِ ته اوچتو ئي اوچتو، پنهنجو گهر، پنھنجو پاڙو بلڪ پنھنجو پورو شهر ڄڻ اوپرو، اڻ ڏٺل، اجاڙ ۽ اڻڄاڻ ڪري وئي. هر پل، سندس پور پچائڻ، هيکلو رهڻ، تنهائين ۾ هن کي سوچڻ ۽ شھر جون گهٽيون هيکلو هلڻ، سندس عادت ٿي پئي هئي. هاڻ هو، ڪهاڻين کان پوءِ شاعري به ڪرڻ لڳو هو. جنهن ۾ محبوب جي وڇوڙي جو درد، وڏي دردمنديءَ سان ڀريل هوندو هو. ڪاليج وڃڻ، دوستن سان گهمڻ ڦرڻ به گهٽائي ڇڏيو هئائين ۽ گهڻو ڪري پنهنجي ڪمري اندر، ڪتابن ۾ منهن وجهيو پڙھندو رهندو هو يا لکندو رهندو هو. ڪهاڻيون، شاعري هن ڏانهن پيار ڀريا خط. خط جيڪي هو سندس ڏس پتي تي ڪڏھن به موڪلي سگهڻ جو سَتُ ڪو نه ساري سگهيو.

سندس ماسڙ، توڙي جو ويجهو مائٽ ئي هو پر هو، پنهنجي اٿڻي ويهڻي ۽ طبيعت مزاج ۾ سخت ماڻھو هو. بس رڳو سندن ماسيءَ جي ڪري ساڻن رشتو رکيون ٿي آيو. اهو به گهڻو تڻو ويجهو ڪو نه پوندو هون. باقي ماسي سا کين پيارو گهرندي هئي ۽ ڇٺي ڇَھَ-ماهي کين ڳوٺ گهرائي وٺندي هئي يا وٽن شھر اچي ڀيرو ڀڃي ويندي هئي.

هو ڊائري هٿ ۾ کڻي، ڪمري جا آڏا ابتا چڪر ڪاٽڻ لڳو ۽ بار بار ماضيءَ ڏانهن موٽ کائيندي، لڇندو ڦٿڪند رهيو. هو اها پرڀات سارڻ لڳو، جنهن ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر هن جي ماڪ-ڀنل چپن تان، سوم رس پيتو هو ۽ الاهي خوشيءَ ۽ مدهوشيءَ واري حالت ۾ پنهنجي شهر موٽيو هو. 

تنهن ڏينهن، سندس سڪ سبيل ٿي پئي هئي ۽ هن جي ديدار جي خواهش، ڀريل ٽب مان پاڻيءَ جيان پلٽجڻ لڳي هئي. هو شام جي ٿڌڙي پهر ۾، ماسيءَ جي ڳوٺ پهتو هو. سندس سٺو آڌرڀاءُ ڪيو ويو. رات دير تائين ماسي ۽ ماساتن سان رهاڻيون ڪري، هو وڏي ماسات سان سندس ڪمري ۾ ستو هو. جنهن کي جلد ئي ننڊ کڄي وئي هئي پر هي ستو ته هو پر ننڊ راڻي پوري رات، سندس ويجهو ڪو نه آئي هئي ۽ هن پوري رات ڇت ۾ نهاريندي صبح جي ٻانگ ٻڌي هئي.

ٻانگ ختم ٿيندي ئي، هو ڪمري مان نڪري ورانڊو ڪراس ڪري، ٻاهر اڱڻ جي هڪ طرف واش روم ڏانهن هليو ويو. نماز جو وضو ڪري، جيئن ئي واپس وريو هو تڏھن سامهون واري ڪمري جو درواز کليل ڏسي، هن ويجهو وڃي اندر نهاريو. سامهون کٽ تي هُوءَ، اگهور ننڊ ستل هئي. پوري رات، ساڻس ملڻ لاءِ لڇندي گذارڻ کان پوءِ، هيءُ سٺو وجھ ملندي ئي هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي ۽ ڪا پهر نه ڏسي، هلڪا قدم کڻندو هن جي سيرانديءَ وڃي بيٺو. مٿس جهڪي، ٻئي هٿ سندس ڳلن جي چوڌار ويڙھي، پنهنجا چپ ڪنن جي ويجهو آڻي، سرگوشيءَ ۾ هن جو نانءُ پڪاريائين. هٿن جي ڇهاءَ ۽ ڪنن تي هن جو آواز پوڻ سان، ھوءَ جاڳي پئي ۽ کيس مٿان جهڪيل ڏسي، ٻانهون ورائي سندس ڳچيءَ ۾ وڌائين. هن ساڄي هٿ جي اشهد آڱر سان سندس چهري تان وار هٽائي، پنهنجا باوضو چپ، ماڪ ڀنل پنکڙين جهڙن چپن تي رکي ڇڏيا. ڪجھ پل ائين ئي مدهوشي جي عالم ۾ رھڻ کان پوءِ چيائينس؛ ”ماسات! مون سان شادي ڪندينءَ!؟“

هن پنهنجون هار ڪيل ٻانهون، سندس ڳچيءَ ۾ سوڙھيون ڪندي، ”هائو“ چئي، کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي، ويجهو ڪيو.

ڳوٺان موٽي اچڻ کان پوءِ، هو ڏاڍو خوش هو. پنهنجي دل جو حال، پنهنجي ماءُ سان اچي سليو هئائين. جنهن کيس دلاسو ڏيندي چيو هو ته؛ ”مون اڳ ئي تنهنجي لاءِ تنهنجي ماسات جو سڱ پسند ڪري ڇڏيو آھي.“ هو ويتر بي انتها خوش ٿيو هو. ڇو جو سندس سپنا ساڀيان ماڻي رهيا هئا.

ستت ئي هو وڌيڪ تعليم لاءِ يونيورسٽي هليو ويو. پٺيان سندس ماءُ جا پنڌ ئي اجايا ٿي ويا، جيڪي هن پٽ جي خوشيءِ لاءِ ڀيڻ جي گهر الاءِ ڪيترا ڀيرا پيرن اگهاڙي ڪيا هئا. جڏھن هو، ڇهن مهينن کان پوءِ ڳوٺ وريو هو، تڏھن کيس خبر لڳي هئي ته سندس ماسات جي ته ڪڏھوڪو شادي به ٿي وئي آھي. بس! تڏھن هن خوشين جي تمنا ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي ۽ پاڻ لاءِ هيکلائين کي همسفر ڪري ورتو هو. يونيورسٽيءَ جي تعليم کان پوءِ نوڪريءَ ۽ گهر جي اڱڻ ۾ عليحده ڪمري ۾ تنهائيءَ کي پنهنجو مقدر بنائي ڇڏيو هو. 

هو ماضيءَ جي جهان مان موٽي، هٿ ۾ کنيل ڊائريءَ تي پينسل سان لکيل لفظ، ٽمندڙ نيڻن سان پڙھي، مرڪي رهيو هو.

”ماسات! اڄ هيترن ڏينهن پڄاڻان، تنهنجي ڪمري ۾ تنهنجي تنهائي کي محسوس ڪندي، پنهنجي گذريل سالن جي سورن کي تِڇُ پئي ڀانيان. مان بي ڏوهي هوندي به پاڻ کي تنهنجي آڏو ڏوهي قبول ٿي ڪريان.

مان تو کان معافي ڪو نه گهرنديس، ڇو جو ڪي ڏوھ، معافي جي لائق ڪو نه هوندا آھن.

اڄ هيترن سالن کان پوءِ، تنهنجي ڪمري ۾ ڪي گهڙيون گهاري، تنهنجون ساروڻيون ساري، اُهي سڀ سُندر سپنن وارا خيال خوشبوءِ بڻجي، مون کي ڳراٽڙي پائڻ لڳا آھن ته کن پل لاءِ ئي سهي، پر سالن جا سور ته وساري ويٺي آھيان.

ماسات! تنهنجا ڏنل رسالا ۽ ميگزين جن ۾ تنهنجون ڪهاڻيون ڇپيل هيون، اڄ به پڙھندي آهيان ۽ پنهنجي ساھ ۾ ائين سانڍي رکندي آھيان، جيئن تون ۽ تنهنجون يادون!

تنهنجي موڪل بنا، تنهنجي بڪ شيلف مان، تنهنجو ڇپيل ٻاراڻين ڪهاڻين وارو ڪتاب، پنهنجي ستون درجو پڙھندڙ نياڻيءَ لاءِ کڻيون ٿي وڃان. هن کي به تو جيان پڙھائيءَ جو گهڻو ئي شوق آھي.

تنهنجي اُها ماسات، جيڪا تنهنجي ٿي نه سگهي!“

 


 

ليکڪ جو تعارف

پورو نالو: عبدالغفار سومرو

پيءُ جي نالو: پير محمد سومرو

ادبي نانءُ: غفار سومرو

جنم: ۰۱-۰۱-۱۹۷۴ع

هنڌ: ڳوٺ ستار ڏنو ڊکڻ سومرو، تعلقه ڏهرڪي، ضلع گھوٽڪي/ ميرپور ماٿيلو.

تعليم: بي اي، بي ايڊ.

ڪرت/ پيشو: پرائمري اسڪول ٽيچر.

بنيادي ميمبر سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏهرڪي.

هن وقت جوائنٽ سيڪريٽري  س ا س ڏھرڪي.

ايڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول مين ڏھرڪي ضلع گهوٽڪي سنڌ.

No comments:

Post a Comment