Monday, June 24, 2019

منھنجي ڊلسينيا جو چور - امر لغاري


منھنجي ڊلسينيا جو چور
پوسٽ ماڊرن ڪھاڻي
امر لغاري
Image may contain: outdoorاڄ صبح جو جيئن ئي منھنجي اک کلي ته مون پنھنجي پاڻ کي بيڊ ھيٺيان فرش تي ليٽيل ڏٺو. مون کي حيرت ٿي؛ مان ھيٺ فرش تي ڪيئن پھتس؟ جيسيتائين مون کي ياد پيو پوي ته شادي شدھ زندگيءَ ۾ مون سان پھريون چڪر ايئن ٿيو ھو. پر ڊلسينيا جو خيال ھو ته اھو منھنجو روز جو معمول ھو. بھرحال، ڪجھ به ھو، مون کي ھن ڀيري سخت خراب لڳو. بيڊ ھيٺيان نڪري، فورن پنھنجي جگر جان ڊلسينيا کي اٿاريم، جا ڦم لڳي بيڊ مٿان گھري ننڊ ستي پئي ھئي. جيئن ئي جسم مٿان منھنجو ھٿ لڳس ته ٽپ ڏيئي اٿي ويٺي. مون کي ٻڌڻ بنا ئي منھنجي ھٿ کي پنھنجن ٻنھي ھٿن ۾ قابو ڪندي، وڏا وڏا ساھ کڻندي، پنھنجي منھن ڀڻڪندي چيائين؛ “شڪر آ جو تون اچي وئين...”
“ڇو؟ تو کي وري ڇا ٿيو آ؟” مون کانئس حيرت مان پڇيو.


“مون کي ڪجھ به ڪو نه ٿيو آ.” ھن اطمينان سان وراڻيو، “بس جيڪو ڪجھ ھو، سو خواب ۾ ھو. تون پريشان نه ٿي!”
“مان پريشان نه ٿيان؟ ڇا ھو اھڙو ڪجھ خواب ۾؟ مون کي به ٻڌاءِ نه!” مون اڻتڻ مان پڇيو.
“ڪجھ به ڪو نه ھو.” ھن عجيب لاتعلقيءَ وچان چيو؛ “بس جيڪو ڪجھ ھو سو سڀ خواب ۾ ھو...”
“ڇا ھو آخر خواب ۾؟ مان به ته ٻڌان نه؟” مون کي به ڪاوڙ وٺي ويئي.
ڊلسينيا ھڪدم منھنجو ھٿ پڪڙيو، ۽ پنھنجي آڳنڌ جي تازي ٽڙيل گلاب مٿان رکرائي ڇڏيو. منھنجو ھٿ جڏھن گلاب کي لڳو ته مون محسوس ڪيو؛ سڄو گلاب ماڪ ۾ وھنتل ھو.
“شڪر آ جو تون اچي وئين...” ھن ھڪ ڀيرو وري ورجائيندي چيو.
“منھنجي اچڻ سان ڪھڙو فرق پيو؟ جيڪو ڪجھ ٿيڻو ھو سو ته ٿي ويو... “ مون چيو.
“نه نه. اڃا سڀڪجھه نه ٿيو ھو...” ھن پنھنجي پر يقين ڏياريندي چيو.
“اڇا؟ ته ڇا رھيل ھو باقي؟”
“اڃا گھڻو ڪجھ رھيل ھو.” ھن چيو، “شڪر آ جو تون اچي وئين....”
“ڪھڙو فرق پيو منھنجي اچڻ سان؟” مون بيزار ٿيندي چيو.
ھن ڏٺو ته آئون جذباتي پيو ٿيان، سو ھن ڳلڪڙي پائي، پيار جو آر ڪندي ڇڪي کڻي مونکي پنھنجي ٻانھن مٿان ليٽايو. منھنجي چپن تي ھٿ رکندي چيائين؛ “خوابن تي ڀلا ڪنھن جو وس ھليو آ؟”
“ھا، اھو ته آھي. پر پوء به خبر ته پوي نه ان خبيث جي!”مان حسد ۽ ساڙ ۾ شايد پنھنجون حدون اورانگھڻ لڳس.
“صحيح چيو اٿن ته مرد ڏاڍا ساڙولا ٿيندا آھن!” ھن مونکي گلابن جي باغ ۾ داخل ڪندي پنھنجي پر ريجھائيندي چيو؛ “ڪڏھن ڪڏھن پنھنجن پاڇن کان به سڙندا آھن.”
“اھو منھنجي سوال جو جواب ته نه ٿيو؟”
“خوابن تي سماجي ڪنٽريڪٽ لاڳو ناھن ٿيندا.” ھن مون کي ياد ڏياريندي چيو.
“مون کي ان تي اعتراض به ناھي.” مون چيو.
“ته پوءِ پڇين ڇو ٿو؟”
“مان تنھنجو مڙس آھيان. گھٽ ۾ گھٽ حقيقي نه ته خوابن جي چور جي ته خبر ھجڻ کپيم.” لڳم ته ٻاراڻو سوال ڪري ويٺو آھيان.
ھن ھڪ وڏو ٽھڪ ڏيئي، مون کي گلابن جي باغ مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، ۽ پوءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڀٽڪائي وري داخل ڪندي چيائين؛ “گھڻيون عورتون پنھنجا خواب مڙسن کي ٻڌائينديون آھن؟ يا گھڻا مڙس، پنھنجون فينٽسيز پنھنجن زالن سان شيئر ڪندا آھن؟”
“خبر نه اٿم!” مون چيو؛ “پر پڪ ڄاڻ ته آئون انھن منجھان ناھيان. اھڙي ڳالھ ھوندي ته به آئون مائينڊ نه ڪندس!”
ڊلسينيا ڪا گھڙي خاموش ٿي ويئي.
خبر ناھي ته ڇو ان مھل ھن کي پنھنجي نيڪ عملن واري فرشتي اھو ياد نه ڏياريو ته تاريخ ۾ شيطان ھن کي فقط ھڪ وار بيوقوف بنايو ھو، پر مرد کيس ھر پيار جي اظھار تي بيوقوف بنائيندو رھي ٿو؟
نيڪيءَ جو فرشتو، شايد مرد سان مليل ھو!
ڊلسينيا مون کي گلابن جي پگھر سان ونھجاري، خوابن جي چور تان پردو کڻي ورتو.
زمين ۽ سج وچ ۾ جيڪا ڪشش ھئي سا ٻڙي ٿي ويئي، ۽ ڊلسينيا ۽ منھنجي وچ ۾ بحر مردار ڪاھي پيو.
ھن جو خيال ھو ته شايد جنت جي ميوي جو مزو وٺندي، مان به آدم جيئن تابعدار ٿي پوندس، پر ايئن ڪو نه ٿيو.
ٻي صبح جو جڏھن ھوءَ سڄاڳ ٿي ته ھن جا وار وکريل ھئا، اکيون سڄيل ھيس، ۽ سڏڪا ھن جي ڳلن کي ڀڄائي رھيا ھئا. ھن جون ٻيئي ٻانھون خالي ھيون، ۽ چؤطرف ڪمري ۾ خوابن جا کنڀ وکريا پيا ھئا، ۽ مان ھڪ پاسي نيڪيءَ جي فرشتي سان گڏ بيٺو ھن مٿان کلي رھيو ھوس.

(ڊلسينيا* اسپيني ناول ڊان ڪيھوٽيءَ جي ھيرو ڊان ... جي خيالي محبوبه...)

No comments:

Post a Comment