Showing posts with label ھڪڙو سکڻو ڍانڍو ماڻهو. پنجابي ڪھاڻي، خالد فرهاد ڌاريوال، ننگر چنا،. Show all posts
Showing posts with label ھڪڙو سکڻو ڍانڍو ماڻهو. پنجابي ڪھاڻي، خالد فرهاد ڌاريوال، ننگر چنا،. Show all posts

Thursday, February 3, 2022

ھڪڙو سکڻو ڍانڍو ماڻهو- خالد فرهاد ڌاريوال - ننگر چنا

ھڪڙو سکڻو ڍانڍو ماڻهو

(پنجابي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: خالد فرهاد ڌاريوال

سنڌيڪار: ننگر چنا



مولوي صاحب سج لٿي جي نماز پوري ڪئي ته ٻه ڄڻا جوزف کي وٺي اچي حاضر ٿيا. ڏهاڙيءَ جي ابتڙ  اڄ مسيت جو اڱڻ ماڻهن سان ڀريل هيو. جوزف کي ڏسي اُتي موجود ماڻهن مان هرهڪ جو مُنھُن جرڪي پيو. لڳي ائين پيو ته جوزف هاڻي هاڻي وهنجي آيو آهي، ڇوته سندس وارن مان پاڻيءَ جا ڦُڙا ٽِمي رهيا هيا. هُو ويٺو ته مولوي صاحب ڳالهه چوري؛

“ڇا تون جائي به اسلام قبول ڪرڻ گهرين ٿو؟”

“هائو.” جوزف پوري همت سان ورندي ڏني.