Saturday, June 15, 2019

ويچارا مڙس - همير گاد


ويچارا مڙس
(مزاحيه ڪھاڻي)
همير گاد
“يار افتخار ڇا ڳالھ آ، اڄ ڀلا ڏاڍو خوش ٿو نظر اچين.“
“بس يار نه پڇ ته اڄ مان ايترو خوش ڇو آهيان.؟“ افتخار چيو
“ وري به خبر ته پوي.“ مون هن کان پڇيو
“اڄ صبح سان ئي مون واري زال خير سان وئي پيڪن ڏي عيد ڪرڻ.“
“مان به چوان ايترو خوش ڇو آن! پڪ سان اڄ ڀاڄائيءَ جي مار نه کاڌي اٿئي تڏھن.“


“يار بس ڇا ٻڌايانءِ، تو واري ڀاڄائيءَ صفا جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏيو آ. ڏھ سال شادي کي ٿي ويا آھن، آفيس کان جڏھن گهر واپس اچ ته رستي ۾ اڃان مس ھوندس ته ان جنجال جي فون ايندي... ڪٿي آ، دير ڇو ڪئي اٿئي، جلدي گهر اچ. ۽ وري جڏھن گهر وڃ ته منهنجي گهر پهچڻ کان پهريان سالا ضرور ويٺا هوندا، جن کي پالي پالي مون واري زال پاڏا ڪري ڇڏيا آھن. هڪ ۲۰ سالن جو سالو ۴۰ سالن جو ٿو لڳي.“
“يار گهٽ ۾ گهٽ تون ان ڳالھ ۾ خوش نصيب ته آھين، مون واري زال جڏھن کان شادي ڪري آئي آ تڏھن کان پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر ڪونه وئي آ.هن جا پيءُ ماءُ هن سان ملڻ هيڏي ايندا آھن. چوندي آ شادي کان پوءِ عورت جو اصل گهر مڙس جو گهر هوندو آ. منهنجو جيئڻ مرڻ هاڻي هِتي آ...ها باقي يار هڪ ڳالھ سچي ٿو ٻڌايانءِ منهنجو پنهنجي زال جي مٿان اهڙو رُعب هوندو آ، اهڙو رعب هوندو آ جو ڇا ٻڌايانءِ. مجال آ جو هوءَ ڪجھ ڪُڇي... ڪيترا به ڌڙڪا ڏيانس ته به ماٺ ڪري بيٺي هوندي آ. جيڪو به ڪم کيس چوندو آھيان مسڪرائي چوندي آ، جي منهنجي سر جا سائين اجهو ٿي ڪيان.. اهو ڪم اڃان مس ڪري ايندي آ ته وري چوندي آ منهنجا سائين اهو ڪم ٿي ويو ٻيو حڪم.. باقائدا منهنجي اَنڊر ۾ آ.
تون به مرد ٿي مرد ائين ڪُڪڙ ٿي ويهندين ته سڀ مُڏي ڇُريءَ سان ڪُهي کائي ويندئي.“ مون کيس چيو.
”ڇا مطلب مرد ٿي، مرد ته مان آھيان نه چئه ته پنهنجو شناختي ڪارڊ ڏيکاريانءِ ان ۾ جنس واري خاني ۾ مرد لکيل آ.“ افتخار ٿورو ڪاوڙ ۾ طنز ڪندي چيو.
“ڪنهن ڀلا شادي ڪرڻ جي بددعا ڏني هيئي يا شاديءَ ڏينهن هي گانو گهڻو ٻڌو هيئي.هم آج اپني موت ڪا سامان لي چلي.“ مون به طنز ڪندي کيس چيو.
“ڏي شوق سان جڏھن شادي ڪيم، پنهنجو پاڻ سان ڄڻ ته تعدي ڪيم.“ افتخار اداس ٿي شعر ٻڌايو.
“واھ واھ.....مقرر.“
“مقرر...؟ ڇڏ يار هتي ڪو مشاعرو ٿو هلي.خبر ناهي ته باقي زندگي ڪيئن گذرندي“
“ائين ئي گذرندي ٿي سگهي ٿو ته ان کان به بدتر.جيستائين مظلوم ٿي ويهي ۽ پنهنجو آواز اسيمبلين تائين نه پهچائيندي... منهنجو مطلب آ ته تيز نه ڳالهائيندي تيستائين سمجھ ته تون ايڪسپائر آ، زنده لاش آ. اهڙيون زالون جيڪي مظلوم مڙسن جو جيئڻ حرام ڪن اهي گاڊزيلا آھن توکي سپرمين ٿيڻو پوندو منهنجا دوست همت ڪر مان توسان گڏ آھيان.
ماڻھن ته ڪڏھو ڪو بليڪ ائينڊ وائيٽ دؤر جون ٽي-وي ئي کپائي ڇڏيون، تون خبر ناهي ته اڃان تائين ڇو رکي ويٺو آ.“
“تنهنجو مطلب ته مان پنهنجي زال کي طلاق ڏيان ائين نه؟“ افتخار غصي ۾ ڏسي چيو.
“نه نه مون ائين ڪٿي چيو، منهنجي چوڻ جو مطلب هو...ٻي شادي ڪر....هڪ مان سک نه مليئي ته ڇا ٿي پيو ٻيءَ مان ته ضرور ملندئي.“ مون کيس صلاح ڏيندي چيو.
“چريو آ ڇا، ڏسين نه ٿو هڪڙيءَ اهڙا حال ڪري ڇڏيا آھن، مٿان وري ٻي.. ٻي به جيڪڏھن ان جهڙي نڪري پئي ته منهنجا ته ٻئي جَهان ويا... نه نه اهي صلاحون ڪنهن ٻئي کي ڏجانءِ. سنڀالي هڪ ڪو نه سگهئون، ويٺا زالون گڏ ڪندا ورتئون. مون کي ڪهڙو وڌ ۾ وڌ زالون گڏ ڪرڻ واري مقابلي ۾ حصو وٺڻو آ. هڪ ڏينهن پاڻ ئي هُن کي احساس ٿيندو.“
”ته پوءِ دانهون به ته نه ڪر نه. سڄي زندگي زال جا موچڙا کائيندو رھ.. تون ان موچڙن کائڻ ۽ پنهنجي روز بي عزتي ڪرائڻ ۾ خوش آ... اڙي چريا مون کان سِک ڪجھ... هيڏو ليڪچر ڏئي ويم ته به تو تي ڪو اثر نه ٿيو لوھ جو ٺھيل آ ڇا.؟ منهنجو دوست آ تون، تنهنجي فائدي لاءِ ٿو چوان.“ مون کيس ڌڙڪا ڏيندي سمجهايو.
“بس يار هوءَ ڪيئن به آ منهنجي زال آ، ڀلي هوءَ مون سان تعديون ڪري تڪليفون ڏي مون کي ان سان ايتري محبت آ جيترو اسان جي ملڪ تي قرض آ.“ افتخار ڪجھ دير سوچڻ کان پوءِ جواب ڏنو.
اَبو ابو.... امي صفا ڪاوڙي ويٺي اٿو، چئي ٿي پڻھين کي ڏسي آ ته ايتري دير تائين دڪان تان ٿانون وارو صابڻ وٺڻ ويو آ، هيڏا ٿانو پيا آھن. اُهي مهل سان ڌوئي ته وري گهر جو ٻيو ڪم نه اٿس ڪرڻو ڇا.؟“
مون واري پٽ سڄو ڪم خراب ڪري ڇڏيو.
افتخار مون کي ڪاوڙ مان ڏسي رهيو هو ۽ مان هن سان جيڪي ڪوڙ ھنيا، ان تي شَڪي ٿي رهيو هيس.
“پَ پَ پٽ....تون ...تون وڃ ماءُ کي چئه ٻاهر گهٽيءَ جو بلب خراب ٿي پيو آ. اهو مستريءَ کان ٺھرايان پيو.“ مون ڪجھ هٻڪندي جلديءَ ۾ پٽ سان ڪوڙ ڳالهايو.
هو هليو ويو.
ڀرسان هڪ رڪشا اچي بيٺو. ان مان هڪ ننڍڙو نينگر ۽ ھڪ عورت لٿا. عورت ته يڪدم لهي گهر وئي ليڪن ننڍڙو ٻار ڊوڙندو هيڏانهن اسان ڏانهن آيو.
“بابا بابا، امان ٿي چئي پيءُ کي چئه ته رڪشا واري کي ڪرايو ڏي ۽ اسان بابا، ناناڻن مان موٽي آياسين. بجلي ئي وئي هلي. اُتي واپڊا وارا ٽرانسفارمر ئي لاهي ويا. چون ٿا؛ بل ڪنهن به ناهن پياريا. بابا اهي واپڊا وارا ڪوڙ ٿا هڻن ڪوڙا آھن.. هاڻي بابا اسان عيد هِتي ڪنداسين.“
افتخار جي پٽ ھڪ ساهيءَ ۾ سڀ چئي ڏنو.
افتخار مون کي ڏسي ۽ مان افتخار کي ڏسي، پهريان شڪي ٿي رهيا هئاسين. پوءِ ٻنهي مسڪرايو.

No comments:

Post a Comment